لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌُ ارتقاءَ جي جاءِ (حصو پھريون)

ڪتاب ”سنڌ ارتقا جي جاءِ“ ذريعي ليکڪ اهو ثابت ڪرڻ جي پنھنجي طور هڪ بھترين ڪوشش ڪئي آهي، تہ انساني سماج جي ترقيءَ ۾ سنڌ نہ فقط ڀرپور حصو ورتو آهي، پر ڪيترين ڳالھين ۾ قاعدانہ ڪردار ادا ڪيو آهي. ليکڪ جو هن موضوع تي لکڻ جو مقصد اھو آھي تہ ڪائنات جي هن گولي (ڌرتيءَ) تي ابتدائي ارتقاءَ جو عمل شروع ٿيڻ ۾ سنڌ جو ڪھڙو ڪردار رهيو آهي، ڌرتيءَ جي پيدائش کان کنڊن ۾ تقسيم ٿيڻ وقت سنڌ جي ڌرتيءَ جو ڪردار انتھائي اهم آهي، ۽ دنيا ۾ پکڙيل انسان ۽ ٻيا جاندار سنڌ ڌرتيءَ تي جنم وٺي دنيا ۾ پکڙجي ويا جنھنجا ثبوت پڻ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. نامعلوم دور کان موجودہ دور تائين سنڌ جي اهميت واضع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. دليلن لاءِ ڏنل حوالا سائنس، مذهب ۽ تاريخ مان ورتل آهن.

Title Cover of book سنڌُ ارتقاءَ جي جاءِ (حصو پھريون)

صوف ابڙو ... وڏ وڙو!

سنڌ – اها سرزمين آهي، جنھن جو نالو دنيا جي نقشي تي نروار آهي. هيءَ ڌرتي صدين کان قائم ۽ دائم آهي. دنيا جي ٻين علائقن وانگر سنڌ جي سرزمين بہ زرخيز آهي، اسين جيڪڏهن ارتقا (Evolution) جي نظرين جي روشني ۾ ڏسو ٿا تہ روهڙي جا جبل، ڪارونجهر يا هالار يا کيرٿر جبلن جون سوين ميلن تي پکڙيل قطارون ۽ اتي ڳولھي لڌل مرجان (Coral Reef) ٻوٽن ۽ جانورن جا پنڊپھڻ (Fossil)، ڦٽل آثار (Ruin) ۽ ٻيو گهڻو ڪجهہ ثابت ڪري ٿو تہ اسان جو ديس بہ تخليق جو هنڌ (Seat) آهي.
ان بعد عالمي طور تي سنڌي ماڻھن جي رهڻي ڪھڻي، علم ۽ ڏاهپ، تھذيب ۽ تمدن ڏيھان ڏيھہ “سنڌو سڀيتا” (Indus Civilization) طور مشھور ۽ مقبول آهي. هن سنڌ جي سينڌ سنوارڻ ۾ هزارين نہ پر لکين ۽ ڪروڙين ماڻھن جو ڪردار رهندو آيو آهي. ٿورو ڪي گهڻو – هن ديس جي واکاڻ ۾ سنڌ واسين ۽ ٻين قومن جي شخصيتن پنھنجو ڪردار ادا پئي ڪيو آهي. ان ريت ڪيترائي سياح ۽ کوجنا ڪندڙ سنڌ ۾ ايندا رهيا آهن، گڏوگڏ هتان جا سنڌي ماڻھو ۽ قبيلا پڻ دنيا جي ٻين ملڪن ڏانھن ايندا ويندا رهيا آهن.
