مُھاڳ: اڪبر بجير
هر ڪنھن پاڙي ۾ هڪ اڌ ڳئون يا مينھن يا چار پُڇ ٻڪرين جا وٽن هوندا هئا. انھن مان کير، مکڻ، ڌنئورو لسي ۽ گيھہ پنھنجو وٽن موجود هئو.
هر ڪنھن وٽ ڪاٺي بانگهہ جهنگ مان ڀڃي گذارو ڪندا هئا. هر ڪنھن جي گهر اڳيان اروڙي جو ڍڳ هوندو هو. جنھن مان سالياني ڀاڻ. زراعت لاءِ ڪم آڻبو هو. ڇا تہ سادگي ۽ صبر ايمان هئو سڀ وسيلا ڏسندي ڏسندي اکين کان الوپ ٿي ويا، ايئن امير گداگر ۽ گداگر مان تونگر ٿيندي زمانو گذري ويو. گهوڙن، اٺن جي جاءِ موٽر سائيڪلن، جيپن، ڪارن ۽ سوزوڪين والاري ورتي ۽ تروتر ماڻھن مان خود ڪفالت موڪلائي ويئي. اجايو خرچ ۽ اصراف اچي لڳين جو پاندي پوري نہ ٿيڻ لڳي. برڪتون الاجي ڪھڙي گس گُم ٿي ويون. انھي سفر دوران دٻڪي سان تعلق ڳنڍيل رهيو ۽ رئيس قطب الدين سان تعلق قائم رهيو.
لاڳيتو 10 سالن کان منھنجي مٿي ۾ حاجي قطب الدين صاحب هر ممڪن ڪِلي ٺوڪڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو تہ تون گهٽ ۾ گهٽ گهر لاءِ هڪ بائيو گئس جو پلانٽ لڳرائي، مگر مون واري عقلداڻي ۾ ڳالھہ ۾ ڳالھہ نہ پئي ويھي. ان جو ڪارڻ پنھنجي نااهلي ضرور تسليم ڪندس ۽ ڪريان پيو.
بزرگ قطب الدين منھنجي محسن جو تخم آهي ۽ منھنجو مجيجي بہ، جنھن سان بچپن کان وٺي چولي دامن جو سلسلو رهندو آيو آهي. مون کي اهو بہ ياد آهي تہ 1955ع ڌاري اڃان ڪاريون اڇيون (بليڪ اينڊ وائيٽ) فلمون هليون رنگين بعد ۾ آيون.
حاجي صاحب جي پرائمري دؤر دوران هن جي نقل حرڪت اهيا بہ ڏسڻ ۾ آئي تہ گهر واري ماڙي جي هيٺين ڪمري جا در دريون بند ڪري اڱڻ ۾ هڪ آرسي (ٽِڪ) رکندو ٻاهريان آسمان جا ڪڪر قدرتي طرح مٽيندا هئا تہ انھن جو عڪس آرسي تي پوڻ آرسي جو مِرر اندر اوندھہ ڪري ڏسڻ ۾ ايندو هئو تہ پاڻ اسان ٻارن کي سڏي چوندو هو فلم هلي پئي آهي.
اسان بي پروڙ ٻارڙا گڏجي سندس کٽ پٽ سان جوڙيل فلم ڏسي تجسُسُ ۾ پئجي ويندا هئاسين. اوچتو ڪنھن ٻار يا وڏي بي خبري ۾ آرسي جي اڳيان گذرڻ سبب مِرر ڊسٽرپ ٿيو نہ آهي تہ رئيس قطب الدين ان وقت جو قطبو چوٿين آسمان تان ڦھہ ڪري ڊهي پوندو ۽ گهر ۾ 10 محرم برپا ڪري وجهندو هئو.
ڀائو اسان کان جونيئر ڪلاسن ۾ زير تعليم رهيو ۽ اسان 1959ع ڌاري پرائمري پنجون درجي تائين اُٺ ڪتابن جا پڙهي کڻي علم دنياوي کي خير باش ڪيو.
ائين غالبن جي ور چڙهي وياسون. مگر حاجي صاحب پرائمري، سيڪنڊري، هائير تائين دلجوئي سان پڙهندو رهيو. توڻي جو سندس عزيز ڊاڪٽر بزرگ احمد علي ۽ ڀائر عبدالستار لغاري پنھنجي وقت جا ناميارا بائيولاجيڪل شاگرد رهيا ۽ بعد ۾ ڊاڪٽر ٿي خدمت خلق ڪري نالو ڪمايائون، پر هن جي کوپڙي ۾ قدرت ڪا نرالي رڳ رکي هئي ۽ هي علوم فن سان دلچسپي رکندڙ رهيو.
هن جو ڪلاس فيلو مرحيات غلام رسول عرف نڇن ولد عبدﷲ ٻڪراڙ رهيو. جنھن سان هن کي حد درجي تائين محبت هئي. جيڪو بعد ۾ NBP جو ايريا مينيجر رهيو ان جي پويان حاجي قطب الدين پسني، پنجگور ۽ گوادر تائين بہ ڪشالا ڪري ملڻ ويندو رهيو.
