لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌُ ارتقاءَ جي جاءِ (حصو پھريون)

ڪتاب ”سنڌ ارتقا جي جاءِ“ ذريعي ليکڪ اهو ثابت ڪرڻ جي پنھنجي طور هڪ بھترين ڪوشش ڪئي آهي، تہ انساني سماج جي ترقيءَ ۾ سنڌ نہ فقط ڀرپور حصو ورتو آهي، پر ڪيترين ڳالھين ۾ قاعدانہ ڪردار ادا ڪيو آهي. ليکڪ جو هن موضوع تي لکڻ جو مقصد اھو آھي تہ ڪائنات جي هن گولي (ڌرتيءَ) تي ابتدائي ارتقاءَ جو عمل شروع ٿيڻ ۾ سنڌ جو ڪھڙو ڪردار رهيو آهي، ڌرتيءَ جي پيدائش کان کنڊن ۾ تقسيم ٿيڻ وقت سنڌ جي ڌرتيءَ جو ڪردار انتھائي اهم آهي، ۽ دنيا ۾ پکڙيل انسان ۽ ٻيا جاندار سنڌ ڌرتيءَ تي جنم وٺي دنيا ۾ پکڙجي ويا جنھنجا ثبوت پڻ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. نامعلوم دور کان موجودہ دور تائين سنڌ جي اهميت واضع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. دليلن لاءِ ڏنل حوالا سائنس، مذهب ۽ تاريخ مان ورتل آهن.

Title Cover of book سنڌُ ارتقاءَ جي جاءِ (حصو پھريون)

