بائيو گئس جا فائدا
1. صنعتي فائدي لاءِ هر قسم جو ٻارڻ استعمال ڪري سگهجي ٿو. مثلاََ گٽر وغيرہ ۽ سبزي منڊي جو بچيل سڙيل مواد، شگر ملن جو شيرو وغيرہ وغيرہ ان جو هڪ مثال ڏجي ٿو تہ 1980ع ۾ مسٽر غلام محمد سومرو چيف انجنيئر العباس شگر مل ميرواھہ گورچاڻي مون وٽ آيو ۽ گهر جو لڳل پلانٽ جو معائنو ڪيائين ۽ مون کي شگر مل ۾ پلانٽ لڳائي ڏيڻ لاءِ چيائين، جنھن لاءِ مون کيس انڊيا مان ٽيڪنالاجي گهرائڻ جي صلاح ڏني ۽ هنن اهو پلانٽ ڏھہ ڪروڙ رپين ۾ لڳائڻ جو ٻڌايو ۽ ٻڌايائون تہ پھرين سال جيڪا بگاس بچيو انھيءَ مان بائيو گئس پلانٽ جي رقم نڪري آئي، انھي کانپوءِ تقريباََ پاڪستان جي هر شگر مل ۾ اهي پلانٽ نظر اچن پيا، جيڪي تقريباََ 6 کان 10 ميگاواٽ بجلي پئدا ڪن ٿا، جيئن شگر مل جي شيري مان الڪوحل ڪڍي باقي بچيل مال مان گئس ڪڍي وڃي ٿي انھيءَ ڪري مِل هلائڻ لاءِ واپڊا جي بل ۽ لوڊ شيڊنگ کان بچاءَ آهي ۽ مل مالڪن کي ٻيڻو، ٽيڻو فائدو آهي، پوءِ ڀلي زميندارن کي ڪمند جي اگهہ ۾ واڌ ڏين يا گهاٽو، اها انھن جي مرضي آهي. اهڙي طرح هر قسم جي فيڪٽري هلائي سگهجي ٿي يا بجلي گهر هلائي پاڪستان کي خود ڪفيل ڪري سگهجي ٿو. ليڪن ائين ڪون ٿيندو، جو مسئلو ڪميشن جو آهي، چاهي امپورٽ هجي يا ايڪسپورٽ، صنعتي زون ۾ هر قسم جو ڪارخانو بائيو گئس تي هلي سگهي ٿو. مثلاََ اٽي جي چڪي، برف جا ڪارخانا يا پاور هائوس وغيرہ.
2. زرعي مقصدن لاءِ بائيو گئس تمام گهڻو فائديمند طريقو آهي. جنھن لاءِ ڪجهہ اڳي لکي چُڪو آهيان وري بہ ڪجهہ ذڪر ڪندس تہ پاڙيسري مُلڪن انڊيا، نيپال ۽ چين جو گهڻو دارو مدار بائيو گئس تي آهي، اٽي جي چڪي هجي، ٽيوب ويل، تيل ڪڍڻ جا سيلر، زرعي ڀاڻ ۽ CNG بائيو گئس تي هلائن ٿا. اسان بہ انھن کان گهڻو ڪجهہ سکي سگهون ٿا.
ذرا نم ہو تو یہ مٹی بھی زرخیز ہے ساقی (اقبال)
3. گهريلو فائدا، گوشت، کير، گيھہ، مکڻ صاف ۽ سٿرو ٻارڻ، ماحول دوست، بيمارين ۽ دونھين کان بچاءُ، گهر ڪاراڻ کان پاڪ وقت جي تمام گهڻي بچت، گهريلو عورتون بچيل وقت ۾ ڪو ڪاروبار ڪري آمدني ۾ اضافو ڪري سگهن ٿيون. سچ هي آهي تہ جنھن ماڻھو وٽ ڪجهہ زمين آهي، اهو بازار مان صرف لوڻ خريد ڪري. باقي هر شئي مثلاََ اناج، دالون، ڀاڄيون، کير، گوشت، مڇي، مرغي، فروٽ، گاھہ وغيرہ مطلب تہ زمين سڀ ڪجهہ ڏيڻ لاءِ تيار آهي. ٿورو ڪوشش جي ضرورت آهي.
مُلڪ جي ترقي جا شاندار خواب ڏيکاري، ملڪ مان صاف هوا، صاف پاڻي، ٻيلا، قدرتي پاڻي جا ذريعا، جيڪي گهڻي برسات ۾ پاڻي نيڪال ڪندا هئا تباھہ ڪيا ويا. انھن جي جاءِ تي سم نالن جو هڪ غير قدرتي نظام ٺاهيو ويو. ديوي، لاڻو، ڄارون، انبن جا وڻ لکين ملڪ کي مليل قرض کي خوب لٽيو ويو. اڄ ملڪ ڏيوالو ٿي ويو آهي. هرڪو هڪ ٻي تي الزام هڻي رهيو آهي. قوم جو ايندڙ نسل بہ IMF ۽ چين جو قرض ڀريندو. جيڪو اڃا ماءُ جي پيٽ ۾ ڪونھي، اهو بہ قرضي آهي. مال کائي ويا موچارا، هاڻ رئيسن جي اُٺ کي اُلي ڪير چوي.