شاھد ابڙو بہ سنڌي قوم جي ابڙو ذات جي هڪ شخصيت آهي، جنھن پنھنجي تجسس (Acquisition) جي ڪري معلومات جي تصديق ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ويو ۽ ماڳن مڪانن جو ذاتي مشاھدو ڪيو. گڏوگڏ پاڪستان جي ٻين صوبن پنجاب، بھاولپور رياست، گلگت بلتستان، خيبرپختونخواه ۽ ڪشمير تائين پنڌ ڪيا. هن علم جي تلاش ۾ پاڻ کي اُڃارو سمجهيو تہ دنيا جي ويھن ملڪن ڏانھن اڏام ڪئي ۽ پنھنجو مقصد ماڻڻ ۾ ڪي قدر ڪامياب ويو. اسان جي سنڌ ۾ پيدا ٿيل دنيا جي عظيم وطن پرست، امن پسند، سياحتي ۽ سياسي نظرين جي خالق ڪلاسيڪي آفاقي شاعر شاھہ عبداللطيف ڀٽائي بہ شاھہ جي رسالي جي سر بلاول ۾ ڄڻ شاھد ابڙي جي خاندان جي جاکوڙ جو ئي منظر پيش ڪري ٿو ته:
ابڙو اڳاهن ۾، سپڙ جيئن ٻيلي!
سي پٽ ڪنھن نہ پوريا، جي ٿو ڀڙ ڀيلي
سڄڻ ساوڻ مينھن جيئن، رُڃُون ٿو ريلي
اچنِ جي ويلي، تن بور بخشي، ڀٽ ڌڻي!
سنڌ، سورت، هنڌ مانِ، جهڙس ڪونہ جھان ۾،
در داتا مــڱ مڱڻا، ٻئي جي ڪڍُ مَ ڪاڻ،
اي پاٽــوندر پــاڻ، حالُ پـسيـو ڀـال ڪري

(سُر بلاول، داستان ٻيو)

هن ڪتاب “سنڌ ارتقا جي جاءِ” جي حوالي سان شاھہ لطيف “سنڌ” ۽ “سنڌڙي” لفظ استعمال ڪيا آهن.
موٽي مانڊاڻنِ، واري ڪيائين وار،
وڄون وسڻ آئيون، چڱي ڀت چوڌار
ڪي اُٿيون استنبول تي، ڪن مڃيان مغرب پار
ڪي چمڪن چين تي،، ڪي لهن سمرقند سار
ڪي رمي ويئون روم تي، ڪي ڪابُل، ڪي قنڌار
ڪي دهلي، ڪي دکن، ڪي گڙن مٿي گِرنار
ڪي جنبي جيسلمير تان، ڏنا بيڪانير بڪار
ڪنھين ڀڄ ڀڄائيو، ڪنھين ڍٽ مٿي ڍار،
ڪنھين اچي عمرڪوٽ تان، وسايا ولھار
سائينمَ سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار
دوست! مٺا دلدار! عالم سڀ آباد ڪرين

(سُر سارنگ)

سنڌ (Sindh, Sind, Scinde, Indus or Mehran) لفظ کي جيڪڏهن انٽرنيٽ تي ڳولھبو تہ فقط گوگل تي سرچ تي هڪ ڪروڙ/لکين فائيل موجود ملن ٿا، ساڳي ريت ياهو، انسائيڪلوپيڊيا، هاٽ ميل، فيس بوڪ، ٽوئيٽر، وڪي پيڊيا ۽ ٻين واڳيل ويبسائيٽس جا فائيل کولڻ سان بہ لکين اشارا (Indication) ملن ٿا. ان مان ثابت آهي تہ، سنڌ ڌرتي دنيا ۾ ڪيتري نہ مقبول ۽ معروف جاءِ آهي. جنھن متعلق ٻين عالمي قومن کي ڀلي ڀت پروڙ رهندي پئي اچي.
هن ڪتاب جو ليکڪ شاھد علي ابڙو ولد ڪريم بخش ابڙو تخلص “صوف” 13 جنوري 1977ع ۾ ميھڙ لڳ ڳوٺ ٿيٻا ۾ جنم ورتو. پرائمري 5 درجا ڳوٺ ٿيٻا جي پرائمري اسڪول، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر 1 ۽ 2 – ميھڙ ۽ انٽر ڊگري ڪاليج ميھڙ مان پاس ڪيا.
