6
مايا انسان کي ڪيڏو نه مست مجنون بڻائي ٿي ڇڏي ڪجهه سال اڳ مان ان مايا لاءِ چري هيس، آفاق سان شادي ڪرڻ منهنجو مقصد ٿي ويو هو سمجهيم پئي ته آفاق ملندو ته دولت ملندي ۽ دولت ملندي ته ڄڻ دنيا جهان ملي ويندو، پر ائين آهي ڪونه ...... دولت گهڻو ڪجهه آ پر سڀ ڪجهه نه آهي سڀ کان وڏي ڳالهه دل جو سڪون هوندو آهي جڏهن دولت مايا دل جو سڪون ئي نه ٿي ڏيئي سگهي ته پوءِ ٻيون شيون ثانوي حيثيت رکن ٿيون منهنجي جيون ۾ دولت جي بهار هوندي به خزان جي موسم ڇانيل رهي، اڪيلائپ جيءُ جهوري وڌو مايوسي ۽ اُداسيءَ جون شامون طويل ٿينديون ويون منهنجو اندر ڪيڏو نه کوکلو ٿي پيو هو. جيئن اُڀ تي ڪو پنڇي اڪيلو اُڏندو آهي مان ائين اڪيلي ٿي پئي هيس، پر ان ۾ آفاق جو به ڏوهه نه هو. هُو به تو مون وانگي ائين ئي سمجهي پيو ته دولت ڪمائي وٺان جي دولت نه هوندي ته هوند زندگي سهل نه سگهندي هن کي ڪهڙي خبر ته زندگيءَ جا پيچرا ڏاڍا ڏکيا آهن، هُو جو ڏينهن رات هڪ ڪري منهنجي لاءِ پئسي پويان ڊُڪي رهيو هو اصل ۾ اِهو پئسو ئي اسان ٻنهي جي دوريءَ جو سبب بڻيو هو.
شاهه سائينءَ جو رسالو اڳيان پڙهان ٿي. هن رسالي ۾ ڪيڏو نه سچ لکيل آهي هڪ مصرعا آهي ته
“ڪاتيءَ ڪونهي ڏوهه ڳَنُ وڍيندڙ هٿ ۾”
هي شعر به مون تي ٺهڪي ٿو اچي، مان پاڻ ئي ته دولت پويان ڊُڪي هيس، ان ۾ آفاق يا دولت جو ڪهڙو ڏوهه شاهه انسان ڏي سؤ سيڪڙو سهي اشارو ڪيو آهي سدائين انسان پنهنجي لاءِ کاهي پاڻ کوٽيندو آهي. دولت جٽادار نه آهي پر پوءِ به انسان ناڻي پويان پاڻ کي ميسار ٿو ڇڏي.
مان شاهه سائينءَ جا داستان اڳيان پڙهندي رهيس، سندس هر سورميءَ ۾ خدا لڪيل هو شاهه جي لکيل هر عشق ۾ عشق حقيقي موجود هو، مورک انسان ئي آهي جيڪو الله پاڪ جو در ڇڏي هن دنيا جا ڪوڙا در جاچي ٿو.
“انسان به فاني ته دولت دنيا به فاني، تڏهن ته فاني شين جو عشق به فاني آهي”
مصطفيٰ جڏهن به گهر ۾ داخل ٿيندو هو تڏهن مون کي شاهه جو رسالو هٿن ۾ ڏسندو هو هڪ ڏينهن طنزيه طور تي چيائين تون ڇا شاهه جو رسالو معمولي ڪتاب سمجهيو آهي، ان کي پڙهڻ ۽ پوءِ سمجهڻ آسان ڪم ڪونه آهي، ان ۾ رڳو دنيا نه پر آخرت جا به وڏا اشار آهن ۽ هن دنيا ۾ دنيا وارن سان گڏ هلڻو ٿو پوي اِها هر انسان جي مجبوري آهي ته دنيا جا عيش آرام پيار محبت انسيت سک ڇڏي نه ٿو سگهي.
