سنڌ جي تاريخ جو پيرو
اَلَحمد ﷲ رب العالمين واصلوٰات والسلام عليٰ الانبياءِ و المرسلين
ڌڻي تعاليٰ جي ساراه ۽ حمد و صلوٰت کان پوءِ پڌرو هجي تہ موجودہ 21 صديءَ جي هن دجالي دور ۾ جتي اسان جا جوان ۽ پوڙها ڪتابي علم کان دور اليڪٽرانڪ ميڊيا جي خرافات ۾ محو آهين اهڙي وقت ۾ نوجوان شاھد علي صوف ابڙي قديم تاريخ سنڌ، جيڪا حضرت آدم عليہ السلام کان شروع ٿئي ٿي تي توجھہ مرڪوز ڪري “سنڌ ماتا ارتقاءَ جي جاءِ” عنوان سان ڪتابچو لکي، اُنھن مادہ پرست ۽ نالي چڙهيل اديبن جي ڪن مھٽ ڪئي آهي جيڪي سنڌ جي نالي تي پيٽ جي دوزخ جو دڪان چمڪايون ويٺا آهن. سنڌ جي تاريخ، تھذيب ۽ ادب تي ڪوڙا ڪاغذي شينھن بڻيا سنڌ جي سرڪاري خزاني مان خرجينيون ڀري پنھنجا محلات پيا اڏين.
سنڌ ارتقا جو گهر تہ ازل کان آهي ڪو مُلحد ۽ مادہ پرست پيٽ جي ڦيٽ وارو دوزخ جو دڪان بند ڪري ڪجهہ الھامي ڪتابن ۽ صحيفن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري پر جناب شاھد علي صوف ابڙي نھايت ملنگانہ حالت ۾ سنڌ جي تاريخ جو پيرو کنيو آهي. اهڙن ئي ملنگ صفت ماڻھن وٽ سنڌ جي تاريخ جي سچائي موجود آهي. فاضل مصنف سنڌ جي تاريخ کي صاف سائنسي روءِ کان پيش ڪري ملحد ۽ مادہ پرست، نام و نھاد سائنسدانن جا مڪروه چھرا بي نقاب ڪيا آهن، جيڪي “حضرت انسان” ۽ ڌڻي تعاليٰ جي اشرف مخلوق کي جنھن لاءِ ﷲ ڪريم پنھنجي آخري الھامي ڪتاب قرآن ڪريم ۽ فرقان حميد ۾ فرمايو لَقدَ خلق الانسان في احسن تَقويم. بيشڪ اسان انسان کي سھڻي صورت م خلقيو) کي پنھجي غليظ نظرين سان پيش ڪري پنھنجي نام نھاد سائنسي نظرين کي هٿي ڏيڻ جي ڪوششن ۾ ناڪام ويا آهين. انشاءُ ﷲ العزيز ڏينھن قيامت تائين ناڪام ۽ نامراد ئي رهندا. فاضل مصنف (شاھد علي) نھايت ئي پيرائتي نموني اُنھن جي ناڪامين کي بيان ڪيو آهي ۽ دليلن سان رد ڪيو آهي مثلن ڊارون جي بن مانس ڀولڙي جو قد 8 کان 15 فٽ دنيا ۾ رڪارڊ ڪيو ويو. جڏهن تہ پھرئين انسان آدم عليہ السلام جو قد 60 گز ٻڌايو ويو آهي، حام بن نوح جو قد 26 گز آهي ان کانسواءِ 30-15-12-19 گز رکندڙ ڊگها انسان بہ موجود رهيا آهن اُهي ڪنھن جو اولاد آهن. اهي اهڙا دليل ۽ سوال آهن جيڪي ڊاروني سائنسدانن جي منھن تي چماٽ برابر آهن.
