سائنس، علم ۽ رسالا

بھتر زندگيءَ لاءِ بائيو گئس ۽ زراعت

بائيو گئس هڪ اهڙو جادوئي عمل آهي، جيڪو قدرت جو وڏو تحفو آهي. قطب لغاري صاحب کي فلڪيات، ارضيات، شجرڪاري حيوانات بلڪہ مخلوق خدا جي فلاح بھبود، نشونما، فائدا ۽ گهاٽا بابت سٺي ڄاڻ آهي. ھي ڪتاب پڙھڻ سان پڙھندڙ کي ڇيڻي سميت گهرن ۾ ٿيندڙ روزمرهہ جي فالتو ڪچري ۽ گندي پاڻي جي ڪارائتي استعمال، يعني بايو گئس ۾ تبديل ڪري، سستو ٻارڻ حاصل ڪرڻ جي بہ خبر پوندي تہ ان سان جهجهو ناڻو پڻ بچائي سگهبو. ڪتاب ۾ با.يو گئس جي ڄاڻ ۽ فائدا، پلانٽ لڳائڻ جا طريقا، زمين کي سڌارڻ جا طريقا، بائيو فرٽيلائيزر جي استعمال سميت ٻيا مضمون شامل آھن.

Title Cover of book بھتر زندگيءَ لاءِ بائيو گئس ۽ زراعت

پيش لفظ: مٺل جسڪاڻي

پڙهڻ ۽ پرائڻ جھڙو صاحِبِ ڪتاب ۽ ان جو ڪتاب!

