بائيو فرٽيلائزر جو استعمال وقت جي اهم ضرورت
بائيو فرٽيلائيزر ان سلسلي جي هڪ نئين ۽ بھترين ٽيڪنالاجي آهي. سڀ کان پھرين اسين ڏسون ٿا تہ بائيو فرٽيلائزر ڇا آهي.
اسانجي زمينن جي اندر قدرت ڪجهہ اهڙا جاندار پيدا ڪيا آهن جيڪي زمين جي بايالاجيڪل خصوصيات کي بحال رکن ٿا ۽ فصلن ۽ ٻوٽن جي نشونما ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. بائيو فرٽيلائيزر ۾ مختلف قسم جا بيڪٽيريا شامل ڪيا ويندا آهن. ان سان گڏ مختلف قسم جون فنجائي بہ شامل ڪيون وينديون آهن سوال هي پيدا ٿئي ٿو تہ جڏهن قدرتي طور تي هي بيڪٽيريا زمين ۾ موجود آهن تہ پوءِ بائيو فرٽيلائزر جي استعمال جي ڪھڙي ضرورت آهي ۽ ان جو ڪھڙو فائدو آهي؟ دراصل لڳاتار، زهرن ۽ ڪيميڪل جي استعمال ڪرڻ ڪري نامياتي مادي جي زمين ۾ کوٽ پيدا ٿي وئي آهي ۽ روز بروز اهي جاندار گهٽ ٿي رهيا آهن. انھي ڪري زمين جي طبعي ۽ بائيولاجيڪل خصوصيت جي تبديلي جي ڪري اسانجي زمين جي پيداواري صلاحيت گهٽ ٿيندي وڃي. ڪيميڪلز ۽ زهرن جي مسلسل استعمال ۽ کاري ٽيوب ويلن ۽ دريائن ۾ شھري گندو پاڻي ملن جا زهريلا پاڻي استعمال ڪرڻ ڪري اسان جي زمينن ۾ جيڪي مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن ان ۾ اهم مسئلو زمين جو سخت ٿيڻ آهي. پاڻي جذب ڪرڻ جي صلاحيت ۾ ڪمي، زمين ۾ زيادہ ڏينھن وٽ جو نہ رهڻ پي ايڇ ليول جو وڌڻ آهي. زمين جي ساخت بھتر ڪرڻ لاءِ اسين هيٺ ڏنل طريقا استعمال ڪري پنھنجي زمين کي بھتر ڪري پيداوار وڌائي سگهون ٿا ۽ خرچن ۾ ڪمي آڻي خوشحالي حاصل ڪري سگهون ٿا. نامياتي مادي يعني گوبر، مرغي فارم مان نڪتل روڙي ۽ شگر ملن جي نڪتل پريس مڊ کي ملائي بائيو ڀاڻ ٺاهي سگهجي ٿو. بائيو ڀاڻ جي طاقت گوبر ۽ مرغي روڙي کان ڪئين دفعا وڌيڪ هوندي آهي.
سائي ڀاڻ جو استعمال ڪريو. سائي ڀاڻ لاءِ جنتر، گوار، لوسڻ، برسيم يا تر ۽ هر قسم جو ڦرين وارو فصل بھترين آهن. تيار جنتر کي روٽا ويٽر سان زمين ۾ ملائي. اگر انھي سان گڏ پنج ليٽر بائيو فرٽيلائيزر ۽ ڏھہ ڪلو يوريا ڇٽي پاڻي ڏيندا تہ جنتر زمين ۾ ڳري ڀاڻ ٿي ويندو ۽ انھي عمل سان 40 کان 45 ڏينھن ۾ زمين زرخيز ٿي ويندي. سڀ کان اهم ڳالھہ هي آهي تہ بائيو فرٽيلائزر جو استعمال ڪريو تہ جيئن زمين جي حالت بھتر ٿئي ۽ اوهانجي فصلن جي پيداور وڌي. بائيو فرٽيلائزر پاڻي سان گڏ فلڊ ڪرڻ (پاڻي ۾ ٻوڙڻ) سان زمين جي اندر مفيد جاندارن جي تعداد ۾ اضافو ٿئي ٿو ۽ مفيد جاندارن جي تعداد وڌڻ ڪري جيڪي فائدا حاصل ٿين ٿا اهي هي آهن.
1. نامياتي مادي کي خوراڪي جزن ۾ تبديل ڪري ٿو ۽ ان مان فائدو وڌيڪ ٿيندو.
2. سخت زمين فاسفورس ۽ پوٽاشيم کي ٻوٽن لاءِ قابل استعمال بنائي ٿو ۽ ٻوٽي کي نائٽروجن فراهم ڪري ٿو.
3. نامياتي مادي کي هيومس HUMUS ۽ تبديل ڪري ٿو ۽ وٽ زيادہ دير قائم رکي ٿو.
4. زمين ۾ مفيد جاندارن جو تعداد وڌائي ٿو جنھن سان فصلن جي پيداوار وڌي ٿي.
5. زمين ۾ نقصان دھہ جراثيم ۽ نيماٽوڊس جي پيدائش گهٽ ٿيو وڃي.
