لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌُ ارتقاءَ جي جاءِ (حصو پھريون)

ڪتاب ”سنڌ ارتقا جي جاءِ“ ذريعي ليکڪ اهو ثابت ڪرڻ جي پنھنجي طور هڪ بھترين ڪوشش ڪئي آهي، تہ انساني سماج جي ترقيءَ ۾ سنڌ نہ فقط ڀرپور حصو ورتو آهي، پر ڪيترين ڳالھين ۾ قاعدانہ ڪردار ادا ڪيو آهي. ليکڪ جو هن موضوع تي لکڻ جو مقصد اھو آھي تہ ڪائنات جي هن گولي (ڌرتيءَ) تي ابتدائي ارتقاءَ جو عمل شروع ٿيڻ ۾ سنڌ جو ڪھڙو ڪردار رهيو آهي، ڌرتيءَ جي پيدائش کان کنڊن ۾ تقسيم ٿيڻ وقت سنڌ جي ڌرتيءَ جو ڪردار انتھائي اهم آهي، ۽ دنيا ۾ پکڙيل انسان ۽ ٻيا جاندار سنڌ ڌرتيءَ تي جنم وٺي دنيا ۾ پکڙجي ويا جنھنجا ثبوت پڻ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. نامعلوم دور کان موجودہ دور تائين سنڌ جي اهميت واضع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. دليلن لاءِ ڏنل حوالا سائنس، مذهب ۽ تاريخ مان ورتل آهن.

Title Cover of book سنڌُ ارتقاءَ جي جاءِ (حصو پھريون)

ارتقا جي جاءِ

مان 15-16 سالن کان سنڌ ۽ ابڙو قبيلي جي تاريخ تي تحقيق ڪري رهيو آهيان، هن وقت تائين ڪيترائي ملڪ گهمي چڪو آهيان، جتي بہ تاريخ بابت مواد، شجرہ نسب، يا ڪنھن تاريخي ماڳ، مڪان يا دستاويز ، مھرن، هڏن، پٿرن بابت ڏس ملندو آهي اُتي پھچي ويندو آهيان هن تحقيق دوران مختلف قدرتي راز پڌرا ٿيا آهن، مذهب، سائنس ۽ تاريخ ٻڌائن ٿا تہ سنڌ ئي سڄي دنيا جي مھندار آهي، تھذيب جو بنياد سنڌ ۾ پيو، سنڌ ۾ دنيا جي ابتدائي جانورن پروش ورتي ۽ پھريون انسان آدم عليہ السلام بہ سنڌ ۾ لاٿو ويو جتان پوءِ نسل انساني ڌرتيءَ جي خشڪ ٻيٽن ۽ کنڊن تي آباد ٿيندو ويو. مھاٻوڏ کان اڳ ۽ پوءِ آدم ثاني حضرت نوح عليہ اسلام بہ سنڌ ۾ هئو؛
ڪائنات ۽ انسان جي ارتقاءَ تي لاتعداد ڪم ٿيو آهي پر هن وقت سائنس جي ترقي هوندي بہ اڃان ان نظرئي تي مڪمل ڪم نہ ٿي سگهيو آهي، 1855ع ڌاري برطانيا جي ماهر طبيعات الفرڊرسل ويلاس ارتقا جي باري ۾ ڪتاب لکيو، ويلاس حياتيات جو ماهر هو هن پنھنجي زندگي ارتقا جي اصولن کي هٿ ڪرڻ لاءِ کوجنا ۾ گذاري. الفرڊرسل ويلاس جي نظرئي سان هڪجھڙائي رکندڙ ارتقاء بابت نظريو پيش ڪندڙ چارلس ڊارون بہ آهي. چارلس ڊارون ولد رابرٽ ڊارون 1809ع ۾ پيدا ٿيو، مختلف اسڪولن ۾ پڙهيو، پڙهڻ ۾ دلچسپي نہ هئس، ننڍ پڻ کان مختلف ٻوٽا، پکي، پٿر، ڪوڏ، سپيون ۽ ٻئي سامونڊي مخلوق گڏ ڪندو هو، بعد ۾ هي ايڊنبرگ يونيورسٽي ۾ طب جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ داخل ٿيو، ايڊنبرگ يونيورسٽي ۾ هن جي ڪئميسٽري جي پروفيسر مسٽر هوپ سان ويجهڙائي رهي، ٻئي سال هو نيچرل سائنس ۾ هليو ويو جتي پروفيسر گرانٽ سان ويجهو رهيو. پروفيسر گرانٽ حياتيات جو ماهر ۽ قابل استاد هو، پروفيسر گرانٽ ارتقاء پسند مفڪر “ لامارڪ” جي نظرين سان متفق هو، ڊارون کي “لامارڪ” جي نظرئي سان اختلاف هو، “لامارڪ” چوندو هو تہ تمام جاندار (ساھہ وارا ڪيترن ئي نامياتي وحياتياتي نظام جي ذريعي سان هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن. هن حياتياتي نظام کي هڪٻئي سان وابستہ ڄاڻايو ۽ مربوط قرار ڏنو هو. جڏهن تہ ڊارون چوي ٿو تہ سڀني جاندارن ۾ هڪجھڙائي نہ آهي، وڻن ۽ ٻوٽن جي ڪنھن هڪ نسل ۾ شامل تمام ميمبرن ۾ ڪجهہ نہ ڪجهہ مختلف ضرور هوندو آهي، اهو فرق رنگ، قد، وزن، آواز، هلڻ جي رفتار، مھانڊن ۽ بناوت خاص نوعيت ۾ ظاهر ٿيندو آهي، بعد ۾ پروفيسر گرانٽ لنڊن يونيورسٽي هليو ويو، هن (ڊارون) ايڊنبرگ يونيورسٽي ۾ حياتيات جي پروفيسر جيمس سان گڏجي بہ ڪم ڪيو، 17 سالن جي عمر ۾ 2 مقالا لکي پيش ڪيا، پيءُ جي چوڻ تي پادري بڻجڻ لاءِ هن ڪيمبرج ۾ داخلا ورتي ۽ مذهبي تعليم وٺڻ لڳو، ڪيمبرج ۾ پادري جو ڪورس ڪرڻ دوران هن جي ملاقات پروفيسر هنسلي سان ٿي، پروفيسر هنسلي نيچرل سائنس جو ماهر استاد هو، چارلس ڊارون کي هن يونيورسٽيءَ ۾ “ نيچرل ٿيالوجي” پڙهڻ لاءِ موڪليو ويو جڏهن تہ هن جي دلچسپي “ نيچرل هسٽري” تائين محدود هئي. هي پروفيسر هنسلي جي ڪلاسن ۾ ويندو هو، ٻوٽن جي باري ۾ عملي تجربي لاءِ پروفيسر هنسلو هن کي پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هو ۽ هن کي ٻوٽن ۽ جانورن جي باري ۾ معلومات ڏيندو رهيو. ڊارون دانشور سرجي هرشل جو ڪتاب “ نيچرل فلسفي جي تاريخ” پڙهيو جنھن کان پوءِ هن کي پنھنجو علم گهٽ نظر اچڻ لڳو ان کانپوءِ سندس دل ۾ تحقيق جي چڻنگ ٻري ۽ جذبو پيدا ٿيو تہ “مون کي نيچرل سائنس ۾ ڪجهہ نوان واڌارا ڪرڻ گهرجن، بعد ۾ هن جيالوجي جا ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ شروع ڪيا، پروفيسر سچوڪ هن کي جبلن تي تحقيق لاءِ فيلڊ ۾ بہ وٺي ويندو رهيو. 1831ع ۾ رائل Royal نيوي جو “بيگل” نالي جھاز تحقيقي دوري تي وڃي رهيو هو، ان جھاز تي پروفيسر هنسلي جي سفارش تي ڊارون کي بہ چاڙهيو ويو، 27 ڊسمبر 1831ع جي شام جو جھاز روانون ٿيو، جھاز جي پھرين منزل ڏکڻ آمريڪا جو اڀرندو ڪنارو هو؛ جنھن وقت ڊارون “بيگل” جھاز وسيلي ڏکڻ آمريڪا روانو ٿيو هو تہ اُن وقت برطانوي حياتيات جو ماهر “ الفرڊ رسل ويلاس” اوڀر طرف تحقيق لاءِ روانون ٿيو هو. ڊارون ڏکڻ آمريڪا جي جزيرن ۾ دلچسپيءَ سان ڪم ڪندو رهيو، هن جي راءِ مطابق جزيرہ بعد ۾ ظاهر ٿيا هئا ۽ انھن جزيرن تي وڻ ٻوٽا ۽ جانور “مين لينڊ” مان هجرت ڪري هتي آباد ٿي ويا هئا. هن چلي ۽ ايڪواڊور ۾ بہ سٺو ڪم ڪيو هن اُتان فوسلز ڳولھي ڪڍيا ۽ هي وڏين وڏين هڏين تي مشتمل ڍانچا هئا، اهي ڍانچا