“پر ضروري ته ناهي ته دنيا جا سک آرام هر ڪنهن تي حاوي ٿي وڃن”
“گهٽ ۾ گهٽ تون هن دنيا جا عيش ڇڏي نه ٿي سگهين اِهو ته مون کي به يقين آهي”
مصطفيٰ کلندي چيو
مون چيو مانس ........
جيڪڏهن ڪنهن انسان آڏو ڪو پنهنجي انا کي فنا ڪري سگهي ٿو ته پوءِ “اُن حقيقي ذات” آڏو پاڻ مٽائڻ ڏاڍو آسان آهي”
“هون ........ اهي سڀ چوڻ جو ڳالهيون آهن”
هُن لاپرواهيءَ مان چيو.
“پيزا آندو اٿم گرم ڪري اچ ته کائون”
مان مصطفيٰ کان پيزا وٺي اوون ۾ گرم ڪرڻ ويس.
مصطفيٰ کي خبر هئي ته مان پيزا شوق سان کائيندي آهيان. ڊائيننگ ٽيبل تي منهنجي پيزا ڏانهن دلچسپي نه ڏسندي چيائين ......
“کاءُ نه .......! خاص طور تي تنهنجي لاءِ ئي آندو اٿم”
منهنجي ذهن ۾ پيزا کان وڌيڪ مصطفيٰ جون ڳالهيون ۽ موٽ ۾ شاهه جا داستان اڀري رهيا هئا. منهنجي دماغ ۾ هڪ جنگ ٿي رهي، جتي شاهه جاداستان وزن ۾ مصطفيٰ جي دنيا جي ڳالهين کان گهڻا ڳرا هئا.
ٻئي ڏينهن مان وري بوڪ اسٽور جو رُخ ڪيو. شاهه جو رسالو پڙهڻ بعد منهنجو ذهن وڌيڪ درويشن ۽ الله جي عاشقن ڏانهن وڌي رهيو هو. مان شاهه جيان ٻين جي زندگيءَ بابت سوچ پڙهڻ چاهي.
هڪ نئين دنيا جي جستجو مون کي نئين منزل جي راهه ڏيکاري رهي هئي.
مان بوڪ اسٽور مان، رابعه بصري، اويس قرني، منصور حلاج، عبدالقادر جيلاني، سچل سرمست، بلهي شاهه، لعل شهباز ۽ مولانا جلال الدين روميءَ جا ڪتاب خريد ڪيا.
منهنجو گهڻي کان گهڻو وقت ڪتابن پڙهڻ ۾ گذرڻ لڳو، هنن ڪتابن سان دوستي منهنجي ويراڳين شامن کي انڊلٺ جهڙا حسين رنگ بخشي الستي راز ارپي ڇڏيا هئا جيڪا زندگي مون کي غير متحرڪ لڳي رهي هئي هنن ڪتابن جي پڙهڻ سان حسناڪين جا ڪيئي عڪس منهنجي اندر ۾ اوتجي ويا هئا. جيئن ڪنهن طوفان بعد هڪڙي خاموشي اچي ويندي آهي ائين ئي هڪ سانت ۽ سڪون منهنجي دل ۾ گهر ڪري ويٺو هو. هاڻ مصطفيٰ جي بي وفائي جو ڪوبه غم نه هو، مون کي هُن جي ٻين عورتن سان ملڻ جلڻ تي ڪو اعتراض يا حسد به محسوس ڪونه پئي ٿيو نه ته جڏهن مان پهريون ڀيرو مصطفيٰ کي ٻي عورت سان ڏٺو هو تڏهن منهنجي دل دماغ ۾ هڪ باهه لڳي وئي هئي اندر ۾ وڍ پئجي ويا هئا، راتين جون ننڊون اُڏي ويون هيون پر هينئر منهنجي اندر ۾ ڪا اُڃ ڪا رُڃ ڪونه هئي.
مان شاهه جي رسالي کي پهرين عام شاعريءَ جو ڪتاب سمجهندي هيس پر هاڻ ڄاتم ته هن رسالي کي دنيا جي مختلف زبانن ۾ ترجمو ڪري ڇو ٿو پڙهيو وڃي سندس سُورمين جي عشق ۾ ڪو ٻيو ئي عشق سمايل آ، جيڪو اُن عشق حقيقي تائين پهچائي ڇڏي ٿو جتي ڪنهن ٻئي عشق جو چاهه باقي نه ٿو رهي.
