ناول

عشق لا محدود

ھي ڪتاب سنڌي سماج اندر ٻوساٽيل ماحول ۾ سنڌي عورت جي جاکوڙي ڪردار تي لکيل ناول آھي. ھن ناول ۾ ڪٽنب ۾ عورت کي پيش ايندڙ مسئلن کي موضوع بنايوويو آھي ـ ھن ناول جا ڪردار ڏاڍا بيلنس آهن. واقعا يا انساني رويا منفي بہ آهن تہ مثبت بہ آهن، اها ئي هن ناول جي ڪاميابي بہ آهي. عورت جي حمايت ۾ لکيل ھي ناول عورت جا ڪيترائي منفي رخ بـ سامھون آڻي ٿو.

Title Cover of book عشق لا محدود

1

امي ڪنوار ٿي ويٺي هئي. هلڪي آسماني رنگ جي ڪم ٿيل شلوار قميص ۾ ڏاڍي سهڻي پئي لڳي. امي مونکي پنهنجي هنج ۾ ويهاري ڇڏيو هو. ڪيڏي نه عجيب ڳالهه هئي ته ماءُ جي شاديءَ ۾ ڌي سندس ڀر ۾ ويٺي هئي عموما ڌيءَ جي شادي ۾ ماءُ ڀَرَ ۾ ويهندي آهي. مان عجيب ڌي هيس جو ماءُ جي شاديءَ ۾ شريڪ هيس. پر خير ايڏي عجيب ڳالهه به نه آهي. هي اميءَ جي ٻي شادي هئي ۽ منهنجو ويهڻ ايتري حيرانيءَ جي ڳالهه ڪونه هئي.
جنهن وقت اميءَ جي ٻي شادي ٿي ته منهنجي عمر پنج سال ۽ ڪجهه مهينا هئي. مان ڪلاس ون ۾ پڙهندي هيس ۽ جڏهن منهنجي بابا جو ايڪسيڊنٽ ٿيو هو. اُهو ڏينهن به مونکي ٿورو ڌنڌلو ياد آهي، شايد مان ان وقت ساڍن چئن سالن جي هونديس. بابا پنهنجي موٽر سائيڪل تي روز آفيس ويندو هو. هڪ ڏينهن مونکي ماما اظهر اسڪول مان جلدي ۽ پريشانيءَ ۾ وٺي گهر پهتو. مون کائنس پڇيو هو ته “ماما توهان مونکي اسڪول ۾ وٺڻ ڇو آيا آهيو” “بس ڪتاب کڻ ۽ جلدي هل.” ماما اظهر وڌيڪ مونکي هڪ لفظ به نه ٻڌايو ۽ هُو ان وقت ايترو ته پريشان ۽ بدحواس هو جو مون به وڌيڪ ڪجهه پڇڻ جي جرئت نه ڪئي، بس خاموشيءَ سان ماما اظهر سان بائيڪ تي چڙهي گهر پهتس. گهر جي دروازي تي پهچندي ئي مون اميءَ جو زور زور سان روئڻ جو آواز ٻڌو. اندر پهتس ته ڇا ڏسان ته بابا ورانڊي ۾ پيل کٽ تي رکيل هو بابا رت ۾ صفا ڳاڙهو هو. سندس ڪپڙا رت ۾ ٻڏل هئا. بلو ڪلر جي شرٽ رت جي رنگ سان واڱڻائي ۽ آف وائيٽ پينٽ ڳاڙهي ٿي چڪي هئي. امي، ناني ۽ بوا شڪيله کٽ جي پاون وٽ ويهي روئي رهيون هيون. خاندان ۽ پاڙي جون ڪجهه مايون به اتي موجود هيون. مون کي انهن کي روئيندو ڏسي روئڻ اچي ويو. اهو سمجهه ۾ ڪونه پئي آيو ته آخر سڀ روئن ڇو پيا. مون اميءَ کي چيو هو...
“امي بابا کي ڇا ٿيو آهي، بابا جو رت ڇو ٿو وهي؟، بابا کي ڌڪ لڳو آهي؟، بابا کي ڊاڪٽر ڏي وٺي هلو نه؟
امي بابا کي اسپتال وٺي هلو نه ؟
اميءَ ڪوبه جواب ڪونه ڏنو هو ـ مونکي ڏسي پنهنجي ڇاتيءَ سان لاتائين ۽ وڌيڪ زور سان روئڻ لڳي هئي.