حاجي قطب الدين لغاري سان پھرين ملاقات جي تاريخ، مھينو ۽ سال تہ ياد نہ اٿم، پر اسان جو پھريون دفعو ملڻ تڏھن ٿيو، جڏھن اسان ٻئي، جيئن اڄ ڪلھہ ھڪ ٻئي کان وڌيڪ وڏي عمر وارا ٿا لڳون، تيئن ڦوھہ جواني نہ سھي، نوجوان ھئاسين. ھڪ جذبو ھو، ھمت ۽ حوصلو ھو، اسان بہ پاڻ ملھائڻ جي جستجو ۾ ھئاسين. اسان جي في الحال آخري ملاقات بہ چند سال اڳ ٿي ھئي. حاجي صاحب مليو ھو تہ بلڪل ساڳيو جذبو، ساڳيو ولولو ساڻ ھئس. ھي ڪتاب ”بھتر زندگي لاءِ: بايو گئس ۽ زراعت“ بہ ان نسبت سان لکي پورو ڪيو اٿس.
حاجي قطب الدين لغاري ڪتاب لکڻ جو سبب اھو لکيو آھي، تہ ”جنھن ماحول ۾ اسان رھون پيا، انھيءَ کي خراب بہ اسان پيا ڪريون! يعني جنھن دنيا ۾ اسان رھون پيا، انھيءَ کي تباھہ پيا ڪريون. ھاڻي انھيءَ کي وري صحيح ڪرڻ بہ ھن دنيا جي ماڻھن جو ڪم آھي. ٻيو ڪو بہ ڪونہ ايندو.“ پاڻ پنھنجي تمنا لکندي لکي ٿو، ”جيئن ھندستان ۾ ڪانگريس حڪومت ھر سال ھڪ ڪروڙ پلانٽ مفت ۾ لڳائي گئس جو مسئلو حل ڪيو ۽ ٻاھريون ناڻو بچايو، اھڙي طرح ﷲ اسان جي ملڪ ۾ ڪو مرد مجاھد پيدا ڪري، جيڪو ھن ملڪ جي شھرن جي گٽر، ڪچري ۽ ڇيڻي مان بجلي گهر، ريلون، ڪارخانا ۽ چلھا ٻاري. جيئن برطانيا، جرمني، انڊيا، نيپال وغيرہ ۾ ٿئي پيو، آمين. اگر اھي شيون صاحب لوڪن کي سمجهہ ۾ اچي وڃن ۽ ٿورو بہ ملڪ جي خير خواھي جو خيال ڪندا، تہ پاڪستان قيامت تائين گئس ۽ بجلي ۾ خود ڪفيل ٿي ويندو“.
حاجي قطب الدين لغاري ۾ پڙھڻ جي عادت سندس مرحوم ڀاءُ محمد سليمان لغاري پاران گهر ۾ مختلف ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون آڻڻ جي ڪري پئي. استاد ۽ ليکڪ محمد حيات ڪاڪا جي صحبت ۾ رھڻ جو تہ ھن پاڻ، ھن ئي ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو آھي، پر سندس واقفن کي ئي خبر آھي تہ حاجي قطب الدين لغاري عملي زندگي گذاريندڙ با عمل انسان ھجڻ ناتي سدائين لکيل پڙھيل، سڌ ٻڌ رکندڙ، مثبت سوچ ۽ عمل وارن سان گڏ، سرگرم عمل رھيو آھي. جڏھن تہ ريڊيو بہ سندس يادگيرين کان ساڻس گڏ آھي.
علم ۽ عمل ۾ يقين رکندڙ حاجي قطب الدين لغاري، لکڻ لاءِ لکي تہ ٿو، ”زندگي ۾ ڪو اھم ڪم ڪري ڪونہ سگهيس“، پر ڇا اھو گهٽ آھي، تہ ھن عملي طور ماڻھن ۾ نہ صرف بايو گئس جي اھميت ۽ ضرورت جي حوالي سان سجاڳي آندي، پر سوين مختلف ڳوٺن ۽ شھرن ۾ ڪيترائي بايو گئس پلانٽ پاڻ نسب ڪري ڏنا، ضرورت وقت مرمت بہ ڪري ڏنا. جڏھن تہ سندس عملي زندگي جي شروعات دڪان کولي ڪيائين، تہ ريڊيو ۽ ٽي. وي. جي مرمت بہ، بجلي جي مرمت ۽ فٽنگ جو ڪم بہ ڪيائين. سندس والد محترم جي وفات کان پوءِ زمينداري جي ذميوارين سان بہ نڀايائين. ان حد تائين جو ڪم ڪار ڪندي سندس موٽر سائيڪل ئي نہ، پنھنجو ٽريڪٽر توڙي ٻي مشينري جي ڳچ مرمت بہ پاڻ ئي ڪندو رھيو. اھو ساڳيو شخص حاجي قطب الدين لغاري، پيريءَ ۾ پنھنجا عملي تجربا ساري، ڪاميابيون ياد ڪري، لکڻ ويٺو، تہ پنھنجي نوعيت جو ھڪ اھڙو انتھائي اھم ڪتاب لکي ورتو آھي. جنھن کي پڙھڻ سان سوچ جا مختلف در کلي پوندا.
