7
پر نه ................ عورت ڀلي پاڻ کي فنا به ڪري ڇڏي تڏهن به مرد جي معيار تي ڪڏهن به پوري لهي نه سگهندي ڪنهن به روپ ۾ ڪٿي نه ڪٿي هُن ۾ ڪا نه ڪا ڪمي ڪوتاهي ضرور رهجي ويندي ۽ پوءِ ان لاءِ کيس سزا طور ڀوڳڻو به ضرور پوي ٿو ...
خدا عورت کي ايتري عظمت بخشي آهي جو هُوء هڪ نئين وجود جي تخليقڪار ٿيڻ جو ذريعو آهي. ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو خوبصورت رُخ اپنائي ..... ؟؟
مرد ڪڏهن به عورت مان مطمعن نه رهندو مان جڏهن شلوار قميض پائڻ شروع ڪيو ته هڪ ڏينهن مصطفيٰ چيو .......
“اڄڪلهه وڏي وطن جي محبت جاڳي پئي اٿئي، سنڌي وڳا پائي ٿي گهمين؟”
“ڇو هنن ڪپڙن پائڻ ۾ ڪو حرج آهي ڇا؟”
“نه حرج ته نه آهي پر چوندا آهن جهڙو ديس تهڙو ويس”
“ڇو توکي هي ڪپڙا پسند نه آهن”
“جي چوان “نه” ته پوءِ ...............”
ڪوئي فرق نه ٿو پوي ....... مان تنهنجي پسند اپنائڻ جي پابند ناهيان، ۽ هونئن به هر انسان جي پنهنجي اهميت ۽ انفراديت آهي، مان پنهنجي مرضيءَ ۾ آزاد آهيان” مون چيو.
“هميشه مثبت رويه زندگيءَ ۾ خوبصورتيءَ جا رنگ شامل ڪندا آهن جڏهن ته منفي رويه فرد جي سوچ جي دلڪشي مٽائي ڇڏيندا آهن” مصطفيٰ مون مٿان طنز ڪندي چيو.
“توکي غلط فهمي آهي ته مون منجهه منفي سوچ ٿي پلجي ۽ جيستائين زندگيءَ جو سوال آهي ته تنهنجي اطلاع لاءِ عرض ڪيان ته منهنجي زندگي ۽ سوچ پهرين کان وڌيڪ دلڪش ٿي وئي آهي”
“اڇا .......! اِها دلڪشي آ؟ تون هر وقت اڇن ڪپڙن ۾ مُلياڻين وانگي رَئو ويڙهي ٿي هلين، مون کي دلڪشي نه پر ماتم ۽ اُداسي نظر ٿي اچي”
“توکي ڇا ٻڌايان ته مان ايتري خوش ۽ مطمعين پهرين ته ڪڏهن به نه هيس جيتري هينئر رهڻ لڳي آهيان”
منهنجو اطمينان سان جواب ڏيڻ تي مصطفيٰ بي يقيني جي حالت ۾ مون کي ڏسڻ لڳو.
وري چيائين ....... !
“تون شايد اِهو ٿي سمجهين ته مان توسان محبت نه ٿو ڪريان”
“ها ! پهرين ائين ئي سمجهي هيس پر هاڻ ائين ڪونه ٿي سمجهان”
“مطلب ...... ؟”
“ڪڏهن غور سان برف کي رجهندي ڏٺو اٿئي! ڪيئن نه آهستي آهستي هن جي موجودگي ختم ٿي ويندي آهي، محبت به ائين ئي هوندي آهي ناپائيدار هڪ ڏينهن گهٽجي گهٽجي ختم ٿي ويندي آهي”
“پر زندگيءَ ۾ محبت اهم ترين آهي ان کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي”
