سائنس، علم ۽ رسالا

بھتر زندگيءَ لاءِ بائيو گئس ۽ زراعت

بائيو گئس هڪ اهڙو جادوئي عمل آهي، جيڪو قدرت جو وڏو تحفو آهي. قطب لغاري صاحب کي فلڪيات، ارضيات، شجرڪاري حيوانات بلڪہ مخلوق خدا جي فلاح بھبود، نشونما، فائدا ۽ گهاٽا بابت سٺي ڄاڻ آهي. ھي ڪتاب پڙھڻ سان پڙھندڙ کي ڇيڻي سميت گهرن ۾ ٿيندڙ روزمرهہ جي فالتو ڪچري ۽ گندي پاڻي جي ڪارائتي استعمال، يعني بايو گئس ۾ تبديل ڪري، سستو ٻارڻ حاصل ڪرڻ جي بہ خبر پوندي تہ ان سان جهجهو ناڻو پڻ بچائي سگهبو. ڪتاب ۾ با.يو گئس جي ڄاڻ ۽ فائدا، پلانٽ لڳائڻ جا طريقا، زمين کي سڌارڻ جا طريقا، بائيو فرٽيلائيزر جي استعمال سميت ٻيا مضمون شامل آھن.

Title Cover of book بھتر زندگيءَ لاءِ بائيو گئس ۽ زراعت

بايو گئس پلانٽ ٺاهڻ جو طريقو

چند هيٺيان اصول آهن جيڪي نھايت اهم آهن
1. زمين جو ٽڪرو
2. سيلري جي نيڪال جي جڳھہ
3. مٽيريل هڪ نمبر هجي
4. سيمنٽ سٺي ڪمپني جو هجي

في الحال اسان هڪ گهر لاءِ اڪانامي پلانٽ جو ذڪر ڪنداسين تہ ڪيئن ٺاهجي.
سڀ کان پھرين زمين جيترو گهر ۽ بورچي خاني جي نزديڪ هجي تہ بھتر تہ جيئن پريشر صحيح اچي ۽ سنڀال ڪرڻ سولو ٿئي.
سڀ کان پھرين 15×15 فوٽ جيتري زمين صاف ڪري ليول ڪجي ۽ 7 فوٽ ڏور کڻي ٻنھي پاسي کان هڪ فوٽ ڪاٺي جون ڪليون ٻڌجن.

پوءِ هڪ طرف جي ڪلي کي زمين جي وچ تي هٿوڙي سان کوڙجي، باقي ٻي طرف جي ڪلي سان ڇڪي زمين تي گول پلڪار ڪجي ۽ ڪوڏر سان نشان ڪجي. اهڙي طرح 14 فوٽ گول نشان ٿي ويندو.

هاڻ اهو 14 فوٽ گول کي 7 فوٽ هيٺ کوھہ کوٽڻو آهي. کوھہ جي مٽي ضايع ناهي ڪرڻي بلڪہ ٿورو پاسي تي رکي ڇڏجي. هاڻ ضروري سامان خريد ڪجي جيڪو هن ريت آهي
1. سرون هڪ نمبر 3 کان 4 هزار
2. ريتي 6 سيڪڙو
3. ڪرش 1-1/2 سيڪڙو
4. 2 سريا 4 سوت جا 14 فوٽ ڊگها
5. 2 سريا 4 سوت 3 فوٽ ڊگها
6. پائپ پلاسٽڪ 10 فوٽ 6 انچ ويڪرو
7. G1 پائپ 2 انچ ٿلھو 1-1/2 ڊگهو
8. هڪ يا ٻہ ڊبل چلھا
9. مُني انچ جو پلاسٽڪ پائپ ۾ فٽنگ حسب ضرورت
G1 پائپ کي هڪ طرف چوڙي ڪڍي ان ۾ 2×3/4 انچ جو ڍڪڻو لڳرائجي جيڪو گئس هلائڻ ۾ ڪم ايندو.
کوھہ ٺاهڻ مھل اهو خيال رکجي تہ اگر زيرِ زمين پاڻي مٿي آهي تہ پاڻي اچڻ کان اڳ کوٽائي بند ڪري ڇڏجي. پوءِ زمين جي اندر سرن جي ڪڪري هڻي ڌمڪ سان ڪُٽي مظبوط ڪجي پوءِ بيس ٺاهي ٻاهر 10 ريڙها ريتي جا ۽ 8 ريڙها ڪرش جا انھن ۾ 5 ٻوريون سيمنٽ ملائجي.
هاڻ ٻہ سريا کڻي کوھہ ۾ هيٺ رکجن جيئن ڪراس ٺھي ٿو.

