سائنس، علم ۽ رسالا

بھتر زندگيءَ لاءِ بائيو گئس ۽ زراعت

بائيو گئس هڪ اهڙو جادوئي عمل آهي، جيڪو قدرت جو وڏو تحفو آهي. قطب لغاري صاحب کي فلڪيات، ارضيات، شجرڪاري حيوانات بلڪہ مخلوق خدا جي فلاح بھبود، نشونما، فائدا ۽ گهاٽا بابت سٺي ڄاڻ آهي. ھي ڪتاب پڙھڻ سان پڙھندڙ کي ڇيڻي سميت گهرن ۾ ٿيندڙ روزمرهہ جي فالتو ڪچري ۽ گندي پاڻي جي ڪارائتي استعمال، يعني بايو گئس ۾ تبديل ڪري، سستو ٻارڻ حاصل ڪرڻ جي بہ خبر پوندي تہ ان سان جهجهو ناڻو پڻ بچائي سگهبو. ڪتاب ۾ با.يو گئس جي ڄاڻ ۽ فائدا، پلانٽ لڳائڻ جا طريقا، زمين کي سڌارڻ جا طريقا، بائيو فرٽيلائيزر جي استعمال سميت ٻيا مضمون شامل آھن.

Title Cover of book بھتر زندگيءَ لاءِ بائيو گئس ۽ زراعت

جت نھايت نانھہ ڪا!.

اگهيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي،
پلئہ پايو سچ، آڇيندي لڄ مران.

بدقسمتي سان اسانجي معاشري ۾ Tallent ۽ Skill جو ڪو قدر ناهي، پنن ۽ ڪوڙين ڊگرين جو قدر آهي. ڪيئي ماڻھو ذھن ۾ ذهانت جون انڊلٺون سجائي، بيقدري سماج اڳيان چُپ جي چوواٽي تي بيٺا آهن ۽ اهڙي هڪ عظيم ۽ ذهانت جي اکنڊ دريا کي آئون سڃاڻان ٿو، جنھن سڄي حياتي جُستجو جي پنڌ کي پاتو، ڏکيائين جا ڏونگر لتاڙيا. ھي ٻہ اکر لکڻ تائين سندس آخري ڪوشش، ڪتاب جو هي پورهيو عوام جي هٿن ۾ آھي. هي بھترين Agricultural research جي مختصر ڪاوش، اُميد تہ نوجوان نسل ۽ Research ڪندڙن لاءِ لاڀائتو هوندو ۽ ماما جي تديبرن تي جيڪڏھن عمل ٿئي، تہ ڳوٺن جون تقديرون بہ بدلجي وڃن.
ماما قطب الدين کي اسان ننڍي هوندي کان ئي ٽيڪنيڪل شين سان واڳيل ڏٺو ۽ اڄ اها جهلڪ پنھنجي پٽ ملوڪ ۾ ٿو ڏسان. جنھن کي ماما ريڊيو ٺاهڻ بابت سمجهايو پئي. ڳوٺ ۾ هڪ خوبصورت ۽ دنيا جي منفرد گلن ٻوٽن سان سينگاريل اوطاق ۾ ٺاهيل سرسبز پارڪ ۽ مک دروازي تي لڳل انٽرڪام، جيڪا ان وقت صرف ڪراچي جي ڪنھن پوش علائقي ۾ لڳل هوندي هئي، اها بہ ننڍپڻ ۾ ماما جي اوطاق ۾ ڏِٺي. اسڪول جو ماهوار وزٽ ڪرڻ ۽ شاگردن کان سوال پُڇڻ ۽ انعام ڏيڻ، استادن جي رسيس جي چانھہ، سڀ سندس ذميواريون هيون. اسڪول ۾ ڪرڪيٽ راند جا ساليانا مقابلا ڪرائڻ ۽ بھتر راند ڪندڙ کي موقعي تي ڪيش انعام ڏيئي حوصلي افزائي، سندن شخصيت ۾ شامل هئي، جيڪا اڄ بہ اٿن. ڳوٺ واري اوطاق کان ٻني واري اوطاق تائين، سنگل تار وسيلي فون لائن لڳائي، هر لمحي معلومات وٺڻ، سندس ٽيڪنيڪل دماغ جي ڪري ممڪن بڻي. ٻني ۾ ميون جا وڻ بہ سندس ڪاميابي آهي. اسي واري ڏھاڪي ۾ اسان جي ڳوٺ جي ڇھن گهرن ۾ بائيو گئس جا پلانٽ لڳا. جنھن ۾ اسانجو گهر بہ شامل هو. ماما سان جڏھن ڪتاب لکڻ بابت ڳالھہ ٿي، تہ ماما ٻُڌايو تہ ڪتاب جا چند پنا بچيا آهن، پر ڪمزوري سبب مڪمل نٿو ڪري سگهان ۽ ڪتاب ڪير ڇپرائي ڪمپوز ڪري اهو بہ ڏکيو آھي. مون کيس آٿت ڏني تہ ماما اوهان ڪتاب لکي مڪمل ڪريو، باقي ڪمپوز ڪرائي ڇپرائي آئون ٿو ڏيان. اوهان صرف خرچ ڏجو ۽ ايئن دير سھي، پر اڄ ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ آهي. اميد تہ ايندڙ نسل ۽ اسان لاءِ فائديمند هوندو. ماما جي مانُ ۾ لطيف جي ھن بيت جو سھارو سڦل ٿو ڀانيا:
پاسا مٿي پاهڻين، کاهوڙي کوڙين،
ويا تت ووڙين، جت نھايت نانھہ ڪا.

دعاڳو
ميربلوچ