“ها ! مون به هميشه اِهو ئي سمجهو هو ته زندگيءَ ۾ محبت ۽ پئسي جي وڏي اهميت آهي پر حقيقت ۾ سڪون ۽ دل جو اطمينان انهن ٻنهي کان وڌيڪ ضروري آهي، جيڪڏهن زندگيءَ ۾ ذهني دٻاءُ ۽ پريشاني آهي ته پوءَ محبت ۽ پئسو ڪنهن ڦوڪڻي مان نڪتل هوا جيان سوچ مان نڪري وڃي ٿو”
“سڄي دنيا محبت کي مڃيو آهي، تاج محل ان محبت جو ثبوت آهي”
“مصطفيٰ دليل ڏيندي چيو
مان مصطفيٰ کي مسڪرائي موٽ ۾ چيو
“محبت رڳو مطلب پرستي ۽ خود غرضي آهي” تون جنهن تاج محل کي محبت جي وڏي ۾ وڏي علامت سمجهين ٿو نه ....... اِهو تاج محل هندوستان جي مغل سلطنت جي پنجين بادشاهه شاهجهان پنهنجي ٽئين زال ممتاز محل جي محبت ۾ سندس مرڻ بعد جدائيءَ ۾ پنهنجي محبت جي ثبوت طور جوڙايو هو نه ... ها ..... ان کي محبت جي انتها چئي سگهجي ٿو پر شاهجهان جي بي مثال لازوال سمجهندڙ محبت هميشه ممتاز محل سان قائم نه رهي جڏهن هُوء انتقال ڪري ويئي ۽ هن جي موجودگي ختم ٿي ويئي ته آهسته آهسته شاهجهان جي دل مان به ان جي محبت ختم ٿي ويئي ڇو ته شاهجهان کي بدلي ۾ محبت ڏيڻ واري ممتاز محل موجود ڪونه رهي هئي ان ساڳئي شاهجهان پنهنجي محبت ڪندڙ پيار زال جي وفات بعد وري 3 شاديون ڪري محبت کي ورهائي ڇڏيو... ان محبت جي پائيدار تي ڪيترو يقين رکجي ؟؟ ٻڌاءِ ؟؟
“پر محبت جو چاهه ايترو اهم آهي جو، محبت ۾ ڪنهن کي به ڪجهه نظر نه ٿو اچي، ان ڪري ئي محبت کي انڌو چيو ويو آهي” مصطفيٰ چيو
“مصطفيٰ ! توکي شايد خبر آهي .... محبت صرف محبت سان ئي ملندي آهي محبت واقعي انڌي هوندي آهي هن کي نظر نه ايندو آهي ته ڪنهن کي برباد ڪيائين ڪنهن کي آباد ڪري ويئي، محبت ساڳئي وقت قوت به آهي ته ڪمزوري به آهي”
“پر اِهو به ته درست آهي نه ته ... محبت ڪنهن جي چاهه ۾ پاڳل ڪري سگهي ٿي”
ها ! مصطفيٰ .... پر وري ڪنهن کان اوتري نفرت ڪرڻ به ڄاڻي ٿي، هي محبت ڏي وٺ جو واپار آهي جي محبت ڪنهن لاءِ بي وس بڻائي سگهي ٿي ته ڪنهن کان لاتعلق به بڻائي سگهي ٿي” ڇو ته هي صرف ٻن فردن جي راند آهي، جنهن ۾ ڪنهن جي جيت ته ڪنهن جي هار به ٿي سگهي ٿي”
“مان نه ٿو مڃان؟ محبت ۾ ڪهڙي جيت ڪهڙ هار؟ هڪ ماءُ جڏهن پنهنجي ٻار سان محبت ڪري ٿي تڏهن هُن جي دل ۾ ڪنهن به جيت يا هار جو تصور ڪونهي ڪو” مصطفيٰ باقاعد بحث جي موڊ ۾ هو هُو اِهو ثابت پيو ڪرڻ چاهي ته هُو ۽ مان هڪٻئي سان شديد محبت ڪيون ٿا، هن ٽاءِ کي ڍلو ڪيو ڪنڌ مان ڪڍي لاهي صوفي تي رکيو، شرٽ جا بٽڻ کوليا پاڻ کي Relaxڪرڻ لاءِ بوٽ لاهي رينڪ تي رکي جرابن سُوڌو بيڊ تي ليٽندي مون کي ماءُ ۽ ٻار جي محبت جو مثال ڏنائين.
