لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌُ ارتقاءَ جي جاءِ (حصو پھريون)

ڪتاب ”سنڌ ارتقا جي جاءِ“ ذريعي ليکڪ اهو ثابت ڪرڻ جي پنھنجي طور هڪ بھترين ڪوشش ڪئي آهي، تہ انساني سماج جي ترقيءَ ۾ سنڌ نہ فقط ڀرپور حصو ورتو آهي، پر ڪيترين ڳالھين ۾ قاعدانہ ڪردار ادا ڪيو آهي. ليکڪ جو هن موضوع تي لکڻ جو مقصد اھو آھي تہ ڪائنات جي هن گولي (ڌرتيءَ) تي ابتدائي ارتقاءَ جو عمل شروع ٿيڻ ۾ سنڌ جو ڪھڙو ڪردار رهيو آهي، ڌرتيءَ جي پيدائش کان کنڊن ۾ تقسيم ٿيڻ وقت سنڌ جي ڌرتيءَ جو ڪردار انتھائي اهم آهي، ۽ دنيا ۾ پکڙيل انسان ۽ ٻيا جاندار سنڌ ڌرتيءَ تي جنم وٺي دنيا ۾ پکڙجي ويا جنھنجا ثبوت پڻ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. نامعلوم دور کان موجودہ دور تائين سنڌ جي اهميت واضع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. دليلن لاءِ ڏنل حوالا سائنس، مذهب ۽ تاريخ مان ورتل آهن.

Title Cover of book سنڌُ ارتقاءَ جي جاءِ (حصو پھريون)

ٻہ اکر

شاھد علي “صوف” ابڙو صاحب جي تخليق “سنڌ ارتقاءَ جي ماءُ” 96 صفحن جو ڪتاب آهي. سندس جو رايو آهي تہ مذهب، سائنس ۽ تاريخ ٻڌائين ٿا تہ سنڌ ئي سڄي دنيا جي مھندار آهي، تھذيب جو بنياد سنڌ ۾ پيو. پر هن کان اڳ ٻيو رايو هن ريت بہ معلوم ٿئي ٿو تہ دنيا جا سڀ کان پراڻا ڳوٺ دجلا و فرات ۾ مليا آهن. اتي زراعت جو سڀ کان پھريون رواج پيو. ۽ سڀ کان قديم شھر بہ انھيءَ سر زمين تي مليا آهن. پر شاھد علي ڄاڻايو آهي تہ پھريون انسان ۽ مختلف ڪيڙا، مڪوڙا، مڇيون، چوپائيا سنڌ ۾ پيدا ٿيا ۽ پرورش ورتي ۽ دنيا ۾ پکڙجي ويا. حياتي ءَ جي ڪيڙي، (جراثيم) Life Cell جو جنم سنڌ ۾ ٿيو. هتي دنيا جو پھريون انسان آدم عليہ السلام اچي ٿو. نوح عليہ السلام بہ سنڌ ۾ جنم وٺي ٿو. سنڌي قوم شيش / سنڌ بن آدم عليہ السلام جي اولاد جو نبي ٿئي ٿو. وڏي ٻوڏ کان اڳ بہ نوح عليہ السلام سنڌ ۾ هو ۽ ٻوڏ کان پوءِ بہ سنڌ ۾ ئي رهيو ۽ دفن ٿيو. اهو نسل 9 کان 60 گز قد رکندو هو. جنت مان سيحون/ سنڌوءَ کي هن سنڌ ڌرتيءَ تي لاٿو ويو، بعد ۾ انسانن جي نمائندن ۽ رهبر رسولن ۽ نبين بہ سنڌ سان ڳانڍاپو رکيو آهي. حضرت دائود عليہ السلام جو اولاد ، حضرت هارون عليہ السلام جو پٽ ، حضرت يوسف عليہ السلام جو پٽ، حضرت حام بن نوح عليہ السلام، سام بن نوح عليہ السلام ۽ حضرت سنڌ رحمت ﷲ عليہ سنڌ ڌرتيءَ جي اندر مدفون آهن. حضرت موسى عليہ السلام سنڌ ۾ اچي ٿو، رهي ٿو، رياضتون ۽ عبادتون ڪري واپس وڃي ٿو. حضرت عيسى عليہ السلام جي زندگيءَ جا غائب ٿيل 30 سال سنڌ ۽ تبت ۾ گذريا. پر اسان جون تاريخون انھن عملن کان خالي آهن.
شاھد علي جو موضوع اڃا وسيع آهي. هتي مختصر بيان ڪيو ويو آهي. هن دوست وڏي محنت ڪري سنڌ بابت اهو ڪتاب لکيو آهي. هن جي پيش ڪيل راين تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي. دوست ڪتاب جو مواد موڪليو ۽ اچي پاڻ بہ پھتو. چيائين تہ اوهان جو انتظار آهي ٻن ٽن ڏينھن اندرڪتاب لاءِ رايو لکي ڏيو تہ ڪتاب جي ڇپائيءَ وارو مرحلو شروع ڪجي. مون چيو تہ ڪتاب ۾ ڪي اهڙيون بہ ڳالھيون آهن جن تي اختلاف ڪري سگهجي ٿو. مثال طور نامور عالم علامہ جلال الدين سيوطي رحمت ﷲ عليہ موجب معلوم ٿي ٿو تہ شيث عليہ السلام ۽ “سنڌ” ٻئي پاڻ ۾ ڀائر آهن. علامہ جلال الدين سيوطي رحہ ۽ شھيد مخدوم بلاول رحمتہ ﷲ عليہ ٻئي همعصر عالم هئا. جڏهن هڪ نامور عالم کان ابن اسحاق رحہ جي قديم روايت ملي ٿي تہ پوءِ 1956ع ۾ ڇپيل ڪتاب “آئينہ قديم سنڌ” جي غلط قياسي رايي موجب ڪيئن ڪتاب “حضرت سنڌ رحہ” ۾ ڄاڻي واڻي شيث عليہ السلام کي سنڌ ڄاڻايو ويو آهي. ۽ هن ڪتاب ۾ بہ انھن جي تقليد ڪندي شيث عليہ السلام کي شيش ۽ سنڌ لکيو ويو آهي. انھي ڪري منھنجو خيال هو تہ انھن ڪن ڳالھين جي سَنَدَ سان هن پنھنجي رايي ۾ نشاندهي ڪجي هان تہ بھتر هو. پر شاھد علي جي جلد رايي لکي ڏيڻ واري اسرار ۽ هڪ علم دوست پاران هتي تنقيدي راءِ ڏيڻ کان روڪڻ ڪري مختصر طور ڪتاب تي ٻہ اکر لکيا اٿم. اميد تہ قبول پوندا. شاھد علي جي اها محبت آهي جنھن مون کي بہ هن ڪتاب تي رايو ڏيڻ جو شرف بخشيو.


سردار احمد سنڌي
11 جنوري 2016