هاڻ ٿورو سم نالن جي ڪيل تباهي جو ذڪر ڪريون. رڳو ڪرپشن ڪري پلان کي ناڪام بنايو ويو، بلڪہ زمين ۾ لڳايل ٽيوب ويل، انھن جون مشينون، ٽرانسفارمر، ٿنڀا، تارون اربن رپين جو مال جيڪو قرض کڻي لڳايو ويو هو، سو پنجاب جي ڪٻاڙين کي ڏينھن ڏٺي جو وڪڻي، کيسا گرم ڪيا ويا. مٿان آفت اها تہ نالن ۾ پنجاب جو کارو پاڻي ڇڏي، سنڌ جون ڍنڍون ۽ زمينون تباه ڪيون ويون. جنھن ۾ منڇر ڍنڍ جي تباهي جي هر ڪنھن کي خبر آهي، مٿان وري ملن جو گندو پاڻي، شھرن جا گٽر بہ انھي ۾ واهيا ويا. درياءِ سنڌ اڳيئي راوي ۽ ٻين خالي ندين مان هندستان ۽ پنجاب جي گندي پاڻي سان خراب ڪيو ويو آهي. سڄي سنڌ ۾ بدبو، مڇر ۽ مکين جي يلغار آهي، بيماريون وڪوڙي ويون آهن. سرندي وارن جون اسپتالون خوب هلن پيون. روز نوان سينٽر کُلن پيا، شڪر جو ايڌي جون ايمبولنس لاش کڻڻ لاءِ هر وقت تيار آهن، ڪفن بہ ڏين ٿا. ڊاڪٽر اديب رضوي کان پوءِ گڙدن جو الائي ڇا ٿيندو. ﷲ کيس وڏي ڄمار ڏي. روز ٻڌون پيا ڏسون پيا فلاڻو اوچتو گذاري ويو، فلاڻي کي ڪينسر هئي، فلاڻي جا گڙدا ۽ دل جواب ڏئي ويا. باقي اهڙي زهريلي هوا ۾ ڦڦڙ ڪيئن ڪم ڪندا. هر ٻيو ماڻھو ساھہ جي شڪايت ڪري ٿو مطلب تہ تتر، هرڻ، ڪونجون، تلورون، ٻاٽيڙ، جابلو ٻڪر، طوطا وغيرہ هاڻي ٻولي لاءِ بہ ڪون بچيا آهن. باقي ڪانگ ۽ گدڙ رهيا آهن، انھن جو ﷲ خير ڪري.
اڳي زمين ڀلي ۽ ڪافي قانون مطابق آباد ٿيندي هئي. ساوڻ جي برساتن ۾ ڀٽاريون چري اينديون هيون، تہ اڻ ميو کير هوندو هو، جنھن کي گرم ڪري، ٺاري پيئدا هئاسين، تہ ڍؤ ڪونہ ٿيندو هو. هاڻ شئي، يوريا ۽ صرف واري کير جا عادي ٿي ويا آهيون. اصلي کير مليو تہ وڻندوئي ڪونہ. ڳالھيون تہ تمام گهڻيون آهن. عام عوام واقف آهي، پر ڇا ڪجي. ٻڌڻ وارو ڪوئي ڪونھي. اميد ڏيارڻ وارن جي بہ ڪمي ڪانھي، پر انھن کي مال ميڙڻ ۾ واندڪائي ڪانھي، بس بقول غالب!
بدل کر فقیروں کا ہم بھیس غالمب،
تماشائی اھلِ کرم دیکھتی ہیں۔
دل کي هر وقت سمجهايان ٿو پر مڃي ڪون ٿي
جانب منھنجي جيءُ ۾ آزار جا انواع (لطيف)
آخرڪار اهوئي ٿيو، جنھن جو مون پھرين ذڪر ڪيو. 2021ع ۾ ٻوڏ ۽ برساتن جي تباهي کانپوءِ وري 2022ع ۾ انھي کان بہ وڌيڪ برساتن تباهي ڪئي. هن ڀيري ڪوبہ صوبو بچي ڪونہ سگهيو. ملڪ جي سياسي اٿل پُٿل باقي باھہ تي تيل جو ڪم ڪيو آهي. سرندي وارا ڊالر کي گم ڪري ملڪ کي IMF جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي. قيامت خيز مھنگائي جي ڪري غريب عوام لولي لاءِ پريشان آهي. ملڪ ۾ ڊالر آهي ڪونہ جو تيل، گئس ۽ ٻيو سامان امپورٽ ڪجي. اگهہ آسمان سان ڳالھيون پيا ڪن. رب رحم! ملڪ جو قرض ڪٿان لھندو؟ هر 15 ڏينھن کانپوءِ شين جا اگهہ وڌي طوفان وانگر وسن پيا. سرڪار سڀ ٺيڪ ۽ ملڪ کي ڏيوالي کان بچائڻ واري بين وڄائڻ ۾ مصروف آهي. هر صوبي ۾ الڳ پارٽي راڄ پئي ڪري، رب رحم ڪري، آمين.