ناول

عشق لا محدود

ھي ڪتاب سنڌي سماج اندر ٻوساٽيل ماحول ۾ سنڌي عورت جي جاکوڙي ڪردار تي لکيل ناول آھي. ھن ناول ۾ ڪٽنب ۾ عورت کي پيش ايندڙ مسئلن کي موضوع بنايوويو آھي ـ ھن ناول جا ڪردار ڏاڍا بيلنس آهن. واقعا يا انساني رويا منفي بہ آهن تہ مثبت بہ آهن، اها ئي هن ناول جي ڪاميابي بہ آهي. عورت جي حمايت ۾ لکيل ھي ناول عورت جا ڪيترائي منفي رخ بـ سامھون آڻي ٿو.

Title Cover of book عشق لا محدود

8

انسان جي زندگيءَ جا ٽي دور هوندا آهن ننڍپڻ، جواني ۽ پيري، سڀني کان وڌيڪ توجه جي ضرورت جنهن دور کي هوندي آهي، اُهو آهي ننڍپڻ جو دور، جنهن ۾ ٻار کي مڪمل نگهداشت لاءِ وڏن جي ڀرپور ضرورت رهي ٿي، پر مان ننڍپڻ جو دور بابا جي وفات بعد ڏاڍي احساس محروميءَ ۾ گذاريو، ناني جي گهر رهندي وقت سان گڏ مون کي احساس ٿيڻ لڳو هو ته منهنجي زندگيءَ جون ڪيتريون خواهشون اڌوريون رهجي وڃڻ جو سبب صرف ۽ صرف پئسو هو. جنهن جي ڪري مان هر مسئلي جو حل پئسي کي ئي سمجهيو، آفاق سان مون کي ايتري دلچسپي نه هئي جيتري هُن جي دولت سان هئي، مون آفاق سان نه پر سندس دولت سان شادي ڪئي هئي.
۽ ان ڪري ئي مون کي احسن جي سچن جذبن جو به احساس نه ٿيو هو.
بابا جي وفات بعد مون کي پيءُ جو پيار نه مليو اميءَ ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته مون کي بابا جي ڪمي محسوس نه ٿئي پر سماج ۾ ڪيترائي اهڙا ڪردار ٿين ٿا جيڪي اسان کي احساس محروميءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏين ٿا. اسڪول ۾ ٻارن کي پنهنجي پيئرن سان پيار ڪندي ڏسندي هيس تڏهن پاڻ کي پيءُ بنان اُڌورو محسوس ڪندي هيم.
دنيا ۾ هر رشتي جو نعم البدل موجود آهي پر والدين جو نعم البدل ناممڪن آهي، هر رشتو هر صورت ۾ ٻيهر ملي سگهي ٿو پر والدين ڪنهن به صورت ۾ ٻيهر نه ٿا ملي سگهن.
هر انسان کي ڪاميابيءَ جي تمنا رهي ٿي مون ۾ اِها غلط فهمي اچي وئي هئي ته منهنجي ڪاميابي دولت ۾ لڪيل آهي، جيڪا منهنجي ڀل هئي.
صبح جو ناشتي جي ٽيبل تي مون مصطفيٰ کي چيو...
