لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌُ ارتقاءَ جي جاءِ (حصو پھريون)

ڪتاب ”سنڌ ارتقا جي جاءِ“ ذريعي ليکڪ اهو ثابت ڪرڻ جي پنھنجي طور هڪ بھترين ڪوشش ڪئي آهي، تہ انساني سماج جي ترقيءَ ۾ سنڌ نہ فقط ڀرپور حصو ورتو آهي، پر ڪيترين ڳالھين ۾ قاعدانہ ڪردار ادا ڪيو آهي. ليکڪ جو هن موضوع تي لکڻ جو مقصد اھو آھي تہ ڪائنات جي هن گولي (ڌرتيءَ) تي ابتدائي ارتقاءَ جو عمل شروع ٿيڻ ۾ سنڌ جو ڪھڙو ڪردار رهيو آهي، ڌرتيءَ جي پيدائش کان کنڊن ۾ تقسيم ٿيڻ وقت سنڌ جي ڌرتيءَ جو ڪردار انتھائي اهم آهي، ۽ دنيا ۾ پکڙيل انسان ۽ ٻيا جاندار سنڌ ڌرتيءَ تي جنم وٺي دنيا ۾ پکڙجي ويا جنھنجا ثبوت پڻ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. نامعلوم دور کان موجودہ دور تائين سنڌ جي اهميت واضع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. دليلن لاءِ ڏنل حوالا سائنس، مذهب ۽ تاريخ مان ورتل آهن.

Title Cover of book سنڌُ ارتقاءَ جي جاءِ (حصو پھريون)

