5
“عيني ڇا خيال آهي؟ ٻاهر هلجي؟ شاپنگ به ٿي ويندي”
“نه منهنجي دل نه ٿي چوي”
“ڇا مطلب تنهنجي شاپنگ تي دل نه ٿي چوي .... حيرت آ اِهو تون ٿي چوين، تون ته وڏي شوق سان روز شاپنگ لاءِ تيار رهندي آهين”
“رهندي آهيان نه ....... رهندي هيس ضروري ته نه آهي هميشه انسان جون عادتون ساڳيون رهن”
“چڱو ٺيڪ آ هل ته پوءِ مووي ٿا ڏسي اچون”
مان خاموش رهيس ۽ هُن هاڪار سمجهي شام جو ٻئي تيار ٿي مووي ڏسڻ وياسين، اسڪرين تي انڊين مشهور مووي “هم دل دي چڪي صنم” هلي رهي هئي مونکي ياد اچي ويو ته ڪنهن زماني ۾ هي به منهنجي پسنديده مووي هئي پر هينئر مونکي فضول لڳي رهي هئي.
مونکي سمجهه ۾ نه پيو اچي آخر منهنجي ظاهر ۽ باطن ۾ ايتريون تبديليون ڇو اچي رهيون هيون. ڪنهن زماني ۾ شاهه رُخ خان ۽ ايشوريا راءِ منهنجا پسنديده ايڪٽرز هوندا هئا مان سندن ڪا مووي مِس نه ڪندي هيس فلم ۾ سندن هر روپ مونکي وڻندو. خاص طور تي رومانوي فلمون ضرور ڏسندي هيس ۽ مووي جا سين اکين آڏو ڦرندا هئا اڪثر آفاق ۽ مصطفيٰ سان Love stories ڏسڻ بعد وڌيڪ پيار ۽ محبت جو اظهار ڪندي هيس، هينئر به سينيما ۾ مصطفيٰ فلم ۾ رومانوي سين اچڻ تي منهنجو هٿ پڪڙي خوشيءَ مان مون کي ڏسي بار بار مسڪرائي پيو پر هُن جي هٿ جهلن سان منهنجا احساس بلڪل سرد ئي رهيا. شايد جڏهن ڪنهن سان انسيت نه ٿي رهي تڏهن محبت پنهنجي اهميت وڃائي ويهي ٿي، شايد محبت کي پابند نه ٿو ڪري سگهجي. مون سوچيو هن وقت به مصطفيٰ ۾ احساس ملڪيت موجود هو هُو مونکي پنهنجي ملڪيت سمجهي رهيو هو پر مون مان احساس ملڪيت Sense of Possession ختم ٿي چڪو هو مان مصطفيٰ کي پنهنجي ملڪيت سمجهڻ ڇڏي ڏنو هو.
مان مصطفيٰ کي اِهو ٻڌائڻ جي ضرورت به محسوس نه ڪئي ته هن جا ڪلينڪ تي ايندڙ ڪيترين ئي عورتن سان تعلقات آهن ۽ مان ڄاڻان ٿي.
“ڏس عيني هن فلم ۾ محبت جو ڪيڏو وڏو فلسفو ٻڌايو اٿن ته محبت هميشه پائدار رهندڙ آهي”
“اِهو ضروري ته نه آهي، محبت ڪڏهن به پائيدار نه ٿي رهي سگهي، جڏهن محبت ڪرڻ وارن جا اعتماد ۽ واڳيل تعلق ٽٽندا آهن تڏهن محبت متاثر ٿيندي آهي”
“ها بلڪل عشق ۾ آزمائش ۽ امتحان ۽ اصل عاشق جي پرک هوندي آهي”
ها ! مان سمجهان ٿي ته تون رومال ۾ ويڙهي مون کي ڇا ٿو سمجهائڻ چاهين”
“ته پوءِ تون سمجهين ڇو نه ٿين”
“ها ! مان سمجهي ئي ته وئي آهيان، ٿورڙي دير ضرور لڳي اٿم”
“عيني پنهنجي انا ۽ خود داري کي پامال ڪرڻ جو نالو ئي محبت آهي”
“مصطفيٰ مان سمجهان ٿي محبت انسان تڏهن ئي ڪري سگهي ٿو جڏهن سندن اندر ۾ سُرُهائي ۽ خوشي هجي، ۽ هونئن به عدم اعتماد سان محبت ڪري نه ٿي سگهجي”
مصطفيٰ منهنجو جواب ٻڌي بي يقيني سان مون کي ڏسي چپ ٿي فلم ڏسڻ لڳو.