ويٺل ماين مان هڪڙي ٻين کي ٻڌايو پئي ته
“مجتبيٰ آفيس پئي ويو ته رستي ۾ ٽرالر سان ٽڪر ٿيو اٿس ـ اسپتال ته وڃڻ جو وقت ئي نه مليس اُتي ئي ايڏا ضبرا ڌڪ لڳس جو ان وقت ئي فوت ٿي ويو”
آيل سڀ عورتون بابا جي اخلاق جي تعريف ڪري رهيو هيون.
اڪثر اسان جي ذهنن تي خيالن ۽ آسپاس جي ماحول جي حڪومت رهندي آهي، جيڪو ڪجهه سوچيندا يا آس پاس ڏسندا آهيون اسان جوجسم ان مطابق ئي عمل ڪندو آهي. سڀ هڪ ٻئي کي روئيندو ڏسي پاڻ مرادو روئي رهيا هئاسين. مون کان بابا جو اُهو رت ۾ ٻڏل جسم ڪڏهن ڪونه وسري سگهيو آهي.
بابا روزانو مونکي اسڪول ڇڏي ۽ موڪل مهل وٺڻ ايندو هو. واپسيءَ تي ڪا نه ڪا شيءَ کائڻ لاءِ ضرور وٺي ڏيندو هو.
شام جو اڪثر ٻاهر گهمائڻ وٺي هلندو هو، مونکي اميءَ کان وڌيڪ بابا پيار ڪندو هو. مونکي ياد ناهي ته مون ڪڏهن بابا کان ڪا فرمائش ڪئي هجي ۽ هُن پوري نه ڪئي هجي.
وقت گذرڻ سان گڏ مونکي احساس ٿيو ته اولاد لاءِ پيءُ جو هجڻ به ڪيڏو نه ضروري آهي اُهو پيءُ ئي آهي جيڪو اولاد جي زندگيءَ ۾ آيل منفي ۽ مثبت تبديلين جي راهه هموار ڪري اولاد کي محفوظ ۽ مضبوط بنائي ٿو.
بابا جي گذاري وڃڻ کان پوءِ مان ۽ امي ناني امان جي گهر رهڻ لڳاسين. امي اڪثر خاموش رهڻ لڳي هئي. نانيءَ جي گهر ۾ ماما اظهر ۽ سندس زال مامي ڪلثوم، ماما جو پٽ احسن ۽ ڌيءَ نيلوفر به رهندا هئا. احسن مون کان هڪ سال وڏو هو ۽ نيلوفر تقريبن 3 سال وڏي هوندي.
بابا جي وڃڻ کان پوءِ اميءَ کي صفا چپ لڳي وئي هئي. ٿوري ٿوري ڳالهه تي فڪرمند ۽ اداس ٿي وڃڻ اميءَ جي عادت ۾ شامل ٿي ويو هو. ڄڻ زندگي گذارڻ اميءَ لاءِ مشڪل مرحلو ٿي پئي هئي. اميءَ کي اداس ڏسي مان به اداس رهڻ لڳي هيس.
جنهن اسڪول ۾ بابا مونکي داخل ڪرايو هو، ماما اظهر ان اسڪول مان منهنجو نالو خارج ڪرائي احسن ۽ نيلوفر جي اسڪول ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو. احسن نيلوفر ۽ مان گڏ ساڳئي ئي اسڪول ۾ وڃڻ لڳاسين. پهريان ماما اظهر اسان ٽنهي کي اسڪول پنهنجي بائيڪ تي ڇڏڻ هلندو هو پر مونکي محسوس ٿيڻ لڳو هو ته نيلوفر کي منهنجي هلڻ تي اعتراض ٿيندو هو اڪثر ماما اظهر کي چوندي هئي
“ابو مونکي ويهڻ ۾ سوڙهه ٿي ٿئي هڪڙي بائيڪ تي چار ماڻهو ٿا ويهون مشڪل ٿي ٿئي ڏاڍي”
هڪدم احسن منهنجي طرفداري ڪندي چوندو هو “نه ابو مشڪل ڪونه ٿي ٿئي، هي ڏس نيلو ڪيڏي جڳهه پيئي آهي.”
احسن پاڻ کي سوڙهو ڪري نيلو کي وڌيڪ جاءِ ڏيندي چوندو هو.
ان وقت احسن جو اهڙو منهنجي طرفداريءَ وارو رويو مونکي ڏاڍو وڻندو هو.
