پنھنجي پاران
قرآن پاڪ ۾ سنڌي قوم جو ذڪر ٿيل آهي. ڪيترن ئي سائنسي ۽ تاريخي حوالن ۽ ذاتي تجربن ۽ مشاھدن جي بنياد تي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم تہ سنڌ ئي ارتقاءَ جي ماءُ ۽ جاندارن جي جنم ڀومي آهي. مان ڪو دانشور يا سائنسدان نہ آهيان ۽ نہ ئي منھنجا پيش ڪيل مشاھدا ۽ تجربا حتمي آهن مون صرف سائنسدانن ۽ دانشورن ۽ محققن لاءِ دڳن جي نشاندهي ڪئي آهي 15 سال مختلف ماڳن، مڪانن، جبلن، جهنگن، بيابانن، ريگستانن، ڪوهستانن، برفاني ريگستانن ۽ گليشيئرن، سمنڊن تي پھچي انتھائي ڏکيا ۽ پرخطر سفر ڪري بنا ڪنھنجي مالي مدد جي پنھنجي خواهشن کي قربان ڪري بنا سائنسي اوزارن ۽ ماپن جي پنھنجي ذهن ۽ عقل جي مشاھدي سان هي مضمون تيار ڪيو اٿم. جڏهن بہ مان تحقيقي سفرن لاءِ نڪري ويندو هئس تڏهن سوشل ميڊيا ۽ خطن ذريعي عالمن، تاريخدانن، محقققن، اديبن، آفيسرشاهي، قبائلي سردارن وغيرہ سان ڳالھيون شيئر ڪندو هئس تڏهن ڪنھن بہ ڪو جواب نہ ڏنو نہ منھنجي همت افزائي ڪيائون نہ ڪا مدد ڪيائون ابتو مون تي ٽوڪون ۽ ٺٺوليون ڪندا رهيا آهن. ڪيترن تہ چريو قرار ڏنو. ڪيترن آءِ ايس آءِ، سي آءِ اي، را، موساد وغيرہ جو ايجنٽ سنڌ دشمن وغيرہ جي خطابن سان نوازيو سڀني مون کي نظرانداز ڪري ڇڏيو ۽ اڄ مان انھن سڀني جو ٿورائتو آهيان جن مون کي نظرانداز ڪيو، چريو، بيوقوف، ۽ سنڌ دشمن قرار ڏنو ڇو تہ جيڪڏهن اِهي مون سان نفرت وارو ورتاءُ نہ ڪن ها تہ اڄ مان هي ڪم مڪمل نہ ڪري سگهان ها ڇو تہ انھن جي نفرت اڃان مون کي وڌيڪ ڪم لاءِ اُڪسائيندي رهي.
مان پنھنجي مھربان استادن ۽ محسنن پروفيسر ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، آريا ڊاڪٽر لعل بخش نائچ، ڄاموٽ حاجي خان چاچڙ سنڌي، مقصود قاضي، سردار امان ﷲ خان منگراڻي ابڙو، ڏاڏي علي شير تاجيجو ابڙو، محمد اسحاق شيخ، ۽ ٻين جو بہ شڪر گذار آهيان جن هميشہ مون کي اولاد جيان اهميت ڏني همت افزائي ۽ مدد ڪئي. مان پنھنجي بابا ڪريم بخش ابڙو جو بہ ٿورائتو آهيان جنھن سڄي عمر مزدوري ڪري منھنجو پيٽ پاليو ۽ منھنجي امڙ مريم جنھن کي منھنجي ناني مرحومه جنت خاتون پيار مان عظيمان سڏيندي هئي تمام عظيم آهي، منھنجا ڏک ۽ اداسيون ڏسي مٿي تي هٿ ڦيرائيندي آهي ۽ مون کي اداس ٿيڻ ناهي ڏيندي منھنجي ڪري بابي کي بہ ست سريون ٻڌائيندي آهي. مان