جڏهن مووي ڏسي گهر واپس ورياسين ته مصطفيٰ چيو....
“آخر توکي ڪهڙي شي جي ڪمي آهي تون اِهو اڻ سڌي طرح سان مون ته طنز ڇو ٿي ڪرين هڪ قصو جيڪو غلط فهمي تي ٻڌل هو، ان کي پنهنجي پُرسڪون زندگيءَ تي حاوي ڇو ٿي ڪرين؟” توکي دولت، محبت عيش آرام سڀ ڪجهه موجود آهي، توکي ڪهڙي شي جي ضرورت آهي جيڪا مان مهيا نه ڪئي آهي؟”
“تون ڇا ٿو سمجهين قلب جي سڪون لاءِ دولت محبت ۽ عيش آرام ئي ضمانت هوندا آهن”
“ها ! بلڪل”
“توکي خبر آ مصطفيٰ نج سون جڏهن پاڻ کي باهه ۾ تپائيندو آهي تڏهن ئي سندس نج ۽ اصلي ٿيڻ جي تصديق ٿيندي آهي،
“اڇا ! ته تنهنجو مطلب آ هاڻ تو لاءِ مان پاڻ کي باهه ۾ ساڙيان”
“ها ها ها” مان ٽهڪ ڏيندي چيو
“مان تنهنجي نه نج سون جي ڳالهه ڪئي آ”
“مونکي ته سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته تون ڪهڙيون فلسفي واريون ڳالهيون ڪري مون کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪرين ۽ ڇا ٿي چاهين”
“اِها ته شايد مونکي به خبر ناهي ته مان ڇاٿي چاهيان ۽ سڪون لاءِ ڇا گهرجي”
مان کيس ڇا ٻڌايان ته آفاق ۽ تنهنجي چاهت منهنجي رستي جا اُهي ڪانڊيرا آهن جيڪي مون پاڻ پنهنجي هٿن سان پوکيا. آفاق مان دولت ۽ مصطفيٰ مان محبت جي آس رکي پنهنجي اندر کي زخم ۽ ايذاءُ رسايا اٿم، هاڻ اِهي ڪانڊيرا مون کي پاڻ کي ئي زخمي ڪري رهيا آهن. جديد فيشن مطابق ڊريسنگ ڪرڻ منهنجي جنون ۾ شامل هو. منهنجي وارڊ رُب ۾ سَون جي تعداد ۾ وڳا موجود هيا پر خبر ناهي ڇو مون کي فيشن، هار سينگهار يا پنهنجي ٺاهه جوڙ سان ڪابه دلچسپي ڇو نه رهي هئي. ڪلاڪن جا ڪلاڪ اڪيلي ڪمري ۾ گذارڻ لڳيس ٻاهر نڪرڻ، گهمڻ ڦرڻ به گهٽ ڪري ڇڏيو هيم.
ڪيترن ڏينهن بعد اميءَ سان Skype تي ڳالهايو مون کي ڏسي حيران ۽ پريشان ٿي پيئي چيائين !
“پنهنجي ڇا حالت ڪري ڇڏي اٿئي، گهر ۾ ٿي رهين يا ڪنهن زندان ۾؟”
“ڇو امي مون کي ڇا ٿيو آهي.”
مون کان ٿي پڇين ته ڇا ٿيو آهي وڃ وڃي آئيني ۾ پنهنجي شڪل ڏس. لڳي ٿو ورهين جي بيمار آهن. اکيون ڏار ڏيئي ويون اٿئي اکين هيٺان ڪارا حلقه پئجي ويا اٿئي.