ماما اظهر نيلو جي روز روز جي بائيڪ واري اعتراض جو حل ڳولهيندي اسان جي اسڪول لاءِ رڪشه جو بندوبست ڪري ڇڏيو ۽ نيلو جي مسئلي کي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيو. پر شايد نيلو جو مقصد ئي مونکي تنگ ڪرڻ هو هميشه مونکي هيٺاهون ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪرڻ، پنهنجي ڪلاس فيلوز اڳيان منهنجي بيعزتي ڪرڻ يا طنز ڪرڻ هُن پنهنجي عادت ۾ شامل ڪري ڇڏيو هو. نيلو جي رويي جو ذڪر مان اميءَ سان نه ڪندي هيس پر نيلو جو رويو گهر ۾ به مونسان ساڳيو رهندو هو ۽ امي ان کي بخوبي محسوس ڪندي هئي. نيلو ته نيلو پر مامي ڪلثوم ته وري نيلو کان به ٻه هٿ اڳيان هئي تنهن ڪري به شايد امي هر معاملي تي خاموشي اختيار ڪري وٺندي هئي ڇو ته اگر امي ڪجهه به ماميءَ کي چوندي هئي ته ڄڻ سڄي گهر ۾ قيامت اچي ويندي هئي، مامي وڌ کان وڌ ماما اظهر کي اذيت ۾ مبتلا ڪندي هئي ۽ اِهو محسوس ڪرائيندي هئي ته امي ۽ منهنجي ڪري ئي گهر جو ماحول خراب ٿي رهيو آهي. مامي اڪثر ماما کي چوندي هئي ته تنهنجي ڀيڻ سيما ۽ ڀاڻيجي عينيءَ اسان جي زندگي ڊسٽرب ڪري ڇڏي آهي کين الڳ ڪرائي جو گهر وٺي ڏي ۽ ماما اظهر چڱي ريت ڄاڻندو هو ته مان ۽ امي اڪيلا نه ٿا رهي سگهون الڳ رهڻ سان خرچ ٿيندو ۽ انهن اخراجات جو بار ڪير کڻندو.
هڪ ڏينهن ان ئي ڳالهه تي ٻنهي ۾ ڪافي جهيڙو ٿيو
مامي ڪلثوم جي ڀاءُ جي شادي هئي ۽ هُو پنهنجا ۽ ٻارن جا شاديءَ لاءِ ڪپڙا وٺڻ لاءِ وڌيڪ پئسن جو مطالبو ڪري رهي هئي.
ماما کي چيائين
“تون جيڪي پئسا ڏئين ٿو انهن مان ته اسان ٽنهي جو هڪ هڪ سوٽ مس ٺهندو. ڇا سڄي شادي جي سڀني فنڪشنز تي هڪڙي وڳي ۾ گهمنداسين؟”
پر ڪلثوم مان پاڻ کي وڪڻندس ته ڪونه نه؟
ماما اظهر بيوسيءَ مان چيو
“مان ڪجهه ڪونه ٿي ڄاڻان پاڻ کي وڪڻ يا ڪو ڌاڙو هڻ پر مونکي هر حال ۾ پئسا گهرجن توکي ڪير ٿو چوي ته ٻين جا ٻار ٻچا ويهي پال”. “پاڻ نه پالي ڪتا ڌاري” پنهنجي زال ٻار جو خرچ ته تون پورو ڪري ڪونه ٿو سگهين وري ويٺو ٿو ڀيڻ پالي، اظهر ڪجهه به هجي مونکي پئسا ڏي مان پنهنجي پيڪن ۾ پنهنجو نڪ نه وڍائيندس.
مامي ڪلثوم جڏهن ماما اظهر کي اسان جا طعنه هنيا ته امان نانيءَ وچ ۾ ڳالهايو.
“ڪلثوم تون هر ڳالهه ۾ سيما کي ڇو ٿي گهلي اچين سيما کي خرچ مان پنهنجي پينشن مان ڏيندي آهيان پڇُ اظهر کان سيما کي هُو ڪو پئسو نه ڏيندو آهي باقي جيڪڏهن ڀيڻ کي نياڻيءَ کي ٻه گرهه ماني جا کارائي ٿو ته الله اوترو جهجهو ڏيندس جيڪو نياڻين سان وهندو سو سدائين سائو هوندو. توکي هر چيز اظهر ڏي ٿو پوءِ به ڏينهن رات روئڻ پٽڻ اٿئي”
“ها ڇو نه رڳو تنهنجي پينشن تي ٿي هلي تنهنجي ڌي ٻيو گهر ۾ هن جو خرچ ئي ڪونهي پيٽ کي ڦري فقير ڪري ڇڏجانءِ”
مامي ڪلثوم جواب ڏنو.
“امان تو چپ ڪر، پريشان نه ٿي مان ڪٿان بندوبست ڪري ڏيان ٿو ڪلثوم کي ....”
ماما اظهر امان ناني کي چيو.