انھي دوران مون کائنس ڪڏهن ڪونہ پڇيو تہ تو تعليم ڪيستائين حاصل ڪئي نہ وري ضرورت بہ هئي انھي دوران مرحيات حاجي وڏو دارالبقا ڏي رلھي بڻيو ۽ هن کي زمينداري ڪارنھوار ۾ بہ ڏٺو ويو. مگر پوءِ بہ هي پنھنجي هُنري فطرت ڏي گامزن رهيو.
اچانڪ ڏڪار سبب پورهيء لاءِ دٻڪي آياسون تہ قطب الدين صاحب کي ادي سليمان جي پوکيل کجين جي ڀر ۾ هڪ ڪوٺي ۾ ڇت پاڻ وجهي ان ۾ ڦٽل سٽل ريڊيا ٺاهڻ لاءِ هڪ ڏوئي نما اوزار جنھن کي گرم ڪري پراڻن ريڊين کي ڏنڀيندي بہ ڏٺوسون. ڪڏهن ساکاڻي ڪڏهن ڪو ٿيٻو يا دل يا وري ڪولھي وغيرہ ڦِٽل ريڊيو کنيل حاجي صاحب جو ڪلائنٽ ڏسڻ پئي آيو.
ڀائو اها ڏوليء نما هٿيار گرم ڪري ريڊيو کي ڏنڀڻ شروع ڪندو هو تہ ان مان شوشٽ جو آواز نڪرڻ شروع ٿيندو هو. هن جي منھن تي مسڪراهٽ ڀرجي ايندي هئي ۽ ڪلائينٽ کي چوندو هئو تہ تون وڃ ڍڳين دا گاھہ ڪر نہ تہ ڍڳي بک مرسن صبحيئن ريڊيا چا وڃين.
وري جو ڏٺو سون تہ ڀائو کي ميرن جي لانڍي ۾ ريڊيا ڏنڀيندڙ رهيو انھي دوران ريزڪي دوڪان جو ڪاروبار ڪندي ڪنھن ڏاهي ماڻھو سان ملاقات ٿيس، جنھن کان هن کي بائيو گئس جو هُنر هٿ آيس ۽ ائين تجربا ڪندي پلانٽ لڳائي پنھنجي هنر سان علائقي ۾ خاص ڪري خوشحال گهراڻن جا پلانٽ لڳرائي شھرت حاصل ڪئي ۽ سندس وهيڪل تي اڳيان پويان بائيو گئس جا پينافليڪس لڳرائي وڌائين. تازو کيس شوق پئدا ٿيو اٿس تہ پنھنجي وسيع تجربي کان مخلوق خدا کي فائدو رسائڻ لاءِ ڪتاب ڇپرائجي.
حاجي صاحب کي فلڪيات، ارذيات، ارضديات، شجرڪاري حيوانات بلڪہ مخلوق خدا جي فلاح بھبود نشونما فائدا ۽ گهاٽا بابت سٺي ڄاڻ جو مالڪ آهي. مگر ڏاڍو دير سان جاڳيو آهي. هن کي عمر جي ماضي ۾ انھن شعبن تي مضمون ۽ آرٽيڪل لکڻ کپندا هئا. هاڻي تہ منجهس جسماني قوت بہ نہ رهي آهي.
بزرگاڻي عمر ۾ وڏيون اُميدون ۽ خيالات پئدا ٿيندا رهندا آهن مگر پورائو ڏاڍو مشڪل ٿيندو آهي. ڪائنات جي هر شئي سان حاجي صاحب ايئن ڳنڍيل نظر اچي ٿو، ’جيئن ڳنڍيون منجهہ ڳنڍير‘.
ٻاراتڻ ٿڃ پياڪ، بانبڙا پائيندڙ پيرڙيو اٿڻ، ڊوڙڻ، ڊڪڻ، کيڏڻ ڪُڏڻ ونجهوٽي، ٻيلاڙو، ڪبڊي، ملھہ، ڪشتي جھڙين آزمائشن بابت هر شعبي ۾ ڄاڻ رکڻ وڏي ڳالھہ چئبي، ارض ڦاڪن ۾ آباد ڪائنات جي هر پھلو کان ايڏي ڄاڻ مگر جوان سپھہ سالار کي جڏهن ڪنھن مھم جوئي لاءِ موڪلبو تہ هُو سمنڊ سر تي ٻانھن ٻر تي فتح ياب ٿيڻ جون ترڪيبون خود ئي ايجاد ڪندو ان جي مقابلي ۾ پراڻو جرنيل صرف پنھنجي ئي دفاع لاءِ سوچيندو.
تمام خوشي جي ڳالھہ آهي جو 1955ع ڌاري جيڪو ٻار جنھن فطرت ۾ مگن هئو اڄ بہ پھاڙ جيڏا ارادا رکي ٿو. الحمدﷲ.
سائين پنھنجي سائنسي وچور ۾ لکيل ڪتابچي ۾ جيڪي اکر پروڙيا آهن، انھن تي تاثرات يا تجزيو ڪرڻ جي آئون لائق نہ آهيان.
وري بہ گرهوڙي شاھہ جي چوڻي تہ
جن همٿ ڪئي تن حق لڌو ٻيا رهيا نست نادانہ
ويٺن تان واري وري
تون ڪوجهي بہ ڪوشش ڪئي مگر اٽي ۾ لوڻ برابر هڙ حاصل ٿي.
اڪبر بجير عرف ڪوجهو ڪانسٽيبل.
اڪبر بجير
عرف ڪوجهو ڪانسيٽيبل