“ها امي مون کي هتي بي سڪوني ٿي محسوس ٿئي لڳي ٿو ڄڻ ڪنهن ڪونجڙي جيان مان پنهنجي ولر کان وڇڙي ديس کان پرديس پهچي وئي هجان ڄڻ منهنجيون کنڀڙاٽيون ڪمزور ٿي ڪرڻ واريون هجن”
“عيني ٻُڌاءِ ڇا ٿيو آهي، تنهنجي طبيعت ٺيڪ نه آهي ڇا بيمار آهين”
“امي طبيعت ٺيڪ اٿم پر .... ”
“پر ڇا ..... ؟ جلدي ٻڌاءِ” تنهنجي حالت ڏسي منهنجي ته اکين آڏو اوندهه اچي وئي آهي منهنجيون ڄنگهون ۽ هٿ پير ڏڪن ٿا .... سچ ٻڌاءِ منهنجي مٺي ڇا ٿيو آهي”
“ها ها ها! ........... امي سچ پچ اهڙي ڪابه ڳالهه ڪونهي مان ٺيڪ ٺاڪ آهيان پر خبر ناهي جو من ڏاڍو اُداس ٿو رهي. پاڻ کي اڪيلو ٿي feel ڪيان”
“عيني مون کي ته لڳي ٿو ضرور ڪا ڳالهه آهي تون جلدي سان پاڪستان هلي اچ”
“نه امي فلحال نه ....... جڏهن دل چيو ته پاڪستان به ايندم”
“پر عيني مان تنهنجي اهڙي حالت ته ڪڏهن به ڪونه ڏٺي آهي، تون ته سدائين ٽپ ٽاپ ۽ خوش باش رهڻ وارن مان آهين.
“ڀلا امي انسان آهيان ...... ڪڏهن موڊ بدلجي به سگهي ٿو. توهان فڪر نه ڪريو مون کي ڪجهه به نه ٿيو آهي مان ٺيڪ آهيان”
“Ok هاڻ فون بند ٿي ڪيان”
“Ok ........”
ڪافي ڏينهن کان گهر ۾ ئي هيس ٻاهر ڪونه نڪتي هيس اهو مان پاڻ به پروڙي ڪين سگهين ته اڪيلي ڪمري ۾ اوندهه ۾ چپ چاپ رهڻ ۾ مون کي ڪهڙو مزو ٿو اچي. اڄ سوچيم ته ٻاهر وڃي ڪجهه ڪتاب خريد ڪري اچان. پنهنجو پاڻ تي نظر وڌم ڪالهه واري جينز ۽ گهنجيل شرٽ پاتل هئي، مٿان وري جيڪيٽ ۽ مفلر پائي ڪلهي ۾ پرس وجهي فليٽ کان هيٺ لهي آيس.
ٻاهر هلڪي هلڪي بارش ٿي رهي هئي بوندن ۾ ڇم ڇم جي پايل وارو شور هو، شهر جو شور اڪثر ڪري بارش جي شور ۾ گهٽجي ويندو آهي. روڊ تي منهنجي سامهون هڪڙو جوڙو هڪٻئي جي چيلهه ۾ هٿ وجهي بارش مان لطف انداوز ٿي وڃي رهيا هئا، پر مونکي بارش جي هي مند به ساڙي رهي هئي، جڏهن اندر جي موسم ئي سرءُ جهڙو هجي تڏهن بارش به سج جهڙو تاءُ ئي ڏيندي آهي. مون پنهنجي اڳيان ويندڙ جوڙي کي ڏٺو.... مون کي سنڌ جا پيار ڪندڙ جوڙا ياد اچي ويا. اسان وٽ سنڌ ۾ پيار ڪرڻ وارن لاءِ ڪيڏو نه بيوسيءَ وارو ماحول هوندو آهي، اِهو ته ورلي ئي ٿيندو آهي ته ٻن محبت ڪرڻ وارن کي مائٽ ملائن سندن شاديءَ تي مائٽن کي هميشه ئي اعتراض رهندو آهي، شهرن ۾ وري به ڪجهه والدين هاڻي مجبوري سمجهي لوڪ ميار کان شادي ڪرائي ڇڏين ٿا باقي ٻهراڙي يا ننڍن شهرن ۾ ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي ته مائٽ پسند جي شاديءَ تي راضي ٿين. نتيجي ۾ جوڙا فرار حاصل ڪري ڪورٽ ميريج ڪري ڇڏيندا آهن، پيار جا پرڻا ڪندڙ جوڙا گهڻو ڪري برادري جي قتل جي خوف کان دربدريءءَ واري زندگي گذاريندا آهن ۽ جيڪڏهن بدنصيب جوڙو برادريءَ جي هٿ لڳي وڃي ته پوءِ جرڳو ويهاري ڪارو ڪاري قرار ڏيندا کين قتل ڪري ڇڏيندا يا وري مٿن ڪا ڇٽي رکي ويندي آهي جيڪا سڱ يا نقد رقم جي شڪل ۾ هوندي آهي، هونئن ته سماج ۾ وڏي پيار ۽ محبت جي پرچار ڪئي ويندي آهي پر پيار جا پرڻا وري پوءِ پلاندن تائين پهچيو وڃن......