مامي ڪلثوم ڀلا چپ ويهڻ واري ڪٿي هئي چيائين! “ماءُ کي چپ ڪرڻ لاءِ ته ائين ٿو چوين ڄڻ مان تنهنجي ماءُ تي وڏا ظلم ڪندي هجان”
“ڪلثوم توکي پئسا ملي ويندا منهنجو وڌيڪ دماغ خراب نه ڪر”
ماما ڳالهه کي ختم ڪندي چيو.
مامي ڪلثوم امان ناني ۽ امي کي گهوريندي پنهنجي ڪمري ڏانهن مٿي هلي وئي.
مامي ڪلثوم جي هميشه کان اها عادت هئي ته هميشه هر ڳالهه ۾ ماما اظهر سان وڙهي کيس طعنه ۽ مهڻا ڏئي پنهنجي ڳالهه مڃرائي وٺندي هئي. ماما اظهر طبيعت جو جيترو نرم ۽ خوش اخلاق هو مامي ڪلثوم اوتري ئي بد مزاج، ضدي، حسد ڪندڙ ۽ گهر ۾ هر وقت فساد ۽ واويلا مچائڻ واري عورت هئي. سندس اندازِ گفتگو به اهڙو هو جو ساڻس ڳالهائيندي به ڊپ ٿيندو هو ته خبر ناهي ڪهڙي ڳالهه تي مڇرجي پوي ۽ جهيڙو شروع ڪري ڏي.
ماما اظهر پنهنجي ڪنهن دوست کان پئسن جو بندوبست ڪرائي ماميءَ کي پئسا ڏئي ڇڏيا.
ماما اظهر اڪثر رات جو جڏهن ماني کائي فارغ ٿيندو هو ته امان نانيءَ جي ڪمري ۾ اچي ويهي رهندو هو ۽ ڪجهه دير ڪچهري ڪندو هو.
مان ۽ امي به امان نانيءَ جي ڪمري ۾ ئي رهنديون هيون سين. امي ۽ ماما اظهر صرف پاڻ ۾ ٻه ئي ڀيڻ ڀاءُ هئا. ماما اظهر، اميءَ کان ڪجهه سال وڏو هو. منهنجو نانو يونيورسٽي ۾ پروفيسر هو. منهنجي پيدائش جي ٻن سالن بعد سندس انتقال ٿي ويو. نانا جي پينشن امان نانيءَ کي ملندي هئي. ماما اظهر ڪاليج ۾ ليڪچرار هو.
سردين جا ڏينهن هئا. مان بستري ۾ ليٽيل هيس ننڊ ڪونه هيم، منهن تائين سردي جي ڪري منهنجي مٿان اميءَ ڪمبل وڌو هو امي منهنجي ڀر ۾ ئي بيڊ تي ويٺل هئي امان ناني پنهنجي بيڊ تي سوڙ ۾ پاڻ کي لڪائي ويٺل هئي، سندس بيڊ جي پيرانديءَ وٽ ماما اظهر ويٺل هو.
پاڻ ۾ ڪجهه ڳالهائي رهيا هئا. مونکي ٿورا ننڊ جا خمار ٿيڻ لڳا، وڌيڪ ڳالهه سمجهي ڪانه سگهيس پر ايترو ضرور ڄاتم ته ماما ۽ امان ناني اميءَ جي ٻي شاديءَ جي ڳالهه ڪري رهيا هئا.
ڪجهه مهينن جي اندر ئي اميءَ جي شادي ڪرائي وئي. امي نئين گهر ۾ اچي وئي. مان به ساڻس گڏ هيس.
اميءَ جنهن سان شادي ڪئي ان جو نالو ايوب هو. شاديءَ رات اميءَ کي ڪنوار جو وڳو پهرائي نئين گهر ۾ آندو ويو، وڏو سينگاريل ڪمرو هو بيڊ تي امي ويٺل هئي مان به ساڻس گڏ بيڊ تي ئي ويٺل هيس. اميءَ کي سٺو وڳو، الائي سارو زيور به پارايو ويو هو. بنگلو به وڏو هو جتي اسين پهتيون هيون سين.
ڪمري جو دروازو کليو، اميءَ جو گهوٽ اندر آيو هي بهترين لباس ۾ ملبوس تقريبن 55 سالن جو مرد هو سندس شخصيت رعبدار هئي هن منهنجي ويجهو اچي منهنجي مٿي تي هٿ رکيو ۽ منهنجي ڳل تي چمي ڏنائين چيائين، “منهنجي گڏيءَ جو نالو ڇا آهي؟”
هن مونکي پنهنجي هنج ۾ ويهاريندي پڇيو “قرت العين” مون جواب ڏنو.
“واهه واهه نالو تي ڏاڍو پيارو اٿئي، ڀلا مان ڪير آهيان” مونکان پڇيائين.
