ڪمپوسٽ ڀاڻ ٺاهڻ جو طريقو
هڪ مھيني کانپوءِ اهو سڀ گوبر هيٺ لھي ويندو. تري مان ڪجهہ گوبر ڪڍي، هٿ سان نپوڙجي. اگر پاڻي نڪري تہ اڃا تيار نہ آهي، بلڪہ اگر صرف آلو آهي ۽ ان مان بارش جي اچڻ سان جيڪا خوشبو اچي ٿي، اها ڪمپوسٽ جي تيار ٿيڻ جي نشاني آهي. هاڻ توهان 2 ٻوريون في ايڪڙ استعمال ڪندا، تہ حيرت انگيز فائدو ٿيندو. اميد تہ ڪامياب زميندار هي طريقو آزمائيندا.
هر بچيل کاڌي جي شئي، چاهي اها ماڻھن لاءِ هجي يا جانورن لاءِ، ڪمپوسٽ ڀاڻ ۽ بائيو گئس لاءِ بھترين آهي ۽ لڳاتار استعمال ڪرڻ سان زمينون پنھنجي اصلي قدرتي حالت ۾ اچيو وڃن ۽ فصلن لاءِ قدرتي خوراڪ ميسر ٿئي ٿي. نتيجن ڪيميائي ڀاڻن کان آهستي آهستي جان ڇٽيو وڃي ۽ آبادگارن کي بچت ٿيڻ ڪري خوشحالي اچي ٿي. اگر وڏي پيماني تي ٺاهڻو هجي تہ ٻني ۾ 10×20 يا 15×15 فوٽ جو کڏو هڻي، ڀاڻ ۽ ڪچرو، ان ۾ اڇلائي، ٿورو پاڻي مٿان هاريو. ڪجهہ عرصي بعد بھترين ڀاڻ تيار ٿي ويندو. اهو ڀاڻ ڪڍي ٻني ۾ هاري. ساڳي کڏي ۾ ٻيو ڀاڻ ۽ ڪچرو وغيرہ وجهجي ۽ اهو عمل جاري رکجي. اميد آبادگار حضرات هن سسٽم ۾ ضرور غور ڪندا. وڻن جي پنن جو ڀاڻ ۽ مرغي جي اروڙي سڀ کان ڀلا ڀاڻ آهن. ڪلراٺين ۽ ٿڪل زمينن لاءِ ٽانڪ آهن. هاڻ تہ يورپ ۽ آمريڪا آسٽريليا ۽ سڌريل مُلڪن ۾ سڄو زور آرگينڪ سسٽم تي آهي. سنگاپور ۾ ڏٺم تہ شھر مان آندل ڪچري مان گئس ٺاهي، 30 لک گهرن کي بجلي ۽ لکين ايڪڙ زمين تي فارم لڳايا ويا آهن ۽ انھن فارمن جو فروٽ ۽ اناج رواجي فصلن جي ڀيٽ ۾ ڊبل قيمت تي وڪامي رهيا هئا. جن تي مٿان ”نو فرٽيلائيزر نو اسپري“ لکيل هو. سعودي عرب ۾ مون خود آرگينڪ فروٽ کاڌا ۽ جوس پيتا، جيڪي ٻيڻي قيمت ۾ مليا ۽ ذائقي ۾ لاجواب هئا. اوهان کي معلوم هوندو تہ پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ۾، ڪي سال پوءِ 1965ع تائين ولائتي ڀاڻ ۽ دوائون ڪونہ هونديون هيون. ليڪن ڦٽي جا سوين ڪارخانا هوندا هئا. جن کي ديسي ڀاڻ ۽ ڍڳن جي هرن سان پوکيو ويندو هو ۽ ڪوبہ اسپري ڪونہ هو، پوءِ بہ ڪپھہ 40 کان 50 مڻ تائين لھندي هئي.
اڄ تاريخ 21 فيبروري 2023ع تي شايد منھنجي دانھن مٿي پڄي ويئي، آواز خلق نقارہِ خدا وانگر حڪومت کي خبر هاڻ پئي آهي، تہ گئس ڪباب ٺاهڻ ۽ پڪوڙا ترڻ ۾ پوري ٿي وئي آهي ۽ بائيو گئس ان جو نعم البدل آهي.
سو شام جو 5:30 تي قبرستان تان دعا پڙهي آيس پئي، تہ اسانجي دوست حاجي محمد بنگلاڻي جي لائق فرزند عبدالرزاق بنگلاڻي فون ڪيو آ تہ حڪومت 75000 پلانٽ سبسڊي ڪَري، ملڪ ۾ لڳائڻ جو منصوبو ٺاهيو ۽ ان ۾ مونکان بہ مشورو ڪرڻ چاهين ٿا، جنھن لاءِ مون کين ٻڌايو تہ حالانڪہ پيري بيماري سبب ٺيڪ ڪونہ آهيان، ليڪن هن ڀلي ڪم لاءِ حاضر آهيان ۽ نوجوانن کي تربيت ڏئي هڪ وڏو انگ تيار ڪري سگهان ٿو. ﷲ ڪري خدمت جو موقعو ملي ۽ پراجيڪٽ ڪامورا شاهي جي دسترس کان بچي. هڪ صحيح عملي ڪم ٿئي، تہ ملڪ ۽ عوام کي فائدو ٿئي. باقي جيڪي انجنيئرن روڊ ۽ محل ٺاهيا آهن، اهي سيمنٽ کانسواءِ آهن. انگريزن جون ٺاهيل سرڪاري عمارتون اڃا بہ بيٺيون آهن، اسانجي يارن جون ڪاوشون ڪنھن کان ڳجهون ڪونھي.
لطيف سائين چيو آهي
ڏڪاريل ڏيھہ مان، شل موذي سڀ مرن!