93. حق به رکي، ناحق به رکي.
بنياد:
ھڪڙي ڪنڀر ڪنھن سنگتيءَ سان زماني سازيءَ جي ڳالهه ڪندي چيو ته؛ ”ڪريئي تا ڏريئي نا ڪريئي تا نا ڏريئي.“ يعني ڪو ابتو ڪم ڪجي ته ڊڄجي پر جي ڪجي ئي نه ته پوءِ ڊڄجي ڇو؟
سندس سنگتيءَ چيس ته؛ ”ڪريئي تا ڏريئي نا ڪريئي تا ڀي ڏريئي.“ يعني ڪجي ته به ڊڄجي ۽ جي نه ڪجي ته به ڊڄجي.
ڪنڀر اها ڳالهه مڃي ئي نه.
هڪڙي ڏينھن سندس سنگتيءَ پڇيس ته؛ ”جيئن ٻيا ٿانءَ ٿپا ٿو ٺاهين، تيئن جيڪر ٺڪر جا رپيا ٺاهي سگهين؟“
ڪنڀر چيو ته؛ ”هائو. توکي کپن ڇا؟“
چي؛ ”هڪڙا سؤ روپيا جوڙي ڏينم.“
ڪنڀر چيس ته؛ ”چڱو، ٽن چئن ڏينھن کانپوءِ اچج ته ڏيندو سانءِ.“
ڪنڀر جو سنگتي ٻئي ڏينھن ٻه ماڻھو پاڻ سان وٺي ڪنڀر جي در تي ويو ۽ ٻاهران هڪل ڪري پڇيائينس ته؛ ”سؤ روپيا اڄ ڏيندين؟“
ڪنڀر اندران جواب ڏنو ته؛ ”مون ٽن چئن ڏينھن جو مدو وڌو هو، تون اڄ ڪيئن ٿو گهرين. سڀاڻي اچي پنھنجا سؤ رپيا وٺج.“
هن ماڻھوءَ پنھنجن سنگتين کي چيو ته؛ ”توهين هن ڳالهه جا شاهد رهجو.“
ٻن ڏينھن کان پوءِ هو ماڻھو، اهي ساڳيا شاهد وٺي، ڪنڀر جي گهر ويو ۽ رپيا گهريائينس. ڪنڀر ٺڪر جا سؤ رپيا آڻي اڳيان ڍيري ڪيس. سنگتيءَ چيس ته؛ ”هي ڏين ڇا ٿو؟“
چي؛ ”تنھنجا رپيا.“
شاهدن چيو ته؛ ”هن کان سؤ روپين اُڌارا وٺي ان جي بدران ٺڪر جا رپيا ٿو موٽائين. توکي سرڪار جو به ڊپ نه ٿو ٿئي.“
ڪنڀر ويچارو وائڙو ٿي ويو. شاهدن کي چيائين ته؛ ”منھنجو انجام ٺڪر جي رپين جو هو ۽ نه چانديءَ جي رپين جو.“
جڏهن دڙڪو ڏنائونس ته؛ ”سؤ رپيا ڪلدار، جي نه ڏيندين ته تو تي مقدمو ٿيندو.“
تڏهن ڪنڀر جي واتان نڪتو ته؛ ”حق به رکي ناحق به رکي.“
سندس سنگتيءَ اهي لفظ ٻڌي پڇيس ته؛ ”هاڻ ڪيئن ٿو ڀانئين؟ مون سچ ٿي چيو نه ته؛ ڪريئي تا ڀي ڏريئي نا ڪريئي تا ڀي ڏريئي.“
ڪنڀر چيو ته؛ ”ادا، بيشڪ! سچو آهين.“
مراد ته سرڪار جو توڙي ڌڻيءَ جو، ڊپ ڪرڻ چڱو آهي.
ڀيٽيو:
جيترو ڀؤ، تيترو ڍؤُ.