مون کيس ڪوبه جواب نه ڏنو رڳو وائڙن وانگي کيس ڏسندي رهيس.
“ناهي خبر!؟ ته مان عينيءَ جو ڪير آهيان. مان عينيءَ جو پپا آهيان”
ڇا آهيان ۽ وري پڇيائين؟
“پپا” مون جواب ۾ چيو.
“ها! پپا” تون ته منهنجي گڏي آهين اڄ کان تون هن گهر ۾ رهندينءَ پنهنجي اميء ۽ پپا سان گڏ” تنهنجي لاءِ الڳ ڪمرو به آهي جتي توکي تنهنجيون ٻه ڀيڻون به ملنديون.
ڪڏهن ڪڏهن اظهار جا طريقه ڪيڏا نه خوبصورت ۽ اثرائتا ٿي پوندا آهن. پپا ايوب جو پهريون ڀيرو مون سان ملي خوبصورت لفظن ۽ عمل سان پيار جو اظهار ڪرڻ مون کي ڏاڍو ڀلو لڳو. پنهنجائپ جو احساس به رشته وڌائڻ جو سبب بڻبو آهي، پنهنجي هجڻ جي طلب ۽ خواهش جي تلاش هميشه مون ۾ رهندي آئي. بابا ۽ ماما اظهر کان پوءِ پپا ايوب ۾ به مون کي ساڳيو محبت جو جذبو محسوس ٿيو.
حالانڪه هي شخص جيڪو هينئر هينئر تازو منهنجو پپا ٺهيو هو ڪجهه لمحه پهرين مون لاءِ اوپرو هو پر هُن جنهن اڪير جو احساس مون سان ونڊي پنهنجي هنج ۾ ويهاريو ته مون کي هُن ۾ بابا جو چهرو نظر اچڻ لڳو.
ان رات مون کي اميءَ کان پري ٻئي ڪمري ۾ رات گذارڻي پئي. اِهو منهنجي زندگيءَ جو پهريون ڏينهن هو جو مان بستري تي اميءَ کان ڌار هيس. مون کي جيڪو ڪمرو هن نئين گهر ۾ مليو ان ۾ ٽي بيڊ لڳل هئا مون کان علاوه ان ڪمري ۾ مونهجيون ٻه ڀينرون (بقول پپا ايوب جي) ٻيون به موجود هيون، اقرا مون کان پنج سال وڏي هئي ۽ صنم منهنجي هم عمر هئي جنهن مهل مان ڪمري ۾ داخل ٿيس هُو ٻئي پنهنجي بسترن تي ليٽيل هيون ننڊ ڪونه هين. مون کي ڏسي اقرا مُسڪرايو البته صنم ڪا اڳڀرائي نه ڪئي. صبح جو ناشتي جي ٽيبل تي سڀ موجود هياسين. امي ۽ مان نئون ماحول ڏسي خاموش هياسين باقي سڀ گهر جا فرد پاڻ ۾ کل ڀوڳ ڪري رهيا هئا پپا ايوب طبيعت جو کل مک ماڻهو هو شايد ان جو اثرئي گهر تي به هو. سندس رويو ڌين سان بلڪل دوستن جيان هو.
گهر تمام سهڻو ۽ سينگاريل هو. هڪ ماسي ۽ ٻه ملازم ڪم ڪار لاءِ موجود هئا. زندگيءَ جي هر سهولت گهر ۾ موجود هئي، مون اندازو لڳائي ورتو ته گهر ۾ سهولتن سان گڏوگڏ پئسي جي به ڪمي نه آهي. گهر ۾ رهڻ سان مون کي لڳي پيو ته ڪنهن خوبصورت واديءَ ۾ مان اچي وئي آهيان. مون کي لڳي ٿو ته جنت ماڻڻ لاءِ مرڻ ضروري نه هوندو آهي جنت جيئري به ملي سگهي ٿي ۽ جڏهن جيئري جنت ملي ته پوءِ ٻي ڪا طلب نه رهندي.
واقعي اقرا صنم لڪي هيون جيڪي هن جنت جهڙي خوبصورت گهر ۾ رهي رهيون هيون .
اقرا طبيعتن پپا جهڙي هئي، سڀني کي خوش رکڻ سان خوش ٿيڻ واري....
هتي هن گهر ۾ پُهچي مون کي وري هڪ دفعو ٻيهر ان اسڪول مان به ٽرانسفر ڪرايو ويو جتي پهريان پڙهندي هيس احسن ۽ نيلو سان گڏ، هتي مون کي اقرا ۽ صنم جي اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو. گهر ۾ ٻه گاڏيون موجود هيون ڊرائيور اسان ٽنهي کي اسڪول ڇڏڻ هلندو هيو مان هينئر ڪو رڪشا يا بائيڪ ۾ نه پر وڏي چم چم چمڪيلي ڪار ۾ ويندي هيس.