“ماءِ ڊيئر مصطفيٰ .... ماءُ ٻار سان محبت نه پر پيار ڪندي آهي”
“۽ ماءِ ڊيئر عيني پيار ۽ محبت ڪي ٻه الڳ الڳ شيون نه آهن هڪ ئي ڳالهه آهي”
نه هڪ ڳالهه نه آهي .... ٻئي هڪٻئي کان بنهه الڳ ۽ مختلف آهن”
“پر تون ڪجهه به چئو ٻنهي جو اثر ته ساڳيو ئي آهي”
“نه ٻنهي جو اثر ۽ درجو به ڌار ڌار آهي”
“محبت ٻه طرفه ٿيندي آهي جڏهن ته پيار هڪ طرفه ٿيندو آهي. ماءُ ٻار سان پيار ڪندي آهي پر ضروري نه آهي ته ٻار به ماءُ سان پيار ڪري پر محبت بدلي ۾ محبت ئي گهرندي آهي، ڇو ته ان ۾ توقعات وابسته هونديون آهن، جڏهن ته پيار بي لوث هوندو آهي جنهن ۾ توقعات ڪونه ٿين، جيئن انسانن جو جانورن سان پيار، پکي پکڻ ڪتابن يا قدرتي نظارن سان پيار، پوپٽ گلن سان پيار ...... ڇو ته پيار هڪ جذبو آهي جيڪو انسان جي فطرت ۾ شامل رهي ٿو سندس طبيعت ۾ شامل رهي ٿو، جيئن نسن ۾ رت رهي ٿو، جيئن کائڻ پيئڻ، هلڻ گهمڻ سمهڻ، ڳالهائڻ انسان جي ضرورت آهي، تيئن پيار به ضرورت آهي، جيڪو انسان سان گڏ رهي ٿو، هر رشتي ۾ پيار موجود آهي ڀيڻ ڀاءُ ماءُ پيءُ دوست ڇو ته پيار ۾ ڪا موٽ يا تقاضا جي گهر ڪين ٿيندي آهي”
مون هڪ ڊگهر ليڪچر ڏيئي ڇڏيو.
مصطفيٰ ناسمجه پر هٺيلي ٻار جهڙي شڪل ٺاهي مون ڏانهن ڏٺائين ڄڻ ڪي منهنجي ڳالهائڻ نٽهڻ ۾ لڳندڙ جهولي جهڙو لڳو هجي.
وري چيائين ....
“مان ٿڪيل آهيان هاڻ ننڊ ٿي اچي تنهنجو باقي فلسفو پوءِ وري ڪڏهن ٻڌندس (ڄڻ اڻ سڌي طرح چوڻ چاهيائين ته چڱو هاڻ پنهنجي بڪواس بند ڪر مون کي ننڊ ڪرڻ ڏي)
مون کي اِها ڳالهه اڄ تائين سمجهه ۾ نه اچي سگهي آهي ته مڙسن کي ڪهڙي قسم جون زالون پسند هونديون آهن ..........
نادان .......... يا .......... عقلمند ؟؟
جيڪڏهن زال سادي ۽ گهٽ داناءَ هوندي ته چوندا “مورک ۽ وائڙي آهي”
اگر جي عقلمند هوندي ته چوندا پاڻ کي وڏو عقلمند ٿي سمجهي، ڄڻ سقراط جي ڌي هجي بنيادي طور تي مڙس گهٽ عقل واري مُورک، هيڻي ڪمزور عورت دلي طور تي چاهيندو ته جيئن گهٽ عقلمند عورت مڙس تي حاوي نه ٿي سگهي.
مڙس هجڻ به مرد جو هڪڙو عجيب روپ آهي. ساڳئي مرد جو هڪ روپ پيءُ ۽ ڀاءُ وارو به آهي ڌي يا ڀيڻ عقلمنديءَ جي ڳالهه ڪندي ته پيءُ يا ڀاءُ خوش ٿيندا ته اسان جي نياڻي هيڏي اڪابر آهي پر مُڙس زال جي اڪابري ڪڏهن به هضم نه ڪري سگهندو.
ساڳيو ئي تضاد وارو روپ عورت جو پڻ آهي جيڪڏهن پيءُ يا ڀاءُ ڇوڪريءَ کي چوندا ٻاهر نه وڃجاءِ ماحول خراب آهي ته هُوء يقين ڪندي ته منهنجي پيءُ ۽ ڀاءُ صحيح ٿا چون پر جڏهن مڙس ٻاهر نڪرڻ لاءِ منع ڪندو ته وڏي واويلا ڪندي ته “هاءِ گهوڙا منهنجي آزادي ختم ڪري مون تي پهرا ٿو لڳائي”
رشتن ۾ اعتماد جو ڪيڏو فرق ٿو اچي وڃي مڙس هميشه زالن سان قرب ۽ پيار به گهڻو ڏيکاريندا آهن ۽ وري ساڳئي وقت من ۾ دردن جا گهرا ديرا ڄمائي ڇڏيندا آهن.
مان سڀ ڳالهيون سوچي به رهي هيس ۽ سامهون منهنجي ڀر ۾ ستل مصطفيٰ کي نهاري به رهي هيس هُو دنيا جهان کان بي خبر، بي اونو ٿي ننڊ جي واديءَ ۾ ستل هو.