گهڻو اڳ مري ويل قديم جانورن جا هئا ۽ اُن قديم نسل جو اولاد زنده هو. چلي ايڪواڊور جي جهنگن ۾ “ سلوٿس” (کير پياريندڙ هڪ جانور جنھن جا پير پٻن وانگر هوندا هئا) ۽ “آرمڊيلو” (هن جانور جي مٿان هڏين جو خول چڙهيل هوندو هو) نھايت اطمينان سان گهمندا هئا، جڏهن تہ سلوٿس ۽ آرمڊيلو خود اڻلڀ ٿي ويا آهن، هن آرڪي پلاگو جزيرن تي جهرڪين ۽ ڪمين تي تحقيق ڪئي، گلايگوز جزيرن تي بہ تحقيق ڪئي. هن عربي سمنڊ ۽ بحر اوڪيانوس جا سفر ڪيا. هن ڊگهي سفر ۾ هن فطري عجائبات جو مشاھدو ڪيو ۽ قديم قبيلن سان بہ مليو 1836ع جي آڪٽوبر ۾ هي واپس لنڊن پھتو، هن هڪ Journal Research نالي ڪتاب لکيو هن ڪتاب ۾ هن 5 سالن جي سفر دوران پيش ايندڙ مختلف واقعا بيان ڪيا آهن. 1855ع ۾ هن Origin of Species نالي ڪتاب لکيو هن ڪتاب ۾ ارتقائي اصولن تي تفصيل سان بحث ڪيل آهي. چارلس ڊارون 30 سال محنت ڪري هڪ ڪتاب Descent of Man، لکيو آهي جنھن ۾ هن چيو تہ “ هن دور جي جديد انسان ۽ بن مانس (وڏن ڀولن) جي پيءُ ڏاڏي کي ڳولھيون تہ اسان قديم بن مانس “ڊرائيوو پيٿي ڪس” تائن پھچي وڃون ٿا انسان جي ارتقاء ڀولڙن جھڙي مخلوق مان ٿي، زنده بن مانس (باندرن) ۽ انسانن جا گڏيل پيءُ ڏاڏا “ ڊرائيوو پيٿي ڪس” بن مانس آهن. ڊارون موجب جڏهن هي نسل ختم ٿيو تہ ان جون مختلف شاخون ۽ قسم زمين تي آباد رهيا انھن ۾ هڪ نسل “آسٽرالو پيٿي ڪس”هو، جنھن کي ڊارون پھريون انسان جھڙو چوي ٿو، ڊارون موجب تہ آسٽرالو پيٿي ڪس ٻن ڄنگهن تي سڌو هلندڙ (پنڌ ڪندڙ) انسان جھڙو هو ان جي چيلھہ ۽ ٻنڌڻن جون هڏيون اهڙي ترتيب ۾ اچي چڪيون هيون جنھن ڪري اُن کي سڌو ٿي هلڻ ۾ ڪابہ ڏکيائي نہ ٿيندي هئي. ڊارون چيو تہ هر شيءِ ارتقائي مرحلا طئي ڪندي هيستائين پھتي آهي، ارتقائي سفر اڃان رڪيو نہ آهي. هي تمام وڏو فاصلو آهي جيڪو ڪھڙي بہ طرح طئي نہ ٿي سگهندو هو؛جنھن وقت ڊارون پنھنجو ارتقاءَ بابت نظريو پيش ڪيو هو تہ ٺيڪ ان وقت “ الفرڊرسل ويلاس” بہ ارتقاءَ جي باري ۾ مقالو پيش ڪيو، ٻنھي جي نظرئي ۾ بلڪل هڪجھڙائي هئڻ سبب ان وقت جي سائنسدانن ۽ دانشورن جا اختلاف بہ ٿيا ۽ ڦڏو ٿيو تہ ارتقاءَ جي نظرئي جو باني ڊارون آهي يا ويلاس..... ڪجهہ دانشورن ويلاس کي ارتقاءَ جي نظرئي جو باني قرار ڏيڻ تي زور ڀريو. ڊارون جي نظرئي خلاف ان وقت يورپ جا پادري مخالف ٿي بيٺا. ۽ سندس ارتقاءَ ۽ انسان جي پئدائش جي پيش ڪيل نظرئي کي رد ڪري ڇڏيو، مخالفت ڪندڙ دانشورن، سائنسدانن ۽ مذهبي اڳواڻن سخت احتجاج ڪيا، ان وقت آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ بحث ٿيو جنھن ۾ بشپ سمويل چيو تہ ”ڊارون چوي ٿو تہ انسان ڀولڙن جو ترقي يافتہ نسل آهي پئدائش آدم جي باري ۾ ڊارون جو نظريو مذهبي تعليم موجب نہ آهي، بائبل ارتقاءَ کي مڃي ٿي. ارتقاءَ بابت بائبل ۾ سڀ تفصيل موجود آهن”. ان وقت مذهبي اڳواڻ ۽ سائنسدان ٻن گروپن ۾ ورهائجي ويا، هڪڙا حمايت ۾ ٻيا مخالفت ۾ ٿي بيٺا، 1882ع ۾ چارلس ڊارون وفات ڪئي. ڊارون پنھنجو نظريو “علم خلق Genetics” کان مدد وٺڻ بنا ڏنو ڇو تہ ڊارون جي دور ۾ ڪير بہ نہ ڄاڻيندو هو تہ ڪھڙن، ڪھڙن عجيب طريقن سان خاص جيو گهرڙا (Life Cell) هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين منتقل ٿيندا آهن. ڊارون جي پيش ڪيل ٿيوري ۾ ڪجهہ سوال طلب مونجهارا آهن. ڊارون انسان کي ڏيڍ ڪروڙ سال پھرين ختم ٿيل بن مانس جي نسل “آسٽرالوپيٿي ڪس” بن مانس جو اولاد ڄاڻائي ٿو؛ جڏهن تہ دنيا ۾ موجود باندرن جو قد عام طور 8 کان 15 فٽ تائين ملي ٿو. جڏهن تہ پھرين انسان حضرت آدم جو قد 60 گز ٻڌايو ويو آهي، حام بن نوح جو قد 26 گز آهي ۽ ان کانسواءِ 9-12-15-20-30 گز رکندڙ ڊگها انسان بہ موجود رهياآهن، اُهي ڪنھن جو اولاد آهن. ڊارون ارتقاءَ بابت نظريو ڏکڻ آمريڪا جي سامونڊي ڪنارن ۽ چلي، ايڪواڊور جي جزيرن تي ڪم ڪري ڏنو آهي، سندس تحقيق جو مرڪز اِهي ئي سامونڊي ڪنارا رهيا آهن. پر دنيا جي ارضياتي مطالعي ۽ دنيا ۾ آيل مذهبي ڪتابن موجب تہ دنيا جو مرڪز (Centre) سنڌ آهي.
دنيا ۾ پھريون جيو گهرڙو/ جراثيم حيات / Life cell سنڌ ۾ پيدا ٿيو، ان جو جنم لڪيءَ جي جابلو سلسلي م ٿيو. هتي ئي سڀني ساهوارن جيتن، پکين، چوپائين ۽ ٻين جاندارن پرورش ورتي ڇو تہ سنڌ ڌرتيءَ کان سواءِ باقي دنيا برف سان ڍڪيل هئي.
آخري برفاني دور پلاسٽوسين جيڪو آخري هڪ لک سال جو رهيو آهي ۽ اهو 10 هزار سال پھرين تائين رهيو آهي. ان هڪ لک سال برفاني دور جي وقت ۾ اتر آمريڪا، يورپ ۽ اتر ايشيا برفاني ڇپن سان ڍڪيل هو. اتر قطب ۾ برف جا جبل هئا ۽ گڏيل طور سموري زمين برف سان ڍڪيل هئي جڏهن سڄي ڌرتي برف سان ڍڪيل هئي تہ پوءِ انسان ۽ جاندار ڪٿي آباد هئا؟
جڏهن سڄي ڌرتي برف جي تھن سان ڍڪيل هئي تڏهن سنڌ ڌرتي ئي واحد زمين جو ٽڪرو هو جتي برف نہ هئي ۽ گرم رهندڙ خطو هو جتي انسان ۽ جاندار موجود هئا، ڇو تہ ٿڌ ۾ انسانن ۽ جاندران جو زنده رهڻ ممڪن نہ هو ۽ گرم علائقو صرف سنڌ ڌرتي هئي سائنس بہ اڄ ان ڳالھہ جي تصديق ڪري ٿي.
۽ پھريون انسان ۽ مختلف ڪيڙا، ماڪوڙا، مڇيون، چوپائيا سنڌ ۾ پيدا ٿيا ۽ پرورش ورتي ۽ دنيا ۾ پکڙجي ويا، حياتيءَ جي ڪيڙي (جراثيم) Life Cell جو جنم سنڌ ۾ ٿيو آهي، ان سلسلي ۾ تحقيق لاءِ آءُ قديم سنڌ سريلنڪا کان آسٽريليا تائين پکڙيل علائقن ۾ سفر ڪري پنھنجي سمجهہ، ذهن، عقل ۽ مشاھدي جي وسيلي ڪجهہ پريڪٽيڪل ۽ ڪجهہ مذهبي، تاريخي، ۽ سائنسي ڪتابن، مقالن، ويڊيوز، ذريعي ڪجهہ حوالا مليا آهن جيڪي پڙهندڙن آڏو رکجن ٿا.
