صوف ابڙي جي اَمُلھہ خدمت
بھرحال اچجي ان ڳالھہ تي تہ هن ڪتاب “سنڌ ارتقا جي ماءُ” ذريعي ليکڪ اهو ثابت ڪرڻ جي پنھنجي طور هڪ بھترين ڪوشش ڪئي آهي، تہ انساني سماج جي ترقيءَ ۾ سنڌ نہ فقط ڀرپور حصو ورتو آهي، پر ڪيترين ڳالھين ۾ قاعدانہ رول ادا ڪيو آهي. محقق پنھنجي مقصد ۾ ڪيتري حد تائين ڪامياب ٿي سگهيو آهي؟ ان بابت هن وقت راءِ ڏيڻ وقت کان اڳي ٿيندي، تنھن هوندي بہ جيڪڏهن اڻڌريو ٿي ڪتاب جي مختلف پھلوئن جو جائزو وٺبو تہ وسيلن جي اڻھوند جي باوجود محقق تمام گهڻي جاکوڙ ڪئي آهي ۽ مواد گڏ ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڪشالا ڪاٽيا اٿائين. هن هند ۽ سنڌ کانسواءِ ٻيا ڏيساور جا ملڪ ڏٺا، جنھن تي فخر بہ ڪري سگهجي ٿو تہ اوترو تعجب بہ ڪري سگهجي ٿو. اها اسان جي بدنصيبي آهي تہ جن ماڻھن جي ذهنن ۾ گهڻو ڪجهہ آهي، انھن جي هٿن ۽ کيسن ۾ ڪجهہ ڪونھي. انھيءَ مصداق محترم صوف ابڙو جس لھڻي جو هٿين خالي ڪشالا ڪڍيا ۽ محنت جي عظمت مان ونڊ ورتو. سندس هي ڪتاب هڪ ماٺار واريءَ ڍنڍ ۾ وڏي پٿر اڇلائڻ جي برابر آهي. ڪيترن ذهنن کي جهنجهوڙ ايندي ۽ ڪيترا سوال ڪر کڻي عالمن ۽ محققن کان مطالبو ڪندا تہ اهي پنھنجي تحقيق ۽ مطالعي جي آڌار تي ماڻھن جي ذهنن کي مطمئن ڪن.
محترم صوف ابڙو سالن کان وٺي نسبتن ۽ رغبتن جي ڏوريءَ ذريعي منھنجي دل سان ڳنڍيل آهي. هن دوست گهڻو اڳ گل حيات اچي پنھنجي هن پراجيڪٽ تي تفصيلي ڳالھہ ٻولھہ ڪئي هئي ۽ اڄ جڏهن ڪتاب جو مسودو کڻي اچي حاضر ٿيو آهي تہ سندس اڻٿڪ مگر لڳاتار جستجو ۽ محنت تي کيس داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي. دنيا اڄ “ڄاڻ جي آزادي” کي انساني حقن ۾ شامل ڪري چڪي آهي، ان ڪري منھنجي هن يار جي هيءَ تحقيق بہ سندس ڄاڻ جي آزاديءَ جو مظھر آهي. هن کي انھيءَ حوالي سان جيڪي بہ محبتون يا نفرتون ملنديون، اهي سندس علمي قد بت کي وڌيڪ سگهارو ۽ مضبوط بڻائينديون. منھنجي دعا ۽ تمنا آهي تہ هي دوست ايئن ئي لکندو رهي تہ جيئن نئين علمي بحث جي لاءِ دروازا کلندا رهن.
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
(باني گل حيات انسٽيٽيوٽ)