پنھنجي ڀائرن عابد، زاهد، ماجد ۽ ننڍڙي سليم جو بہ احسان مند آهيان جن هميشہ منھنجو ۽ منھنجي چئن ننڍڙن ٻارن جو خيال رکيو هو ڪمائي سڄو گهر هلائيندا رهيا ۽ مان سنڌ امڙ جو فرض ادا ڪرڻ لاءِ ٿيلھو ڪلھي ۾ وجهي گهمندو ۽ رلندو رهيس، مان پنھنجي گهر واري ارشاد جو ٿورائتو آهيان جنھن بہ پنھنجون خواهشون قربان ڪري منھنجي همٿ وڌائي ۽ حوصلو ڏنو، منھنجا ٻارڙا لاريب، محمد اسماعيل، ايشال ۽ محمد اسحاق جو بہ ٿورائتو ۽ قرضي آهيان جن کي گهڻو ٽائيم ۽ توجھہ نہ ڏئي سگهيو آهيان، ننڍڙي لاريب ۽ محمد اسماعيل روز 2 ڪلو ميٽر پنڌ ڪري اسڪول ويندا رهيا آهن، ڳوٺ جي ٻين ٻارڙن کي رڪشائن گاڏين ۾ اسڪول ايندي ويندي ڏسي ڪڏهن بہ مونکي نہ چيائون تہ اسان ٿڪجي ٿا پئون ها البتہ ايشال رئندي آهي تہ مان ٿڪجي ٿي پوان ۽ مون کان الفابيٽ وسري ٿي وڃي. مون انھن کي ڪڏهن بہ اسڪول يونيفارم ۽ اسڪول بوٽ نہ وٺي ڏنا. عام چپلين ۽ ڪپڙن ۾ اسڪول ويندا ۽ استادن جا دڙڪا بہ کائيندا رهيا آهن، منھنجون ڪيتريون ئي عيدون گهر کان ٻاهر صرف ان ڪري گذريون تہ مان ٻارن کي نوان ڪپڙا، بوٽ ۽ خرچي ڪٿان ڏيندس، مان جيڪو ڪمائيندو هئس اهو سڀ ارتقاءَ ۽ منھنجي قبيلي “ابڙو” جي سلسلي ۾ تحقيق تي خرچ ٿيندو هو. ڇو تہ منھنجي لاءِ منھنجي ڌرتي ۽ منھنجي قوم اهميت رکن ٿا. منھنجي اڌ عمر مختلف جسماني بيمارين سان بنا علاج جي پنھنجي جسماني ۽ روحاني قوت برداشت، ذهني توانائي وسيلي وڙهندي گذري آهي هاڻي جڏهن منھنجي تحقيق جي سلسلي ۾ ٻاهريان سفر ختم ٿيا تڏهن پنھنجي ٻارن، والدين، ڀينرن ۽ ڀائرن جي مدد لاءِ نوڪري تلاش ڪيم خبر پئي تہ پئسن کانسواءِ نوڪري ڪونھي آخر پرنٽنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان ۾ سيڪيورٽي گارڊ گريڊ هڪ جون نوڪريون آيون ۽ انھن مان هڪ نوڪري منھنجي نصيب ۾ آئي. مان 2005ع ۾ آرمي مان حوالدار رٽائر ٿيو هئس ۽ سموري سروس تقريبن پاڪستان ملٽري اڪيدمي ڪاڪول ۽ آرمي سروس ڪور سينٽر ۾ انسٽريڪٽر طور ڪئي هئم. ڪجهہ وقت ڪوئٽہ ۽ بعد ۾ ڪارگل جنگ ۽ 2000ع جي انڊيا پاڪستان ڇڪتاڻ دوران ڪشمير ۾ بٽالين حوالدار ميجر طور ڊيوٽي ڪيم پر آرمي وارن بہ وفا نہ ڪئي ۽ 7 کن مختلف اهم ڪورس ڪرڻ ۽ آئوٽ اسٽينڊنگ اي سي آرز باوجود 2005ع ۾ شارٽ سروس جي نالي تي رٽائر ڪري ڇڏيائون. مون بہ ڪوئٽہ کان پشاور ۽ جي ايڇ ڪيو تائين ڪيس ۽ ڀڄ ڊڪ ڪئي پر ڪجهہ نہ ٿيو. ﷲ سائينءَ جو شڪر آهي، هن وقت بہ مان ڪنھن جو محتاج ٿيڻ بجاءِ ڊيوٽي ڪري حق حلال جي ڪمائي کائي رهيو آهيان ۽ پنھنجي تحقيقي ڪم کي ڪتابي شڪل ۾ آڻڻ لاءِ ٻارهن هزار روپيہ پگهار مان ڪجهہ پئسا بچائي رهيو آهيان تہ جيئن پنھنجو هڪ ٻيو ڪتاب “تاريخ ابڙو” کي ڇپائي سگهان، ان ڪتاب جي مواد ۾ 3 هزار کن صفحا- 4 سؤ کن شجرہ نسب ۽ ٻيا دستاويز ۽ تقريبن 22 هزار تصويرون ۽ وڊيوز شامل آهن جيڪي مون مختلف تاريخي ماڳن، مڪانن، شخصيتن وغيرہ جون 15 سالن ۾ ٺاهيون ۽ هٿ ڪيون آهن. اهو سڀ مواد مون کي پاڻ ڇپرائڻو پوندو ڇو تہ مون 15 سالن جي ريسرچ دوران ڪنھن کان بہ پئسا نہ ورتا آهن صرف ڪمپوزنگ ۽ لي آئوٽ لاءِ پروفيسر ڊاڪٽر حاڪم علي ابڙو صاحب ۽ ادي زاهدہ ابڙو جيڪا همسري مئگزين جي چيف ايگزيڪٽوِ آهي هنن ٻنھي مون کي 10، 10 هزار روپيہ ڏنا آهن. باقي ابڙو قبيلي جا سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ رهندڙ سڀ سردار سواءِ سردار امان ﷲ خان منگراڻي ابڙو جي فوجي ۽ سول آفيسرن وڏا بلڊر، واپاري چڱا مڙس، جن سان منھنجا تمام گهاٽا لاڳاپا رهيا آهن اُهي سڀ مون سان ڪوڙ ڳالھائيندا، ڏٽا ۽ آسرا ڏيندا رهيا آهن. جڏهن هاڻي ڪتاب ڇپجڻ جي مرحلي ۾ آيو تہ ڪجهہ سردارن، بيوروڪريٽن وغيرہ پنھنجا شرط رکيا ۽ ڪجهہ ماڻھن ڏٽا ڏنا آهن، ان ڪري جيڪڏهن زندگيءَ ساٿ ڏنو تہ پاڻ ڪمائي حصن / ايڊيشنس ۾ ڪتاب ڇپرائيندس يا ﷲ سائين ڪنھن جو ضمير ۽ غيرت جاڳائي ۽ مدد ڪندو تہ انشاءَ ﷲ منھنجي قبيلي جي حقيقي تاريخ ضرور ايندڙ ۽ موجودہ نسلن تائين پھچندي. ڇو تہ مان هميشہ ٻين لاءِ جيئندو رهيو آهيان پاڻ کي ماري ٻين کي زنده رکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. عرب جزيرن کان سڄو ايشيا لتاڙيو اٿم، قانوني ۽ غير قانوني طريقن سان سرحدون پار ڪري پنھنجي نسلن کي تلاش ڪيو اٿم. منھنجن ٻاهرين سفرن ۾ منھنجو رازدار، محسن ۽ پئسا ڏيندڙ عظيم انسان علم، عقل، فھم ۽ فضيلت وارو سائين اسد ﷲ خان منگراڻي ابڙو مرحوم (جوائنٽ سيڪريٽري منسٽري آف ڪميونڪيشن) هوندو هو. هن شخص تمام ڏکين حالتن ۾ منھنجي زندگي بچائي هئي، ان ۾ ساڻس بعد ۾ ٻانھن ٻيلي ٿيندڙ پروفيسر ڊاڪٽر حاڪم علي ابڙو صاحب بہ هئو جنھن پڻ ڪجهہ وقت منھنجي مدد ڪئي ۽ جان بچائي نہ تہ شايد مان هي سڀ ڪجهہ نہ لکي سگهان هان.