حقيقي سائنس جي ابتدا صحيفہ آدم ۽ صحيفہ شيث عليہ السلام مان حضرت ادريس عليہ السلام ڪئي، جنھن مان سائنس جي هن شاخن واري علم جي آبياري ڪئي اُهي آهين علم نجوم_ علم فلڪيات علم طب، علم منطق علم ڪيميا (ڪيمسٽري) ۽ علم رياضي (ڏسو قصص الانبيا) سائنس جا اصل موجد حضرت شيث عليہ السلام عرف عام حضرت سنڌ اول ۽ سندس اولاد مان ادريس آهين، مغرب جا ڀورا ڀولڙا يعني انگريز سامراج تہ لٿي لاباري سائنس جا وارث بڻيا آهين. اسان جا اهي وائڙا اديب ۽ ٻولڙيا دانشور اُنھن جي خيالن ۽ خرافات پٺيان لڳي پنھنجو دين ايمان وڃائي بي ديني ۽ مُلحدي جي مڪڙ ۾ جڪڙجي ويا آهن.
دين انسان جي زندگيءَ جي هلڻ جو هڪ گائيڊ بُڪ آهي. جيئن اسان جي صوفي بزرگن فرمايو دين ايمان جو جز آهي ۽ وطن سان محبت دين ۽ايمان آهي. انھيءَ واحد دين جي شروعات ڏاڏي حضرت آدم کان سنڌ جي سرزمين تي ٿي ۽ تڪميل نبي آخر زمان صلي ﷲ عليہ وسلم ذريعي سعودي عرب جي سر زمين تي ٿي ۽ تھذيب جو بنياد بہ سنڌ ۾ پيو ۽ نسل انساني جي ارتقا بہ سنڌ ۾ ٿي ڪو مُلحد سائنسدان ڪوڙو ڪائنر نہ بہ مڃي ان سان سنڌ جي عظمت تي ڪوبہ اثر نہ پوندو.
هڪ سابق مُلحد ۽ منڪر خدا علي نواز جمال شاه پنھنجي تازي تصنيف مادہ پرستي ۽ خدا جو وجود Materialism v/s God ڪتابچو لکيو آهي جنھن ۾ هو پنھنجي پاران (پيش لفظ) ۾ رقم طراز آهي: ٻاراڻي عمر کان وٺي انجنيئرنگ ڪاليج تائين مون کي ڪابہ باقائدہ مذهبي تعليم نہ ملي، رهي سھي ڪسر اهڙن دوستن جي صحبت پوري ڪري ڇڏي، جيڪي خود کي آزاد خيال سڏيندا هئا. اسان ڪنھن بہ مذهبي چڪر ۾ ڦاسڻ وارا ڪونہ هئاسون. ڇو تہ اسان خود خدا جي وجود جا منڪر هئاسون زندگي جا عملي تجربات ڪندي هڪ ڏينھن جڏهن مون من ۾ جهاتي پاتي تڏهن خبر پيم تہ آءُ تہ انتھائي جاهل رهيو آهيان ۽ اهڙي جهالت جي آڌار تي مون کي ڪو حق ڪونہ ٿي پھتو جو آءُ هڪدم خدا جي موجودگي يا غير موجودگي بابت فيصلو ڪري سگهان. (ص 4)
هيءُ رام ڪھاڻي هڪ سابق ملحد ۽ منڪر خدا جي آهي جيڪو وسيع ديني مطالعي کان پوءِ موٽ کائي هڪ اهڙو ڪتابچو لکي ٿو. جنھن مان وري هيءُ ثابت ڪري ٿو تہ هي ڪجهہ مغربي فيلسوف ۽ سائنسدانن جا قول پيش ٿو ڪري ته: هن باب ۾ چند مشھور فيلسوفن ۽ سائنسدانن جا مختصر اقوال پيش ڪريان ٿو جن مان ثابت ٿيندو تہ هنن خدا، مذهب، روح تسليم ڪيو آهي ۽ ڪنھن بہ طرح ان کان انڪار نہ ڪيو آهي.
