سائنس، علم ۽ رسالا

بھتر زندگيءَ لاءِ بائيو گئس ۽ زراعت

بائيو گئس هڪ اهڙو جادوئي عمل آهي، جيڪو قدرت جو وڏو تحفو آهي. قطب لغاري صاحب کي فلڪيات، ارضيات، شجرڪاري حيوانات بلڪہ مخلوق خدا جي فلاح بھبود، نشونما، فائدا ۽ گهاٽا بابت سٺي ڄاڻ آهي. ھي ڪتاب پڙھڻ سان پڙھندڙ کي ڇيڻي سميت گهرن ۾ ٿيندڙ روزمرهہ جي فالتو ڪچري ۽ گندي پاڻي جي ڪارائتي استعمال، يعني بايو گئس ۾ تبديل ڪري، سستو ٻارڻ حاصل ڪرڻ جي بہ خبر پوندي تہ ان سان جهجهو ناڻو پڻ بچائي سگهبو. ڪتاب ۾ با.يو گئس جي ڄاڻ ۽ فائدا، پلانٽ لڳائڻ جا طريقا، زمين کي سڌارڻ جا طريقا، بائيو فرٽيلائيزر جي استعمال سميت ٻيا مضمون شامل آھن.

Title Cover of book بھتر زندگيءَ لاءِ بائيو گئس ۽ زراعت

زمين کي سُڌارڻ ۽ خرچ بچائڻ جا طريقا

رڳو ڪيميائي ڀاڻ ۽ دوائون استعمال ڪرڻ ڪري زمينون ٿڪجي ڪلر ٿي ويون آهن انھيءَ لاءِ چند مشورا حاضر آهن.
1. ديسي ڀاڻ جو استعمال
2. زمين ۾ وڻن جو تعداد خاص ڪري ٻٻر وڌائڻ
3. فصل جي باقيات مثلاََ ڪڻڪ ڦٽي، ساريون، جنتر، لوسڻ، برسيم، ڦرين وارا فصل، ڪمند جي کُري وغيرہ ۽ هر فصل جي باقيات کي ساڙڻ يا ڀيل ڪرڻ جي بجاءِ زمين ۾ هر سان ملائڻ سان زمين ۾ آرگينڪ مادا پيدا ٿين ٿا ۽ PH ليول وڌي ٿي ۽ فصل لاءِ خوراڪ ٺھي ٿي. زمين وٽ جهلي ٿي ۽ پاڻي جي بچت ٿئي ٿي.
4. زمين کي ليزر ليول ڪرائجي تہ پاڻي جي بچت ٿيندي ۽ هڪ ساري پاڻي اچڻ ڪري فصل هڪ ساريڪو ۽ ڀلو ٿيندو.
5. شگر مل جي مڊ استعمال ڪرڻ سان بہ زمين ۾ طاقت ٿئي ٿي ۽ DAP جي ضرورت ڪونہ ٿي رهي.
6. پاڻي ضرورت آهر ڏجي ۽ مٿين طريقن استعمال ڪرڻ سان فصل کي سوڪ کان بچائي سگهجي ٿو.
7. ڪمپوسٽ ڀاڻ جو استعمال ڪرڻ سان سڀني ڪيميائي ڀاڻن کان بچي سگهجي ٿو ۽ وڌيڪ بچت ٿئي ٿي.
8. زميندار ڪڪڙيون پالي جو انھن جي گوشت ۽ بيضن جي ضرورت سستي پوري ٿئي بلڪہ آمدني بہ ٿئي ٿي. خاص طور تي مصري ڪڪڙيون سارو سال بيضا ڏين ٿيون ۽ انھن جي اروڙي بھترين ڀاڻ آهي.
9. مال ڌارجي. انھن مان ڀاڻ، کير، گيھہ، مکڻ، لسي، دهي وغيرہ ۽ پئسو گهڻو حاصل ٿئي ٿو ۽ لاچاري کان بچي ٿو.
10. بائيو گئس لڳائجي. انھي لاءِ پھرين لکي آيو آهيان، تہ وڻ بچن ٿا، صاف ٻارڻ جي ۽ آرگينڪ ڀاڻ حاصل ٿئي ٿو.
11. هروڀرو ناجائز پاڻي کان زمين کي بچائي رکجي.
12. خاص گذارش آهي تہ ڪمند جي کري کي زمين تي ساڙي نہ بلڪہ ½ ٻوري يوريا ڇٽي، پاڻي ڏيڻ سان ڀاڻ ٿي ويندي. ڪيلي ۾ منھنجو تجربو آهي تہ ڪيلي جا ٿڙ ٻاهر نہ ڪڍجن، بلڪہ ڪتر ڪري فصل اندر رهڻ ڏجن، جنھن ٿڙ مان لونگر ڪٽجي، ان مان پن ڪتري ڇڏجن ۽ ٿڙ کي اتي رهڻ ڏجي. انھي سان ٻج کي خوراڪ ملندي، ختم ڪيل ڪيلي جي باقيات زمين ۾ ملائي 90 مڻ ڪڻڪ ۽ 80 مڻ في ايڪڙ ڦٽي منھنجي کنيل آهي، اوهان بہ تجربو ڪري ڏسو، ڇو تہ ڪيلي جي باقيات ۾ رڳو پوٽاش ۽ فاسفورس آهي.