“مان پاڪستان وڃڻ ٿي چاهيان”
“پر مان فلحال ڪلينڪ تي گهڻو مصروف آهيان پاڪستان نه ٿو هلي سگهان”
“مان توکي هلڻ لاءِ نه ٿي چوان”
مون بريڊ تي بٽر هڻندي چيو
مصطفيٰ جي هڪ هٿ ۾ چانهه جو ڪپ ۽ ٻئي هٿ ۾ اخبار هئي، ٻئي هٿ بيهجي ويس چيائين
“ته ڇا تون مون کان سواءِ اڪيلي وينديءَ؟
“ها”
“پر پهرين ته ڪڏهن مون کان سواءِ نه ويئي آهين”
“ضروري ناهي ته وقت سان هميشه ساڳيا فيصلا ڪجن”
“مان توکي اڪيلي وڃڻ جي اجازت ڪونه ڏيندس”
“مان توکان اجازت ڪونه ٿي وٺان، فقط ٻڌايان ٿي ته پاڪستان ٿي وڃان”
“اڇا ...... ؟؟” مون کي گُهوريندي چيائين
مصطفيٰ جي ذهن ۾ مونجهارا وڌڻ لڳا
چيائين ......“مطلب ته تون هاڻ مون کان ڪجهه پڇڻ به گوارا ڪونه ٿي ڪرين؟”
“ان سان ڪو فرق نه ٿو پوي”
“فرق پوي ٿو”
“بحرحال ..... ما بُڪنگ ڪرائي ڇڏي آهي سڀاڻي منهنجي فلائيٽ آهي رات جو 2 وڳين”
“اهڙي ڪهڙي ايمرجنسي ٿي ويئي آهي پاڪستان ۾ جو تون تڪڙي بُڪنگ ڪرائي ڇڏي”
“ڪابه ايمرجنسي ڪونهي ....... بس منهنجي دل مون کي اوڏانهن ڇڪي ٿي، مون کي وڃڻو پوندو”
“عيني ان پنهنجي خيالي دنيا مان ٻاهر نڪرُ حقيقت پسند بڻجي کليل دل وَ دماغ سان ڪجهه سوچ، ٻارن جيان ضد نه ڪر، ڪجهه ڏينهن بعد ٻئي گڏجي هلنداسين”
“مصطفيٰ تنهنجو گڏ هجڻ يا نه هجڻ مون لاءِ ڪا معنيٰ نه ٿو رکي، تنهنجي موجودگي يا غير موجودگي مون کي ڪو احساس نه ٿي ڏي”
“ڇا توکي مون مان ڪا شڪايت آهي؟” هن پڇيو
“تون اهڙو ڪجهه ڪيو آهي ڇا جو تنهنجو ضمير توکي منهنجي شڪايت لاءِ منجهائي ٿو” مون سندس اکين ۾ واجهائي چيو
“نه مان ته اهڙو ڪجهه نه ڪيو آهي”
“جي نه ڪيو اٿئي ته پوءِ دل مطمعين ڇو نه اٿئي؟”
“مان مطمعين آهيان مون کي ڪو ڊپ ڪونهي”
“ها ! تو جهڙن کي ڪوبه ڊپ نه هوندو آهي”
“عيني جيڪو چوڻو اٿئي صاف صاف چئو .... ائين ڳجهارتن ۾ نه ڳالهاءِ”
“ڳالهايان ڇا ........ توکي ته صاف سمجهڻ گهرجي ته مان توکي صاف رستو ڏيئي واپس پاڪستان وڃي رهي آهيان، مون جيڪو اعتبار توتي ڪيو ان جو صلو مون کي ملي چڪو آهي. باقي رهي پاڪستان جي ڳالهه ته مان پنهنجي ديس ٿي وڃان ۽ وڃڻ ۾ ڪو حرج به ڪونهي، ديس جي موجودگيءَ جو احساس ته خوشبو جيان هوندو آهي جيڪو نظر کان پري هوندي به ساهه ۾ محسوس ٿيندو آهي”
“اِها ديس جي خوشبو توکي هاڻي ٿي ساهه ۾ محسوس ٿئي ٿي پهرين ته محسوس نه ٿيندي هئي”
“جڏهن نه رشتن تان اعتماد ٽٽندا آهن تڏهن زندگي هڪ هنڌ Freeze ٿي نه ويندي آهي. نون جهانن جا ڏس ازخودنڪري پوندا آهن، الله پاڪ خواهشن جو نعم البدل ضرور ڏيندو آهي”
“ته تون پاڪستان نعم البدل ڳولهڻ ٿي وڃين”
“اهو ئي سمجهه”
“ڪڏهنن موٽنديءَ”
“ڪا خبر نه اٿم”
“تڏهن به ..........”