هو مئٽرڪ کانپوءِ پاڪستان آرمي ۾ سپاهي طور ڀرتي ٿيو، مختلف ڪورس ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۽ آرمي سروس ڪور سينٽر ۾ فزيڪل ٽريننگ انسٽريڪٽر طور ڊيوٽي ڪئي. محنت ۽ ملٽري ڪواليفڪيشن ڪري پروموشن حاصل ڪري حوالدار (نان ڪميشنڊ آفيسر) ٿيو. هن سال 1999ع ۾ ڪارگل جنگ ۽ 2001 جي پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ دوران ڪشمير ۾ بٽالين حوالدار ميجر (B.H.M) طور ڊيوٽي سرانجام ڏني. هو 2005ع ۾ 34 سپلاءِ اينڊ ٽرانسپورٽ بٽالين ڪوئيٽا مان رٽائرڊ ٿيو. آرمي مان رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ گهوٽڪي مان نڪرندڙ اخبار هفتيوار “نروار” ۾ چيف ڪرائيم ۽ انويسٽيگيشن رپورٽر طور ڪم شروع ڪيو. بعد ۾ ڊپٽي ايڊيٽر ٿيو. 2007ع ۾ اخبار روزاني ٿي تہ ريزيڊنٽ ايڊيٽر سکر ۽ حيدرآباد طور ڪم ڪندو رهيو. 2007 ۾ پريس ڪلب جو سرپرست اعليٰ ٿيو ۽ سنڌ ابڙو ويلفيئر ائسوسيئيشن جو آرگنائيزر ۽ پريس ترجمان بہ رهيو. آل پاڪستان ابڙو قومي اتحاد جو جنرل سيڪريٽري ۽ ڄاموٽ سماٽ ابڙا اتحاد جو رابطه سيڪريٽري رهيو. بعد ۾ ڪجهہ عرصو فوجي فائونڊيشن ماڊل اسڪول حيدرآباد ۾ پي ٽي آءِ طور نوڪري ڪئي. اڄڪلھہ پرنٽنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان پريس ۾ سيڪيورٽي گارڊ طور نوڪري ڪري رهيو آهي.
ابڙي صاحب جو ادبي نالو صوف ابڙو (Apple Abro) آهي، هن پھرين ڪھاڻي 1984ع ۾ جڏهن پرائمري چوٿين ڪلاس ۾ هو لکي، جيڪا سچي ڪھاڻي هئي. اها گل ڦل ۽ آفتاب اخبار ۾ ڇپي، بعد ۾ هر هفتي روزاني آفتاب، عبرت، گل ڦل، سنڌي ٻارڙا، هلال پاڪستان، الوحيد، پڪار، عوامي آواز، الک، برسات، سچ، پڪار، سڪار، مھراڻ، سنڌ، خلق، نروار، وغيرہ ۾ ڪھاڻيون، ڪالم، مضمون لکندو رهيو آهي.
هن سال 1989ع ۽ 1990 ع ۾ ڪتاب “طالبان جو اُٺ ڪھڙي پاسي ليٽندو” لکيو، جيڪو ڪتاب افغانستان ۾ طالبان جي پس منظر تي لکيل ڪالمن تي مشتمل هو، بعد ۾ ملڪ جي ديني مدرسن ۾ پڙهندڙ طالبن جي زندگي ۽ حالتن تي ڪتاب “کٽيو کائي فقير، ڌڪ جهلي ڀولي” نالي سان ڇپيو.
ڀائو شاھد ابڙي 1991ع ۾ ڪراچي جي خراب ٿيندڙ حالتن تي ڪتاب “آمريڪا هڪ نئون هانگ ڪانگ چاهي ٿو.” ۽ سائين جي ايم سيد جي جدوجھد ۽ قيد بابت ڪتاب ”سائين جي ايم سيد جو ڏوھہ” جي سري سان لکيا. سال 1993ع ۾ سنڌ جي هنرمند عورتن جي حقيقي صورتحال کي پيش ڪرڻ ۽ ڪاروڪاري جي واقعن جي پسمنظر ۾ “مارئي جو درد” نالي ڪتاب لکيو.