هاڻ ملايل ڪرش ريتي 3 انچ جو فرش ڀريو ۽ سريا مصالحي ۾ پورجي وڃن. هاڻ 6 فوٽ جي ڏور هيٺ فرش ۾ لڳائي گهمايو 12 فوٽ جو گول ٺھندو، انھي ۾ چوڌاري 9 انچ سرجي چوناري ڪريو ۽ نيڪال لاءِ ٻہ فوٽ جي دري رکو.

هاڻ باقاعدي اوساري 5 فوٽ جي ديوار تائين ٺاهيو ۽ دري کي باقي رهڻ ڏيو. ياد رکو تہ 6 رندا لڳائڻ کانپوءِ 6 انچ وارو پائپ 8 فوٽ ڪٽي اهڙي نموني لڳائڻو آهي جو زمين کان صرف 1-1/2 فوٽ مٿي رهي.

6 رندن کان پوءِ ديوار کي 5 فوٽ تائين مڪمل ڪجي دري هرگز بند نہ ڪجي. ديوار مڪمل ڪرڻ کان پوءِ، پھرين ڪچو پلستر 4-1 جي حساب سان ڪريو. ٻي ڏينھن ترائي ڪري 3-1 جي حساب سان پڪو پلستر ڪريو.
هاڻ پھريون مرحلو مڪمل آهي. ٻہ ڏينھن ترائي ڪري ٽي ڏينھن جيڪا مٽي اوهان ڪڍي آهي اها واپس کوھہ ۾ ڀريندا ۽ کوھہ کان 3 فوٽ مٿي ڀريندا. هاڻ جيڪا مٽي اوهان ڀري آهي اها پلڪار ڪري گنبد (DOME) ٺاهيندا تائين ڇت ڀرجي ڊوم ٺاهڻ کان پوءِ 4 گز پلاسٽڪ شيٽ جيڪا عام جاين تي ڏيندا آهيون کولي مٿان ڏيندا ۽ لوهي پائپ مٿان رکندا.

هاڻ ڇت ڀرڻ لاءِ تياري ڪندا خيال رهي تہ پلانٽ ديوار تي نہ اچي اگر پلاسٽڪ نہ هجي تہ بہ خير آهي. 12 ٻوريون سيمنٽ 12 ريڙها هٿ وار ريتي ۽ 12 ريڙها ڪرش ملائي 4 انچ ٿلھي ڇت جي ڀرائي ڪندا. هاڻ ٻي ڏينھن پراڻيون ٻوريون ڇت مٿان رکي 8 ڏينھن تائين ترائي جاري رکندا جيئن ٻوريون سُڪن نہ. 8 ڏينھن کانپوءِ ٻوريون لاهي 8 ڏينھن ڇت کي خشڪ ڪندا ۽ پوءِ دري مان کوھہ جي مٽي ٻاهر ڪڍندا. مٽي مٿان نہ وجهندا بلڪہ سائيڊن ۾ رکندا.
هاڻ دري جي اڳيان 3×3 فوٽ هودي ٺاهڻ لاءِ بنياد ۾ ڪرش ريتي سيمنٽ هم وزن ملائي بيڊ ٺاهيندا، جيڪو 3×3 فوٽ جو هوندو ان تي 2×2 جي هودي ديوار تائين ٺاهيندا.