مان وري ڳيان ويندڙ جوڙي کي ڏٺو سوچيو جيڪڏهن سنڌ ۾ هنن وانگي ڪو جوڙو ائين آزاديءَ سان ٻانهون چيلهن ۾ وجهي گهمي ها ته جيڪر ان وقت ئي مٿن فتويٰ جاري ٿئي ها ته هي واجب القتل آهن.
اسان جي سماج ۾ زندگي اڄ به ڪيڏي نه سوڙهه ۾ سمٽي پئي آهي چوطرف سوچ جو گدلو پاڻي خوشين کي ٻوڙي ٿو وجهي.
ڪينيڊا ۾ under ground شاپنگ مالز گهڻا آهن، جتي ضروريات زندگيءَ جي هر شي ملي وڃي ٿي هتي پئسن جي ڪثرت آهي ماڻهو آرائش ۽ آسائش واري زندگي گهارين ٿا.
مان هڪ شاپنگ مال جي بوڪ شاپ ۾ داخل ٿي ويس، هتي ڪيترين ئي زبانن ۾ ڪتاب موجود آهن، جن ۾ گهڻائي انگريزي زبان جي ڪتابن جي آهي. مان لٽريچر واري سائيڊ ڏانهن رکيل ڪتابن کي ڏسڻ لڳيس، ڪوشس پئي ڪيم ته ڪو سنڌي ڪتاب ملي وڃي ڪوشس نيٺ رنگ لاتو، سامهون شاهه جو رسالو نظر آيم کڻي اچي ڪائونٽر تي قيمت چڪايم، سوچيم ترجمي وارو قرآن شريف به خريد ڪرڻ گهرجي وري واپس ڪتابن ڏانهن وريم.
(منهنجو اندر ٻاٽ جيان ٿي ويو هو جنهن تي شايد مذهب جو سوجهرو ڪوريج ڪري) اِهو سوچي قرآن شريف ترجمي وارو به ورتم، ڇو ته جڏهن سُرت کسجي وڃي تڏهن ذهن پورا ٿي پوندا آهن منهنجي ذهن جي هن وقت اِها ئي حالت هئي ۽ پوءِ شايد الله پاڪ جي ياد ۽ قرب ئي سڪون ڏئي ٿو.
بوڪ شاپ مان نڪرندي سامهون Toy shop تي نظر پيم، جتي مٽ مائٽ يا والدين پنهنجي ٻارن کي قيمتي رانديڪا خريد ڪري ڏيئي رهيا هئا. مونکي پنهنجو ننڍپڻ ياد اچي ويو. جڏهن مون بابا سان مهانگي جيوميٽري وٺڻ جو انگل ڪيو هو ۽ بابا ان جيوميٽري جي 400 روپيه قيمت ٻڌي چپ ٿي ويو هو، بابا پوءِ مونکي ان جي بجاءِ 150 روپين واري جيوميٽري وٺي ته ڏني هئي پر مون کان اُها 400 روپين واري گلابي جيوميٽري ڪڏهن به وسري نه سگهي جنهن تي Barbie Doll جي گلابي فراڪ ۽ سنهري وارن ۾ تصوير اُڪريل هئي.
ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن اقرا سان فون تي ڳالهائڻ ٿيو هو تڏهن هُن ٻڌايو هو ته پاڪستان ۾ تمام گهڻي مهانگائي ٿي ويئي آهي. ايتري تائين جو غريب ماڻهن وٽ ايترو پئسو ناهي جو هُو پنهنجي ٻچن کي پيٽ ڀري ماني ڳڀو کارائي سگهن ماڻهو مجبور ٿي پنهنجا ٻچا وڪڻن ٿا بازارن ۾ ٻارن جي قيمتن جا هوڪا لڳايا وڃن ٿا اها ڪيڏي نه مفلسي جي انتها آهي يا وري نوجوان غربت ۽ بيروزگاريءَ کان خودڪشيون ڪري رهيا آهن.... جڏهن ته سياستدان امير کان امير ٿي رهيا آهن.
سوچيم هڪڙا سنڌ جا ٻارڙا آهن جيڪي پيٽ ڀري ماني ڳڀو به نه ٿا کائي سگهن ۽ هڪڙا هي ڪينيڊي ٻار آهن جيڪي لکن جا رڳو رانديڪا خريد ڪري رهيا آهن.
جڏهن اقرا مون سان اِهي ڳالهيون ڪيون هيون تڏهن مون انهن تي نه ايترو غور ڪيو نه اهميت ڏني هئي تڏهن مان مصطفيٰ جي محبت ۾ ڪاڪ محل جا سير جو ڪري رهي هيس، ۽ هاڻ جڏهن اکين تان عشق جو اُهو اثر لٿو آ، درد جي لوڏ ۾ لڏي آهيان تڏهن سنڌ ۽ سنڌين جا درد محسوس ٿيا اٿم.
اُف ! انسان ڪيڏو نه مطلب پرست ۽ خود پرست آهي، خوشين ۾ صرف پنهنجو پاڻ سان محبت ڪري ٿو ۽ جڏهن غم جي دونهاٽيل شام ۾ وڪوڙجي وڃي ٿو تڏهن کيس ٻين جي غمن جو صحرا نظر اچي ٿو. شايد تڏهن ئي محل ۾ رهندڙن کي جهوپڙي نظر نه ايندي آهي ۽ انڌيري ۾ ئي ديپ ٻارڻ جي ضرورت پوندي آهي.
فليٽ تي پهچي دروازو کوليم ته سامهون صوفي تي مصطفيٰ ويٺو هو. منهنجي هٿن ۾ شوپنگ بيگ ڏسي چيائين ته ....
“شاپنگ ڪرڻ ويئي هئيئن؟”
“ها”
“مان به ته ڏسان سائين، ڪهڙي شاپنگ ڪئي اٿئي”
مون کيس جواب بجاءِ ڪتاب هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيا
ڪتاب ڏسي چيائين
“شاهه جو رسالو ... ؟ مطلب ته اڄ ڪلهه شاعريءَ جو شوق ٿيو اٿئي، ڇو ڀلا ! ڪنهن سان ڪو پيار، محبت ٿي ويو اٿئي ڇا”
“هڪ غلطي ٻه ڀيرا نه ٿي ڪري سگهان”
“ڇا مطلب”
“ڪجهه نه ”
“عيني تون مونسان ايترو طنزيه، رُوڊ (Rude) ٿي ڇو ٿي ڳالهائين”
“اهو ڪو طنز نه آهي حقيقت آهي ۽ حقيقت هميشه بُري لڳندي آهي سچ وانگي ڪوڙي لڳندي آهي.”