اقراءِ صنم جي امي ڪجهه سال پهريان گذاري وئي هئي، شايد ڪنهن بيماريءَ ۾، ان جي پپا ٻي شادي نه ڪئي ۽ شايد اقرا، صنم کي پنهنجي ماءُ گهڻي ياد به نه رهي جو پپا کين ايترو ته پيار ۽ توجهه ڏني جو هنن ماءُ جي ڪمي محسوس نه ڪئي. آسودگي ۽ پئسو به ڪيترين شين جي ڪميءَ جو نعمل بدل آهي، ان جو احساس مون کي هتي اچڻ بعد ئي ٿيو. زندگيءَ جي هر سفر ۾ پئسي ۽ دولت کي خاص اهميت آهي، اُهو رشتن جو سفر، سڪون جو سفر، هجي يا بلندي ۽ معاشري جو سفر پئسو هر هنڌ هر سفر ۾ ٽڪيٽ وانگي ڪم اچي ٿو.
همسفر جو ساٿ ڪڏهن کان سفر ۾ شروع ٿيندو، ان جو پتو ڪنهن کي نه هوندو اِها پڪي نصيب جي ڳالهه آهي. امي جي پپا سان شادي به سندن نصيب ۾ لکيل هئي ان ڪري ئي ايڏو وقت زال جي مرڻ کان پوءِ اچانڪ پپا جي شادي اميءَ سان ٿيڻي هئي سا ٿي وئي.
اميءَ جي رويي مان اقرا، صنم ۽ پپا انتهائي مطمعين هئا. اميءَ ڪڏهن به اقرا ۽ صنم کي محسوس ٿيڻ نه ڏنو ته هُو سندن ويڳي ماءُ آهي ساڳئي ريت پپا ڪڏهن مون کي محسوس نه ڪرايو ته هُو منهنجو سڳو پيءُ ناهي.
“اڄ اسان جي فيملي مڪمل ٿي وئي آهي” پپا خوشيءَ مان ڪيڪ جو هڪڙو پيس اميءَ کي کارائيندي ان ڏينهن چيو جڏهن اسان جو ننڍڙو ڀاءُ شهباز اميءَ کي پيدا ٿيو.
“سيما توکي خبر آ تون مون کي ڪيڏيون نه خوشيون ڏنيون آهن”
“ايوب اِهي سڀ رب جا اسان تي ڪرم آهن”
“ها! بلڪل تون شهباز کي رب جو ڪيل ڪرم چئين سگهين ٿي پر هن گهر کي خوشيون ۽ سڪون صرف ۽ صرف تنهنجي ڪارڻ مليو آهي”
“پر ايوب گهر جو سڪون رڳو عورت جي رويي سان نه هوندو آهي پر مرد به برابر جو شريڪ ٿو رهي، توهان پنهنجيون سڀ ذميواريون، حق، فرض ايتري نه ايمانداري سان نڀايا آهن جو ان جو عڪس گهر ۾ نظر اچي ٿو. مون ڏٺو آهي ته توهان پنهنجيون ذهني پريشانيون ۽ دٻاءُ کي گهر جي ماحول مٿان نه مڙهيو آهي، هر ڳالهه جو نتيجو خدا جي توڪل تي رکي گهر ۾ ٻارن ۽ مون کي پيار ڏيندا رهيا آهيو هي سڀ ان جو ئي نتيجو آهي جو اسين گهر ۾ فڪرمنديءَ جو ماحول نه ٿا ٺاهيون توهان ئي اسان کي خوش رکڻ سيکاريو آهي”
“ها ها ها” پپا کلي ڏنو.
“سيما اسان انسانن کي پنهنجي زندگي سوچ ويچار جي حساب سان ٽن عملن مان گذارڻي پوندي آهي جن ۾ ڪجهه شارٽ ٽرم پلاننگ، ڪجهه لانگ ٽرم پلاننگ ۽ ڪجهه گاڊ ٽرم پلاننگ هوندا آهن. شاٽ ٽرم ۽ لانگ ٽرم ته انسانن جي هٿ وس هوندو آهي پر گاڊ ٽرم پلاننگ سؤ سيڪڙو خدا جي طرفان ٿيل منصوبه بندي هوندي آهي مقصد اِهو ته انسان جي محنت ۽ خدا جي مدد اسان جي زندگيءَ جي رسته آسان بنائيندي آهي، مان هميشه سخت محنت ڪندو رهيو آهيان ۽ خدا منهنجي مدد ڪندو رهيو آهي.”