امي سان Skype تي ڳالهايم.
“عيني ڪيئن آهين”
“امي مان بلڪل ٺيڪ آهيان” توهان کي ڪيئن ٿي لڳان؟”
“مون کي ته هينئر ڪافي Relax ٿي لڳين، الله توکي سدائين خوش رکي”
“ها ! امي بس توهان جون دعائون سدا ساڻ هجن”
“مصطفيٰ ڪئين آهي”
“اُهو به ٺيڪ آهي”
اميءَ ٻڌايو ته احسن جو پروموشن ٿيو آهي بينڪ ۾ مينيجر ٿيو آهي ۽ نيلوفر کي ٻه Twins ڌيون ڄايون آهن. ۽ مون کي چيائين ته ٻنهي کي مان فون ڪري مُبارڪ باد ڏيئي ڇڏيان.
مون احسن ۽ نيلوفر کي بعد ۾ مبارڪباد جا فون ڪري ڇڏيا.
مون اميءَ کي يا پاڪستان ۾ ڪنهن کي به پنهنجي ۽ مصطفيٰ جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ دورين بابت ڪابه ڳالهه نه ٻڌائي هئي، پر اِها ڳالهه به عجيب هئي ته ان کان پهريان مان گهر جي هر ڳالهه امي يا اقرا سان شيئر ڪندي هيس پر هينئر مون کي هي دوري يا رنجش ڪا وڏي ڳالهه ڪونه لڳي.
مان حضرت مولانا جلال الدين رومي جو “مثنوي رومي” پڙهيو، پاڻ روم جا هڪ وڏا عالم هئا روم ۾ هڪ وڏو ڪتب خانو هين جتي شاگردن کي درس ڏيندا هئا هڪ ڏينهن اوچتو هڪ معمولي حليه ۽ لباس وارو شخص سندن مڪتب ۾ داخل ٿيو ۽ سلام ڪري بغير اجازت جي مولانا رومي جي ڀر ۾ ويهي رهيو، اجنبي جو اهڙو بي تڪلف رويو مولانا رومي کي ناگوار ته گذريو پر هُو خاموش رهيو، بعد ۾ ان اجنبي شخص مولانا رومي جا ناياب ڪتاب هٿ ۾ کڻي چيائين! “هي ڇا آهن؟”
“هي اُهو علم آهي جيڪو تون نه ٿو ڄاڻين”
مولانا رومي جواب ڏنو
اجنبي ڪجهه نه چيو خاموشيءَ سان تمام ناياب ڪتاب کڻي ڀرسان پاڻيءَ جي حوض ۾ ڦٽا ڪري ڇڏيا.
مولانا رومي اجنبي جي ان حرڪت تي طيش ۾ اچي چيائين
“اي جاهل شخص توکي ڪهڙي خبر! توکي ڪهڙي خبر تون ڪهڙا نادر ڪتاب تباهه ڪيا آهن جيڪي ڪنهن شهنشاهه وٽ به ڪونه هوندا”
اجنبي مولانا روم کي مُسڪرائيندي چيو ...
“اها ڳالهه آ ته ڪتاب واپس ٿو ڪيان”
اجنبي شخص حوض ۾ هٿ وجهي سڀ ڪتاب مولانا روم کي ڏنا.
مولانا رومي ڪتاب ڏسي شديد حيرت جي عالم ۾ اچي ويو. ڪنهن به ڪتاب تي ڪو هڪ ڦڙو به پاڻي جو لڳل ڪونه هو.
اِهو اجنبي حضرت شمس تبريز رضه هو جنهن مولانا رومي جي دنيا ئي بدلائي ڇڏي. مولانا رومي ڪتاب تدريس سڀ ڪجهه ڇڏي پنهنجي استاد شمس تبريز جي خدمت ۾ رهڻ لڳا استاد جي شخصيت سان کين عشق ٿي ويو. استاد جي نيڪي ۽ بندگي ڏسي مولانا رومي به پنهنجو گهڻو وقت عبادت ۾ گذارڻ لڳا ۽ اهو شمس تبريز جي نگاهه دلنواز جو ئي فيض هو جو مولانا رومي شاعري ڪئي ۽ شهر آفاق تصنيف “مثنوي رومي” لکي، ۽ آخرڪار مولانا رومي جو لاڙو عشق حقيقي ڏانهن ٿي ويو.
