سائنس، علم ۽ رسالا

بھتر زندگيءَ لاءِ بائيو گئس ۽ زراعت

بائيو گئس هڪ اهڙو جادوئي عمل آهي، جيڪو قدرت جو وڏو تحفو آهي. قطب لغاري صاحب کي فلڪيات، ارضيات، شجرڪاري حيوانات بلڪہ مخلوق خدا جي فلاح بھبود، نشونما، فائدا ۽ گهاٽا بابت سٺي ڄاڻ آهي. ھي ڪتاب پڙھڻ سان پڙھندڙ کي ڇيڻي سميت گهرن ۾ ٿيندڙ روزمرهہ جي فالتو ڪچري ۽ گندي پاڻي جي ڪارائتي استعمال، يعني بايو گئس ۾ تبديل ڪري، سستو ٻارڻ حاصل ڪرڻ جي بہ خبر پوندي تہ ان سان جهجهو ناڻو پڻ بچائي سگهبو. ڪتاب ۾ با.يو گئس جي ڄاڻ ۽ فائدا، پلانٽ لڳائڻ جا طريقا، زمين کي سڌارڻ جا طريقا، بائيو فرٽيلائيزر جي استعمال سميت ٻيا مضمون شامل آھن.

Title Cover of book بھتر زندگيءَ لاءِ بائيو گئس ۽ زراعت

بايو گئس ڊرم ٽائپ

شروعاتي دور ۾ جڏهن بايو گئس جي شروعات ٿي تہ ماڻھن کي خبر پئي تہ نامياتي شين جي ڳري سڙڻ سان گئس ٺھي ٿي جيڪا حادثاتي طور تي باھہ لڳڻ ڪري منظر عام تي آئي. ٿڌن ملڪن جي ماڻھن ٻارڻ ۽ گهرن کي گرم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ان لاءِ هڪ سولو طريقو استعمال ڪيو ويو تہ هڪ کوھہ ٺاهي ان ۾ ڇيڻو وغيرہ وجهڻ لاءِ پائپ لڳائي ان مٿان هڪ عدد ڊرم جو هڪ پاسو ڪٽي ٻي پاسي نلڪي هڻي ان کي الٽو (ابتو) وڌو ويو تہ ڪجهہ عرصي کانپوءِ گئس تيار ٿي جنھن ڪري ڊرم مٿي چڙهي ويو، نلڪي لڳائي ان سان گئس جو استعمال ڪيو ويو.
هن وقت هي طريقو ناقابل استعمال آهي ڇو تہ لوهي ڊرم ڪجهہ عرصي کانپوءِ ڳريو وڃي ان لاءِ هاڻ فائبر جون ٽانڪيون استعمال ڪجن ٿيون ليڪن پريشر گهٽ هئڻ ڪري ڪامياب نہ آهن. ليڪن اوهان جي دلچسپي لاءِ طريقو ٺاهڻ جو هيٺ لکان ٿو.

ٺاهڻ جو طريقو
ساڳي طرح هڪ عدد فائبر جي ٽانڪي هٿ ڪري يا بازار مان خريد ڪري وٺجي. ٽانڪي گهٽ مان گهٽ 500 کان هڪ هزار گيلن جي هجي. ان ٽانڪي جي گولائي ماپ ڪري ان کان هڪ فوٽ ويڪرو کوھہ 10 فوٽ کان 8 فوٽ اونھو ٺاهجي. مثلاََ اگر ٽانڪي 4 فوٽ ويڪري آهي تہ 5 فوٽ ويڪرو کوھہ کوٽجي جيڪو ڪچو کوھہ 7 فوٽ ويڪرو ٿيندو 9 انچ اوساري کانپوءِ کوھہ جي ماپ 5 فوٽ رهندي ۽ اونھائي 8 کان 10 فوٽ هجي. ساڳي طرح هڪ پائپ ڇيڻي وجهڻ لاءِ کوھہ کان 2 فوٽ وڏو هجي تہ جيئن تري تائين اچي سگهجي.

کوھہ تيار ٿيڻ کانپوءِ ڇيڻو ۽ پاڻي هم وزن ملائي کوھہ ڀرجي ۽ مٿان بہ سرون ڪڍي نيڪال لاءِ جڳھہ ڇڏي کوھہ ٺاهڻ وقت کوھہ جي وچ ۾ هڪ هڪ فوٽ جون 4 عدد پٽيون لڳائجن تہ جيئن ڊرم اندر ٻڏي نہ وڃي.
کوھہ جڏهن ڀرجي وڃي تہ ڊرم جو وڍيل پاسو هيٺين پاسي ڪري کوھہ ۾ لائجي ۽ بند پاسي 1/2 انچ جو وال لڳائي بند ڪجي

اميد تہ اوهان آساني سان سمجهي ويا هوندا. هاڻ جڏهن ڊرم چڙهي وڃي تہ ان جي گئس خارج ڪندا ٻہ ٽه دفع خارج ڪرڻ کانپوءِ گئس قابل استعمال ٿي ويندي فٽنگ جو ساڳيو طريقو آهي باقي پريشر لاءِ ڊرم يا ٽانڪي تي وزن رکڻ سان پريشر وڌندو. اميد تہ اسان جي لکيل ڪاوش مان اوهان فائدو وٺندا ۽ بھتر زندگي بسر ڪندا.
جيئن اسان جي ملڪ ۾ رڌ پچاءُ جو ڪم عموماََ عورتون ڪنديون آهن تہ انھن لاءِ بايو گئس هڪ نعمت کان گهٽ نہ آهي وقت جي بچت سان گڏ صحت ۽ صفائي جو مسئلو بہ ڪافي حل ٿيو وڃي، جتي جتي مون پلانٽ لڳايا آهن مائرون ۽ ڀينرون مونکي دعائون ڪنديون آهن اوهان بہ دعائن ۾ ياد ڪندا.

والسلام