“۽ مان دعا ڪنديس ته خدا ائين ئي اسان جي مدد ڪندو رهي”
“آمين ـــ آمين” پپا پيار منجهان اميءَ کي هڪ ٻانهن سان ڀاڪر پائيندي چيو.
شهباز ڇا آيو ڄڻ گهر جي رونق ئي وڌي وئي. اسان ٽنهي ڀينرن کي ته ڄڻ هڪڙو رانديڪو ملي ويو هو.
شهباز جو رنگ روپ پپا جيان سُرخ ۽ سفيد هو ۽ نقش وَ خدوخال امي جهڙا خوبصورت هيس. بس هڪڙي ڪمي هيس ته مٿي تي وار تمام هلڪا هيس پر پوءِ به مون کي پنهنجو هي گنجڙو گنجڙو ڀاءُ ڏاڍو پيارو هو.
شهباز جي ڄمڻ کان پوءِ پپا جو رويو اڃا به وڌيڪ سٺو، خوشگوار ۽ نرم ٿي ويو هو. اسان سڀني کي وڌيڪ گهمائيندو ڦيرائيندو ۽ شاپنگ ڪرائيندو هو.
وقت پنهنجي رفتار هلندو رهيو
مان ميٽرڪ ۾ پُهچي ويس. اقرا يونيورسٽيءَ ۾ اچي وئي، مان ۽ صنم گڏ هڪڙي ڪلاس ۾ هياسين. منهنجي ۽ صنم جي ڳالهين ۾ اڪثر اختلاف رهندا هئا ۽ اقرا جي اِها ڪوشش هوندي هئي ته اسان ٻنهي ۾ امن قائم رهي جيڪو هميشه جنگ جي شڪل اختيار ڪندو رهيو.
مان امي ۽ شهباز ناني جي گهر اڪثر ويندا هياسين. احسن مون کان هڪ سان سينيئر هو ڪاليج ۾ داخل ٿيو هو.
ان ڏينهن ڪافي ڏينهن کان پوءِ جڏهن ناني جي گهر وياسين ته احسن مونکي ڏسي چيو...
“عيني منهنجي ڪمري ۾ اچ توکي ڪجهه ڏيکارڻو آهي”
“هل ڀلا ڏسان ڇا ٿو ڏيکاري”
“عيني اکيون بند ڪر”
“ڇو”
“بس بند ڪر نه!”
“OK”
هُن منهنجو هٿ پڪڙي هڪڙي ننڍڙي خوبصورت اسٽيل جي ٺهيل منڊي منهنجي هٿ ۾ پارائي چيو...!
“Happy Birth day”
اوهه .................. ٿينڪ يو احسن. توکي منهنجي برٿ ڊي ياد آهي.؟
“بلڪل! عينو”
(احسن واحد ماڻهو هو جيڪو مونکي عيني بجاءِ عينو چوندو هو)
“عينو منهنجو گفٽ پسند آيو ٿي نه”؟
“ها! ٺيڪ آ”
مون منڊيءَ کي ڏسندي چيو.
مون کي احسن جو تحفو ڪو خاص پسند نه آيوهو. ٻه ڏينهن اڳ منهنجي برٿ ڊي گذري هئي جنهن ۾ مونکي منهنجي فرينڊس پپا، اميءَ ، صنم ۽ اقرا بهترين ۽ قيمتي تحفا ڏنا هئا. انهن قيمتي تحفن اڳيان مونکي احسن جي تحفي ۾ ڪا ڪشش نظر ڪونه آئي حالانڪه مان ڄاڻان پئي احسن هميشه مون سان پُر خلوص رهيو آهي ۽ خلوص جي ڪا قيمت نه ٿيندي آهي پر الائي جي ڇو شعوري طور تي مونکي دولت سان پيار ٿي رهيو هو. مون کي محسوس ٿيندو هو دولت کان سواءِ زندگي ڏاڍي مشڪل آهي، احسن مونکي پسند ڪندو آهي مون کي اِها به ڄاڻ هئي هُن ڪڏهن اظهار ته ڪونه ڪيو هو پر مون کي سندس ان احساس ۽ سوچ جي سُڌ هئي ۽ مان ڄاڻي واڻي کيس پيار جي موٽ نه ڏيندي هيس ان جو سبب اِهو به ٿي سگهي ٿو، ته مون کي ڊپ هو ته متان احسن جو رايو ۽ پسند ڏسي ماما اظهر منهنجو رشتو نه گهري ڇڏي ۽ مان هاڻ محل ۾ رهي ڏٺو هو امان نانيءَ جي گهر ۾ منهنجو ساهه گُهٽجڻ لڳندو هو. مون اِهو سوچي ڇڏيو هو ته جيڪڏهن مان شادي ڪنديس ته ڪنهن دولتمند ماڻهوءَ سان ئي ڪنديس، ڄاڻان پئي ته احسن ايترو دولتمند ناهي ۽ ان ڪري ئي مان احسن کي مسلسل نظرانداز ڪندي رهيس. مان سمجهي چڪي هيس ته معاشري ۾ عزت ڀريو مقام تڏهن ئي ملي سگهي ٿو جڏهن دولت جو سگهارو ساٿ هجي. معاشري ۾ انسان جو نه پر دولت جو قدر ڪيو ٿو وڃي.