شاهه لطيف سرڪار کي به ويهن سالن جي عمر ۾ مجاز جي محبت لڳي هئي ۽ پوءِ پاڻ به آخرڪار اِلاهي عشق ۾ وٺجي پنهنجي خالقِ حقيقيءَ سان لنؤن لڳائي ويٺا.
مان هنن بزرگن جا جيڪي به ڪتاب پڙهيا اِها ڳالهه ئي نروار ٿي ته روحاني ڳالهين سان روح جو رب سان ناتو ڳنڍجي وڃي ٿو.
حقيقي عشق يعني خدا سان عشق حقيقت ۽ مجازي عشق کان ئي شروع ٿئي ٿو. دنيا جي هڪ ڪم جي وسيلي ٻيا ڪم حاصل ٿين ٿا.
مجازي عشق ئي حقيقي عشق جي ڏاڪڻ آهي، جيڪو سمجهي ته ڄاڻي ويندي ته مجازي عشق جي هڪ راهه بلآخر حقيقي عشق جي منزل تي پهچائي ٿي، پر ان ۾ به الله پاڪ جنهن کي چاهي اِهو اعليٰ درجو ڏي ، هُو اسان جي اندر کي بهتر ڄاڻڻ وارو پروردگار آهي.
منهنجي سامهون واري فليٽ ۾ هڪڙي نيپالي عورت رهندي هئي منهنجي ان سان ملاقات پهريون ڀيرو تڏهن ٿي هئي جڏهن مان مصطفيٰ جي فليٽ ۾ شفٽ ٿي هيس. هن جو نالو شيلا هو. ننڍڙي نڪ، چُچين اکين، ٿلهن چپن ۽ گول بال نما وات جهڙي شيلا بظاهر ته نقش وسبن ۾ معمولي هئي پر هيءَ سانوري شيلا پُرڪشش ڏاڍي هئي، (پر مون کي ڪونه وڻي هئي) مون کي مصطفيٰ سان فليٽ ۾ اندر سامان سُوڌو داخل ٿيندو پڇيو هئائين ته ڇا مان هُن جي مهمان آهيان .... جڏهن مصطفيٰ ٻڌايس ته مان سندس زال آهيان ته هُو پنهنجي گول وات کي وڌيڪ گول ڪري ڊگهو ا...... و ........!! چئي هڪدم پنهنجي فليٽ جي در کان نڪري اسان جي در تائين پهچي وئي هئي ۽ مون ڏانهن پنهنجو هٿ وڌائيندي چيو هئائين .....
“Nice to see you”
وري چيائين ......
“I am from Nepal, my name is Sheela, where from you?”
“From Pakistan”
مون جواب ڏنو
وري چيائين ...
(موهن جو دڙو)“Oh ….. Great, huu ………. From Moan zo Dro”
مون هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڙيو
وري اُتي بيٺي ئي هڪ وڏي لسٽ مون مٿان سوالن جي يلغار ڪڍيائين
نالو ڇا اٿئي؟
ڇا ڪندي آهين؟
ڀائر ڀينر ڪيترا اٿئي؟
ڪينيڊا به ڪڏهن کان آهين؟
ڊاڪٽر مصطفيٰ سان ملاقات ڪيئن ٿي؟
ڊاڪٽر ڏاڍو سٺو ماڻهو اٿئي هن جو خيال ڪجاءِ وغيره وغيره
مطلب ته بنان موقع مهل ڏسي رڳو پئي ڳالهائڻ جا موقعا ڳولهيندي هئي ان ڪري هُو مون کي پهرين ملاقات ۾ بنهه ڪونه وڻي هئي.