سنڌ جي تاريخ ڪروڙين سال پراڻي آهي، سنڌ جو ڳاڻيٽو تاريخ جي انھن خطن ۾ رهيو آهي جيڪي مسلسل آباد ۽ خوشحال رهيا آهن، سنڌ ڌرتيءَ تي موهن جو دڙو، هڙاپا، ميھر ڳڙھہ جي عظيم تھذيبن جنم ورتو، موهن جو دڙو بابت مختلف مذهبن جي عالمن سان ڪچھرين دوران عالمن جو چوڻ هو تہ “ عاد” قوم جي جد امجد جو نالو موهن هو ۽ هنن رني ڪوٽ جو قلعو اڏيو هو جنھن جي ڀتين جي اوچائي 40 فٽ آهي ۽ “هنگلاج” جو بنياد بہ هنن وڌو هو، هنن جو نبي حضرت هود عليہ السلام هو، جنھن کي هندو “گورک ناٿ” سڏيندا آهن، جن ماڻھن حضرت هود عليہ السلام (گورک ناٿ) تي ايمان نہ آندو اُهي نافرمان جوڳي بڻجي ويا اڄ بہ ڪن ڦاڙ اصلي جوڳي پاڻ کي گورک ناٿ جو پوئلڳ سڏرائيندا آهن. گورک ناٿ جي قوم “ عاد” جي رهائش سنڌ جي کير ٿر، گورک جبل کان فارس (ايران) تائين هئي ۽ انھن جابلو سلسلن (گورک- کير ٿر وغيرہ) ۾ انھن جي مندرن جا نشان اڄ بہ موجود آهن ۽ حضرت هود عليہ السلام (گورک ناٿ) جي قدمن جا بہ ڪيترائي نشان ملن ٿا ۽ ان قوم جي قدمن جا ڪيترائي نشان ننگر پارڪر ۽ ٻين علائقن ۾ مليا آهن هندو پنڊتن موجب سندن جي آڳاٽن مذهبي ڪتابن ۾ گورک ناٿ (حضرت هود عليہ السلام ۽ سندس قوم بابت تفصيل موجود آهن جن ۾ سندن رهائشي علائقن بابت لکيل آهي تہ “اُهي جنت جي ٽڪري ۾ رهن ٿا جتي ٿڌيون هوائون، مٺي پاڻي جا چشما” ميووا، اناج ۽ رنگ برنگي گل ٻوٽا آهن ۽ اهي پھاڙن ۾ گهر ٺاهي رهندا آهن، جڏهن مٽيءَ جو وڏو طوفان آيو تہ انھن جبلن جي غارن ۾ لڪي پناھہ ورتي ۽ جيڪي نافرمان هئا انھن کي طوفان اُڏائي کڻي وڃي مُنھن ڀر زمين تي ڦٽو ڪيو ۽ موهن ڪوٽ يا موهن جو دڙو بہ ان طوفاني مٽيءَ سبب دٻجي تباھہ ٿيو هو ۽ اتي جيڪي انساني ڍانچا مليا آهن اُهي سڀ اونڌا پيل هئا. ان زبردست طوفان سبب هر شيءِ تباھہ ٿي وئي ۽ شھر مٽيءَ جو ڍير بڻجي ويا، ان طوفان کانپوءِ صرف اُهي بچيا جن غارن ۾ لڪي وقت گذاريو هو.
سنڌو تھذيب قديم مصر ۽ ميسوپوٽيما (عراق) جي عظيم تھذيبن جي همعصر رهي آهي ۽ سمير تھذيب بہ سنڌو تھذيب جو حصو رهي آهي. سنڌ کي سپت سنڌو (ست دريائن جي سر زمين) جو نالو ڏنو ويو آهي، اهي ست درياھہ هماليہ (لداخ) جبلن جي برف پوش چوٽين کان ننڍن، ننڍن پاڻيءَ جي چشمن جي شڪل ۾ وهن ٿا، مان 2000ع ۾ انھن چوٽين تائين پنھنجن بلتي دوستن سان گڏ ويس، گلگت کان سپت، سنڌوءَ جي مُنھن تائين 19 ڏينھن سفر ڪري پھتا هئا سين. جڏهن اسان چوٽيءَ تي پھتا سين تہ اسان جي اتر ۾ تبت، اولھہ ۾ چين جي پيڪنگ صوبي جي حد ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ قديم سنڌ ۽ هند هئا. پھاڙون برف سان ڍڪيل هيون اسان پھاڙن تي چڙهڻ وارو مڪمل سامان پاڻ سان کنيون هئو ڇو تہ اسان 5 ڄڻا هئاسون جن ۾ ٻہ سنڌي، هڪ پنجابي ۽ ٻہ بلتي هئا. 2000ع ۾ جڏهن مون هماليہ جبل تي وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو هو تہ صرف ان ڪري تہ سنڌو دريا ڪٿان ۽ ڪيئن ٿو نڪري ڏسي اچجي، منھنجو ان بابت مضمون وغيرہ لکڻ جو ڪو بہ ايرادو نہ هو. آرمي اسڪول آف مائونٽين وار فيئر اينڊ فزيڪل ٽريننگ ڪاڪول ايبٽ آباد ۾ انسٽريڪٽر طور ڪم ڪري رهيو هئس ۽ منھنجا ڪورس ميٽ گلگتي دوست علي گوهر ۽ شيرزمان بہ مھم جو قسم جا هئا. انھن کي چيم تہ جتان سنڌو دريا نڪري ٿو اها جاءِ ڏسڻي آهي تہ انھن يڪدم هماليہ جي چوٽيءَ تائين هلڻ جو پروگرام ٺاهيو ملتان جو مولوي الھڏتو ۽ گهوٽڪي جو ظھور ملڪ بہ تيار ٿيا.
اسان ٻہ مھينا موڪل وٺي روانا ٿي وياسون. اسان سڀئي مائونٽين وار فيئر اينڊ فزيڪل ٽريننگ اسالٽ ڪورس ايڊوانس پيرا هينگ گلائيڊنگ ڪورس ڪواليفائيڊ هئاسون، ان ڪري اسان آسانيءَ سان مٿي پھتاسون جتي اسان کي آڪسيجن جي گهٽتائي سبب ڪافي تڪليف پھتي، پھاڙن جي چوٽيءَ تي هڪ دلفريب منظر ڏٺو سون جبلن ۾ 6 انچ کان ٻہ فوٽن جا سوراخ هئا، جن مان پاڻي ايتري تيزيءَ سان وهي رهيو هو ڄڻ ٽيوب ويل هلي رهيا آهن، اسان 22 مئي 2000ع ۾ ويا هئاسون موسم سٺو هو ڪنھن بہ برفاني طوفان وغيرہ جو ڪو خطرو نہ هو پر برف جو تھہ 20-30 فٽ تائين هو، سوراخن مان وهندڙ پاڻي ننڍين نالين جي شڪل ۾ هزارين فٽ غارن جي اندر ڪٿي ڪري رهيو پر پاڻيءَ ڪرڻ جو ڪو بہ آواز وغيرہ ٻڌڻ ۾ نہ ٿي آيو، اهو پاڻي نالين جي شڪل ۾ چين طرف وهي رهيو هو ۽ قديم سنڌ طرف بہ وهي رهيو هو، شير زمان موجب تہ هي اهو هنڌ آهي جتان ست درياھہ نڪرندا آهن جبلن جي هن سلسلي ۾ هزارين اهڙا سوراخ آهن، جن مان پاڻي سڄو سال بنا ڪنھن وقفي جي نڪرندو رهندو آهي ۽ ڪجهہ جڳھين تان گرم بلڪل اٻرندڙ پاڻي بہ نڪرندو آهي اهو پاڻي ننڍين نالين جي شڪل ۾ وهي جبلن اندر ڪرندو آهي ۽ ڪٿي آبشارن جي شڪل ۾ وهندو ندين ۾ وڃي ڪرندو آهي، اسان مٿي 2 ڏينھن مشڪل سان رهي سگهيا سون ڇو تہ سخت ٿڌ ۽ آڪسيجن جي گهٽتائي، ڪڪرن ۽ گهم سبب اسان کي هيٺ لھڻو پيو، اسان جنھن جڳھہ تان هيٺ لٿاسون، اهو سنڌوءَ جو مُنھن هو، جتي پاڻي هزارين فٽن کان هيٺ ڪري رهيو هو، هيٺ لھڻ کانپوءِ بہ اسان سنڌوءَ کي ڏسي نہ ٿي سگهيا سون ڇو تہ سنڌو اُتان بہ هزارين فٽ هيٺ هو ۽ پاڻي نظر نہ ٿي آيو، اسان پنھنجو سفر جاري رکيو رستي ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي سنڌو ڍنڍ جي شڪل ۾ نظر آيو جتي ڪيترن ئي طرفن کان پاڻي نالين جي شڪل ۾ اچي گڏ ٿي رهيو هو، جڏهن تہ اسان جي ساڄي پاسي بہ ننڍيون نديون وهي رهيون هيون جيڪي پڻ ڪٿي نالي تہ ڪٿي ڍنڍ جي صورت ۾ نظر آيون ٿي، جنگلوٽ تائين سنڌو ڪٿي هزارين فٽ هيٺ هو تہ ڪٿي ايترو سوڙهو جو ٻہ فٽ کن جي نالي جي شڪل ۾ پر پاڻيءَ جي اسپيڊ 100 کان 200 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ نظر آئي ٿي، ڪٿي وري ميلن ۾ پکڙيل ڍنڍ جي شڪل اختيار ڪندو رهيو. اسان پاڻ سان هن سفر ۾ فولڊنگ تمبو (خيمو)، خشڪ کاڌو، فرسٽ ايڊ جو سامان، دوائون وغيرہ کنيان هئا، سفر گلگت کان جيپن، خچرن ذريعي ۽ پنڌ ڪندي 19 ڏينھن ۾ هماليہ جي چوٽين تائين پورو ٿيو هو، 2 ڏينھن رهي واپس ايندي 28 ڏينھن ٻيا بہ لڳي ويا ڇو تہ واپسيءَ وارو رستو سنڌوءَ جي ساڄي ڪناري سان ڪندا آيا سون، ان دوران اسين سڀ بيمار بہ ٿي پيا سون ۽ موڪل پوري ٿيڻ کان اڳ ئي ڪاڪول پھتاسون، جتي ڪجهہ ڏينھن سي ايم ايڇ (ڪمبائينڊ ملٽري هاسپيٽل) ۾ داخل ٿيڻو پيو. بھرحال ان وقت مون کي نہ اِها خبر هئي ۽ نہ ئي اهڙو شعور هو تہ مان اڻڄاڻائيءَ ۾ سپت سنڌو يعنيٰ ست دريائن جي نڪري وهڻ واري عظيم ٽڪري تي پھتو هئس.