ھي ڪتاب پڙھڻ سان ھڪ تہ پڙھندڙ کي اھا خبر پوندي تہ ماڻھو ڪيئن ننڍي عمر مان وڏي عمر ۾ پھچي ٿو، تہ ڇا مان ڇا ٿي پوي ٿو؟ ڇو تہ ھي ڪتاب پڙھندي، پڙھندڙ کي پنھنجو ذاتي ڪردار تہ ياد ايندو ئي ايندو، پر ٻيا بہ ڪيترائي ڪردار ذھن ۾ ايندا. جيڪي پڻ ڪيئن تہ ننڍي مان وڏا ٿيا؟ ڪير ڇا ڇا ڪري، ڇا مان ڇا ٿي پيو؟ ڪيئن ماڻھو ڪردارن کي ڏسي، سمجهي، سوچي، پنھنجو ڪردار تعمير ڪري ٿو؟ ڇو تہ ماڻھو، ماڻھن کي ڏسي، ٻڌي، سمجهي، سوچي، سکي، ڪردار جو تعين ڪندا آھن.
ھي ڪتاب پڙھڻ سان پڙھندڙ کي ڇيڻي سميت گهرن ۾ ٿيندڙ روزمرھہ جي فالتو ڪچري ۽ گندي پاڻي جي ڪارائتي استعمال، يعني بايو گئس ۾ تبديل ڪري، سستو ٻارڻ حاصل ڪرڻ جي بہ خبر پوندي. جيڪڏھن اعتبار ڪري گهرن ۽ اوطاقن، فارم ھائوسز، ڪاروباري مرڪزن ۾ بايو گئس پلانٽ قائم ڪيا ويا، تہ نہ صرف رڌ پچاءُ وارو چلھو، پر رات جو گئس وارا گولا ۽ ڏينھن جو گئس تي ھلندڙ پنکا، يا گئس تي ھلندڙ مشينري ھلائي، بجلي جھڙي بجلي حاصل ڪري، بجلي جي ضرورت بہ پوري ڪري سگهبي. دلچسپ سچ اھو آھي تہ بايو گئس جي ڪري ھڪ طرف بجلي ۽ گئس جي بحران مان بہ نڪري سگهبو، تہ انھن جي ڳرن بلن کان بہ بچي سگهبو. ان سان گڏوگڏ ڪچري جو ڪارائتو استعمال بہ ٿيندو، صفائي بہ رھندي. وڏي ڳالھہ تہ ڇيڻي جي حاصلات لاءِ جانورن جي پرورش ۽ پالنا بہ ٿيندي. ان سان گڏوگڏ ھي ڪتاب پڙھڻ سان اھا بہ خبر پوندي، تہ ڇيڻي مان بايو گئس حاصل ڪندي جيڪو ڪچرو ملي ٿو، اھو زرعي زمين جي سڌاري ۽ فصلن، ڀاڄين ۽ ميون جي پيداوار وڌائڻ لاءِ بھترين نامياتي ڀاڻ طور بہ استعمال ڪري سگهبو. جنھن سان وري ڀاڻ جي بحران ۽ ڀاڻ جي ڳري اگهہ کان بہ بچي پئبو.
ھونئن بہ ھن ڪتاب ”بھتر زندگي لاءِ: بايو گئس ۽ زراعت“ ۾ ”بايو گئس“ سان گڏ جيڪو لفظ ”زراعت“ لکيل آھي، اھو بہ فضول نہ آھي. ڪتاب ۾ مختلف فصلن، ڀاڄين ۽ ميون جو تہ معلوماتي ذڪر آھي، وڻن بابت بہ ڄاڻ آھي، موسمي ھيٺ مٿانھين ۾ برسات تي پڻ مواد آھي. سم نالين جون سچيون ڳالھيون شامل آھن. جڏھن تہ ڪجهہ باب بايو گئس ٺاھڻ جي طور طريقن تي، تہ ڪجهہ وري بايو فرٽيلائيزر يعني حياتياتي ڀاڻ ٺاھڻ جي حوالي سان آھي. ڪمپوسٽ ٺاھڻ جو طريقو بہ سمجهايل آھي. اھو ڪيميائي ڀاڻ جي بھتر نعم البدل طور استعمال ٿيو، تہ نہ اگهہ جو، نہ ئي عدم دستابي جو فڪر ڪرڻو پوندو.
ھن ڪتاب ”بھتر زندگي لاءِ: بايو گئس ۽ زراعت“ ۾ صرف اھو ڪجهہ نہ آھي، پر ھي ڪتاب پڙھندي، پھرين ”پنھنجي طرفان“ يعني ليکڪ پاران، ان کان پوءِ ”مُھاڳ“، تنھن کان پوءِ ”مؤلف طرفان: بايو گئس پلانٽ ھلايو“ پڙھي، جيئن جيئن اڳتي ڪتاب پڙھبو، تہ ٻيا طبق روشن ٿيندا.
ماڻھن کي سدائين ساراھيو ويندڙ سڦل ڪردار ياد رکي، پنھنجو يادگار ڪردار تعمير ڪرڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ حاجي قطب الدين لغاري ساراھي سگهجندڙ سڦل ڪردار آھي. سندس ھي ڪتاب نہ صرف حاجي صاحب جھڙي بھترين عملي انسان جي ڪردار بابت ڄاڻ ڏيندڙ ڪتاب آھي، پر ان سان گڏوگڏ نئين بھتر ڪردار جي تعمير جو گس ڏسيندڙ ڪتاب بہ آھي. ھن ڪتاب جي صورت ۾ صاحِبِ ڪتاب ۽ ان جو ڪتاب، پڙھندڙن جي ھٿن تائين پھچي، تہ اھو پڙھڻ ۽ ان مان پرائڻ گهرجي.


مٺل جسڪاڻي
لياقت ٽائون، ٽنڊو ڄام
اربع 24 جنوري 2024ع