منھنجي ابڙو قبيلي ۽ هن تحقيقي مضمون کي مڪمل ڪرڻ ۾ هڪ عظيم شخصيت سائين منظور احمد وگهيو صاحب بہ آهي جنھن ڪارگل جي محاذ ۽ 2000ع جي سرحدن تي ڇڪتاڻ وقت منھنجو مواد سنڀاليو ۽ مون کي تاريخ سان لاڳاپيل سوين ڪتاب ڏنا ۽ هر ڏک سک ۾ منھنجو مددگار ۽ ساٿي رهيو آهي، پنھنجي کيسي مان خرچ ڪري سفر ڪري منھنجي لاءِ مواد گڏ ڪندو رهيو آهي. جڏهن منھنجا کيسا خالي هوندا هئا تہ پئسا بہ ڏيندو رهيو آهي ۽ هميشہ منھنجي بھتري ۽ ڀلائيءَ لاءِ سوچيندو ۽ مشورا ڏيندو رهيو آهي. منھنجي ننڍپڻ جو ساٿي سچو انسان محمد اسحاق شيخ بہ آهي جيڪو مون کي اسڪولي ڊريسيون وٺي ڏيندو هو ۽ جڏهن بہ ريڊيو يا ٽيليويزن تي منھنجو پروگرام هوندو هو تہ ڪرايو ڀاڙو بہ پاڻ ڏيندو هو ۽ سدائين منھنجي مدد ڪندو رهيو آهي ۽ هن وقت بہ هيومن رائٽس فائونڊيشن پاڪستان جو صدر آهي. مان پنھنجي ساٿي ۽ ڀاءُ ڊاڪٽر غلام عباس مھيسر جو بہ ٿورائتو آهيان جنھن هميشہ منھنجو خيال رکيو ۽ مفت ۾ علاج ۽ دوائون ڏيندو رهيو آهي ۽ ٻيا بہ ڪيترائي مھربان دوست شامل آهن. مان اَدي زرينہ اقبال احمد مخدوم جو بہ بي انتھا شڪرگذار آهيان جنھن هميشہ پٽن جيان خيال رکيو ۽ منھنجون ضرورتون، ڪپڙا لٽا، بوٽ وغيرہ بہ ڏيندي رهي ۽ جڏهن سڀئي مٽ مائٽ منھنجي غربت سبب مون کي پاڻ کان ڪٽي رابطا ختم ڪندا رهيا تڏهن ادي زرينہ ۽ سندس مڙس اقبال احمد هميشہ منھنجو ساٿ ڏنو ۽ منھنجي همٿ افزائي ڪئي ۽ سندس پٽ عديل احمد مخدوم ۽ فيضان احمد مخدوم منھنجي ٽيڪنيڪل مدد ڪئي. پنھنجا ڪمپيوٽر منھنجي مدد لاءِ منھنجي حوالي ڪري ڇڏيا ۽ مون کي انٽرنيشنل سائنسي ۽ تاريخي مواد تائين پھچ حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪئي.
مان ادي ريحانہ ابڙو ۽ ادي زاهدہ ابڙو، ڊاڪٽر فريدہ ابڙو ، انجنيئر قربان علي ابڙو لاڙڪاڻو، حافظ علي نواز ابڙو، شاھد حسين ڪوڏراڻي ابڙو، منھنجا همدرد دوست ۽ سچا ساٿي عاقل سمنگ خيرپور ميرس، شاعر اديب وشال امير ابڙو، سردارزادہ آثير خان منگراڻي ابڙو، گهوٽڪي جو صحافي شفيع محمد ابڙو، سردار احمد چنہ جن جو بہ ٿورائتو آهيان جن هميشہ منھنجي همٿ وڌائي ۽ مدد ڪئي آهي. مان پرنٽنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان پريس جي مئنيجر، اديب سائين مظفر چانڊئي صاحب جو بہ بي انتھا ٿورائتو آهيان جن منھنجي همٿ افزائي ڪئي ۽ ڪتاب مڪمل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن سھڪار فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ۽ شروعاتي مرحلن ۾ عملي طور تي مدد پڻ ڪئي. ۽ مان پي سي پي پريس ڪراچيءَ جي سڀني آفيسرن ۽ ملازم ساٿين جو بہ ٿورائتو آهيان.
