لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌُ ارتقاءَ جي جاءِ (حصو پھريون)

ڪتاب ”سنڌ ارتقا جي جاءِ“ ذريعي ليکڪ اهو ثابت ڪرڻ جي پنھنجي طور هڪ بھترين ڪوشش ڪئي آهي، تہ انساني سماج جي ترقيءَ ۾ سنڌ نہ فقط ڀرپور حصو ورتو آهي، پر ڪيترين ڳالھين ۾ قاعدانہ ڪردار ادا ڪيو آهي. ليکڪ جو هن موضوع تي لکڻ جو مقصد اھو آھي تہ ڪائنات جي هن گولي (ڌرتيءَ) تي ابتدائي ارتقاءَ جو عمل شروع ٿيڻ ۾ سنڌ جو ڪھڙو ڪردار رهيو آهي، ڌرتيءَ جي پيدائش کان کنڊن ۾ تقسيم ٿيڻ وقت سنڌ جي ڌرتيءَ جو ڪردار انتھائي اهم آهي، ۽ دنيا ۾ پکڙيل انسان ۽ ٻيا جاندار سنڌ ڌرتيءَ تي جنم وٺي دنيا ۾ پکڙجي ويا جنھنجا ثبوت پڻ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. نامعلوم دور کان موجودہ دور تائين سنڌ جي اهميت واضع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. دليلن لاءِ ڏنل حوالا سائنس، مذهب ۽ تاريخ مان ورتل آهن.

Title Cover of book سنڌُ ارتقاءَ جي جاءِ (حصو پھريون)

صوف ابڙي جي تحقيق:سون تي سھاڳو

ڪتاب ڪيئي ڇپجن ٿا، پڙهجن ٿا ۽ ڪي ڪتاب ڇپائي محض ڪٻٽن جي زينت بڻائي رکيا وڃن ٿا. ڪن ڪتابن جي اهميت ۽ افاديت اهڙي هوندي آهي، جو اهي بار بار ڇپرائڻ تي دل چاهيندي آهي. اهڙن ڪتابن کي ڇپائڻ لاءِ جيتوڻيڪ قومي ادارن جو توجھہ هٽيل هوندو آهي. اهڙا ڪتاب ڇپائي عوام ۾ شعور جي بيداري ۽ مقصد جي حصول لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن ٿيون. هن جامع ڪتاب ڇپائڻ ۾ جيڪا خوشي ٿي رهي آهي، قلبي سڪون محسوس ٿي رهيو آهي، اهو لفظن ۾ اظهاري نٿو سگهجي، جيڪي قومون پنھنجي موروثي اعليٰ ۽ پنھنجي ابن ڏاڏن جي گس کي پڪڙي پنھنجي آباءُ اجداد جي شاندار نقش قدم تي هلي نہ ٿيون سگهن، اهي ڀٽيڪل ئي رهن ٿيون.
هن ڪتاب جي ليکڪ جون سنڌ جي تاريخ بابت ڪوششون ڪنھن کان لڪل ڪين آهن. سندس نالو اهڙو جڙيل آهي، جھڙو سون تي سھاڳو. گهڻو عرصو اسان جي سنڌ جيڪا ارتقا جي ماءُ آهي، بابت حقيقتن کي اسان کان لڪايو ويو، جنھن جي اصليت کي لڪائي اسان کي ڪوڙ پڙهايا ويا. هن ڪتاب ۾ حقيقتن کي نروار ڪيو ويو آهي. مون کي اميد آهي تہ، ايندڙ وقت جا محقق ۽ مورخ ان مان استفادو حاصل ڪري سنڌ جي حقيقت کي دنيا ۾ عالم آشڪار ڪندا ۽ اسان جي دوست جي محنت سفلتا ۽ مڃتا ماڻيندي.اسان جي ڪوشش آهي تہ سنڌ جي تاريخ تي تحقيقي مواد کي ڪتابي شڪل ۾ دنيا اڳيان آڻيون تہ جيئن سنڌ جي تاريخ جي نالي تي لکيل غلط، غير مستند ۽ ڪوڙين ڳالھين ۽ قصن بجاءِ سائنسي بنيادن تي ٿيندڙ تحقيق مان اسان جو موجودہ ۽ ايندڙ نسل استفادو حاصل ڪري. اسان تحقيقي ڪتابن کي ڇپرائڻ لاءِ اُپاءَ وٺي بي پھچ محققن جا ڪتاب ڇپرائڻ لاءِ سنڌ ۾ روشن خيال ۽ روشن ضمير دوستن کي بہ هن سٿ ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوٺ ڏيون ٿا. اسان پھريون قدم کڻي هي وڏي محنت، جستجو، ۽ رت جي پورهئي سان تيار ٿيل پھريون ننڍو ڪتاب اوهان جي هٿن تائين پھچائي رهيا آهيون. باقي رهيل ڪتاب منظر تي آڻڻ لاءِ سنڌ جا حقيقي ۽ غيرتمند پٽ اسان جي قدمن سان قدم ملائي هن سلسلي کي اڳتي وڌائڻ ۾ اسان جو ساٿ ڏين ۽ مدد ڪن تہ جيئن ڌرتيءَ جو قرض ۽ پنھنجو فرض ادا ڪن.


سرفراز علي “سنڌي” راهوجو
ڪراچي