مختصر ڪهاڻيءَ سان هڪ جهڙائي رکندڙ صنفون:
ڪهاڻي يا افساني سان هڪ جهڙائي رکندڙ نثري صنفن جو انتهائي مختصر انداز ۾ ذڪر ڪيو ويندو، جيئن اسين انهن جي فن، هيئت ۽ فرق کان واقف رهون. ڪهاڻي ۽ مختصر ڪهاڻي ۾ به فرق آهي، ڪهاڻي ان واقعي کي چئجي ٿو، جيڪو ڪنهن ناول، داستان، آکاڻي، ڊرامي، خط، خبر، اطلاع، رپورٽ، تبصري، فيصلي، خبر توڙي ٻين رابطي جي ذريعن ۾ موجود هوندو آهي. جڏهن ته مختصر ڪهاڻي هڪ نثري صنف آهي، جنهن ۾ پڻ ڪهاڻي شامل هوندي آهي.
مختصر ڪهاڻي سان هڪ جهڙائي رکندڙ صنفن ۾ خاص طور تي شامل آهن، آکاڻي، ناول، ناوليٽ، ناويلا، قصو، داستان، لوڪ ڪهاڻي ۽ ڪالم ڪهاڻي وغيره.
آکاڻي :
“ آکاڻي: آکاڻيءَ مان مراد واقعن جو تسلسل ٿئي ٿو، جنهن ۾ منظر، ڪردار ۽ واقعا شامل هجن. آکاڻي انساني زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ مختلف وارداتن، مشاهدن ۽ تجربن جي ترجمان آهي. آڳاٽي دؤر ۾ سنڌ ۾ آکاڻين جي رواج رهيو آهي، جيڪي مذهبي نوعيت جون ۽ سورمن جي ڪردارن تي مبني هيون. جنن، ديون ۽ پرين جا قصا آکاڻيون ليکجن ٿيون.
جديد زماني ۾ آکاڻي يا ڪهاڻي افساني کي چوندا آهن، جنهن ۾ ڪوبه واقعاتي قصو بيان ڪيل هجي. اصطلاحي طور آکاڻي اهو قصو آهي، جيڪو ٻاراڻي زندگيءَ ۽ ٻاراڻي دلچسپيءَ پٽاندر ڪردارن تي مبني تصوراتي افسانوي ليک هجي. آکاڻي ٻڌائڻ جو سلسلو تڏهن کان شروع ٿيو جڏهن انسان ڳالهائڻ سکيو، ان ريت ڪن شروع ۾ پاڻ سان يا قبيلي وارن سان پيش آيل واقعن کي ياد ڪري ٻين تائين پهچائڻ شروع ڪيو. پوءِ جڏهن اهي ٻڌل واقعا هڪ شخص کان ٻئي شخص تائين ۽ هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين منتقل ٿيا ته انهن افسانوي رنگ به اختيار ڪيو. ان ريت اهي قصا ڪهاڻيون ماضيءَ جي واقعن ۽ تجربن جو ذخيرو ٿيندا ويا. اڳتي هلي ڪي ماڻهو اهي قصا ياد ڪرڻ ۽ ڊرامائي انداز ۾ بيان ڪرڻ جا ماهر ٿي ويا. ان ريت آکاڻي جو فن اسريو ۽ دنيا جا بهترين قصا جهڙوڪ رامائڻ، مهاڀارت، الياد، اوديسي وغيره لکيا ويا.” (43)
آکاڻي ۽ مختصر ڪهاڻي ۾ فرق:
مختصر ڪهاڻي يا افسانو بنيادي طرح آکاڻي ئي آهي. ڪهاڻي آکاڻي جي ئي موجودهه سڌريل صورت آهي. آکاڻي ۾ واقعا ڪردارن کان وڌيڪ اهميت رکندا هئا ۽ ڪردار جي حيثيت ثانوي رکي ويندي هئي. آکاڻي ۽ مختصر ڪهاڻيءَ ۾ واضح فرق اهو آهي ته آکاڻيون ٻارن لاءِ لکيل اهڙيون ڪهاڻيون آهن، جن ۾ ماڻهو، جانور، پکي، جيت، جن، ديو، پريون ۽ ٻين مخلوقن کي ڪردار بڻائي افسانوي انداز ۾ ڪونه ڪو اصلاحي پيغام ڏنو ويندو آهي. جڏهن ته موجودهه ڪهاڻي سماج جي ڪردارن تي آڌاريل واقعن يا حادثن جو حقيقي روپ آهي. سنڌيءَ ۾ “گرم جون آکاڻيون” ۽ “ايسپ جون آکاڻيون” تمام گهڻو مشهور آهن.
داستان:
داستان پڻ ڪوڙي قصي طور مشهور آهي. جنهن جو اڪثر ڪري تعلق حقيقي زندگيءَ سان ناهي هوندو. ان ۾ مافوق الفطرت واقعن جو هڪ سلسلو هوندو آهي. داستان ڪهاڻي جي سڀ کان قديم صورت آهي، يعني داستان اها ڪهاڻي يا قصو آهي، جنهن جو بنياد تخيل، رومان ۽ مافوق الفطرت عنصرن تي هجي. ڪهاڻي جيئن ته ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ واري ڳالهه آهي، اهڙي طرح داستان جو تعلق به ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ سان آهي. داستان جو تعلق حاضرين کي مخاطب ٿي ٻڌائڻ سان آهي، تنهن ڪري ان ۾ ويٺل ماڻهن يا ٻڌندڙن سان مخاطب ٿيڻ واسطي مخصوص لفظ پڻ ڪتب آندا ويندا آهن، جيئن ٻڌندڙن جي دلچسپي قائم رهي. داستان هڪ ڊگهي ڪهاڻي يا قصو هوندو آهي، جنهن ۾ هر ايندڙ واقعو پراڻي آيل واقعي جي ڪڙي هوندو آهي، داستان مان اڳتي هلي ناول ۽ ڪهاڻيءَ جو جنم ٿيو.
احسان بدوي پنهنجي زينت ناول جي مطالعي واري مضمون ۾ لکي ٿو:
“مشرقي ادب ۾، هونءَ ته قصي نويسيءَ، ۽ داستان سرائيءَ جو رواج، صدين کان وٺي هلندو آيو آهي؛ جنهن ۾، ڪنهن تاريخي، يا نيم تاريخي شخصيت کي، قصي يا داستان جو هيرو بڻائي، هڪ اهڙي تخيّل جي دنيا پيدا ڪئي ويئي آهي، جنهن جو حقيقت سان، دُور به تعلق، ۽ واسطو ڪونه آهي. داستان، ۽ قصي ۾، هڪ اهڙي ڪائنات ٿئي ٿي، جتي ديوَ، پريون، ۽ عجيب الخلقت هستيون، چُرنديون ڦِرنديون نظر اچن ٿيون. اِن لحاظ کان، قصو يا داستان، مافوق الفطرت ڪهاڻين کان، زياده اهميت نٿو رکي. مگر اِن جو مطلب اِهو نه آهي، ته ڪو قصن، ۽ داستانن کي، ڪا اسان جي ادب ۾، جڳهه ئي حاصل ڪانه آهي.” (44)