لارڊ ڪيلون انگريز ماهر طبيعات هو هن چيو تہ اوهان جيترو گهڻو غور فڪر کان ڪم وٺندؤ اوترو ئي سائنس اوهان کي خدا جي مڃڻ تي مجبور ڪندي.-02 جان ڊيوي: سندس خيال مطابق سائنس ۽ مذهب ۾ ڪوبہ اختلاف ڪونھي، علم جي ڳولھا خدا جي ڳولھا آهي(ص 38 کان 40)
مذڪورہ حقيقت مان معلوم ٿئي ٿو تہ ڪوبہ مغربي سائنسدان خدا جي وجود ۽ ان جي تخليق دين ۽ انسان ۽ روح جو منڪر ڪين آهي مگر نام نھاد پيروڪارن انھن کي اجايو دنيا ۾ خوار ۽ بدنام ڪيو آهي، علي نواز جمال شاه جو اهو مختصر ڪتابچو اهڙن ملحدن جي منھن تي ابتي لپاٽ آهي جيڪي سائنسي علم کي خدا جي وجود، انسان، دين ۽ روح جا منڪر يا دشمن ٺھرائين ٿا. سائنس تہ الھامي ڪتابن ۽ صحيفن مان نڪتي سا دين جي دشمن ڪيئن ٿيندي.
فاضل مصنف شاھد علي ابڙي سائنس جي نقطئہ نگاه کان انسان جي ارتقا سنڌ جھڙي بابرڪت سر زمين تان آدمين جي آبي حضرت آدم عليہ السلام کان پنھنجي تصنيف جي شروعات ڪري ثابت ڪيو آهي تہ انساني ارتقا۽ دين جي تبليغ سنڌ خطي مان ٿي. ان لاءِ هن نہ رڳو ڪتابي حوالا آندا آهن پر تصويري ثبوت ۽ پنھنجي زندگي جا مشاھده ۽ تجربا بہ بيان ڪيا آهن.
سنڌ جي تاريخ جا نوان رُخ زمين دوز ٿيل اصل حقائق هينئر منظر عام تي اچي رهيا آهن الحمد ﷲ ڪتاب تاريخ حضرت سنڌ رح اُنھن جا رستا آسان ڪري ڇڏيا آهن ان سلسلي ۾ ميرپور خاص جي بزرگ مورخ ۽ محقق فتح محمد شھزاد ٿيٻو جي تازي تصنيف “سنڌ جي سڳنڌ” مارڪيٽ جي زينت بڻجي ويئي آهي. ڌڻي سڳوري هن پيرمرد ۽ جهوني جوڳي کي همت ڏني آهي جو هُن پنھنجي سگهہ تي ڪتاب آڻي پاڻ کي زندگي جي آخري وقت ۾ قرباني لاءِ ڪيش ڪرايو آهي.
ﷲ تعاليٰ جناب شاھد علي صوف ابڙي کي بہ همت ۽ مدد ڏيندو تہ هن جو ڪتاب بہ جلد مارڪيٽ جي زينت بڻجندو.
انشاءَ ﷲ العزيز_ ڌڻي سڳورو پنھنجي تخليق جي ناميچاري لاءِ پاڻ ئي وسائل پيدا ڪري ٿو انسان کي رڳو ٿورو هٿ پير هلائڻا پون ٿا. جيئن فارسي چواڻي آهي تہ “همت مردان مدد خدا، بي همت مردم بيزار خدا”.
انشاءُﷲ تعالى فاضل مصنف شاھد علي ابڙي جي ڪائنات ۽ انساني ارتقا متعلق هي تصنيف جلد مارڪيٽ ۾ ايندي ۽ سنڌ جي عظمت جي انڪارين خدا تعاليٰ جي منڪرن ۾ مايوسي پيدا ٿيندي. وطن جي ويرين ۽ دين جي دشمن ۾ ڦڙ ڦوٽ پوندي.
سنڌ جا سڄڻ سر ها ٿيندا دين حقيقي جي سر بُلندي ٿيندي. آمين
وَآخرُ دَعوانا الحمد ﷲ رب العالمين.
۽ آخري دُعا اها تہ سڀ تعريفون ڌڻي سڳوري لاءِ جيڪو سڄي عالم جو رب آهي.
ڄاموٽ حاجي خان چاچڙ سنڌي
ڪنڌ ڪوٽ
مورخہ2015/12/07