“مصطفيٰ تنهنجي دنيا توکي مبارڪ .... شايد مونسان گڏ رهي تون مسرور رهي نه سگهين، ڇو ته هڪ گهر ۾ رهندي به اسين ٻئي هڪٻئي لاءِ اوپرا ٿي چڪا آهيون”
“اهو صرف تون ٿي سمجهين، مان توسان اڄ به ساڳي محبت ڪريان ٿو”
“پاڻ لاءِ تنهنجي کوکلي محبت جو المناڪ انت ڏسي چڪي آهيان”
“ڇا تون مون کي معاف نه ٿي ڪري سگهين؟”
“مصطفيٰ ڪڏهن ڪڏهن اسان جي محبت جو خون ٿي ويندو آهي، ڪي ڳالهيون ايڏيون ته حيران ۽ ششدر ڪندڙ هونديون آهين، جيڪي حواس خطا ڪري ڇڏينديون آهن، ڪي منظر اکين کي سُن ڪري ڇڏيندا آهن، ۽ اهڙيون ڪيتريون ئي حقيقتون ناقابل يقين بڻجي ڏسڻ واري جي زندگي بي ترتيب ڪري ڇڏين ٿيون.”
“عيني ڳالهه ايتري سيريس ڪونهي جيتري تون پنهنجي ذهن تي حاوي ڪري ڇڏي آهي”
“مصطفيٰ مون کي تو کان ڪابه شڪايت ڪونهي مان اِهو هاڻ سمجهي چڪي آهيان ته هن دنيا جون سڀئي حسناڪيون محبت سان سلهاڙيل نه آهن”
“تون غلط ٿي چوين .......... اڄ به اسان جون دليون محبت سان ڳنڍيل آهن، تون اڄ به مون سان محبت ٿي ڪرين”
“ها مون توسان محبت ڪئي هئي ....... مصطفيٰ مان اقرار ٿي ڪريان ته مون کي توسان بي انتها محبت هئي، اهڙو ڪو انسان ڪنهن ڏيهه ۾ ورلي ملندو جنهن کي محبت جي ميخ نه لڳي هوندي، پيار جو پاند هر ڪنهن ڳنڍيو هوندو، انسان کي ٻوڙڻ ۽ تارڻ واري ته ڌڻي جي ذات آهي پر ڪڏهن محبت به ٻوڙيندي ۽ تاريندي آهي، مان تنهنجي محبت ۾ ايتري پاڳل ٿي ويئي هيس جو دل بي وس ٿي پئي هئي، اکين آڏو تنهنجي صورت ڦرندي هئي دل تي تنهنجو ئي قبضو هو پر ........
“پر ڇا .......... ؟”
“پر وفا جي موٽ ۾ مون کي تنهنجي وفا نه ملي جنهن بت جي مون پوڄا ڪئي اُهو ڪيترو نه ڪمزور نڪتو، واريءَ جيان ڀُري پيو اهڙي ڪمزور رشتي کان مان پاڻ کي آزاد ٿي ڪيان”
“مون پنهنجي من ۾ هڪڙو ئي ديوتا سجايو هو پر تون ته پنهنجي بتڪدي ۾ ڪيتريون ئي مورتون سجائي رکيون آهن”
“مصطفيٰ تنهنجي من ۾ سجيل اِهي سڀ مجازي مورتيون اٿئي سڀئي هڪ هڪ ڪري ڀري ويندئي، تون انهن کي پاڻ ئي ڀوري ڇڏ .......”
“مون به پنهنجي من مان تنهنجو ڪمزور واريءَ وارو بت ڊاهي ڦٽو ڪيو آهي، هاڻ منهنجي من ۾ اُهو آباد آهي جيڪو ڪڏهن نه ڀرندو ، جيڪو هميشه جو، دائمي آهي.”
“تون مون کان پڇيو هو نه ته مان پاڪستان ڇو ٿي وڃان؟”
“ها ! ڇو ٿي وڃين”
“مان لطيف سرڪار جي درگاهه تي حاضري ڀرڻ ٿي وڃان ..... مون کي شاهه سائين سڏڙا ٿو ڪري، هُن ئي ته مون کي سمجهايو آهي ته مان مجاز مان نڪران، مون کي رابيعه بصري، اويس قرني، رومي لعل شهباز قلندر ۽ سچل هي سچو رستو ڏيکاريو آهي مان جسم جي طابع نه ٿي رهڻ چاهيان مان دنيا جي ڏيکاءَ جا هي رشته ڇني ڇڏيا آهن.