چوندا آهن ته ڪنهن جي شخصيت جو پهريون اثر ئي آخري اثر هوندو آهي. پر اِها ڳالهه مون کي ته درست ڪڏهن به نه لڳي آهي. ڇو ته مون کي اهڙا به ماڻهو مليا جي پهرين ملاقات ۾ وڏا متاثر ڪُن ثابت ٿيا پر پوءِ بعد جي ميل ميلاپ مان اندازو ٿيو ته سندن شخصيت ۾ ڪيڏو جهول هو. ساڳئي ئي طريقي سان شيلا جڏهن پهريون ڀيرو مون کي ناپسند آئي ته بعد ۾ ملاقاتون وڌڻ بعد اندازو ٿيو ته هُوء ڏاڍي محبت ڪرڻ واري سٻاجهڙي ۽ هڏڏوکي عورت هئي. (بس ڳالهائڻ جي گهڻي عادت هيس)
مون شرٽ ۽ جينز پائڻ تقريبن ڇڏي ڏنيون هيون، هتي هڪڙي پاڪستان بوتيڪ جي مالڪياڻيءَ سان منهنجي دوستي هئي تنهن کي شلوار قميض جا آرڊر ڏيئي، رَئي سميت ڪيترائي سوٽ ٺهرائي ڇڏيا هيم ۽ هاڻ اُهي پائڻ لڳي هيس.
ان ڏينهن جڏهن مان مارڪيٽ وڃڻ لاءِ فليٽ کان ٻاهر نڪتس ته شيلا دروازي وٽ ئي ملي وئي مون کي شلوار قميص ۾ ڏسي چيائين ...
“wow, Good …. Marvellous dress you are looking Gorgeous”
مان هن جي تعريف ڪرڻ تي مُرڪي پيس، وري ويجهو اچي منهنجي ڪپڙن کي هٿ لائي ڏسڻ لڳي.
شيلا ۽ هن جي مڙس کي سياحت سان وڏي دلچسپي هئي، پنهنجي سڪيلڌي ننڍڙي پٽ “وويڪ” سان گڏ ڪيترا ئي ملڪ گهمي چڪا هئا. بقول شيلا جي ته “سياحت انسان جي زندگيءَ کي خوشگوار بڻائي ٿي، هن کي ڏک درد ڏيندڙ سوچون ۽ احساس گهمڻ ڦرڻ سان ختم ٿيو وڃن”.
شيلا اڪثر مون کي ۽ مصطفيٰ کي به مشورو ڏيندي هئي ته ٽائيم ڪڍي ٻين ملڪن ڏانهن گهمڻ ڦرڻ ضرور ويندا ڪيو، پر اسان ٻيئي هميشه هُن جي ڳالهه کي سگريٽ جي دونهي جيان هوا ۾ اُڏائي ڇڏيندا هئاسين. هُوءَ اسان کي هميشه Guys of Moan zo dro (موهن جي دڙي جا ماڻهو) چوندي هئي شيلا ۽ هُن جي مڙس (جنيش پاڪستان جي سياحت به ڪئي هئي هُوء چوندي هئي ته پاڪستان سياحت جي لحاظ کان تمام سگهارو آهي هتي ڪيتريون ئي تاريخي مذهبي ۽ تفريحي جايون آهن جن ۾ سنڌ ۾ موهن جو دڙو خاص طور تي عالمي طور تي مڃتا ماڻيل آهي ان کان علاوه گورک هل اسٽيشن، گنڌارا، ٽيڪسيلا، بادشاهي مسجد، مڪلي جو قبرستان (جيڪو ايشيا جو وڏي ۾ وڏو قبرستان آهي) شاليمار باغ، شاهي قلعو لاهور، ٿر جو ريگستان انهن کان علاوه به هُن کي پاڪستان جي مختلف مذهبي ۽ تفريحي مقامن جي ڄاڻ هئي، جيڪي هوءَ گهمي چڪي هئي.
شيلا هميشه مصطفيٰ ۽ مون کي Guys of Moan zo dro موهن جي دڙي جا ماڻهو سڏيندي هئي
هڪ ڏينهن مون کي چيائين ...
“عيني توکي موهن جو دڙو ڏسي ڇا محسوس ٿيندو آهي”
پر مون ته موهن جو دڙو ڏٺو ئي ڪونهي ته پوءِ محسوس ڪرڻ واري ڪيفيت ڇا ٻُڌايان” مون کيس چيو.
