سائنس، علم ۽ رسالا

بھتر زندگيءَ لاءِ بائيو گئس ۽ زراعت

بائيو گئس هڪ اهڙو جادوئي عمل آهي، جيڪو قدرت جو وڏو تحفو آهي. قطب لغاري صاحب کي فلڪيات، ارضيات، شجرڪاري حيوانات بلڪہ مخلوق خدا جي فلاح بھبود، نشونما، فائدا ۽ گهاٽا بابت سٺي ڄاڻ آهي. ھي ڪتاب پڙھڻ سان پڙھندڙ کي ڇيڻي سميت گهرن ۾ ٿيندڙ روزمرهہ جي فالتو ڪچري ۽ گندي پاڻي جي ڪارائتي استعمال، يعني بايو گئس ۾ تبديل ڪري، سستو ٻارڻ حاصل ڪرڻ جي بہ خبر پوندي تہ ان سان جهجهو ناڻو پڻ بچائي سگهبو. ڪتاب ۾ با.يو گئس جي ڄاڻ ۽ فائدا، پلانٽ لڳائڻ جا طريقا، زمين کي سڌارڻ جا طريقا، بائيو فرٽيلائيزر جي استعمال سميت ٻيا مضمون شامل آھن.

Title Cover of book بھتر زندگيءَ لاءِ بائيو گئس ۽ زراعت

بجلي جو بحران ڪڏهن حل ٿيندو

(ڪسان ورلڊ، لاهور لاءِ يوسف قريشي جي لکيل اداريي جو سنڌي ترجمو)