“عيني اِهي سڀ ڪتابي ڳالهيون آهن، هن دنيا ۾ اِهو سڀ ڪونه ٿيندو آهي” هن منهنجو هٿ جهليندي چيو
“ته پوءِڇا ٿي پيو ........ مون لاءِ دنيا مشڪل ٿي پوندي نه ....... مان به ته دنيا کي مشڪل ۾ وڌو هو ...... هاڻ منهنجي پرک ٿيندي هاڻ منهنجي آزمائش جو وقت آهي” مون هٿ ڇڏائيندي چيو
“عيني ........... عيني تون ڊپريشن ۾ هلي ويئي آهين”
“ها ها ها ...... نه مان جيون جي ڀوڳنائن ۽ وقت جي وارتائن سان پنهنجي حقيقي محبوب سان ملي ويئي آهيان، منهنجو حقيقي محبوب مون کي ڌوڪو نه ڏيندو منهنجو روح، دل، دماغ ڏاڍو پرسڪون آهي، مون کي توسان ڪابه شڪايت، ڪاوڙ يا حسد ڪونهي........ بلڪه مان تنهنجي شڪر گذار آهيان تون مون کي حقيقت سان روشناس ڪرايو تنهنجي ڪري مون کي منزل ملي تنهنجي ڪوڙي محبت سان مون کي سچو عشق جو دڳ مليو مون کي پنهنجي منزل ملي ويئي آهي. مان بنهه آزاد آهيان منهنجي پويان پڇتاءَ جو ڪو پڙاڏو ڪونهي مان خوش آهيان. مطمعين آهيان.
“عيني هن خوابن ۽ خيالن جي دنيا مان نڪري اچ” هن منهنجي ڪلهن تي هٿ رکي مون کي زور سان جهنجهوڙيندي چيو ........
هن سمجهو هو شايد مان هن جي بي وفائيءَ ۾ پنهنجا هوش حواس وڃائي ويٺي آهيان.
“توکي مان ڪيئن سمجهايان منهنجا مصطفيٰ ته مان پنهنجي پوري هوش ۽ حواسن ۾ آهيان مان عشق جي سچي آغوش ۾ آهيان” هُو منهنجي چهري کي وائڙن وانگي ڏسي ترس وارين نگاهن ۾ توري رهيو هو مون کي هن جي ائين ڏسڻ تي کل اچي ويئي ۽ خبر نه آهي ڇو هُو منهنجي ائين کلڻ تي صفا ڊڄي ويو.
رات جو ئي مان سامان جي پيڪنگ شروع ڪري ڇڏي سڀاڻي رات جو منهنجي فلائيٽ هئي. هن مون کي وري وڃڻ کان منع به ڪيو، خاموشيءَ سان سامان پيڪ ڪندو ڏسندو رهيو.
ٻئي ڏينهن رات جو هُو مون سان ايئرپورٽ تي هو، ڇڏڻ مهل هُن مون کي چيو
“پنهنجي خيال رکجاءِ، مان به ڪوشش ڪندس ته توسان جلد پاڪستان ملڻ اچان”
“تون بي فڪر ٿي وڃ. منهنجو اونو ڪرڻ جي ڪا ضرورت نه آهي”
منهنجي ڳالهائڻ مهل هو منهنجو منهن ائين ڏسي رهيو هو جيئن ڪنهن ٻار جي دماغ تي بخار چڙهي ويندو آهي ۽ ٻار حواس باخته ٿي ڳالهائيندو آهي.
رات جو پيڪنگ ڪرڻ وقت هن مون کي سائيڪياٽري (Psychiatry) جون ڪيتريون دوائون ڏنيون هُن سمجهو هو ته شايد مون تي ڪو نفسياتي مسئلو (Psychiatric Problem) ٿي ويو آهي ۽ مان ڊپريشن ۾ هلي ويئي آهيان.