6. زمين جو PH ليول نارمل ڪري ٿو.
7. نامياتي مادي (گوبر، مرغي فارم جي روڙي) ۽ سبز ڀاڻ (جنتر، گوار، لوسڻ، برسِم ۽ ڦرين وارا فصل) سان گڏ بائيو فرٽيلائزر استعمال ڪرڻ سان وٽ گهڻو وقت قائم رهي ٿي ۽ پاڻي جي بچت ٿئي ٿي.
8. ٻج پوکڻ وقت هن جو استعمال ٻج جي ڄمڻ کي يقيني بنائي ٿو. فصل مختلف بيمارين کان محفوظ رهي ٿي ۽ زمين نرم ٿي وڃي ٿي ۽ گهڻا هر هلائڻ جي ضرورت ڪون ٿي پوي.
9. ٻوٽي کي مضبوط ڪري ٿو ۽ فنگس جي حملي کان بچائي ٿو.
10. ٽاري کي مضبوط ڪري فصل کي ڪرڻ کان بچائي ٿو.
11. زمين ۾ پاڻي جذب ڪرڻ جي صلاحيت کي وڌائي بھتر ڪري ٿو.
12. ڪلراٺي ۽ بنجر زمين کي قابِل ڪاشت ڪري ٿو ۽ ٽيوب جي پاڻي خراب اثرن کي گهٽ ڪري ٿو.
13. تمام فصلن ڀاڄين، دالين، تيل وارن فصلن ۽ باغات لاءِ مفيد آهي.
14. باغات ۾ اجزاءِ صغيرہ جي فراهمي لاءِ پاڙن جي بيمارين کان نجات، ميوو ڪرڻ کان نجات، ٻوٽن جي صحت ۽ ميوي جي ڪوالٽي بھتر ۽ ميوي جو جلدي تيار ٿيڻ، هتي ڪجهہ فائدا بائيو فرٽيلائزر جا لکيا آهن. انھيءَ کان علاوہ بہ الاهي فائدا آهن جيڪي استعمال کانپوءِ اوهين پاڻ محسوس ڪندا. بائيو فرٽيلائزر جي استعمال سان فصل صحت مند ٿئي ٿي. ان جي قوت مدافعت وڌي ٿي. ڪڻڪ، چانور جي ٻوٽن جي ڦوٽ بھتر ٿئي ٿي ۽ ٻوٽي جي ڊيگهہ وڌيڪ ٿئي ٿي ۽ حاصل ٿيندڙ پيداوار ڪيميائي ڀاڻ جي مقابلي ۾ زيادہ ٿئي ٿي ۽ ان ۾ غذائيت جي مقدار بہ وڌيڪ ٿئي ٿي. بائيو فرٽيلائزر فصلن، باغن، دالن، ڪپھہ ۽ هر قسم جي فصل ۾ استعمال سان ٻج جو ٺھڻ يقيني ٿئي ٿو. ڇو جو بائيو فرٽيلائزر زمين جي ڪلر کي گهٽائي ٿو. ڪيميائي ڀاڻ سان گڏ بائيو فرٽيلائزر 5 ليٽر استعمال ڪرڻ سان ڀاڻ جو زيان ڪون ٿو ٿئي ۽ ڀاڻ جي افاديت ٻيڻي ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ تہ تمام اعليٰ ڪوالٽي جو بائيو فرٽيلائزر گهٽ قيمت ۾ پاڪستان ۾ ملي ٿو ۽ بائيو فرٽيلائزر جو خرچ ڪڍي پوءِ بہ فارمر کي 10_ 15 هزار اضافي فائدو ٿئي ٿو ۽ اضافي پيداوار ٿيڻ سان ملڪ ۽ آبادگار ٻئي خوشحال ٿي سگهن ٿا. اگر پاڪستان مان ڪوئي ماهر زراعت بائيو فرٽيلائزر جو ٽرائل ڪرڻ چاهي ٿو تہ هيٺ ڏنل نمبر تي مسٽر شاھہ محمود شاهد سان رابطو ڪري.
0300-7256054
بائيو فرٽيلائزر جي استعمال سان مختلف فصلن ۾ اضافي پيداوار حاصل ڪرڻ جي تفصيل هن ريت آهي.