“مان به ڪو خام خيالي ۾ رهندڙ ماڻهو نه آهيان پر ايترو سمجهي سگهان ٿو ته حقيقت ۽ طنز ڇا ٿيندو آهي”
“جيڪڏهن تون خام خيالي ۾ رهندڙ نه هجين ها ته هيل تائين اکيون کولي چڪو هجين ها”
مصطفيٰ منهنجي سامهون بيهي منهنجي کاڏيءَ ۾ هٿ وجهي چهرو مٿي ڪري چيائين
“اِهو ئي مان توکي چوڻ ٿو چاهيان ته اکيون کول، ائين نه ٿئي جو تون پنهنجوگهر برباد ڪري ويهي رهين”
“ته تون ڇا ٿو سمجهين هي گهر آباد آهي”
“آهي ته آباد، پر تون پنهنجي ڪروڌ ۽ هٺ سان ضرور هن کي برباد ڪندينءَ”
“ها ! تون صحيح ٿو چوين ....... هي گهر منهنجي ڪري برباد ٿيندو” مون سندس اکين ۾ بي يقينيءَ مان ڏسندي چيو. مصطفيٰ بنان ڪجهه جواب ڏيڻ جي فليٽ کان ٻاهر نڪري هليو ويو.
اسين ٻئي بظاهر همسفر هوندي به زندگي جو سفر ڌارڌار ڪري رهيا هئاسين، هن جو سفر خيالن ۾ ۽ منهنجو خاڪن ۾ گذري رهيو هو. مون کي سفر ۾ هيڪلو هوندي به ڊپ نه هو ۽ هُو هُجوم ۾ هوندي به هيسيل هو.
اسان ٻنهي جي سوچن ۽ طبيعت جا رُخ مٽجي رهيا هئا. مصطفيٰ جي اصليت ڄاڻڻ بعد مان هن جا سپنا ڏسڻ جهڙي بنهه نه رهي هيس.
رات جو دير سان مصطفيٰ گهر آيو ماني پڇي مانس ته چيائين
“ماني کائي آيو آهيان، هونئن به ڀلا هاڻ تون ڪهڙو منهنجو انتظار ڪندي آهين. شايد اُهي ڏينهن گذري ويا جڏهن پاڻ گڏجي ويهي ماني کائيندا هئاسين. عيني اڄ به منهنجي دل توکي پهرين جيان ئي چاهي ٿي پر خبر ناهي تون ڪهڙي غلط فهمي مون جي طرفان دل ۾ ويهاري ڇڏي آهي.
“مان سمجهان ٿي ۽ يقين اٿم ته توکي مونسان پيار آهي، پر پيار تنهنجي فطرت ۾ شامل آهي تون صرف مون سان نه پر ٻين سان به پيار ڪرين اِها تنهنجي مجبوري آهي، جيئن، کائڻ، سمهڻ، جاڳڻ، ساهه کڻڻ تنهنجي مجبوري آهي تيئن پيار تنهنجي طبيعت ۽ رت ۾ شامل آهي”
“عيني ڪيئن به توسان پيار ڪيان ته اٿو نه؟”
“تون مون تي ڪوئي احسان ڪونه ٿو ڪرين مون کان علاوه به تون ڪيترين عورتن سان پيار ڪرين ٿو”
“ائين نه آهي”
“بلڪل ائين ئي آهي، ڪا هڪ نه پر ڪيتريون عورتون آهن جيڪي تنهنجي ڪلينڪ تي اچن ٿيون ۽ تون علاج جي بهاني پنهنجي فطرت کان مجبور ٿي کين ڦاسائي وجهين ٿو، جيئن مان ڦاسي پيس”.
“خبردار ! مون تي الزام هڻڻ جي ڪوشش نه ”
“الزام ...... ؟ مصطفيٰ مان سڀ ڪجهه پاڻ تنهنجي ڪلينڪ واري هوٽل جي سامهون ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي جانچي چُڪي آهيان
جيڪڏهن توکي اعتبار نه اچي ته پنهنجي P.A کان ضرور تصديق ڪري پُڇي سگهين ٿو ته مان تنهنجي ڪلينڪ تي جانچ لاءِ ايندي هيس يا نه. مان اِهو به ٻڌائي سگهان ٿي ته عام مريضن وقت تنهنجي روم جو دروازو کليل ۽ خاص مريضن مهل لاڪ ٿي ويندو هو”.
