سائنس، علم ۽ رسالا

بھتر زندگيءَ لاءِ بائيو گئس ۽ زراعت

بائيو گئس هڪ اهڙو جادوئي عمل آهي، جيڪو قدرت جو وڏو تحفو آهي. قطب لغاري صاحب کي فلڪيات، ارضيات، شجرڪاري حيوانات بلڪہ مخلوق خدا جي فلاح بھبود، نشونما، فائدا ۽ گهاٽا بابت سٺي ڄاڻ آهي. ھي ڪتاب پڙھڻ سان پڙھندڙ کي ڇيڻي سميت گهرن ۾ ٿيندڙ روزمرهہ جي فالتو ڪچري ۽ گندي پاڻي جي ڪارائتي استعمال، يعني بايو گئس ۾ تبديل ڪري، سستو ٻارڻ حاصل ڪرڻ جي بہ خبر پوندي تہ ان سان جهجهو ناڻو پڻ بچائي سگهبو. ڪتاب ۾ با.يو گئس جي ڄاڻ ۽ فائدا، پلانٽ لڳائڻ جا طريقا، زمين کي سڌارڻ جا طريقا، بائيو فرٽيلائيزر جي استعمال سميت ٻيا مضمون شامل آھن.

Title Cover of book بھتر زندگيءَ لاءِ بائيو گئس ۽ زراعت

عرض مؤلف بايو گئس پلانٽ هلايو

جيئن تہ منھنجو تعلق هڪ زرعي گهراڻي سان آهي، زراعت لاءِ هر قسم جي معلومات حاصل ڪرڻ منھنجو شوق يا چئجي تہ ضرورت رهي آهي.
زرعي مشينري جي مرمت ۽ استعمال، ٻج ۽ ڀاڻ ولائتي يا ديسي اسانجي ضرورت رهيا آهن. ان متعلق معلومات ۽ تجزيو ڪرڻ تمام ضروري آهي ۽ آءٌ تجرباتي طور ضرور ڪوشش ڪندو آهيان تہ ڪھڙي طرح مھانگن ڪيميڪل ڀاڻن مان جان آجي ڪجي ڇو تہ زرعي دوائن ڀاڻن جي ڪري اسان جون زمينون خراب، زير زمين پاڻي زهريلو ۽ وايو منڊل خطرناڪ صورت اختيار ڪري ويو آهي.
انھيءَ جي نتيجي ۾ مختلف بيمارين اچي مُنھن ڪڍيو آهي، جنھن ۾ سرطان، ڪاري سائي، گڙدن ۽ دل جون بيماريون ٽي بي شگر وغيرہ عام ٿي رهيون آهن.
هڪ سروي موجب 100 مان 40 ماڻھو شگر ۽ ڪاري سائي ۾ ورتل آهن، يعني چاليھہ سيڪڙو کان مٿي ماڻھو بيمار آهن. هاڻ بيمار قوم مان ترقي جي ڪھڙي اميد رکي سگهجي ٿي.
اسان جي گهرو ماحول ۾ هڪ عورت جي اڌ زندگي پنھنجي مرد ۽ ٻارن سان گذري ٿي، باقي اڌ زندگي بورچي خاني ۽ غسلخاني ۾ گهر جا ڪپڙا وغيرہ ڌوئڻ ۾ گذري ٿي.
اسانجي ملڪ ۾ گئس جو استعمال 30 فيصد کان وڌيڪ نہ آهي، باقي ويچاريون مايون ڪاٺيون ٻاري يا ڇيڻا ٻاري رڌ پچاءُ ڪنديون آهن، جنھن جي دونھين جي ڪري ڦڦڙن تي وڏو اثر پوي ٿو، نتيجي طور ٽي بي اسان وٽ عورتن ۾ عام آهي، ۽ اها بيماري گهر ۾ اچڻ کانپوءِ وچڙندڙ آهي.
1976ع ۾ منھنجي گهر واري کي ٽي بي جو اثر ٿيو ۽ آءٌ سوچڻ تي مجبور ٿيس تہ ڪيئن هڪ صاف ٻارڻ حاصل ڪجي. ٿوري ڪوشش کانپوءِ هڪ آرٽيڪل ملي ويو ۽ ڊوم وارو پلانٽ ٺاهيم جيڪو اڄ تائين قائم آهي، ليڪن هاڻ چائنا ٽائپ ڊوم طريقو وڌيڪ سٺو ۽ ڪامياب آهي.
بايو گئس ۾ هر قسم جي بقايا جات جھڙوڪر گٽر، گوبر، ميون ڀاڄين جون کلون، سڙيل فروٽ ۽ ڀاڄيون گاھہ وغيرہ استعمال ڪري سگهجن ٿا. استعمال کانپوءِ نڪتل ڪچرو هڪ بھترين ڀاڻ آهي جيڪو فصل کي هڪ آرگينڪ ڀاڻ مھيا ڪري ٿو.
پوري دنيا ۾ هينئر آرگينڪ ڀاڻ استعمال ڪرڻ جو رواج آهي ۽ ماهر صحت مند خوراڪ لاءِ آرگينڪ ڀاڻ جي سفارش ڪن ٿا. آرگينڪ ڀاڻ مان پيدا ڪيل ڀاڄيون ميوا ۽ اناج دنيا ۾ مھنگا وڪامن ٿا.
بنيادي طور بايو گئس هڪ ڊيري ڊولپمينٽ پروگرام جو حصو آهي تہ ڪھڙي طرح کير گوشت ۽ ڀاڻ وڌائجي. ان مان ٿورو خرچ ڪري بايو گئس ٺاهي ماحول فري ٻارڻ ٺاهيو وڃي ٿو. اميد تہ پڙهندڙ هن ڪاوش جو فائدو وٺندا ۽ ماحول دوست ٻارڻ سان گهريلو بھتر زندگي گذاريندا ﷲ ۾ اميد اٿم تہ زندگي جي آخري ڏينھن ۾ ﷲ تعاليٰ هي ڪتاب پورو ڪرڻ جي توفيق عطا ڪندو ۽ سنڌ جي عوام هن مان فائدو وٺندي تاڪہ سنڌ جا وڻ جيڪي وڍجن پيا اهي بچي سگهن ۽ ماحول جي گدلاڻ کان آجا ٿين آمين.
آخر ۾ اگر ڪو صاحب رابطو ڪري تہ نمبر حاضر آهي.

قطب الدين لغاري
0302-2730504