پاڪستان توانائي جي بحران ۾ مسلسل ڦاٿل آهي. اسان وٽ قدرتي وسيلا موجود آهن، پوءِ ڇا سبب آهي جو هن ڀنور مان اسان نڪري نٿا سگهون. اسان توانائي جي متبادل ذريعن جو استعمال ڇو نٿا ڪريون؟ اسانجي ملڪ ۾ متبادل توانائي پاليسي ڇو نٿي ٺاهي وڃي. وطن عزيز اڄ ڪلھہ پاڻي، گئس ۽ تيل جي بحران جو شڪار آهي ۽ تمام قدرتي ذريعا هئڻ باوجود بجلي جي ضرورت پوري نٿي ٿئي، جيڪا بجلي آهي اها بہ ڪُنڊا ڪرسي جي ڪري ملڪ کي نقصان رسائي رهي آهي. اسان سج جي روشني، هوا ۽ ٻين ذريعن مان توانائي حاصل ڪري سگهون ٿا.
شگر مل جي ڪمند جي فضلي، چانورن، سارين جا تھہ، بھہ، گٽر، شھري ڪچرو، گوبر، ڪُڪُڙن جي اروڙي، نيوڪليئر انرجي ۽ جيو ٿرمل انرجي هئڻ باوجود ۽ ٻيا متبادل هوندي بہ بجلي جو بحران ڇو آهي.
پاڻي تان پاڪستان هڪ لک ويھہ هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي ۽ اڃان وڌيڪ انھي جا مختلف ذريعا آهن. جيئن نھرون، درياھہ وغيرہ پاڪستان 5900 ميگاواٽ بجلي ڊيمن مان حاصل ڪري ٿو. يعني اسانجي ضرورت جو 33 سيڪڙو پن بجلي مان پورو ٿئي ٿو. پن بجلي جي لاڳت 2 رپيہ في يونٽ ٿئي ٿي. جڏهن تہ ٿرمل بجلي گهر جي لاڳت هن وقت 50 روپيہ في يونٽ جي آسپاس آهي. پاڪستان ۾ منگلا ڊيم ۽ ڀاشا ڊيم لاءِ نام نھاد اتفاق راءِ حاصل ڪئي پئي وڃي. اگر هي ٺھن ٿا تہ منگلا ڊيم 750 ميگاواٽ ۽ ڀاشا ڊيم 1250 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. اگر حڪومت پنجاب ۽ سنڌ واهن تي ٽربائن لڳائي تہ 1000 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. جنھن جو هڪ مثال اوڪاڙہ جي نزديڪ قيام پاڪستان کان اڳي سر گنگارام جو لڳايل پاور پلانٽ اڄ بہ 1 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيو آهي.
پاڪستان ۾ ڪوئلي مان آئندI 800 سالن تائين 50 هزار ميگاواٽ بجلي ٺاهي سگهجي ٿي. پاڪستان ۾ 158 ارب ٽن ڪوئلي جا ذخيرا موجود آهن، جيڪي دنيا جي چوٿين وڏن ذخيرن ۾ شمار ٿين ٿا. انھن ذخيرن جي ڪُل ماليت 25 کرب ڊالر ٿئي ٿي. ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ سان پاڪستان تي 10 ارب ڊالر جي بچت ٿيندي. پاڪستان ۾ ڪچري مان 1 لک ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. پاڪستان ۾ في گهر تقريباََ روزانہ 50 ڪلو گرام ڪچرو پيدا ٿئي ٿو ۽ گٽر جي نيڪالي الڳ آهي. انھي ڪري تقريبن 55000 ٽن ڪچرو روز گڏ ڪبو آهي. هڪ ٽن ڪچري مان 2 ميگاواٽ بجلي ۽ 83 ليٽر ايٿول فيول پيدا ٿئي ٿو. جنھن مان پاڪستان کي 10 لک ڊالرن جي بچت ٿيندي. جيڪا هو خام تيل کي گهرائڻ لاءِ استعمال ڪري سگهي ٿو. پاڪستان ۾ شگر ملن جي ڪمند جي فضلي مان 2900 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. اقوامِ متحده جي ادارہ براءِ صنعتي ترقي جي رپورٽ مطابق پاڪستان جي رائيس ملن مان نڪتل چانورن جي تهن مان هزارين ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. ان اداري پنجاب رائيس ملز ائسوسيئشن جي مدد سان بجلي پيدا ڪرڻ جو منصوبو بنايو آهي. جنھن تحت زراعت سان منسلڪ ننڍي ۽ درمياني درجي جي ڪاروباري ادارن کي چانورن ۽ ٻين فصلن جي باقيات مان بجلي ۽ گئس پيدا ڪرڻ جي جديد ترين ٽيڪنالاجي مھيا ڪئي ويندي. تہ جيئن هو پنھنجي لاءِ خود بجلي پيدا ڪري سگهن. پاڪستان ۾ نيوڪليئر انرجي مان 50 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. جوهري توانائي مان ٿرمل پاور جي مقابلي ۾ 35 فيصد سستي بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. پاڪستان ۾ هوا مان 2 لک ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. حڪومتي سطح کان علاوہ عوامي سطح تي بہ خود بجلي پيدا ڪرڻ جو رجحان وڌي رهيو آهي. ان لاءِ متبادل ذريعا استعمال ڪرڻ تي زور ڏنو پيو وڃي. بائيو گئس جي استعمال ۾ معدني خصوصيت کي ئي نئون آئيڊيالاجڪ پاڪستان ۽ دنيا ڀر ۾ زير استعمال ڪبو آهي. وقت سان گڏ بائيو گئس جي اهميت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. ۽ انھي طريقي ۾ جدت آئي آهي ۽ بائيو گئس جي استعمال ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. بائيو گئس مان بجلي ۽ گئس جي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان ڪائونسل فار دي نيو ايبل انرجي ٽيڪنالاجي متبادل ذريعي توانائي جي فروخ ۽ بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ جي حل لاءِ ملڪ جي تقريباََ 4 هزار جي قريب روائتي بائيو گئس پلانٽ لڳايا ويا آهن. جيڪي گهريلو ضرورتون پوريون ڪري رهيا آهن. سج جي توانائي تي دنيا ڀر ۾ تمام گهڻو ڪم ٿي رهيو آهي ڀارت ۾ هر سال هزارين ميگاواٽ شمسي توانائي مان بجلي پيدا ڪئي ويندي آهي ۽ هر سال هڪ ڪروڙ بائيو گئس پلانٽ عوام کي مفت لڳائي ڏنا ويندا آهن جنھن مان CNG، گهريلو، صنعتي ۽ زرعي ضرورتون پوريون ٿين ٿيون ۽ پرڏيھي ناڻو بچي ٿو.
اسان جو ملڪ اهڙي خطي ۾ آهي جتي روزانہ 8 کان 10 ڪلاڪ سج جي روشني رهي ٿي. اسان انھن سج جي ڪرڻن مان بجلي پيدا ڪري سگهون ٿا. هي روشني ﷲ تعاليٰ جو زبردست تحفو آهي. پاڪستان ۾ شمسي توانائي مان 30 لک ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. شمسي توانائي تي زور ڇو نٿو ڏنو وڃي. شمسي توانائي ٻين سڀني توانائين کان وڌيڪ صاف آهي. جنھن ڪري گرين هائو گئسن جو اخراج ڪونہ ٿو ٿئي، جيڪو ماحول جي خرابي جو سبب ڪون ٿو ٿئي.
پاڪستان ۾ توانائي جي سخت بحران جي ڪري زرعي ٽيوب ويل ڪارخانا ۽ صنعتون بند ٿيڻ ڪري لکين مزدور بي روزگار ۽ هاري پنھنجي فصلن کي پاڻي ڏيڻ لاءِ پريشان آهن. جڏهن تہ سڄي ملڪ ۾ 15 کان 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ماڻھن کي اذيت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. توانائي جي متبادل ذريعن کي استعمال ڪرڻ سان ئي توانائي جي بحران مان آجو ٿي سگهجي ٿو. هي ڳالھہ روز روشن وانگر ظاهر آهي تہ بجلي جو بحران، قدرتي نہ پر اسانجي حڪمرانن جي نااهلي جو ثبوت آهي. جڏهن ﷲ تعاليٰ پاڪستان کي هزارين نہ بلڪہ لکين ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جا قدرتي وسيلا مھيا ڪيا آهن. ڪاش پاڪستان کي ڪميشن ايجنٽن بجاءِ ليڊر ملي وڃن ۽ پاڪستان ترقي يافتہ ملڪن جي صف ۾ بيھي رهي. ﷲ تعاليٰ اسان سڀ جو حامي ناصر هجي. شڪريہ.