تبت ۽ هماليہ مان نڪرندڙ هزارين ننڍيون، ننڍيون نديون ۽ ناليون هيٺاهين ڏانھن وڌندي هڪ ٻئي سان ملي سنڌو درياھہ کي جنم ڏين ٿيون. تبت جي جبلن تائين پھچڻ لاءِ اولھہ پاسي ڪيلاش وادي (ڪافرستان) هماليہ آهن، ڏکڻ ۾ مائونٽ ايورسٽ ۽ اتر ۾ ڪي ٽو جا جبل آهن، انھن سڀني جي وچ ۾ ڪيلاش جبل ۾ وڏي ڍنڍ بہ موجود آهي، هتان اتر طرف سنڌو ڏکڻ طرف گنگا، اولھہ طرف ستلج، اوڀر طرف برهم پترا درياھہ نڪرن ٿا.
تبت ۽ هماليہ مان وهي ايندڙ پاڻي ڪيلاش ڀرسان سينجي ڪباب وٽان جبلن مان وڏي ٽيوب ويل وانگر ڌڌِڪا ڏئي نڪري ٿو، تبت ۽ هماليہ کان سوين ندين جو ڄار وڇايل آهي جيڪي ڪٿي الڳ الڳ تہ ڪٿي هڪ ٻئي سان ملي وهن ٿيون ۽ جبلن تان هيٺ ڏسڻ سان اهڙو نظارو نظر ايندو ڄڻ تہ ڪنھن زمين جي مٿاڇري تي ليڪون ڪڍي ڇڏيون هجن. هن پاڻيءَ ۾ مڇي بہ آهي جيڪا ڳاڙهي رنگ جي آهي. ڪيلاش واديءَ جي جبلن کان لداخ (انڊيا) وٽ بہ ننڍيون نديون ۽ ناليون بہ سنڌوءَ م ملن ٿيون، لداخ جي جبلن مان وهندي سڪردو (بلتستان) کان هندو ڪش ۽ نانگا بربت جي وچ ۾ سنڌو تيز رفتاريءَ سان هيٺ ايندي استور واديءَ مان گذري تربيلا وٽ پھچي ٿو.
تربيلا ڊيم بہ ٺھيل آهي، اُتان اٽڪ ويجهو خير آباد (خيبر پختون خواه پنجاب جي سرحد) اٽڪ پل وٽ ڪابل ندي ۽ سوات ندي بہ سنڌوءَ سان ملن ٿا، هتي هڪ طرف ڪابل نديءَ جو ميرانجهڙو پاڻي آهي تہ ٻئي طرف سوات نديءَ جو اڇو سفيد رنگ شيشي جھڙو پاڻي آهي.
مون وڃڻ وقت ۽ واپس اچڻ وقت انھن ماڳن مڪانن ۽ علائقن جا نالا پنھنجي ڊائري ۾ لکيا هئا ۽ اتي هينڊي ڪيم ڪئميرا سان رڪارڊنگ بہ ڪئي هئي اها ڪيسٽ ميھڙ ۾ جاني موويز اينڊ مڪسنگ اسٽوڊيو ۾ موجود آهي، پر ڊائري مون کان 2006ع ۾ همايون لڳ شڪارپور مان ڦورو ٻئي سامان سان گڏ ڦري ويا هئا، موبائل ۽ ڪجهہ ٻيو سامان واپس مليو هو پر ڪتاب، ڪاغذ ۽ ڊائري واپس نہ مليا. بعد ۾ ڦورن ٻڌايو تہ اسان اُهي پاڻيءَ جي کڏ ۾ اڇلائي ڇڏيا هئا. اڄ هي جيڪو ڪجهہ لکيو اٿم صرف يادگيريءَ جي بنياد تي لکيو اٿم.
سنڌ جي تاريخ نامعلوم دور کان دز جي تھن ۾ لڪائي وئي آهي، ارتقاءَ ۽ انسان جي پئدائش جو بنياد يا ائين چوڻ ۾ ڪو بہ وڌاءُ نہ ٿيندو تہ ارتقاءَ جي ماءُ امڙ سنڌ جي اصل تشخص تي ڪڏهن ڪنھن اک ئي نہ وڌي آهي، هتي سنڌ کي هند چوڻ وارن کي ڪو بہ اهڙو چوڻ وارو نہ آهي جيڪو ٻڌائي تہ جنھن کي توهان هند ٿا چئو اها سنڌ آهي هند اُن کان پرڀرو آهي، هتي دنيا جو پھريون انسان حضرت آدم اچي ٿو، جبرائيل لوھہ جا ٽڪرا آڻي ٿو، وڻن، گاهن، ٻوٽن، جيتن پکين ۽ جانورن ۽ جاندارن جي دنيا ۾ حضرت آدم سرانديپ (سريلنڪا سنڌ) ۾ لھي ٿو، ڪھاڙي ٺاهيائين وڻ ڪٽي، هر، پاڃاري وغيرہ ٺاهي ٿو، جبرائيل جي آندل لوھہ مان ڪھاڙي، گهوٻو، ڪوڏر ٺھيا، جبرائيل ڏاندن جو جوڙو آندو، هر جوٽيو ويو، جبرائيل ڪڻڪ جي لپ آڻي ٿو، آدم ڪڻڪ ڇٽي ٿو، جيڪا چند سائتن ۾ پچي ٿي زمين مان آواز اچي ٿو “ اي آدم مون ۾ جيترو ست هو اوترين سائتن ۾ ﷲ جي حڪم سان ان پچائي تيار ڪيو اٿم، سريلنڪا کان مھاراشٽر، ڪڇ ڀڄ، بدين، ٺٽو ۽ ٻين ضلعن تائين پکڙيل ٻنيءَ مان ان لڻي گاھہ مان رسو ٺاهي ڳٺڙيون يا ڀريون ٻڌي گڏ ڪيون، ڳاھہ جوٽيائين، ڪاٺ مان ڪارائي ٺاهي ان کي واوريو ۽ صاف ڪيائين، پيھڻ لاءِ پٿر جو جنڊ ٺاهيائين، اٽو ڳوهڻ ۽ ٻين ضرورتن لاءِ مٽيءَ مان پاٽ، پليٽون، ڪُپڙا، مڳا، مٽ وغيرہ ٺاهيائين، جبرائيل دوزخ مان باھہ آڻي ٿو پر اها واپس هلي ٿي وڃي ﷲ جي حڪم سان پٿرن مان باھہ ٻارڻ سکي زندگي گذارڻ جا سڀئي اصول ۽ فن متعارف ٿين ٿا. ٻيھر انسانن جو (3)جد امجد ٿيندڙ آدم ثاني نوح عليہ السلام بہ سنڌ ۾ جنم وٺي ٿو، سنڌي قوم شيش/ سنڌ بن آدم جي اولاد) جو نبي ٿئي ٿو وڏي ٻوڏ کان اڳ بہ نوح سنڌ ۾ هو ۽ ٻوڏ کانپوءِ بہ سنڌ ۾ ئي رهيو ۽ دفن ٿيو اهو نسل 9 کان 60 گز قد رکندو هو. جنت مان سيحون/ سنڌوءَ کي هن سنڌ ڌرتيءَ تي لاٿو ويو، بعد ۾ انسانن جي نمائندن ۽ رهبر رسولن ۽ نبين بہ سنڌ سان ڳانڍاپو رکيو آهي، حضرت دائود جو اولاد، حضرت هارون جو پٽ، حضرت

سرانديپ جبل جي چوٽي – حضرت آدم عليہ ۽ حضرت نوح عليہ السلام جون قبرون
يوسف جو پٽ، حضرت نوح ۽ حضرت حام بن نوح، سام بن نوح، حضرت سنڌ رحمت ﷲ ۽ ٻيا سنڌ ڌرتيءَ جي اندر مدفون آهن، اڄ بہ انھن جون قبرون قديم سنڌ، پنجاب، بلوچستان، ڪشمير) ۾ موجود آهن، حضرت موسيٰ سنڌ ۾ اچي ٿو، رهي ٿو، رياضتون ۽ عبادتون ڪري واپس وڃي ٿو، حضرت عيسيٰ جي زندگيءَ جا غائب ٿيل 30 سال سنڌ ۽ تبت ۾ گذريا، پر اسان جون تاريخون انھن عملن کان خالي آهن، ڪو بہ ذڪر نہ ٿو ملي، بس صرف بادشاهن، حڪمرانن، جنگين ۽ تعريفي نغمن واريون تاريخون آهن، ۽ سنڌ جي تاريخ جا ماهر ڊرائنگ رومن ۾ ويھي، ڪتابن جا حوالا گڏ ڪري، هِن هُن کان پڇي سوين ڪتاب لکي چڪا آهن، پر ڪنھن بہ اهو نہ لکيو تہ دنيا جو وچ Centre بہ قديم سنڌ جي کيوڙا ۾ موجود باغان والي ۾ پھاڙ جي چوٽيءَ تي دنيا جو عظيم ۽ مڃيل (ارضيات) جي ماهر سائنسدان ابو ريحان البيروني جو ٺاهيل دائرو اڄ بہ موجود آهي، ابو ريحان البيروني دنيا جي گولائي ماپي اهو دائرو دنيا جو وچ قرار ڏنو هو، ڪنھن بہ ان کي مڪمل وائکو نہ ڪيو شايد مذهبي بنيادن تي ...! ڇو تہ مسلمان ﷲ تبارڪ و تعاليٰ جي گهر ڪعبت ﷲ شريف کي دنيا جو وچ سمجهن ٿا ۽ مسلمان محقق نہ لکندو ان ڪري ان تي زور نہ ڏنو ويو آهي، چرچ وارا چون ٿا تہ “گرينچ” دنيا جو وچ آهي. يورپ جي ۽ دنيا جي ترقي يافتہ سائنس بہ مجرماڻي خاموشي اختيار ڪئي آهي. ڇو تہ اهو سنڌ ۾ آهي اِن ڪري ! حضرت محمد مصطفيٰ صہ کي بہ سنڌ سان بي انتھا لڳاءُ هو، دعا گهرڻ وقت، سنڌ طرف چھرو ۽ هٿ مبارڪ ڪن ٿا، اصحاب پڇن ٿا، قبلا اوهان هميشہ، سنڌ طرف مُنھن ڪري دعا گهرندا آهيو؟ پاڻ سڳورا صہ فرمائيندا هئا تہ “مون کي سنڌ طرف کان روحاني ۽ رباني خوشبوءِ ايندي آهي. خبر اٿو ڇو؟ ان ڪري جو حضرت محمد مصطفيٰ صہ جن جو پھريون ظھور سنڌ ڌرتيءَ تي ٿيو هو ۽ صديون پوءِ عرب ۾ جنم مبارڪ ٿيو، جڏهن حضرت آدم کي جنت کان هيٺ سرانديپ سنڌ ۾ لاٿو ويو تہ اُن وقت حضرت آدم عليہ السلام جي پيشاني مبارڪ ۾ سندن نور مبارڪ (Life Cell) موجود هئا ۽ انسان جي ابتدائي ارتقا جو مرڪز بہ سنڌ، آدم، نوح جو وطن بہ سنڌ هئا قرآن شريف ۾ “ صائبين” جي نالي سان قوم کي سنڌي چيو ويو آهي (ان بابت مضمون ۾ حوالا اڳتي شامل ٿيندا.)
ان ڪري سڀني نبين ۽ رسولن کي بہ سنڌ سان روحاني ۽ رباني پيار هو. لڪي، جهرڪ، جهمپير ننگرپارڪر، کير ٿر ۽ قلات جي جابلو سلسلي تي ڪو ڌيان ڏيڻ وارو ڪونھي جو معلوم ڪري ٻڌائي تہ لڪيءَ جي جبلن ۾ پھرين جيو گهرڙي / جراثيم/ حياتيءَ جي ڪيڙي/ Life Cell جي پئدائش ٿئي ٿي ۽ پرورش ٿئي ٿي. دنيا جي بنيادي تھذيبن جو بنياد پئي ٿو، هتي سڌريل انسان جي زندگيءَ جا آثار دفن ٿيل آهن، پر اسان جو مقامي تاريخ دان لاتعلق آهي، تحقيق لاءِ ڪنھن اداري طرفان مدد (فنڊ) جي آسري عمرگذاري رهيو آهي
بھرحال اسان وٽ هن وقت ڪجهہ بزرگ ۽ نوجوان محقق سائنسي بنيادن تي تاريخ تي پيل دز کي هٽائڻ لاءِ سرگرم آهن ۽ ڊارون جي پئدائش آدم جي ٿيوري کي صرف ان بنياد تي ئي رد ڪندا تہ پھريون انسان سنڌ ۾ آيو، هن جو قد بن مانسن ۽ سڀني جاندارن کان وڏو هو، ڏکڻ آمريڪا ۾ انساني آبادڪاري پوءِ ٿي آهي، ان کان گهڻو اڳ انسان سنڌ ۾ آباد هو، بن مانس ۽ انسان جي قد ۾ گهڻو فرق رهيو آهي. ڊارون جي دور ۾ جينيٽڪ سائنس Genetic Science جو وجود نہ هو، سڄو ڪم صرف ٿيورين ذريعي پيش ڪيو ويندو رهيو آهي. اسان حياتيءَ جي ڪيڙي Life Cell (جراثيم حيات) جي سفر جي مشاھدي سان ثابت ڪنداسين تہ جاندارن جو هڪٻئي سان ڳانڍاپو آهي. جيئن وڻن، ٻوٽن جون شاخون (قلم) ڪٽي ٻيھر زمين ۾ هڻندا آهيون تہ ان نسل ۽ ان شڪل جو ئي وڻ ٻوٽو ڦٽندو آهي. نہ ڪي گلاب جي گل جي قلم مان ڪانڊيرو، ڪجهہ جسمن جا ڪمزور لائف سيل بہ جنم وٺندا آهن جيڪي شڪل ۽ بناوٽ ۾ انھن جهڙائي هوندا آهن پر ڪمزوري سبب سندن قد ۽ واڌ ويجهہ رڪجي ويندي آهي. مثال جيئن مانجھادڙي جو خار جنتر، ڪانڊيري جو خار ڪانڊيري وغيرہ آهن. اهو اسان سڀني جو فرض آهي تہ سنڌ جي حقيقي تاريخ تي سچائي، ايمانداريءَ سان سائنسي اصولن، تاريخ ۽ مذهبي ڪتابن جي حوالي سان کوجنا جي ميدان ۾ اڳڀرا ٿيون، اسان وٽ سٺا ذهن ۽ کوجنا جو ڏانءُ رکندڙ موجود آهن، ڪافي ڪم بہ ڪن ٿا پر اُهي اڪيلا ۽ لاوارث آهن، ڪو بہ اهڙو ادارو ناهي جيڪو انھن کي همٿائي، ٽيڪ ڏئي تہ هو دنيا اڳيان ڪافي تاريخي راز افشان ڪندا. سنڌ جي موجودہ تاريخ ۾ ملي ٿو تہ 600 کان 17 سؤ قبل مسيح ۾ سپت سنڌو ۾ آريا تھذيب جي شروعات ٿي ۽ سنڌو درياھہ جي ڪنارن تي مقدس ويد لکيا ويا، رگ ويد، اتر ويد، سام ويد، يجر ويد، ۽ شاستر ۽ اپنشد لکيا ويا ۽ هي دور ويدن جي تھذيب وارو دور چيو ويندو هو، سنڌ ڌرتيءَ تي انساني آبادي جي اصل دور بابت اڄ تائين ڪجهہ بہ نہ ملي سگهيو آهي، حيدر آباد جي ڏکڻ ۾ پيليو لٿڪ دور جو اهم ماڳ “اورنگا ” دريافت ٿيو جتان مليل ٿانون ذريعي پتو پوي ٿو تہ هن ڌرتيءَ تي نامعلوم دور کان انسان رهندو هو، ڪراچي لڳ جابلو علائقي مان پيليو لٿڪ ۽ ميسونڪ دور جا آثار مليا آهن جن مان هزارين سال پراڻيون شيون مليون آهن، قديم آثارن جي ماهرن لڪيءَ جي جابلو سلسلي ۾ ٺھيل غارن مان انسانن جي شروعاتي رهائش جا آثار ڳولھي لڌا آهن، جڏهن تہ روهڙي ۽ ڏاکڻي جابلو سلسلي مان خاص قسم جا پٿر مليا آهن جيڪي سنڌ جي آڳاٽي دور بابت ٻڌائڻ لاءِ ڪافي آهن، 1960ع واري ڏهاڪي ۾ فرانسيسي قديم آثارن جي ماهرن آمريءَ جو دڙو ڳولھي لڌو جتان پتل ۽ ٽرامي جي دور وارو سامان مليو جنھن جو ريڊيو ڪاربن ذريعي مطالعو ڪرڻ سان خبر پئي تہ چار صدي قبل مسيح جي ٻئي اڌ تائين پراڻا آهن جيڪي هڙاپا تھذيب جي شروعات هئي، هتان آمري تھذيب، ثقافت ۽ آبادڪاريءَ جا گهٽ ۾ گهٽ بہ 60 کن ماڳ مليا هئا جيڪي جابلو سلسلي “ گجو” ڳوٺ تائين پکڙيل هئا.