“ڇا ..... !!! ؟؟”
شيلا حيرانيءَ مان رڙ ڪئي
“تون پاڪستان آهين ۽ چوين ٿي ته موهن جو دڙو نه ڏسي سگهي آهين، اِها مون لاءِ حيرت جهڙي ڳالهه آهي”
مان شيلا جي ڳالهه تي اندر ۾ ڏاڍي شرمندا ٿي هيس، هُوء ته منهنجي صرف پاڪستاني هجڻ جي ڳالهه تي حيران هئي پر مان ته سنڌ جي هيس ۽ سنڌ ۾ رهندي به سنڌ جي عالمي قديم ماڳ کي ڏسڻ کان محروم هيس ان ڏينهن مان شيلا اڳيان پاڻ کي ڏاڍو ننڍڙو محسوس ڪيو هو.
شيلا کي پنهنجي ملڪ نيپال سان ڏاڍي محبت هئي ان ڏينهن چيو هئائين
“مان نيپال جي سڀئي قديم مذهبي ۽ تفريحي ماڳ هڪ نه بلڪه ڪيترا ڀيرا وڃي ڏٺا آهن اِهي ماڳ اسان جي ملڪ جي سڃاڻپ آهن ۽ اسان کي انهن تي فخر آهي.”
وري چيائين ....
اسان جو ملڪ سياحت لاءِ مشهور آهي، جيئن ته اسان وٽ قدرتي وسيلا گهٽ آهن ۽ ذريعه معاش جو ڪو ٻيو ذريعي به موجود نه آهي تنهنڪري سياحت اسان جي ملڪ جو بهترين معاش جو متبادل رهيو آهي ۽ اسان جي گورنمنٽ نيپال جي قديم ماڳن جي گهڻي حفاظت ڪندي آهي ته جيئن سياحن کي ڪا مشڪل پيش نه اچي ۽ هُو نيپال اچڻ ۾ آسان محسوس ڪن”
هڪ ٻي ڳالهه به هن مون کي چئي
چيائين ...
“هڪڙي ڳالهه چوان توکي ڪاوڙ ته ڪونه لڳندي”
“ها ! چئو ”
چيائين .... اسان جڏهن پاڪستان سياحت لاءِ ويا هئاسين تڏهن اسان کي محسوس ٿيو ته پاڪستان جي حڪومت تاريخي آثارن ڏانهن ڌيان نه ٿي ڏي يا ائين چئون ته انهن تاريخي مقامن جي چڱي پرگهور نه ٿي لهي، اسان ڪتابن مان ڄاڻ حاصل ڪري پاڪستان پهتا هئاسين پر اُتي پهچي ڏاڍي مايوسي ۽ نااميدي ٿي انهن ناياب تاريخي جاين جي حالت ايتري ته خسته ۽ زبون هئي جو اسان کي انهن ۾ ڪابه ڪشس نظر نه آئي، هُتي سياحن لاءِ ڪي به بنيادي سهولتون موجود ڪونه هيون اهڙن ماڳن جي آسپاس هوٽل، ڪينٽينز، سپر اسٽورز يا ميڊيڪل اسٽورز ضرور هوندا آهن پر اتي پري پري تائين پيئڻ جو پاڻي ۽ واش رومز به اڻ لڀ هئا. ٻي اهم ڳالهه ته ڪوبه گائيڊ نظر ڪونه آيو، جڏهن ملازمن کان آثارن بابت پڇيوسين ته اندازو ٿيو ته هنن کي به ڪا گهڻي معلومات ڪونه هئي” شيلا جي ڳالهه بعد مون کي به احساس ٿيو ته اسان جا تاريخي ماڳ ڪيترا نه لاوارث بڻيل آهن.