شروعاتي ڏينهن ۾ مصطفيٰ جڏهن منجهند جو ڪلينڪ تي هوندو هو ته مان اڪثر سندس جاچ لهڻ لاءِ ڪلينڪ جي سامهون واري هوٽل ۾ شيشي واري دري مان اکيون ڪلينڪ تي کُپائي ويهي رهندي هيس.
پر ... هاڻ نه .............
مون کي زندگي جيڪا پهريان ڏاڍي ڏکي ۽ زهر کان وڌ ڪساري لڳي هئي ... هاڻ اُها زندگي ماکيءَ جي لار جيان مٺي لڳي رهي هئي جتي ڪوڙاڻ جو مان ڪو هڪ ڍڪ به محسوس ڪري ڪونه پئي سگهان. منهنجي زندگيءَ ۾ هڪ وڏو بدلاءُ اچي ويو هو. مصطفيٰ جي زندگي ۽ سندس دلچسپين يا سرگرمين سان مون کي ڪو سروڪار نه رهيو هو.
جيڪو منجهند جو ٽائيم مان هُن جي ڪلينڪ کي تاڙيندي گذاريندي هيم، هاڻ اُهو وقت مان ڪنهن پارڪ ۾ گذارڻ لڳس، فيشن ميگزينز جي بدران منهنجي هٿن ۾ مذهبي ڪتاب رهڻ لڳا شاپنگ ڪرڻ فيشن مالز ۽ ميڪ اپ جا شاپس گهمڻ بجاءِ مان ڪتابن جي ميلن يا ڪتابن جي دوڪانن تي نظر اچڻ لڳيس.
مان تقريبن روزانو ڪجهه ڪلاڪ ڪنهن سرسبز پارڪ ۾ گذاريندي هيس، جتي جي ٿڌڙي هير پاڻ ڏانهن ڇڪي من ۾ هڪ اتساهه اٿلائي ڇڏيندي هئا، آسپاس ڦُٽيل ننڍڙا تازه نرم اڇي کير جهڙا رابيل جا گل پنهنجي سڳنڌ سان مون کي ڪنهن معطر دنيا ۾ وٺي ويندا هئا، ان وقت منهنجي اکين ۾ الماس جهڙي جوت ۽ چپن تي مرڪ هوندي هئي. منهنجي دل جا سڀ ويران ميسارجي ويندا هئا چوطرف جهومندڙ مست وڻ، ٽڙندڙ گل نه رڳو مون کي پر باغيچي ۾ ايندڙ هر فرد کي هلڪو ڦلڪو ۽ تازو توانو ڪري ڇڏيندا هئا. مان باغيچي جي سونهن ڏسي رب پاڪ جي تخليق تي حيران ٿيندي هيس اچرج ٿيندو هو ان مصور تي جنهن حسن جا هيترا حسين رنگ ڌرتي تي وڇائي ڇڏيا آهن.
پارڪ ۾ ويهڻ سان سوچ گهڻي بدلجي وڃي ٿي، باغيچن ۾ مان پهرين به ايندي هيس، پر تڏهن ڏسڻ جو انداز ۽ محسوس ڪرڻ جو زاويو مختلف هوندو هو. هزارين پوپٽ اڳي به گلڙن تي ديوانه هوندا هئا پر ائين کين رقصان نه ڏٺو هيم ائين خوشيون کنڊيري گلن کي مستيءَ ۾ ڇُهندا محسوس نه ٿيندا هئا ٿڌيون هوائون وڻن جي پنن سان دل لڳي ڪري ڪيئي راڳ ڇيڙي ٿيون وڃن پارڪ ۾ اچڻ سان وڏو دلي سڪون محسوس ٿئي ٿو.
آسپاس سنگِ مر مر جي بينچن تي ڪيترائي جوڙا پيار محبت ونڊڻ ۾ محو آهن جوڙن کي ڏسي مون مسڪرائي سوچيو اهو سڀ ڪيڏو نه عارضي آهي، چاهت محبت جهڙو پاڪ رشتو به عارضي؟
يادن جا ڪيئي خاڪا مون کي پنهنجي ۽ مصطفيٰ جي محبت جا ياد اچڻ لڳا .....
پر هي محبت ڪيڏو نه جلدي ناچڻي جي ڪنهن ٽٽل گهنگهروءَ جيان رقص ڪندي ڇڙوڇڙ ٿي وڃي ٿي.