سنڌ جي ارضياتي مطالعي سان ارضي ماهرن ۽ سائنسدانن جا بيان آهن تہ پري ڪيپرين (پھريون دور) موجب تہ 3 ارب 5 ڪروڙ سال اڳ ننگر پارڪر جي پھاڙن جي چوٽين ٺهڻ جي خبر پئي ٿي، ان وقت هن خطي تي زندگي نہ هئي صرف لِوَ ۽ ساول (سائي ڪائي) هوندي هئي، ڪجهہ سائنسدانن جو چوڻ آهي تہ هي جبل 5 ارب سال پراڻا آهن، آڳاٽي تاريخ جي شروعات کان بہ پھريان پيليوسين دور جيڪو 48. 62 ملين سال پراڻو آهي. ان پيليوسين دور ۾ سن، مانجهند، ٻڍاپور جي پٺيان رني ڪوٽ جو جابلو سلسلو ٺھيو ۽ ان جي شروعاتي دور ۾ جبلن ۾ ڪائيءَ (ساول ۽ لِوَ) کان وڌي ڪيڙن، ماڪوڙن، جيتن مڇين، پکين ۽ کير پيئندڙ جانورن جنم وٺڻ شروع ڪيو، جانورن پکين، مڇين، جيتن ۽ ٻين ساهوارن جي دنيا ۾ انسان جو ڪو بہ وجود نہ هو. دنيا ۾ سڀ کان پھريان زندگيءَ جي شروعات ساھہ وارن جي پيدائش سنڌ ڌرتيءَ تي ٿي ڌرتيءَ جي گولي تي ٻئين دور Eocent Period ۾ 39 کان 47 ملين سال اڳ لڪي کان جهمپير تائين جابلو سلسلي جي تخليق ٿي، جتان ملندڙ چوني جي پٿر جي ا ڀياس موجب هتي پھرين پيليوسين دور ۾ جنم وٺندڙ ڪيڙن، ماڪوڙن، مڇين، پکين، ننڍن وڏن جانورن، وڻن، ٻوٽن وغيرہ جي نشونما (واڌ ويجهہ) ٿي، اهڙي قسم جا آثار رني ڪوٽ ۾ بہ مليا آهن ۽ هي سلسلو ٿاڻي بولا خان کان کير ٿر جي جابلو سلسلي تائين پکڙيل آهي، هي جابلو سلسلو دادو ۽ لاڙڪاڻي ضلعن کان ضلعي قلات تائين وڃي ٿو جيڪو پڻ وڏن جابلو سلسلن لڪي، کير ٿر، ناري، گنج، منڇر ۽ ڪاڇي تائين پکڙيل آهي. سنڌ ۾ وچئين دور جو واحد قديم آثار جهرڪ ۾ مليو هو جڏهن انسان شڪار ڪرڻ ۽ خوراڪ جمع ڪرڻ جا طريقا سکيا جيڪي ان جي گذاري لاءِ ڪافي هئا ۽ ايندڙ دورن (نيو لٿڪ ۽ ڪيلڪو لٿڪ) ۾ مستقبل لاءِ خوراڪ جي جنسن جي ضرورت پوري ڪرڻ جو هنر حاصل ڪيو ۽ خوراڪ جي پيدا واري معيشت تي عبور حاصل ڪيو. ان ئي دور ۾ اوزارن ٺاهڻ جي صنعت جو بنياد پيو، اهڙا اوزار سيوهڻ، ڪوٽڙي ۽ راجستان جي سرحد ويجهو ننگرپارڪر تعلقي مان مليل قديم آثارن مان مليا آهن.
40 هزار کان 10 هزار سال اڳ آخري دور ۾ اهي اوزار وڌيڪ بھتر ۽ محفوظ، ۽ سٺي انداز ۾ ٺاهيا وڃڻ لڳا ۽ قديم دور جو انسان شڪار ۽ پنھنجي رهائش کي وڌيڪ بھتر ۽ محفوظ بڻائڻ لڳو،(4) 3100 ق.م ۾ سنڌ جي رهواسين فصل پوکڻ جو طريقو اختيار ڪيو، زراعت ڪرڻ ۽ مال متاع پالڻ شروع ڪيو، ماڻھن ڳوٺ ٻڌي رهڻ شروع ڪيو اڳتي هلي اهي ڳوٺ باقائدہ منظم ۽ نفيس پر آسائش شھرن جي شڪل بڻيا، جن جي چوڌاري پناھہ جي ڀت هوندي هئي ماڻھو ننڍن گروهن يا قبيلن جي شڪل ۾ ڳوٺ ٺاهيندا هئا جن ۾ گهڻو ڪري وڻن جون ڪاٺيون ۽ گاھہ استعمال ڪندا هئا، اڄڪلھہ شھرن ۾ مختلف برادرين جون ٺھيل ڪوآپريٽو سوسائٽيون بہ ان آڳاٽي طرز جون ٺھيل آهن. سنڌ ۾ ٿانوَنِ ۽ ڪنڀارڪي فن جي شروعات آمري ۾ 3 هزار سال قبل مسيح ۾ ٿي. سنڌو تھذيب جو سڀ کان وڏو ۽ شاندار شھر موهن جو دڙو هوندو هو جيڪو سڀني شھرن ۽ ڳوٺن جو مرڪز هوندو هو، هي زراعت، هنر، زيورن، واپار ۽ مذهب جو مرڪز هو مصر، ايران ۽ ٻين ڏوراهن علائقن ڏانھن سمنڊ ۽ درياھہ ذريعي وڻج واپار ٿيندو هو هي اهو دور هو جڏهن نيل درياھہ جي ڪناري قديم مصر، دجلا ۽ فرات درياھہ جي ڪناري ميسو پوٽيما (موجودہ عراق)، هُوانگ هُو درياھہ جي ڪناري چين، ميڪسيڪو درياھہ جي ڪناري “ اِنڪا” جي عظيم تھذيبن جنم ورتو اهڙي طرح سنڌو درياھہ جي ڪناري سنڌ جي عظيم تھذيب ظاهر ٿي اهڙي طرح تھذيبن جي ڪھاڻي جو بنياد درياهن جي ڪنارن کان شروع ٿيو.
قبل مسيح کان هڪ هزار سال پھرين سنڌ ۾ ويدڪ دور جي شروعات ٿي 80 کان 1000 قبل مسيح جي وچ واري دور ۾ سنڌو درياھہ جي ڪناري مقدس ڪتاب سماويد (سام ويد) يجر ويد، اٿر ويد لکيا ويا. (5)900 ق.م ۾ مھاڀارت جنگ لڳي جنھن ۾ سنڌ جي حڪمران جئي ورٿ “ڪوروئن” جو ساٿ ڏنو، ان دور ۾ آريا سنڌ، گجرات، ڪاٺياواڙ ۽ اُتر جي سڄي خطي ۾ پکڙجي ويا، رگ ويد واري دور ۾ سنڌ جا تجارتي رابطا نينوا (نمرود)، سوسا جتي حضرت ابراهيم پئدا ٿيو هو، بابل، ٽائر، اسپين ۽ ميمفس سان سامونڊي رستن ذريعي تعلق جڙيو ۽ مختلف جنسون، مال متاع وغيرہ جي برآمد ۾ واڌارو ٿيو. سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي ڏسي 600 کان 800 قبل مسيح - 805 قبل مسيح کان 810 قبل مسيح ۾ برهمڻن جو دور شروع ٿيو سميرين سنڌ تي چڙهائي ڪئي پر بدترين شڪست کاڌائون، جنھن ۾ دراوڙن جي هٿان سنڌ ۽ بابل جي وچ ۾ تجارت مضبوط ٿي6 ڏاکڻي عربي علائقي کان خشڪي رستي مصر ۽ بحر الڪاهل جي ڪناري تائين تجارتي تعلق ٿيا ۽ سنڌ جون شيون زميني رستن ذريعي اولھہ تائين وينديون رهيون هي سلسلو 15هين صدي جي آخر تائين جاري رهيو.