سامراجي نظريا رد ٿيندا

احوال تہ اوهان جي تحقيق سنڌ ارتقا جي ماءُ جي پروف ريڊنگ واري ڪاپي جا ڪجهہ اهم حصا پڙهيم ۽ ڪجهہ پڙهي ٻڌا آهن، اکين جي تازو آپريشن سبب مطالعو ڪرڻ سان تڪليف ٿئي ٿي ۽ لڙڪ اچن ٿا. انھي ڪري اوهان جي تحقيق کي ٺيڪ ٿيڻ بعد مڪمل پڙهندس. اوهان “سنڌ ارتقا جي جاءِ” بابت تحقيق حضرت آدم عليہ اسلام کان ڪئي، جهن ۾ تمام اهم انڪشافن کي اوهان پڌرو ڪيو آهي. ڪيترن تاريخ حوالن کي پنھنجي ذاتي تجربي ۽ مشاھدي جي بنياد تي پڌرو ڪندي زنجير وانگرڪڙي کي ڪڙي سان ملايو آهي. ڊارون جي ٿيوري کي اوهان تمام سھڻي نموني مثال ڏيئي سمجهائيندي رد ڪيو آهي، دنيا جو پھريون جيو گهرڙو (Life cell) سنڌ ۾ پيدا ٿيڻ جي انڪشاف کي پڻ اوهان تحقيقي مثالن سان سمجهايو آهي.
سنڌو درياءَ جو منھن ڏسڻ لاءِ اوهان ڏاڍي تڪليف ڪئي آهي، جو اڄ تائين ڪنھن بہ سياح سنڌوءَ جي منڍ جي اهڙي معلومات نہ ڏني آهي ۽ نہ ئي هماليا جبل جي چوٽيءَ تي برف جي 20 – 30 فوٽن جي تھن تي مٿي چڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، اوهان هماليا جي جبل جي چوٽيءَ مان ٽيوب ويل وانگر پاڻي نڪري وهڻ جي منظر جي احوال کي سمجهائيندي بيان ڪيو آهي تہ تبت ۽ هماليا کان سوين ندين جو ڄار وڇايل آهي، جيڪي اچي لداخ (انڊيا) وٽ سنڌوءَ ۾ ملن ٿيون، جن ۾ ڳاڙهي رنگ جي مڇي آهي. نوح نبي جي ٻيڙي، ٻوڏ ۽ ٻيڙيءَ ۾ چڙهندي جاندارن جا احوال اسلامي ۽ هندو مذهب جي ڪتابن جا حواله ڏئي ڏاڍي سھڻي نموني سان سمجهايو آهي.
نوح واري ٻوڏ جو پاڻي تنور مان اُٻري نڪتو، اهو تنور ڏاڏي هوا جو هو، جيڪو پٿر جو ٺھيل هو، جنھن تي ڏاڏي حوا ماني پچائيندي هئي، جيڪو پوءِ حضرت نوح عليہ السلام وٽ آيو، جنھن جو قرآن شريف ۾ پڻ ذڪر آهي، اهو تنور سمنڊ جي ڪناري سنڌ ۾ هو.
جيڪو هن وقت هندستان جي صوبي ڪيرالا جي ملاپورم ضلعي ۾ آهي، اتي “تنور ريلوي اسٽيشن” ۽ تنور ڳوٺ ۽ اهڙن ٻين ڪيترن ئي ڳالھين جو پنھنجي ڪتاب ۾ ذڪر ڪندي پڙهندڙن جي معلومات ۾ اضافو ڪيو آهي.
توهان ڊگهيون قبرون 26، 22، 20، 15، 12، 10، 9 گز تائين تقريبن 79 قبرون ملڪ جي مختلف حصن ۽ علائقن کي گهمي ۽ سرزمين تي وڃي ڏسڻ ۾ تمام گهڻي محنت ڪئي آهي، مغربي سامراجي ملحده منڪر انٽرنيٽ ذريعي دنيا کي غلط ڄاڻ ڏيئي رهيا آهن، جڏهن تہ اسان وٽ آريا ڊاڪٽر لال بخش نائچ ۽ حاجي خان چاچڙ سنڌي جھڙا انٽرنيٽ موجود آهن. ﷲ پاڪ کين وڏي حياتي بخشي، اوهان سامراج جي نظريي کي پنھنجي نموني وائکو ڪيو آهي، اهو جھاد آهي، اوهان کي سچ لکڻ ۽ ٻڌائڻ تي جس هجي ۽ اسان جي ديسي محققن کي بہ سچ جي راھہ وٺڻ جي اشد ضرورت آهي.
اوهان پنھنجن تي ميار رکي آهي، ڀلي پيا جيڪو ڪجهہ چون، پر هميشہ سچ سوڀارو آهي، اميد تہ دل شڪستہ نہ ٿيندا. ڪبير جي چوڻي موجب:
“ســاچــي جــگ نہ راچـي، جـهـوٽ نہ مـانـي رام
ڪھو ڪبـيـرا ڪس در جاويـن، دوجـا اوکـهـا ڪـام”
هي تہ ڪو پراڻو دستور آهي جو ڪبيراصاحب بہ شڪايت ڪري ويو.
منھنجي لکيل “تاريخ قبيلو پالاري” تي بہ ڪن دوستن اجائي تنقيد ڪئي، پر کين نيٺ مڃڻو پئجي ويو ۽ کڻي ماٺ ڪيائون.
آئون تہ پاڻ ٻيو ڪتاب تفصيل سان “تاريخ قبيلو پالاري” جوڙي رهيو آهيان ۽ اسان مان هر هڪ کي پنھنجو حصو ادا ڪرڻ جو حق آهي، ﷲ وارث آهي، پوءِ ڀلي کڻي ڪو ملحد منڪر نہ مڃي.
اوهان سڀني طرفن کان نظر ڦيرائي ڏسي پوءِ “سنڌ ارتقا جي ماءُ” لکي معلومات سان گڏ حق ادا ڪيو آهي، انھيءَ لاءِ کيرون لھڻيو ۽ اوهان کي جس ڏيان ٿو. اميد تہ هن تحقيق مان ٻيا محقق، تاريخدان ۽ اديب ڪافي معلومات حاصل ڪندا رهندا، اوهان جي تحقيق قابل قدر آهي. منڪر ۽ هم خيال نہ ٿيڻ وارن جي پرواھہ نہ ڪندا. اهو بہ تحقيق جو هڪ حصو آهي، اوهان تہ حوالن سان موقف آندو آهي، اهو بہ تحقيق جو اصول آهي، هي ڪم سڀ کان ڏکيو ڪم آهي، پر حلالي ملنگ پٽن لاءِ ڏکيو نہ.


ماستر صادق علي پالاري
جهمپير