ان ريت هن پي ٽي وي، ڪي ٽي اين ۽ ريڊيو پاڪستان تي ڪم ڪيو. هو فلمز پروڊڪشن/ڪمپنين سان بہ ڪم ڪندو رهيو آهي. مختلف ڊرامن، فلمن جا مڪالما (Scripts) بہ لکيا. هن ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر طور بہ ڪم ڪيو آهي. ابڙي صاحب 1998ع کان ابڙو قبيلي جي حسب نسب تي تحقيقي ڪم شروع ڪيو. ان سلسلي ۾ سنڌ ۽ ملڪ جي ناليوارن تاريخدانن، محققن، عالمن سان ملاقاتون ڪيون. جن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسحاق ابڙو، حبيب ﷲ صديقي، ڄاموٽ حاجي خان چاچڙ سنڌي، مقصود قاضي، ايم ايڇ پنھور، ڊاڪٽر لعل بخش نائچ، عطا محمد ڀنڀرو، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، پروفيسر سليم مانگٽ (اسلام آباد)، عطاءُ ﷲ ضياءَ قاسمي (لاهور)، ڊاڪٽر اشرف (جيالوجسٽ مظفرآباد يونيورسٽي)، ماهر ارضيات آصف نذير راڻا، پروفيسر محمد نواز چوڌري ۽ ٻين سان ملاقاتون ڪري مدد ورتي ۽ رهنمائي حاصل ڪئي.
ابڙو قبيلي تي تحقيق دوران هن سنڌ ڌرتي بابت زندگي جي ارتقا بابت گهڻيون شاھديون ۽ ثبوت گڏ ڪيا آهن، جنھن کانپوءِ سندس توجھہ ابتدائي ارتقا ڏانھن ٿي. چارلس ڊاورن، ڊاڪٽر الفرڊ رسل ويلاس ۽ ٻين جي ارتقا بابت نظرين کي پڙهيو ۽ ان موضوع سان لاڳاپيل مواد گڏ ڪرڻ شروع ڪيو. سائنس، مذهب ۽ تاريخ مان مليل حوالن، تجربن، ذاتي مشاھدن، ثبوتن جي بنياد تي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي تہ دنيا ۽ ڌرتيءَ تي حياتي جا جُزا ۽ عنصرن جي ردعمل ۽ گڏيل عملن جي نتيجي ۾ جيو گهرڙن (Cells) جنم ورتو هوندو. ان ريت چئي سگهجي ٿو تہ ٻين جاندارن وانگر دنيا ۾ انسان جيڪي سنڌ ۾ پيدا ٿيا آهن. جاندارن جي پيدائش۽ پرورش جو بنياد پيو، بعد ۾ دنيا ۾ پکڙجي ويا. ان ريت صدين کان جنم ۽ موت جو سلسلو جاري آهي.
اهو شاھد ابڙي جي جاکوڙ ۽ حقيقتن سا لڳاءُ آهي، جو هن 16 سال محنت ڪري 22 کن ملڪ ۽ سمورو پاڪستان گهمي ارتقا ۽ ابڙو قبيلي بابت مواد گڏ ڪيو. هي انھي سلسلي جو پھريو ڪتاب آهي. باقي 8 عدد ڪتاب ترتيب ڏنا پيا وڃن، جيڪي هو الڳ الڳ حصن ۾ پڌرا ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. هڪ شاعر ان سڄي عمل (Phenomenon) کي هڪ شعر ۾ ڪيڏو نہ ڀرپور انداز ۾ بيان ڪيو آهي ته:
زندگي ڪيا هي، عناصر ۾ ظھور ترتيب،
موت ڪيا هي، انھي اجزا ڪا پريشان هونا
هن ڪتاب لکڻ جو مقصد سنڌ جي اصل تاريخ جيڪا اڃا منظر تي نہ اچي سگهي آهي، ان کي نروار ڪري موجودہ ۽ ايندڙ نسلن کي روشناس ڪرائڻ دنيا ۾ سڌ جي اهميت کي اجاڳر ڪرڻ، ڌارين ليکڪن ۽ مذهبي ليکڪن جون سنڌ جي تاريخ سان ڪيل ويساھہ گهاتيون، اصل حقيقتن ۽ رازن کي ظاهر ڪري سائنسي بنياد تي تحقيق جا دڳ کولڻ – سنڌ جي تاريخ سان لاڳاپيل ماڳن ۽ مڪانن کي روشناس ڪرائڻ آهي.