8 سنڌ ارتقاءَ جي مھندار ۽ جاندارن جو پھريون وطن هئي. پراڻو تصور هو تہ زندگي صرف انسانن، جانورن ۽ چند نظر نہ ايندڙ مخلوقن ۾ آهي باقي سڀ شيون بي جان آهن. پوءِ سائنس وڻن، ٻوٽن وغيرہ ۾ زندگيءَ جو هئڻ ثابت ڪيو ۽ اڄ سائنس ٻڌائي ٿي تہ مٽي ۽ پٿرن وغيرہ ۾ بہ زندگي آهي، ايستائين جو انھن ۾ احساس ۽ جذبا بہ هوندا آهن (اهو قرآن پاڪ مان بہ ثابت آهي) دنيا جي هر شيءِ ۾ زندگي هئڻ باوجود مادي خيالن سان سوچيندڙ اسان جي هي ڳالھہ نہ سمجهي سگهندا تہ دنيا جي سڀني شين جا هڪٻئي سان ڳانڍاپا/ لاڳاپا ۽ دوريون بہ آهن، اَڻ ڏٺل طاقت جي رهنمائيءَ ۾ مختلف اصولن ۽ ضابطن ۾ ٻڌل مختلف شين جا پاڻ ۾ محبت ۽ نفرت جا تعلقات بہ آهن؛ ڪروڙين سال پھرين زمين جا هڪ ٻئي سان ڳنڍيل ٽڪرا جدا ٿين ٿا ۽ 9پوءِ هڪ ٽڪري تي دنيا جو پھريون مرد قدم رکي ٿو ۽ ٻئي ٽڪري تي جنت مان سندس زال کي لاٿو وڃي ٿو (روايتين موجب ڏاڏي حوا کي جدي ۾ لاٿو ويو هو) اهڙي طرح دنيا ۾ نسل انسان جي شروعات هتان ٿي. زمين تي انساني زندگي جي شروعات کي هزارين سال گذري ويا، وقت گذرڻ سان گڏوگڏ انساني عقل بہ ارتقاءَ جون منزلون طئي ڪري رهيو آهي ۽ پنھنجي ترقيءَ جي عروج تي پھچي هي مادي عقل بہ فنا ٿي ويندو، مشھور نوبل انعام يافتہ سائنسدان ڊاڪٽر عبدالسلام مذهبي ڪتابن ۽ خاص ڪري قرآن شريف جي مطالعي کانپوءِ سائنس جي هي ٿيوري (نظريو) ڏنو تہ ڪائنات ۾ مختلف طاقتون Forces نہ پر هڪ ئي بنيادي طاقت Force آهي جيڪا مختلف شڪلين ۾ ظاهري ٿيندي رهندي آهي ۽ ان جي خلاف اهي آهن جيڪي ان مونجهاري کي حل ڪرڻ ۾ لڳل آهن تہ انسان جو وجود زمين تي ڪيئن آيو؟ ڊارون جو نظريو (ٿيوري) آهي تہ انسان ڀولڙي جي ترقي يافتہ شڪل آهي، اڄ تائين هڪ نظريو اهو ئي آهي جنھن کي سائنس بہ غير ثابت شده نظريو مڃي ٿي. انساني عقل پنھنجون سڀ طاقتون توانائيون لڳايون آهن پر هو نہ تہ ڊارون جي ٿيوري ثابت ڪري سگهيو آهي ۽ نہ آئنده ڪري سگهندو، جڏهن انسان جي ابتدا (بنياد) کي ئي سائنس ڳولھي نہ سگهي آهي تہ پوءِ ڪائنات جي تخليق جو علم ان کي ڪيئن ٿي سگهي ٿو ان ميدان ۾ بہ هو اوندھہ ۾ هٿوراڙيون ڏئي رهيا آهن. انگريزي رسالي ريڊرس ڊائجسٽ 1977ع جي شماري ۾ ايراوولفرٽ پنھنجي مضمون “نيو ويزنس آف دي يونيورس” ۾ لکي ٿو تہ “موجودہ دور ۾ اسان جي سائنسدانن جي سامھون لڱ ڪانڊاريندڙ عجائبات جو هڪ سلسلو اچي رهيو آهي جنھن ڪائنات جي باري ۾ اسان جي چند مڪمل ترين ۽ مظبوط نظرين کي چئلنج ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪائنات جي تخليق جو هڪ مظبوط نئون نظريو سامھون اچي رهيو آهي”، 10قرآن پاڪ ۾ بہ انسان جي پئدائش بابت مڪمل تفصيل موجود آهن ۽ انھن کي سائنس بہ تسليم ڪري ٿي ۽ انسان جي پيدائش بابت قرآن شريف ۾ انساني جسم جي بناوٽ ۾ جيڪي عنصر مليا آهن، انھن موجب انساني جسم طين (گپ) تراب (خاڪ) علق (رت جي ڦٽڪي) ماءِ دافق (ٽپا ڏيندڙ پاڻي) صلصال (سڙيل مٽي) حماء مسنون (ڳوهيل گارو/ مٽي) ۽ نطفو شامل آهن، انسان جي خمير ۾ موجود انھن عنصرن کي اڄ سائنس بہ مڃي ٿي. قرآن پاڪ جي سورة النساءِ جي هڪ آيت ۾ ارشاد ٿيو آهي تہ ،11 اي انسانو پنھنجي پروردگار کان تقوى اختيار ڪيو ۽ جنھن توهان سڀني کي هڪ ئي نفس مان پيدا ڪيو ۽ ان مان ان جو جوڙو (عورت) کي پيدا ڪيو. سورت التين جي آيت 4 ۽ 5 ۾ اشارو ڏنل آهي تہ ترجمو “ اسان انسان کي بھترين ساخت (سٺي بناوٽ ۾ پيدا ڪيو، پوءِ اسان ان کي هيٺياهين کان بہ هيٺائينءَ تي آندو”.
هندستان جي ڪلياڻ گورکپوري لکيو آهي تہ، 12برهما پنھنجي جسم جا ٻہ حصا ڪيا هڪ مان مرد ۽ ٻئي مان عورت ٿيا ۽ اهڙي طرح ڪيترن ئي جاندارن جي تخليق ٿي. مشھور محقق جي اي ڊيبوس پنھنجي ڪتاب ,Customs and Ceremonies Hindu Manners ۾ لکي ٿو تہ ”مارڪنڊيا پراڻ ۽ ڀاڳوت ۾ ان جو واضع بيان آهي تہ هن حادثي ۾ سڄو انساني نسل ختم ٿي ويو هو سواءِ ست مشھور عبادت گذار رشين جي. اِهي ست رشي هڪ ٻيڙي ۾ چڙهيا ۽ عالمگير تباهيءَ کان بچي سگهيا هئا ان ٻيڙي کي خدا خود هلائي رهيو هو، هڪ ٻئي عظيم هستي جيڪا بہ بچڻ وارن ۾ شامل هُئي اها منو (نوح) جي شخصيت هئي، ڪتاب جي صفحي 417-416 تي متسيہ پراڻ جي اڌ يائي 1-1 جي اشلوڪ 29 کان 35 جي حوالي سان لکي ٿو تہ 13 تڏهن ڀڳوان، منو (نوح) کي چيو” ٺيڪ آهي، ٺيڪ آهي تو مون کي چڱي طرح سڃاڻي ورتو آهي، 14 اي زمين جا رکوالا ٿوري ئي وقت ۾ جبل، جهنگ ۽ کاڻن سميت هيءَ زمين پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويندي، ان لاءِ اي زمين جا سردار سڀني جاندارن جي حفاظت لاءِ سڀني ديوتائن ذريعي هن ٻيڙي کي ٺاهيو ويو، اي وفا شعار جيترن بہ قسمن جا جاندار آهن انھن سڀني بي سھارن کي هن ٻيڙي تي چاڙهي تون ان جي حفاظت ڪجانءِ“ متسيہ پراڻ جي اڌ يائي 2-1 جي اشلوڪ 10 کان 11 ۽ 14 کان 16 تائين جي حوالن سان لکي ٿو تہ تڏهن ست ئي سمنڊ جوش ۾ اچي پاڻ ۾ ملي ويندا ۽ هنن ٽنھي دنيائن کي مڪمل طرح هڪ ڪندا، اي وفا شعار ان وقت تون ان ويدروپي ٻيڙي کي حاصل ڪري ان تي سڀني جاندارن ۽ ٻجن کي سوار ڪجانءِ
15 ٻوڏ جي قيامت جي وقت جڏهن اهڙي طرح سڄي زمين هڪ وڏي بحر (پاڻيءَ) ۾ ٻڏي ويندي ۽ تنھنجي ذريعي تخليق جو آغاز ٿيندو، تڏهن مان ٻيھر ويدن جو بنياد وجهندس، تڏهن منو (نوح) بہ اُتي بيھي ڀڳوان (ﷲ) جي رحمت سان مليل عبادت ۽ رياضت ۾ لڳو رهيو جيستائين هن (ٻوڏ) قيامت جي پيشن گوئيءَ جو وقت نہ اچي ويو”.