اقرا M.A ڪري بس ڪيو ته پپا سندس رشتو پنهنجي سوٽ چاچا اڪرم جي پٽ نبيل سان ڪري ڇڏيو.
نبيل کي هڪ پرائيويٽ جاب هئي گهراڻو گهڻو خوشحال نه هو پپا چيو ته پئسو زندگي جي اهم ضرورت ناهي. نبيل سٺو سمجهدار، شريف ڇوڪري آهي، اقرا لاءِ هڪ محبت ڪندڙ جيون ساٿي ثابت ٿيندو. اقرا ته هئي ئي صفا درويش، سٻاجهڙي پپا جي هر ڳالهه ۽ پسند کي حڪم سمجهي مڃي ورتائين.
“اقرا تون هن رشتي تي خوش آهين ۽ تون سمجهي ٿي ته نبيل توکي خوش رکي سگهندو”؟ مون کيس چيو
“پپا چوي ٿو ته نبيل سٺي نيچر جو آهي مون سان سٺو نڀائيندو ۽ ٻي ڳالهه ته نبيل مون کي پسند ڪري ٿو، ڪيتري عرصي کان مون سان محبت ڪري ٿو، يقينن مان هن سان خوش رهنديس.”
اقرا چانهه جي مگ مان ننڍڙا ننڍڙا سپ ڀريندي چيو.
“هونئن پپا چوي ٿو” ماءِ ڊيئر زندگي رڳو پيار سهاري ڪونه ٿي گذري سگهي، لائف انجواِءِ ڪرڻ گهرجي، ان لاءِ پيار کان وڌيڪ پئسي جي ضرورت ٿي پوي، پيار سان ڪڏهن به پئسو خريد ڪري نه ٿو سگهجي پر پئسي سان پيار پاڻ مرادو ملي وڃي ٿو”
مان اقرا کي دليل ڏيندي چيو.
ائين ناهي عيني
“ائين ئي آهي اقرا”
مون نرمي ۽ مسڪراهٽ ملائيندي چيو.
“عيني زندگيءَ کي انجواءِ ڪرڻ لاءِ مان سمجهان ٿي ته محبت ئي ڪافي آهي . جيڪڏهن مان اهڙي ماڻهو سان شادي ڪيان جيڪو مون کي دولت ته جام ڏئي پر محبت لاءِ سڪائي ته پوءِ ڀلا مان زندگيءَ مان ڪهڙو مزو ماڻيندس؟”
بي ايزي يار ....! اقرا هڪڙي ڳالهه ٻڌ محبت سان زندگي انجواءِ نه ٿيندي آهي پر دولت سان دنيا جي هر خوشي انجواءِ ٿي سگهي ٿي، محبت صرف هڪ جذبو آهي ۽ جذبه هميشه ساڳيا نه رهندا آهن، مرد جي محبت تي ته ڪڏهن به ڀروسو نه ڪجي مرد ته بصر جيان هوندو آهي خبر ناهي ڪيترن کلن جي تهن ۾ لڪيل ۽ جيئن بصر ڪٽڻ سان اکين مان ڳوڙها وهندا آهن تيئن مرد جي ويجهو وڃن سان عورت کي هميشه ڳوڙها ئي مليا آهن.
“پر عيني .... نبيل اهڙو نه آهي”
اِها ئي ته تنهنجي ڀُل آهي، مرد تي اعتبار ڪرڻ عورت جي پهرين غلطي هوندي آهي.
“توبه عيني خدا توکي عقل ڏي”
اقرا مو ن کي هٿ ٻڌندي چيو.
“مون کي ته خدا عقل ڏنو آ رڳو هاڻ توکي ڏي”
مون ٽهڪ ڏيندي چيو.
منهنجي ڪنهن به راءِ يا دليل جو اقرا تي اثر نه ٿيڻو هو ۽ نه ٿيو.
ڏاڍي زور شور سان شاديءَ جون تياريون ٿي رهيون هيون، پپا ڪوشش ڪري دنيا جي هر شيءِ اقرا کي ڏاج ۾ ڏني.