پھرين فصل ۾ ويھہ فيصد اضافي پيداوار حاصل ٿئي ٿي. اوهان ڪيميائي ڀاڻن ۾ 20 کان 30 فيصد ڪمي ڪري نائٽروجني ۽ ڪيميائي ڀاڻن جي نسبت زيادہ آمدني حاصل ڪري سگهو ٿا. ڪمند جي فصل ۾ ڀاڻ ۾ ڪمي نہ ڪريو بلڪہ بائيو ڀاڻ کي اضافي خوراڪ طور استعمال ڪريو. ان جي استعمال سان ڪمند جي فصل 200 کان 300 مڻ زيادہ پيداوار ڏي ٿي. هتي آءٌ آبادگار ڀائرن جي ذهن ۾ پيدا ٿيندڙ هڪ سوال جو جواب ضرور ڏيندس. تہ ڇا 2 يا 3 سالن جي استعمال سان خوراڪي جزن ۾ ڪمي تہ ڪون ايندي؟ ائين بلڪل ڪونہ ٿو ٿئي بلڪہ ڇو تہ بائيو فرٽيلائزر ۾ موجود بيڪٽيريا هوا مان نائٽروجن حاصل ڪري زمين ۾ جمع ڪندا آهن جيڪا ٻوٽي کي پاڙن مان ملي ٿي. ان کان علاوہ زمين ۾ فاسفورس ۽ پوٽاشيم گهڻي انداز ۾ موجود هوندي آهي، جيڪا آهستي آهستي بائيو فرٽيلائزر ۾ موجود بيڪٽيريا جي ڪري ڳرندي رهندي آهي ۽ ٻوٽن کي حاصل ٿئي ٿي ۽ ڪڏهن بہ ان ۾ ڪمي ڪونہ ٿي اچي. ان کان علاوہ بھتر آهي تہ فاسفورس ۽ پوٽاشيم جو ڪجهہ استعمال جاري رکو. هڪ تجربي ۾ ماهرن 5 سالن تائين بائيو فرٽيلائزر استعمال ڪيو ۽ ان جي استعمال کان اڳ ۽ پوءِ زمين جو تجزيو ڪيو تہ ان جي خوراڪي جُزن ۾ ڪابہ ڪمي ڪونہ آئي هئي. بلڪہ زمين جي نامياتي مادي ۾ ڪئين دفعا اضافو ٿيو. ڪئين آبادگار اهو سوال ڪندا آهن تہ نامياتي مادي ۾ اضافو ڪھڙي طرح ممڪن آهي. دراصل بائيو فرٽيلائزر جي استعمال سان پاڙن جي تعداد ۽ ڊيگهہ ۾ تقريباََ ٻيڻو اضافو ٿئي ٿو. جيڪا ايندڙ فصلن لاءِ نامياتي مادو ٻيهر پيدا ڪن ٿيون ۽ سالھا سال زمين ۾ نامياتي مادي ۾ اضافو ٿيندو رهي ٿو. اڄ 10 مارچ 2023ع ۾ ڪيميائي ڀاڻن جي اگهن ۾ ايترو گهڻو اضافو ٿي ويو آهي جو ڀاڻ خريد ڪرڻ ٻج کيڙي جا اگهہ روز بروز آسمان ڏي وڌي رهيا آهن. انھي مان جان ڇڏائڻ لاءِ آبادگار حضرات ڪجهہ سوچي غور ڪري. ديسي ڀاڻ، ڪمپسٽ ڀاڻ، گوبر گئس جو ڀاڻ ۽ بائيو فرٽيلائزر استعمال ڪندا تہ زمينون ٺھنديون، بچتون ٿينديون ۽ خوشحالي وڌندي. باقي منافع خورن جي ذخيرہ اندوزن جي ناپاڪ ارادن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ صرف هڪڙوئي طريقو آهي تہ آبادگار حضرات پاڻ مرغيون، ٻڪريون، رڍون، مينھون، ڍڳيون، گڏھہ ۽ ڍڳي گاڏيون، وڻن ۽ انھن جون هڙيون لڳائن تہ انشاءَﷲ اوهان ڏسندا، وڏو انقلاب اچي ويندو 1960ع کان اڳي اسان ديسي ڀاڻ ڏيندا هئاسين ۽ حرام جو پاڻي استعمال ڪونہ ڪبو هو، آفيسرن ۾ ڪجهہ ايمانداري هئي 33% آبادي ٿيندي هئي زمين کي ساهي ملندي هئي. شاخن جي ڊاڪن ۽ روڊن جي پاسن تي ٻيلي کاتي وارن بيشمار وڻ لڳايا هئا. جتي 25 پئسه ٻڪري ۽ 50 پئسه وڏو مال پيو سڄي سال چرندو هو. هاڻ تہ اتي دوربيني سان بہ وڻ نظر ڪون ٿو اچي. نتيجي ۾ دوست پکي جهڙوڪ تتر، وهيا، جهرڪيون ناپيد ٿي ۽ ڪپھہ ۽ ٻين فصلن ۾ عجيب عجيب بيمارين منھن ڪڍيا آهن. اميد تہ هن ڳالھہ تي غور ڪندا پاڻي تي ڪنٽرول، ليزر ليول وسيلي ۽ سم نالن ۾ پاڻي کي ضايع ڪري آئندI لاءِ بچائي رکندا ۽ پوڇڙي وارن جون دعائون کٽيندا. باقي هن وقت ڪامورا شاهي جيب ڀرڻ لاءِ اوهان سان هر تعاون ڪندي ۽ غريبن لاءِ جيلون تيار آهن جيڪي بيڏوهي، بيدر يافتہ پيا سڙن، پھچ وارا فون تي آزاد ٿيو اچن چاهي ڪنھن کي بيڏوهي قتل ڇون ڪن ﷲ اسان سڀني جو حامي ناصر هجي.
تتي ٿڌي ڪاھہ ڪانھي ويل ويھڻ جي،
متان ٿئي اونداه پير نہ لھين پرين جو.
(شاهه)