”سنڌ ارتقاءَ جي جاءِ“ تي هڪ نظر
سنڌ جي نالن ۾ اختلافن جو سڀ کان وڏو ڪارڻ ٻوليءَ ۾ ايندڙ لساني ڦير گهير آهي. جنھن جي ڪري ئي سنڌ جي نالي جا اچار هند ۽ انڊيا، شنتو، سين، سنگهہ وغيرہ بڻيا ۽ معروف ٿيا. لساني ڦير گهير اچڻ تہ ايڏو وڏو مسئلو نہ آهي، پر نون اچارن کي هاسيڪار رواج ڏئي شين کي لڪائڻ جي ڪوشش نندڻ جوڳو عمل آهي. جيئن هڪڙي ڪانگريسي سنڌي ڊاڪٽر چوٿرام گدواڻي جي حوالي سان جواهر لال نھرو تي اٿاريل هڪ اعتراض هڪ هنڌ پڙهيم تہ نھرو، گنگا نديءَ جو نالو گنگا اچاري ٿو، ان جو يورپي تلفظ گينگز (Ganges) نہ ٿو اچاري. پر جڏهن هو سنڌوءَ جو ذڪر ڪري ٿو تہ ان لاءِ يورپ وارن پاران ڏنل نالو انڊس استعمال ٿو ڪري. http://www.sindhishaan.com/article/issues/issu_09_04a.html
ساڳئي مضمون ۾ هندستاني ٽوئرزم جي منسٽر رينوڪا چوڌري پاران لداخ جي جابلو سلسلي مان نڪرندڙ سنڌوءَ جي وهڪري جي مقامي اچار Singhi کي هٿي ڏئي، سنڌوءَ جي نالي کي ميسارڻ ۽ سنڌو نديءَ کي فقط پاڪستان جي حدن ۾ وهندڙ درياءُ قرار ڏيڻ جي نندا ڪئي وئي آهي. دراصل تھذيبي مرڪز هئڻ ڪري پاڪستان کي هندستان مٿان واضح برتري حاصل آهي. هن قسم جا عمل اهڙن ماڻھن جي پاران ڪيل آهن، جيڪي پنھنجن علائقن کي سنڌ جي قديم تھذيبي مرڪز کان وڌيڪ فوقيت ڏيارڻ جا خواهشمند آهن، پر جڏهن انھن کي مجبور ٿي ڪٿي سنڌ جو نالو وٺڻو ٿو پوي تہ اتي سنڌ جي نالي جي بگڙيل صورت استعمال ڪري پنھنجي ضمير کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. خبر ناهي تہ اسان جي هڪ ڏيھي دانشور ۽ مشھور قانوندان توڙي سياسي اڳواڻ چوڌري اعتزاز احسن ڪھڙي خيال کان پنھنجي مشھور ڪتاب Indus Saga ۾ ڇا سوچي ڀارت جي سنڌي تھذيب سان تعلق کي 5000 سال پراڻي ڳالھہ چئي سنڌ کي هند مٿان حاصل تھذيبي فوقيت جي اهميت گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جنھن جو مطلب نہ رڳو رينوڪا چوڌري جھڙن تنگ نظر ماڻھن کي سنڌ جي نالي مان جان ڇڏائڻ جو وجھہ ڏيڻ ٿيندو، بلڪہ ايشيا کنڊ کان سواءِ يورپ ۽ آمريڪا جي تھذيبن جي وارثن پاران سنڌو تھذيب سان پنھنجو تعلق ڄاڻائڻ وارين دعوائن جي سلسلي ۾ موجود سمورن ثبوتن کي نظرانداز ڪري انھن سان ناتو ڇني ڇڏڻ ٿيندو. جنھن جي نتيجي ۾ سنڌ کي هن گلوبل وليج ۾ ويڳاڻپ کان سواءِ ڪجهہ نہ سرندو.
بھرحال جڏهن ننڍي کنڊ ۾ انگريزن جي دور ۾ تاريخ کي تحقيقي اصولن مطابق لکڻ جو رواج پيو. تڏهن شايد شمس الدين رڪن الدين قريشي پھريون ماڻھو هو، جنھن “آئينہ قديم سنڌ” نالي ڪتاب لکي قديم ماخذن ۾ ڏنل اشارن ۽ اهڃاڻن، توڙي آثار قديمہ جي حوالي سان ٿيل جديد تحقيق جي مدد سان تفصيل سان سنڌ جي تشخص کي نروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اها ڪوشش اڄ سوڌو جاري آهي ۽ سنڌي تھذيب جي عظمت جا قائل روز بروز نون حوالن سان سنڌ جي ان قديم تشخص کي نروار ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهن. ڀاءُ شاھد علي ابڙو بہ انھن مان هڪ آهي، جنھن پنھنجي مطالعي سان گڏ هن سلسلي ۾ حاصل ڪيل مواد ۽ اکين ڏٺي مشاھدي جي آڌار تي هي مختصر ڪتاب لکيو آهي. جنھن ۾ هن، سنڌ جي قديم جاگرافيءَ مطابق سرانديپ کي تاريخي لحاظ کان سنڌ جو علائقو قرار ڏيندي، اهڙي قسم جي روايتن کي هٿي ڏيڻ وارن تي اعتراض اٿاريندي چيو آهي تہ “.... سنڌ کي هند چوڻ وارن کي ڪوبہ اهڙو چوڻ وارو نہ آهي، جيڪو ٻڌائي تہ جنھن کي توهان هند ٿا چئو، اها سنڌ آهي.”
هن ڪتاب ۾ هڪ هنڌ دنيا جي مختلف متبرڪ ماڳن کي دنيا جو وچ قرار ڏيڻ ۽ ان جي مقابلي ۾ البيروني پاران هڪ دائرو ڪڍي سنڌ کي دنيا جي وچ هئڻ جي دعوي جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. ٻئي هنڌ مختلف ڪتابن مان ڪيترن ئي نبين جا مرقد سنڌ ۾ هئڻ جي نشاندهي بہ ڪئي اٿس. ٽئي پاسي هن پنھنجي مختصر ڪتاب ۾ سنڌ کي انساني نسل کان ٽپي ڪري پھرئين حياتياتي جِيوَ جي اوائلي جنم ڀومي هئڻ جي دعوي ڪندي دنيا جي ڏاهن جو ڌيان هن طرف ڇڪڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي آهي. سندس اهي دعوائون سنڌ سان محبت جو ثبوت آهن. پر ياد رهي تہ اهي رڳو دعوائون نہ آهن، بلڪہ برادرم شاھد علي ابڙي پاڻ وڃي اهي ماڳ مڪان ڏٺا بہ آهن.
آئون سمجهان ٿو تہ جنھن قسم جو هيءُ موضوع آهي، ان لحاظ کان هيءُ تمام ننڍڙو ڪتاب آهي. تنھنڪري کيس ئي گذارش ڪندس تہ هيءُ ڪتاب ڇپجڻ کان پوءِ بہ هن موضوع کي اڃا بہ وڌيڪ وائکو ڪري لکڻ لاءِ پنھنجون ڪوششون جاري رکندو اچي تہ جيئن سندس پيغام سھڻي نموني سان ساڃاھہ وندن توڙي عام ماڻھن تائين پھچي سگهي.
8 جنوري 2016ع
قاضي مقصود احمد
مٽياري