مان جڏهن شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ ڀنڀور، ٿر، ڪينجهر، ڪاڇي ۽ ٻين ماڳن مقانن جو ذڪر پڙهيو تڏهن مان سوچيو ته شاهه کي ڪيترا سال اڳ سنڌ جي انهن ماڳن مڪانن سان محبت ۽ انسيت هُئي هُن کي انهن ۾ ڪيڏي نه ڇڪ محسوس ٿي هئي جو شاهه انهن ماڳن کي ڳايو آهي ۽ انهن جي اهميت کي اُجاگر ڪيو آهي پر اسان هن جديد دور ۾ رهندي انهن کي وساري ويٺا آهيون، ٻيا ملڪ قديم ماڳن مڪانن تي سياحت جون سهولتون رکي ملڪ کي مضبوط بنائي رهيا آهن ۽ اسين پنهنجي قديم تاريخي قيمتي اثاثن کي مٽي جي دز جيان اُڏائي رهيا آهيون.
اسان پنهنجي ملڪ جي نه زراعت نه قدرتي وسيلن ۽ نه وري سياحت مان فائدو وٺي سگهيا آهيون.
ملڪ لاءِ معاشي وسيلا جيترا وڌيڪ هوندا اوترو عوام خوشحال رهندو ۽ شايد معاشي وسيلا نه هجڻ ڪري بيروزگاري وڌيل آهي ۽ پاڪستان عوام جو معيارِ زندگي به اُسريل ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي.
شيلا مون کي اِهو به ٻڌايو هو ته دنيا ۾ اهڙا ڪيترائي ملڪ آهن جن پنهنجن قديمي آثارن يا تاريخي ۽ مذهبي جاين کي سياحت طور ڪتب آڻي ملڪي آمدنيءَ جو ذريعو بڻايو آهي جيئن مصر، چين، جاپان ملائيشيا، نيپال، انڊيا، عراق، سريلنڪا وغيره هنن ملڪن جا قديم آثار دنيا جو هڪ وڏو حصو پئسي جو پاڻ ڏانهن ڇڪي رهيا آهن مختلف ملڪن جا سياح هر سال هڪ وڏي آمدني سياحت ذريعي انهن ملڪن ۾ پهچائي رهيا آهن.
شروعاتي ڏينهن ۾ شيلا جڏهن سياحت جون ڳالهيون ڪندي هئي تڏهن مان انهن کي ڪڏهن به ايترو اهم نه سمجهيو هو. پر شاهه جي شاعريءَ ۾ اهڙي ڪا مقناطيسيت هئي جو منهنجي من ازخود سنڌ لاءِ عجيب ڪشش ۽ محبت جاڳي پيئي هئي. جيترا ڀيرا هن رسالي کي پڙهان ٿي، اوترو وڌيڪ وڻي هو، پڙهڻ سان ۽ سمجهڻ سان احساس ٿئي ٿو ته مار ! هن رسالي ۾ ته پوري ڪائنات جو حسن اوتيل آهي.
انسان پنهنجي پوري زندگيءَ ۾ پيدائش کان موت تائين جن ڪيفيتن مان گذري ٿو تن ۾ مون کي لطيف سرڪار جي جهلڪ نظر آئي، خوشي، ڏک، وڇوڙو، ميل، محبت، نفرت ، آس نراس، آزادي ۽ قيد ..... مطلب ته هُن هر ڪيفيت کي محسوس ڪيو ۽ لکيو آهي.
انساني سوچ، احساس ۽ تصور هميشه ڪنهن نه ڪنهن مقصد يا منزل جو سبب بڻبا آهن. جڏهن کان مصطفيٰ ۽ مون وچ ۾ مفاصلا وڌڻ لڳا ۽ مون ڪتابن جي دنيا ۾ پاڻ کي آڻي ڇڏيو تڏهن کان مان مذهب ۽ پنهنجي ديس جي ويجهو ٿيندي ويس، شلوار، قميض ۽ مٿي تي رئو پائڻ مون کي وڻڻ لڳو، قرآن شريف باترجمه سمجهڻ ۽ نماز پڙهڻ کي مون پنهنجي عادت بڻائي ڇڏيو، شايد ائين به هيو ته مان ڪو سهارو ڳولهي رهي هيس، پوءِ اُهو سهارو مذهب، ديس يا ڪتابن جو به ٿي سگهي ٿو، ۽ مون ذهني طور تي اِهو به سمجهڻ شروع ڪيو هو ته مصطفيٰ منهنجو نه آهي ۽ نه ڪڏهن ٿي سگهندو.