هو جو پٿريلي زمين جو پانڌيئڙو آهي

مان هڪ سادڙي ۽ سٻاجهڙي شخصيت جي مالڪ کي ان وقت کان سڃاڻان، جڏهن هو پنھنجي اڻ وڻندڙ شرارتن سان ڪيترن ئي ماڻھن جون دليون وندرائيندو هو تہ ڪيترن جون دليون ڪنھن سڪي ڪاٺيءَ کي باھہ جيان ساڙيندو هيو. ڪنھن وقت پکين جي ٻولين سبب ائين ڀاسندو هيو تہ واقعي ڪو پکي ٻولي رهيو آهي تہ ڪنھن وقت جانورن جا آواز ڪڍي ٻڌائيندو هيو تہ بلڪل ائين ڀاسندو هيو ڄڻ تہ ڀر ۾ اهو جانور بيٺل آهي.
هڪ ڀيري ياد پويم ٿو تہ شايد پراڻي جئيمسٽ چاچي ڇٽل سومري صاحب سان گڏجي مون وٽ آيو گهر جي دروازي جي سامھون واريءَ گهٽيءَ ۾ بيٺائي هئاسين تہ هن همراھہ ڪتي جو اهڙو تہ خوفناڪ آواز ڪڍيو جو چاچو محمد ڇٽل اصل رسا ڇنائي ڀڳو.
ڪڏهن ڏسوس ٽيليويزن تي ويٺو مزاحيا ڪردار ڪري تہ ڪڏهن اسٽيج تي مختلف رول ويٺو ادا ڪري. کدڙي جو رول تہ بس هن کانپوءِ دنگ آهي. اهڙو ادا ڪندو جو ٻئي ڏينھن تي ميھڙ شھر جا کدڙا هن کي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ ڳولھيندا وتندا. لکڻ ۽ پڙهڻ جي چوس ايتري جو گهٽيءَ مان گذرندي اخبارن جا پراڻا پنا بہ کڻي صاف ڪري فائيل ٺاهي جنھن مان ڪجهہ نہ ڪجهہ حاصل ڪندو. بلڪل هڪ کل مک شخصيت. منظرِ عام تي لاڳيتو ايترو جو اسان پارن ماڻھن کي تنگ ڪري وجهي، ڳالھائي تہ بس ڪرائڻ لاءِ ڊسپينسر کان پلاسٽر گهرائڻ جي ضرورت اوس بڻجي وڃي پر وري جيڪڏهن ٽٻي هڻي تہ اهڙو ويراڳي بڻجي وڃي جو فون ڪريوس تہ فون بند، ڳولھرايوس تہ اصلي نہ لڀي. چاچو ڪريم بخش بہ پيرا پڇائيندو وتي تہ منھنجو شاھد ٻچڙو خبر ناهي تہ ڪٿي آهي. فوج مان ڌڪا ٿاٻا کائي اتا رٽائرمينٽ وٺي پوءِ اچي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ گهمڻ شروع ڪيائين، ڪڏهن پڇوس تہ ڪٿي آهي، چئي گهوٽڪي، ڪٿي آهين چئي ڏوڪري ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ صاحب جي مڪان تي، ڪٿي آهين جي ٿرپارڪر، ڪٿي آهين جي انڊيا جي علائقي گجرات ۾ ڪڏهن راجستان ۾ اڙي آخر تنھنجو پلان ڪھڙو آهي؟ ڪھڙي انڊيا پاڪستان جي جنگ لڳي آهي؟ جو تون ايجنٽ گيري ويٺو ڪرين. چوي تہ سائين هڪ وڏو ڪم پيو ڪريان. ابڙن جي تاريخ کي سھيڙي رهيو آهيان. ادا شاھد تون توونگر قسم جو ماڻھو تون تاريخ لکندين اها ڇپجي ويندي ۽ دنيا واھہ واھہ ڪندي. دل ۾ سوچيم تہ مڙئي ويٺو ٿو وقت جو زيان ڪري. طبيعت جي بگاڙ جو شڪار آهي. بس پنا لکي وري رات جو تيلي دکائي سياري جي ٿڌ کان بچڻ لاءِ هٿ سيڪي ڇڏيندو هوندو. سچ پڇو تہ هينئر تائين مونکي شاھد جو هيءُ وڏو ڪم جيڪو ماضيءَ ۾ وڏي ۾ وڏا تاريخدان بہ نہ ڪري سگهيا مذاق ٿو لڳي تہ هيءُ هن کي ڇپرائيندو يا وري اهي پنا پڪوڙن واري شاپ تي وڪرو ٿيندا. پر ائين ناهي اها منھنجي غلط فھمي آهي جيڪا منھنجي اندر ۾ شاھد جي فنڪارانہ ۽ مزاحيا، غير مستقل مزاج ۽ غيرميانہ روي واري طبيعت سبب اندر ۾ پيدا ٿي آهي.
شاھد ابڙي کي مون ويجهو کان ڏٺو آهي ان جي ٽھڪن وارا ڏينھن بہ ڏٺا آهن تہ ان جي راتين جون راتيون روئڻ واريون تاريڪيون بہ ڏٺيون آهن. ان جي شاهاڻي خرچن کي بہ ڏٺو آهي وري ان کي ڇڳل جتيءَ سان گهمندي بہ ڏٺو آهي. هو ڪو غضب جو ماڻھو آهي جيڪو پنھنجي اندر ۾ هزارين ڏک سمائي دنيا جي آڏو کلندو رهندو آهي ايترو تہ بھادر ۽ دلير شخص آهي جنھن ڪڏهن بہ پنھجي پريشاني، غربت ۽ بدحالي ڪنھن بني بشر سان بيان ناهي ڪئي. هميشہ ٻين ماڻھن جو هڏ ڏوکي ۽ همدرد. مان تہ مختصر اهو چوندس تہ ميھڙ تعلقي جي ڳوٺ ٿيٻا جو هيءُ موتيءَ داڻو شخص سڄي تعلقي لاءِ نعمت عظيم آهي. مان تاريخ جو شاگرد تہ نہ رهيو آهيان پر ايترو ڌپو ضرور پويم ٿو تہ مستقبل قريب ۾ هن جو ڪتاب دنيا جي ڪيترن تاريخدانن لاءِ مشعل راھہ ثابت ضرور ٿيندو (آمين)._


ڊاڪٽر غلام عباس مھيسر
رفيق ميموريل ميڊيڪل سينٽر، ميھڙ
13/11/2013