سائنس، علم ۽ رسالا

بھتر زندگيءَ لاءِ بائيو گئس ۽ زراعت

بائيو گئس هڪ اهڙو جادوئي عمل آهي، جيڪو قدرت جو وڏو تحفو آهي. قطب لغاري صاحب کي فلڪيات، ارضيات، شجرڪاري حيوانات بلڪہ مخلوق خدا جي فلاح بھبود، نشونما، فائدا ۽ گهاٽا بابت سٺي ڄاڻ آهي. ھي ڪتاب پڙھڻ سان پڙھندڙ کي ڇيڻي سميت گهرن ۾ ٿيندڙ روزمرهہ جي فالتو ڪچري ۽ گندي پاڻي جي ڪارائتي استعمال، يعني بايو گئس ۾ تبديل ڪري، سستو ٻارڻ حاصل ڪرڻ جي بہ خبر پوندي تہ ان سان جهجهو ناڻو پڻ بچائي سگهبو. ڪتاب ۾ با.يو گئس جي ڄاڻ ۽ فائدا، پلانٽ لڳائڻ جا طريقا، زمين کي سڌارڻ جا طريقا، بائيو فرٽيلائيزر جي استعمال سميت ٻيا مضمون شامل آھن.

Title Cover of book بھتر زندگيءَ لاءِ بائيو گئس ۽ زراعت

بائيو گئس جي سار سنڀال

1. پلانٽ لڳائڻ وقت ڪنھن بہ اڻ ڄاڻ ماڻھو جي مشوري کان پاسو ڪجي.
2. پلانٽ لاءِ سرون هڪ نمبر ۽ فيلڪن سيمنٽ، ½ انچ جو ڪرش ۽ سٺي ريتي ۽ سٺا پائپ استعمال ڪجن.
3. گرمي جي موسم ۾ 40% گوبر ۽ 60% پاڻي سٺي نموني ملائي پوءِ وجهجي.
4. سياري ۾ 50% گوبر ۽ 50% پاڻي ملائي اندر وجهجي .
5. ڪوشش ڪري گوبر زمين کان مٿي کڻجي، تہ جيئن گوبر سان گڏ مٽي شامل نہ ٿئي، جيڪا اندر وڃي جمع ٿي ويندي ۽ پلانٽ گئس گهٽ ٺاهيندو ۽ آهستہ آهستہ بند ٿي ويندو.
6. هر 10 کان 12 سالن کانپوءِ فيبروري جي مھيني ۾ پلانٽ جي صفائي ڪري ضروري مرمت ۽ رنگ ڪجي. گرمي ۾ هرگز مرمت نہ ڪجي، جو اندر جي گرميءَ 60 کان بہ مٿي هوندي آهي.
7. گوبر لڳائڻ کانپوءِ هڪ 15 فوٽ وارو بانس، اندر کوھہ ۾ هلائبو تہ گيس وڌيڪ ٺھندي.
8. گرمي جي موسم 25M3 واري پلانٽ ۾ 150 ڪلو گرام گوبر (3 هٿ واريون ٽراليون) 50M3 واري پلانٽ ۾ 300 ڪلو گرام ۽ 100M3 واري پلانٽ ۾ 600 ڪلو گرام گوبر وجهجي، اگر گيس ضرورت کان وڌ آهي، تہ گوبر ضرورت آهر گهٽائي سگهجي ٿي.
9. سياري ۾ بيڪٽيريا سُست ٿيو وڃي ۽ گئس ضرورت کان گهٽ ٺھي ٿي انھيءِ لاءِ ڪُجهہ اُپاءُ لکجن ٿا، عمل ڪرڻ سان فائدو ٿيندو.
10. سياري ۾ بور جو پاڻي اگر مٺو هجي تہ اُهو گوبر سان ملائي استعمال ڪجي.
11. اگر پلانٽ سان ڪو انجن، چڪي، ٽيوب يا جنريٽر لاءِ استعمال تي آهي تہ انجڻ جو پاڻي DIGESTOR جي اندران گذاري هلائجي، تہ گوبر بہ گرم ٿي ويندو ۽ گئس بہ زيادہ ٺھندي
12. پلاسٽڪ جي شيٽ ضرورت مطابق خريد ڪري پريشر ٽينڪ ڊائجسٽر ۽ INLES کي ڍڪي ڇڏجي تہ جيئن سج جي گرمي سان گوبر گرم ٿئي. پلاسٽڪ ڪارو هجي يا شفاف هجي

13. پلانٽ جي چؤ طرف بانس يا ڪاٺيون يا ننڍي ديوار ڏجي، تہ ڪو جانور پريشر ٽينڪ ۾ ڪري نہ پوي. خاص طور تي ماهو مال گهڻو اچي ٿو، ڪوشش ڪري پلانٽ اهڙي جڳھہ تي لڳائجي، جو ڪنھن وڻ يا بلڊنگ جي ڇانوَ مٿس نہ اچي ۽ ڪاڙهو شام تائين مٿس هجي، تہ جيئن پلانٽ گرم هجي.
14. پلانٽ جي چؤڌاري 20 کان 25 ميٽر تائين ڪوبہ وڻ نہ هجي. وڻن جون پاڙون پلانٽ جي ديوارن کي ٽوڙي اندر داخل ٿي، پلانٽ کي ناڪاره ڪري ڇڏينديون، جيڪو نقصان جو باعث ٿيندو.
15. ڪوشش ڪري بور جو پاڻي پلانٽ ۾ استعمال ڪجي. انھي سان نمڪيات جي ڪري پلانٽ جي عُمر گهٽ ٿي ويندي. تلاءُ جو مٺو پاڻي اگر ميسر آهي تہ اهو استعمال ڪجي.
هاڻ وري ٿورو ماحول بابت ڳالھہ ڪندس، تہ جنھن ڳالھہ جو خدشو هو، اهوئي ٿيو. حڪومت پوري دنيا شرم الشيخ عصر ۾ مٿو جهلي ويٺي آهي تہ ڇا ڪجي؟ اسانجي ڪردارن جو انجام ظاهر آهي. تيل، ڪوئلي، گئس ۽ ٻارڻ جو بي تحاشا استعمال، وڻ، پکي، هرڻ، تتر، وهيا، شينھن، بگهڙ تاريخ جو حصو بڻجي ويا آهن. قدرتي نيڪال ڊاهي، آباديون ۽ فصل لڳايا ويا آهن. جنھن وڻ جي ٽار تي اسان جو آکيرو آهي، انھي کي ڪاٽي پاڻ کي ڪيرائڻ ۾ اسان ڪا ڪثر ڪونہ ڇڏي آهي. سچ تہ پلانٽ گهر ۾ لڳل هو تہ 2011ع، 2020ع ۽ 2022ع جي طوفاني بارش ۾ ڪاٺين جو مسئلو ڪونہ رهيو. اوڙي پاڙي وارا بہ فائدو وٺي ويا. اڄ 6 مھينن کانپوءِ هي آخري اکر لکي رهيو آهيان. ﷲ ڄاڻي اڳتي ڇا ٿيندو. باقي اسان جا اهي لاٽون اهي چگهہ آهن. حرام جو پاڻي وري سِم نالن ۾ هلايون پيا. ڏاڍي جي لٺ کي 2 مٿا آهن، باقي ﷲ سڀ کان ڏاڍو آهي، انھيءِ جي لٺ بي آواز آهي. اميد تہ هي ڪتابڙو پوري پاڪستان جي عوام کي ڪم ايندو.

پيارو پاڪستان زنده باد