جڏهن تہ مون کي ڏک پنھنجي قبيلي جي سردارن، بيوروڪريٽن، عالمن، اديبن جو آهي، جيڪي مطلبي مفاد پرست آهن جن سدائين مون کي پنھنجي ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪيو صرف سردار امان ﷲ خان منگراڻي ابڙو جي باقي سڀ ڪوڙا، ڏٽائي، تڪبر، غرور ۽ انا پرستيءَ وارا آهن. سنڌ ابڙو ويلفيئر ايسوسيئيشن، ابڙو قومي اتحاد پاڪستان، ڄاموٽ سماٽ ابڙا اتحاد ۽ ٻيون تنظيمون ۽ انھن جا عھديدار بہ ڪوڙا ۽ مطلبي آهن صرف پنھنجن ذاتي مفادن لاءِ تنظيمن تي قابض آهن، انھن اُڄ تائين ڪو بہ تعميري ۽ عام ماڻھونءَ لاءِ ڪم نہ ڪيو آهي، اهي تنظيمون صرف سردارن، وڏيرن ۽ بيوروڪريٽن جي ڳٺ جوڙ ۽ سياسي ۽ ذاتي مفادن لاءِ آهن. اهي سردار ۽ آفيسرشاهي پنھنجين تعريفن ڪرائڻ ۽ فضول محفلن تي هڪ رات ۾ لکين روپيہ خرچ ڪري ڇڏيندا آهن پر پنھنجي قبيلي، سنڌي قوم ۽ ڌرتيءَ جي تاريخ تي ڪم لاءِ هڪ روپيو بہ خرچ ناهن ڪندا. هڪ ٻئي جي مخالفت ڪري برادرين ۾ نفرت جو ٻج ڇٽي رهيا آهن. انھن تنظيمن جا عھديدار سڀ بيوروڪريٽ ۽ سردار آهن جن جو ڪوبہ سياسي يا سماجي جدوجھد هلائڻ جو تجربو نہ آهي. سچ چوڻ سبب انھن نہ چاهيو تہ ابڙو قبيلي جي حقيقي تاريخ منظر تي اچي (ساوا) جي حيدرآبادي ڌڙي جي سرپرست ۽ چيئرمين واپڊا جي هڪ آفيسر تہ ڪوڙ ڳالھائڻ جي انتھا ڪري ڇڏي آهي سڀني دوستن کي اهو چوندو ٿو وتي تہ شاھد ”صوف“ ابڙو ڪتاب لاءِ ماڻھن کان لکين روپيہ وٺي چڪو آهي، هن مون کي بہ چيو تہ انجنيئر علي گوهر ابڙو صاحب چوي ٿو تہ شاھد مون کان ٻہ لک روپيہ وٺي ويو آهي، ڪيڏي نہ ڏک ۽ افسوس جي ڳالھہ آهي تہ هڪ تنظيم جو چيئرمين سڏائيندڙ پڙهيل لکيل ماڻھو بہ ڪوڙ ڳالھائي ۽ بھتان هڻي،...!!!!!!!.
اِن جا مڪمل تفصيل ۽ تنظيمن جي سرپرستن ۽ عھديدارن جي ڪمن ۽ نالن جا تفصيل ايندڙ ڪتاب ۾ شامل هوندا. جن مون کي هر طرح سان دٻائڻ ۽ مارائڻ تائين جون بہ ڪوششون ڪيون، انھن جا مثبت ۽ منفي ٻئي چھرا عوام آڏو پڌرا ٿيندا. باقي سنڌ جا وڏا نالي وارا محقق تاريخدان، عالم، اديب جن وٽ ڪنھن جي لاءِ بہ ٽائيم نہ هوندو آهي هو نہ فون کڻندا آهن نہ ملڻ پسند ڪندا آهن ڇو تہ هو وڏا ۽ نالي وارا محقق، اديب وغيرہ آهن هو صرف پئسي وارن سان ملڻ پسندا ڪندا آهن، بدر ابڙو هجي يا جامي چانڊيو، اياز لطيف پليجو هجي يا امر جليل، الطاف شيخ هجي يا ادل سومرو ۽ ٻيا سڀ نالي وارا اديب ۽ دانشور جيڪي ڪنھن بہ عام ۽ ننڍي ليکڪ، شاگرد وغيرہ سان ڳالھائڻ بہ پسند نہ ڪندا آهن. مون هي سڄو ڪم ڪنھن نالي واري دانشور، محقق، اديب وغيرہ جي مدد کانسواءِ ڪيو آهي ڇو تہ اهي منھنجي ۽ عام ماڻھوءَ جي پھچ کان گهڻو ڏور آهن.
مون پنھنجي وِت ۽ وس آهر هي مضمون تيار ڪيو آهي جنھن ۾ کوڙ ساريون خاميون هونديون جن جي نشاندهي ۽ اصلاح ڪرڻ پڙهندڙن تي آهي، باقي بيجا تنقيد ڪندڙن جي مون وٽ ڪابہ اهميت نہ هوندي.
شاھد علي ”صوف“ ابڙو
ميھڙ
0314 7326673 & 03003239130