انھن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ شاھد ابڙي گلگت، شندور جو سفر؛ گلگت کان 200 ڪلوميٽر پري پنگل ڳوٺ تائين جا بہ سفر ڪيا. – هتي ابڙو قبيلي جي شاخ شينا (Shena) ڳولي لڌي سندن خانداني سردار ۽ ابڙو قبيلي سان لاڳاپيل شجرو بہ موجود هو.
سنڌ جي ادبي شخصيت مشھور عالم، اديب، شاعر ۽ صحافي رئيس شمس الدين بلبل ابڙو جو تعلق بہ شينا شاخ سان هو.
ان ريت تبت، لداخ، ڪوه هندوڪش، مائونٽ ايوريسٽ وغيرہ جو سفر ڪيو – اهو سفر سنڌو درياھہ ۽ سپت سنڌو جي مُھڙ وهي نڪرڻ واري جاءِ ڏسڻ جي شوق ۾ ڪيو. ان ريت هن تبت، لداخ، وادي ڪافرستان ۾ موجود مانسرور ڍنڍ کان اٽڪ قلعي تائين سفر ڪيو.
ان کانپوءِ ورسڪ جبل ۽ ورسڪ ڊيم جو سفر ڪابل ندي جو منھن ڏس لاءِ ڪيو. گڏوگڏ هن ڪوهاٽ، ڪرڪ، طورو مرچ، نيازي، ڪنوان، ميران شاھہ جو سفر سماٽ ۽ ابڙو قبيلي جي تلاش ۾ ڪيو.
هن پنھنجي علمي اُڃ اُجهائڻ لاءِ مظفرآباد، ڪشمير جو سفر مظفرآباد يونيورسٽي ۾ جيالوجي ۽ آرڪيالوجي ڊپارٽمينٽ جي پروفيسرن سان ملاقاتون ڪيون. جڙي ڪس، کڙي شريف ۽ ڪشمير جي ٻين علائقن جو سفر ڪيائين. کڙي شريف ۾ ميان محمد بخش جي مزار ۽ منانا پھاڙ تي بہ ويو. منانا پھاڙيءَ تي ويھي ميان محمد بخش “سيف الملوڪ” لکيو هو. ان عشق ۾ سيف الملوڪ تي تحقيق دؤران ڪيترائي ڀيرا کڙي شريف ۽ سوات ۾ ڍنڍ سيف الملوڪ جا سفر ڪيا. انھن منظرن مان مزو ورتو ۽ حِظ حاصل ڪئي آهي.
سنڌ ۾ تحقيقي سفر دوران – لڪي، آمري، جهمپير، جهرڪ، کيرٿر جي جابلو سلسلي، ننگرپارڪر، ڏيپلو، ڪنري، ڇور، آمري جو مقام ٽنڊو جان محمد لڳ – نئون ڪوٽ روڊ تي جسيرل جو دڙو. موهن جو دڙو، ڪاهو جو دڙو، لاهوت، گورک، شاهبندر، مومل جي ماڙي، جاتي ۽ ٻين تاريخي ماڳن مڪانن جو ذاتي مشاھدو ڪرڻ لاءِ ويندو رهيو آهي. دراصل مشاھدو (Observation) بہ تحقيق جو هڪ قسم آهي.