پنڊت ويد پرڪاش اُپاڌيائي ڪتاب “ اسلام ۽ آخري مذهب” ۾ لکي ٿو تہ متسيہ پراڻ موجب“ آدم ۽ حوا وشنو جي آليءَ مٽيءَ مان پيدا ٿيا. جنت جي اوڀرندي حصي ۾ پرميشور جي ذريعي ٺاهيو ويو خوبصورت چار ڪوهن جي ايراضيءَ جو وڏو جهنگ هو، گناھہ واري وڻ جي هيٺان وڃي زال کي ڏسڻ جي بيتابي سبب 16 آدم حوا وٽ ويو، تڏهن نانگ جي شڪل ٺاهي اتي شيطان فورن نمودار ٿيو، ان چالاڪ دشمن جي ذريعي آدم ۽ حوا ٺڳجي ويا ۽ وشنو جي حڪم کي ٽوڙي ڇڏيائون ۽ دنيا جو رستو ڏسيندڙ ان ميووي کي مڙس کائي ڇڏيو، 17’انھن ٻنھي ذريعي گولر جي پنن مان هوا واري غذا حاصل ڪئي وئي، تڏهن انھن ٻنھي مان ڪيترو ئي اولاد پيدا ٿيو، سڀ 18مليڇ چيا ويا، آدم جي عمر 930 سال هئي. “ هن مان نوح نالي پٽ پئدا ٿيو ان 500 سالن تائين راڄ ڪيو ان جا سيم، شام ۽ ڀائو 3 پٽ هئا، وشنو جو ٻانھون نوح وحدت الوجود جي ڌيان ۾ محو هو هڪ دفعي وشنو ان کي خواب ۾ ٻڌايو تہ اي پيارا نوح ٻڌ، ستين ڏينھن حشر برپا ٿيندو تون ماڻھن سان گڏ ٻيڙي ۾ فورن ويھي رهجانءِ، اي اندر جا ڀڳت پنھنجي جان بچاءِ تون سربلند ٿيندين، اهو مڃي ڪري ان بزرگ هستيءَ 3 سؤ فٽ ڊگهو 50 هٿ ويڪرو ۽ 3 هزار هٿ اونھون خوبصورت ٻيڙو ايجاد ڪيو، سڀني جاندارن جي جوڙن ۽ پنھنجي خاندان سان گڏ سوار ٿي وشنو جي ڌيان ۾ محو ٿي ويو، چاليھہ ڏينھن تائين زوردار برسات پئي ڀارت ورش پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويو ۽ چار سمنڊ ملي هڪ ٿي ويا، ﷲ وارو بزرگ نوح پنھنجي خاندان سان گڏ طوفان ختم ٿيڻ کانپوءِ اتي رهڻ لڳو، نوح جا پٽ سام، حام ۽ ياقوت جي نالن سان مشھور ٿيا. دنيا جي ابتدائي تخليق ۽ انسان جي تھذيب ۽ جاندارن جي پھرين ڌرتي سنڌ آهي، مسلمانن جي ذهنن ۾ اڄ تائين هڪ عام تصور هي آهي تہ جن نبين جو ذڪر قرآن شريف ۾ آهي انھن جو تعلق صرف عربستان (عرب جزيري) سان هئو، پر اِها دعوا ڪندڙ اهو نہ ٿا ٻڌائن تہ حضرت آدم ۽ حضرت نوح عرب، مصر، عراق يا شام جي ڪھڙن حصن ۾ تبليغ لاءِ مقرر ٿيا هئا..؟ ان سلسلي ۾ مختلف عالمن، محققن جي تحقيق موجب سنڌ جنھن کي عرب ۽ ٻاهرين دنيا وارا گڏيل طور هند يا هندوستان سڏين ٿا 19 ۾ انسانن جو اَبو حضرت آدم عليہ السلام، آدم ثاني حضرت نوح، شيث بن آدم، حضرت دائود، حضرت هارون، حضرت يوسف، حضرت حام بن نوح، حضرت ايوب، حضرت هود، حضرت سنڌ بن سام بن نوح ۽ ٻيا پيغمبر سڳورا يا سندن اولاد قديم ۽ موجودہ سنڌ ۾ دفن ٿيل آهن. 20حضرت موسيٰ عليہ السلام حضرت عيسيٰ عليہ السلام بہ سنڌ ۾ رهي عبادتون ۽ رياضتون ڪيون آهن. حضرت آدم کان حضرت محمد مصطفيٰ صہ جن جو سنڌ سان تعلق ۽ پيار هو، محبت هئي. حضرت آدم عليہ السلام دنيا ۽ ڪائنات جو پھريون انسان هو جنھن جي سنڌ ڌرتيءَ تي آمد ٿيڻ وقت سريلنڪا جي جبل سرانديپ جي چوٽيءَ تي هڪ تمام وڏي انساني پير (آدم جو) نشان موجود آهي، جنھن کي مختلف مذهبن جا پوئلڳ مقدس ڪري مڃيندا آهن. مسلمان ۽ عيسائي ان کي حضرت آدم جي پير جو نشان ٻڌائن ٿا. ٻڌ مذهب وارا ان کي گوتم ٻڌ جي پير جو نشان مڃين ٿا. هندو ان کي “ شوِ” جي پير جو نشان مڃين ٿا. حديثن ۽ تفسيرن ۾ جتي بہ حضرت آدم جو واقعو آهي اُتي مختلف روايتن سان هي بيان اچي ٿو تہ حضرت آدم عليہ السلام جڏهن آسمان جي جنت کان ڪڍيو ويو تہ هو ، ان زمين جي جنت ۾ جنھن جو نالو “ سنڌ جنت نشان” آهي ۾ لاٿو ويو. (سرانديب –سريلنڪا) سنڌو تھذيب جو حصو رهيو آهي. سنڌو تھذيب جون حدون سريلنڪا کان آسٽريليا تائين هيون عرب ۽ ٻاهرين ليکڪن سنڌ کي بہ هند ڪري سڏيو ۽ لکيو آهي سنڌو مذهب (ويدڪ يعنيٰ وحدانيت وارو مذهب) جنھن جو قرآن پاڪ ۾ صابئين جي نالي سان ذڪر آهي ۽ مفسرن ۽ عالمن صائبين کي سنڌي قوم ڄاڻايو آهي) فارسي ۽ عرب ليکڪن تہ سنڌ جي حقيقي تاريخ کي گھراين ۾ دٻائڻ ۾ ڪا ڪسر نہ ڇڏي آهي. هنن سنڌ کي بہ هند ڪري سڏيو ۽ لکيو آهي ان ڪري سنڌ کي بہ مذهبي عالمن، سياحن، محققن، تاريخ دانن هند ڪري لکيو آهي ۽ سنڌ جي تاريخ کي بہ هند جي نالي سان لکيو ويو آهي، 21سرانديپ (سريلنڪا) ۾ آدم عليہ السلام پھريون قدم رکيو جنھن جو نشان هڪ جبل تي موجود آهي، ابن حرير، ابن اَبي حاتم ۽ حاڪم ۾ آهي تہ 22هندوستان (سنڌ) جي ان سرزمين جو نالو جنھن ۾ حضرت آدم “دجنا“ (عدن) ۾ لٿو آهي، ڇا اهو چئي سگهجي ٿو تہ هي دجنا، دکنا يا دکن (ادن) آهي جيڪو هندستان جي ڏاکڻي حصي جو مشھور نالو آهي ابن عباس فرمايو تہ آدم جو تنور هند (سنڌ) ۾ هئو واضع رهي تہ قرآن، انجيل، توريت مان ڪنھن بہ مفسر واضع نہ ڪيو آهي تہ حضرت آدم کي دنيا جي ڪھڙي خطي تي لاٿو ويو، مليل رواتين ۽ سريلنڪا ۾ پير جي نشان سبب هي اشارا مليا آهن تہ حضرت آدم کي سرزمين سنڌ جي خطي تي لاٿو ويو، ڇو تہ اڄ تائين دنيا جي ڪنھن بہ خطي جي باري ۾ اهڙي ڪا دعوا يا روايت نہ ملي آهي.