مصطفيٰ منهنجيون ڳالهيون ٻڌي پريشان ٿي ويو ۽ دهمان ڪندي چيائين
“اِهو سڀ ڪوڙ آهي بڪواس آهي”
“ڪوبه ڪوڙ ڪونهي ڪابه بڪواس ڪونهي، پئسي ۾ وڏي طاقت آهي، مان چند پئسن جي عيوض تنهنجي P.A کان پوري حقيقت معلوم ڪري چڪي آهيان”
“مان تنهنجا اِهي الزام مڃڻ لاءِ تيار ناهيان”
“مصطفيٰ توکي ڪهڙي خبر ته مان توسان ڪيتري نه محبت ڪئي هئي، پر تون منهنجو سڄو مانُ غرور مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو”
“عيني مان اڄ به تنهنجو آهيان صرف توسان ئي محبت ٿو ڪريان”
“پر مونکي توسان ڪا اُنسيت نه رهي آهي. تون بي اعتباري جي آڙاهه ۾ مون کي اُڇلائي ڇڏيو آهي، تون مون کي ايترو ڌوڪو ڏيندين مان شايد هاڻ سڄي حياتي ڪنهن تي اعتبار ڪري نه سگهان”
منهنجي اکين ۾ لڙڪ لهي پيا، مصطفيٰ مون کي گهڻو ئي پرچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر الائي ڇو مون کي هن جو هر عمل ڏيکاءُ لڳي رهيو هو. مان هن ڏانهن جڏهن به ڏسڻ چاهيو يا هن لاءِ سوچڻ چاهيو ته هميشه منهنجي اکين ۾ هن جا عورتن سان ويجهڙائي ۾ ويٺل ڪلينڪ وارا منظر ترڻ لڳا، ۽ مون کي نفرت محسوس ٿيڻ لڳي. مون کي هن سان ڪا رغبت نه رهي هئي.
آس ۽ اميدون به درياهه جي لهرن جيان هونديون آهن جيڪي وقت جي تيز وهڪ ۾ تڪڙيون لُڙهي وينديون آهن.
مان پنهنجو وقت ڪتابن پڙهڻ ۾ صرف ڪرڻ لڳي هيس.
شاهه سائين جو رسالو پڙهڻ شروع ڪيم سر ڪلياڻ پڙهيم لکيل هو ڪلياڻ معنيٰ سک يا شانتي، واقعي به جيئن جيئن سُر پڙهندي ويس، من ۾ سڪون اوتبو ويو ۽ دل بندگيءَ لاءِ مائل ٿيڻ لڳي اڳيان پڙهيم لکيل هو “هي ڪائنات هڪ محل آهي جنهن کي سهسين دريون آهن. شاهه سائين لکن ٿا ته ؛
ايڪ قَصرُ در لک، ڪوڙين ڪَڻِسِ کِڙڪيون
جيڏانهن ڪيا پرک، تيڏانهن صاحب سامهون
دريءَ دريءَ منجهان رب جو ديدار ٿو ٿئي جيڏانهن پرک ڪر تيڏانهن صاحب سامهون آهي
“ڌڻيءَ جا عاشق ساڻس هڪ ٿيا پيا آهن”
شاهه سائين ڪهڙا نه سهڻا مثال ڏنا آهن ٻوليءَ جي رمز ۽ پيچ کي ڪيئن نه ڳنڍيو اٿئي.
مان شاهه سائين جي شاعري کي اڳيان رکي سوچڻ لڳيس جي اگر رب پاڪ هر دري منجهان ٿو پسجي ته پوءِ مون کي نظر ڇو ڪين آيو مان ڪيڏي نه بورائپ ۾ زندگي گذاري مان انهن انسانن جي پويان لڳي پيس جن درد کان سواءِ ڪجهه ڪين ڏنو.
ڪڏهن دولت کي هن دنيا جي ڪاميابي سمجهي آفاق کي هٿ ڪرڻ جي ڪوشس ڪيم ته ڪڏهن مجازي عشق کي منزل سمجهي مصطفيٰ کي ماڻڻ جي ڪوشش ڪيم، جيڪي فاني، عارضي شيون هيون تن پٺيان ڊڪنڊي رهيس.
“اُف اسان انسان پاڻ کي ڪوڙي دنيا لاءِ ڪيڏو نه نيست و نابود ڪري ڇڏيون ٿا هٿ ته ڪجهه به ڪين ٿو اچي.