بلوچستان ۾ موجود ماڳن مڪانن کي ڏسڻ لاءِ هو ڪڇي، بولان، ڀاڳ ناڙي، ڇتر، هنگلاج، سوئي، مڇ، ڪوئيٽا، ڪچلاڪ، اوٿل، لسٻيلو، شمسي ۽ ٻين شھرن ڏانھن ويو آهي. پنجاب ۾ موجود ماڳن مڪانن کي ڏسڻ لاءِ هو رحيم يار خان، رياست بھاولپور، ملتان، فيصل آباد، سرگوڌا، جهنگ، خوشاب، اوڪاڙه، لاهور، گوجرانوالا، گجرات، کيوڙه، جهلم، راولپنڊي، بڙيلا شريف (هتي حضرت نوح جي قبر آهي)، روال (هتي حضرت نوح جي پٽ حام جي قبر آهي)، ان کانسواءِ سيال ڪوٽ، ڊسڪ،حافظ آباد، ۽ ٻين شھرن جا تحقيقي مقصد لاءِ سير سفر ڪيا.
سيف الملوڪ جي قبر جسيرل جي دڙي ڀرسان ڳولھي لڌي، آمري جي قبرستان ۾ مامو يا فقيرن جون قبرون لڌيون اٿس، اها ڪيڏي اچرج جھڙي ڳالھہ آهي، جو شاھد ابڙو پنھنجي ڄاڻ کي سچ ثابت ڪرڻ لاءِ ٻاهرين ملڪن جي دورا ڪيا. عرب ملڪن ۾ سعودي، دبئي، شارجہ، العين، الفجيرہ، ابو ظھبي، راس الخور، راس الخيمہ، عمان، قطر، ڪويت، يمن، مصر، شام، لبنان، عراق، ايران، وغيرہ افعانستان، ازبڪستان، تاجڪستان، آذربائيجان تائين ويو.
يورپ ۾ جرمني برلن ۾ هٽلر، سندس گرل فرينڊ جي قبر ۽ اها جاءِ جتي سندن لاشن کي ساڙيو ويو هو ۽ خفيہ قبر ۾ دفن هئڻ واري جاءِ ڏسڻ ويو. آريا جيڪي سنڌ ۾ پڻ آباد ٿيا هئا، نسل جي تلاش ۾ سفر ڪيو. ڏکڻ افريڪا جي ڪيپ ٽائون ۾ ابڙو قبيلي جي ماڻھن ۽ خاندانن جي تلاش جي سلسلي ۾ سفر ڪيو. آمريڪا جي انڊيانا اسٽيٽ ۾ موجود ابڙن سان ملاقات ۽ سندن حسب نسب جي تلاش ڪرڻ لاءِ سفر ڪيو.
صوف ابڙو – واقعي وڏو وڙو آهي. هو ملاقات ۾ نھايت ئي نرم لھجي ۾ پنھنجي ڳالھہ ڪري ٿو ۽ ٻئي جي بہ ٻڌي ٿو. گڏوگڏ پنھنجي راءِ کي مٿانھون ثابت ڪرڻ لاءِ سينو سُپر ڪري بيھي رهي ٿو. ان ڪري مون ساڻس ڪچھرين ۾ محسوس ڪيو آهي تہ هو علمي بحث مباحثي ۾ ٻارن وانگر ضد ڪري – ليڪو ڪڍي بيھي رهي ٿو. هڪ ڀيري ڪيئي ميٽر ڊگهي ڪاغذ جي رول تي لکيل شجرا (Genology) سامھون رکيا تہ کيس ٻڌايم تہ نج سنڌي ذاتين ۽ قبيلن جي اڳيان حضرت لفظ لکڻ سان انھن کي عربي جامو نہ پھرايو وڃي. گڏوگڏ عربي قبيلن کي بہ سنڌي قبيلو پڻ ڏيکارڻ جي ڪوشش لڳي ٿي. مون کيس منع ڪيو تہ ائين سنڌين ۽ عرب لکڻ يا عربن کي سنڌي قبيلو ڪري لکڻ دراصل سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن ۽ سنڌي/عربي ذاتين سان تاريخي زيادتي ٿيندي.