مون کي جهاز تي چاڙهي مصطفيٰ هليو ويو.
مان جهاز ۾ پنهنجي ۽ مصطفيٰ بابت سوچڻ لڳيس ....... زال مڙس جو رشتو جيڏو مضبوط آهي اوترو نازڪ پڻ آهي ڪنهن ريشم جي ڏوريءَ جيان جيڪا ٻن انسانن کي ڳنڍي به ٿي پر ساڳئي ئي وقت ڇڄندي دير به ڪونه ٿي ڪري.
“زال مڙس جو رشتو ئي شايد اهڙو آهي جنهن مان چاهڻ جي ڪشش جلدي ئي ختم ٿي وڃي ٿي” .........
حياتي ڀر هڪٻئي جو ساٿ ڏيڻ جا واعده تڏهن ئي ختم ٿي وڃن ٿا جڏهن ٻئي هڪٻئي کي سمجهڻ ۾ ناڪام ٿي وڃن ٿا جذبات ۽ احساس ختم ٿيو وڃن، تلخي وڌي وڃي ٿي، بي حسي وڌي وڃي ٿي، ٻئي پنهنجي پنهنجي خول ۾ بند، حصار ۾ قيد ٿي هڪٻئي لاءِ ناگواريءَ جو احساس پيدا ڪن ٿا، ۽ پوءِ آهسته آهسته ناقابل برداشت احساس ۽ موجودگي نفرت ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي، اُهو ماڻهو جيڪو شاديءَ جي شروعات ۾ پنهنجو پاڻ کان به پيارو آهي، اُهو ئي فرد وقت ۽ حالات سان گڏ پنهنجي اهميت وڃائي ويهي ٿو.
“مصطفيٰ مون سان ائين ڇو ڪيو؟” مان ڪا مهل سوچيندي رهيس.
فلائيٽ پاڪستان جي حدن ۾ داخل ٿي چڪي هئي، ٿوري دير ۾ ئي مان ڪراچي ايئرپورٽ تي هيس، امي ۽ پپا مون کي وٺڻ آيا هئا، مون کين پنهنجي اچڻ جو اڳواٽ اطلاع ڏئي ڇڏيو هو. “عيني هي تون آهين، مون کي ته يقين ئي نه ٿو اچي؟”
اميءَ جون نظرون منهنجو نهه کان چوٽيءَ تائين اڀياس ڪرڻ لڳيون.
مون کي اڇي رنگ جا شلوار قميض پاتل هئا، مٿي تي اڇي رنگ جو ئي رئو هو. ڪلهي ۾ ڪارو پرس، پيرن ۾ بنان هيل جي فليٽ ڇپل پاتل هئي، منهنجي وارن جي چوٽي ٿيل هئي چهرو ميڪ اپ کان عاري. “ڇو امي يقين نه اچڻ جي ڪهڙي ڳالهه آ” مون اڻڄاڻ ٿي پڇيو ، مان ڄاڻان پئي امي منهنجو حليو ڏسي حيران ٿي وئي هئي (يا شايد پريشان ٿي وئي هئي)
“يقين وري ڪيئن ايندو، اُها عيني جيڪا الٽرا موڊرن هئي هميشه پينسل هيل پائڻ ۽ وار کولڻ جي عادي هئي ....... بحرحال ڏاڍي پياري ٿي لڳين. اهڙي معصوم پاڪ صاف، پاڪيزه ٿي لڳين ڄڻ ڪا آسماني حور ...... رب پاڪ توکي نظر کان بچائي.”
اميءَ مون کي پيار منجهان نهاريندي چيو.
“ڀلا سڀ ڳالهيون هتي ايئرپورٽ تي ئي ٿينديون يا عينيءَ کي گهر به هلڻ ڏينديءَ” پپا اميءَ کي ٽوڪيندي چيو.
ٽيئي کلي اچي گاڏيءَ ۾ ويٺاسين.
امي گاڏيءَ ۾ پورو رستو مٽن مائٽن جا حال احوال ڏيندي رهي.