مان پاڪستان وڃڻ چاهيو. منهنجي دل ۾ يڪدم اُڪير جاڳي ته مان شاهه لطيف جي درگاهه جي حاضري ڀريان مون کي لڳي پيو ڄڻ لطيف سرڪار مون کي پاڻ ڏانهن سڏي ٿو سندس سڏڙا مان واضح ٻڌي رهي هيا ٻئي ڏينهن اميءَ سان Skype تي ڳالهايم
“امي مان پاڪستان ٿي اچان”
“سچي .... ؟ (امي کي يقين نه آيو) ڪجهه ڏينهن پهريان توکي چيم اچ ته تون جواب ڏنو ته نه ايندم، وري هي اوچتو ڪيئن پاڪستان جي آرزو جاڳي پئي اٿئي؟”
“امي مان شاهه لطيف جي درگاهه تي وڃڻ ٿي چاهيان، ان لاءِ پاڪستان ٿي اچان”
“ڇا ..... ؟ تون رڳو شاهه سائين جي درگاهه لاءِ پاڪستان اچڻ ٿي چاهين”
“نه .... موهن جو دڙو به ڏسندس”
“عيني تو کي ڇا ٿي ويو آهي؟ تون ٺيڪ ته آهين نه ..... ؟ جن جاين سان توکي ڪا دلچسپي ڪڏهن نه رهي آهي، هاڻ تون اُهي جايون ڏسڻ لاءِ پاڪستان سنڀرين آهين !؟”
“امي توهان ايترا حيران ڇو ٿا ٿيو”
“حيران ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون جو ڪرين ٿي..... ”
تون ڪڏهن اهڙين درگاهن يا تاريخي جاين تي وڃڻ جو شوق نه ڏيکاريو هو. ڇا اِهي مصطفيٰ جا شوق آهن هُو ڏسڻ چاهيندو هوندو نه .....؟
“نه امي مان ڏسڻ ٿي چاهيان”
“هلو خير سٺي ڳالهه آهي.... هلي اچ بُڪنگ ڪرائي اٿئي ڪڏهن جي فلائيٽ آهي”
“امي اڃا بڪنگ نه ڪرائي آهي جيئن ئي Confirmation ٿئي ٿي ته مان توهان کي ٻڌائي ڇڏيندس”
“ٺيڪ آهي”
واقعي اميءَ جو حيران ٿيڻ سؤ سيڪڙو سهي هو. پاڪستان ۾ ماما وارا ڪيترا ئي ڀيرا شاهه سائين جي درگاهه تي وڃي چڪا هئا پر مان ڪڏهن ساڻن وڃڻ ۾ راضپو نه ڏيکاريو هو بلڪه مون کي وڃڻ جو شوق نه هوندو هو ته مان احسن کي به اصرار ڪري روڪي پاڻ سان ويهاري ڇڏيندي هيس، ۽ جڏهن عين ٽائيم تي احسن ماما کي هلڻ کان جواب ڏيندو هو ته مامي احسن تي ڏاڍو ڪاوڙبي هئي بلڪه مون کي به چوندي هئي ته پڪ سان تون ئي احسن کي جهليو هوندو ۽ پوءِ مان معصوم صورت ٺاهي انڪار ڪندي هيس ته مون احسن کي ڪجهه نه چيو آهي.
احسن صاف دل جو انسان هو. مون کي چڱي طرح ڄاڻ هئي ته هو مونسان بي انتها سچي محبت ڪندو هو، جڏهن منهنجو آفاق سان رشتو طئي ٿيو هو تڏهن هن منهنجي سوز ۽ فراق ۾ پاڻ کي ٻن ڏينهن تائين ڪمري ۾ محدود ڪري ڇڏيو هو. سندس ڪمري مان سڄو ڏينهن بار بار هڪ ئي گانو وڄندو رهندو هو....
ڪسي نظر ڪو تيرا انتظار آج بهي هي
ڪهان هو تم ڪه يه دل بيقرار آج بهي هي
۽ مون کي اِهو گانو ٻڌي ۽ سندس حالت ڏسي مذاق لڳندو هو. احسن انهن ڏينهن ۾ ڪيڏو نه ڏکارو ٿي ويو هو. هُن ڪڏهن به مون سان اظهار محبت نه ڪيو، هُو ڄاڻي پيو ته مان ڪنهن دولت مند ماڻهو سان شادي ڪرڻ ٿي چاهيو پر مون کي ڪهڙي خبر هئي ته احسن جي سچي دل کي رنجائي مان ڪڏهن به خوش رهي نه سگهنديس مان ڪڏهن به اِهو نه ڄاتو هو ته انسان ڪنهن ويل به هڪ حال ۾ نه رهندو آهي، مون کي هاڻ احساس ٿيو آهي ته ڪڏهن انسان ٻيڻو آهي ته ڪڏهن هيڻو .....