هودي ٺاهڻ کانپوءِ 10×8 فوٽ جو بيڊ ٺاهيندا. جنھن تي سرن جي ڪڪري تي ڌمڪ سان ڪٽي ويھاري ان جي مٿان 3 انچ ٿلھو مصالحا جنھن ۾ 8 ريڙها ريتي 6 ريڙها ڪرش ۽ 4 ٻوريون سيمنٽ ملائي بيڊ ڀرجي. ڀرڻ کان 3 انچ سرن جو ٻنو ٺاهجي تہ جيئن ماپ هڪ جيتري رهي. بيڊ ڀرڻ کانپوءِ 4 انچ يا 9 انچ سرن جي هودي ٺاهجي 10 رندا لڳائڻ کان پوءِ 6 انچ واري پائپ جو 2 فوٽ بچيل ٽڪرو نيڪال لاءِ سامھون لڳائجي انھي هودي کي پريشر ٽينڪ چوندا آهن.

پريشر ٽينڪ جو فرش ننڍي هودي جي مٿان ٺاهجي جيئن نقش ۾ ڏنو ويو آهي.
جيئن تہ گئس ديوارن ۽ ڇتن مان ليڪ ٿي ويندي ان ڪري ڇت جا ٻہ پلستر ڪري پوءِ ان کي پلاسٽڪ سان سيل ڪجي. سيل ڪرڻ لاءِ ROBIOLAC VIP PLASTIC EMULSSION ۽ ڪلر جو 4 ليٽر واري بالٽي وٺي ½ بالٽي ۾ 15 ڪلو کان سيمنٽ ملائي پاڻي سان نرم ڪري ڇت جي اندران پوچي سان هڻجي بچيل رنگ ضايع نہ ڪجي بلڪہ وري لڳائي پورو استعمال ڪجي.
ٻي ڏينھن ½ بالٽي ۾ 2 ڪلو سيمنٽ ملائي ساڳي طرح پوچي سان هڻجي ۽ رنگ ضايع نہ ڪجي.
هاڻ اوهان جو پلانٽ تيار آهي رنگ واري ڇت کي ترائي نہ ڪجي بلڪہ هن کي ۽ هودين کي پلستر ڪجي ۽ ترائي ڪجي. ڇت جي مٿان ترائي نہ ڪجي اگر گرمي جو وقت آهي تہ 8 ڏينھن کانپوءِ ڏسجي تہ رنگ مڪمل سڪي ويو آهي يا نہ رنگ سڪي وڃي تہ بھتر نہ تہ سڪڻ تائين گوبر نہ ڀرجي ان سان ڀوبر ڀرڻ لاءِ پائپ سان هودي ٺاهڻ لاءِ 4×4 جي ديوار ٺاهي پائپ جي چوٽي تائين آڻجي پوءِ ان ۾ مٽي ڀري 4 انچ جو بيڊ ٺاهجي ۽ ان تي 2-1/2×2-1/2 فوٽ ۽ 2 فوٽ اوچي هودي ٺاهجي تصوير 12 ۾ ان جو ذڪر آهي.

هاڻ اوهانجو بايو گئس تيار آهي اوهان INLET واري هودي جي پائپ کي ڪنھن ٻوري يا ڪٽي سان بند ڪري اٽڪل هڪ ريڙهو هٿ وارو گوبر وجهي باقي پاڻي سان ملائي هلائي پٽڙو ڪري ٻوري ڪڍندا تہ ريشو پاڻھي اندر هليو ويندو. جڏهن گوبر ٻاهرين هودي جي اندر 1-1/2 فوٽ تائين اچي وڃي تہ گوبر وجهڻ بند ڪري گئس لاءِ لڳل پائپ جي مٿان ¾ انچ جو وال لڳائي بند ڪري ڇڏيندا.
گرمي جي موسم ۾ اٽڪل هڪ هفتي اندر گئس ٺھڻ شروع ٿيندي ۽ پاڻي ٻاهر نڪرڻ شروع ٿيندو. پھرين گئس کي وال کولي خارج ڪندا جو اها ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ هوندي ۽ ڪون ٻرندي بلڪہ تيلي وسامي ويندي. پلانٽ جي ڀر ۾ تيلي ٻارڻ يا چيڪ ڪرڻ جي ڪوشش هرگز نہ ڪندا جو ڌماڪو ٿي سگهي ٿو ۽ جاني مالي نقصان ٿي سگهي ٿو. احتياط سڀ کان بھتر آهي. اهڙي طرح 2 يا 3 دفعہ گئس خارج ڪري پوءِ ٺھندڙ گئس لاءِ فٽنگ ڪرائيندا.
جيئن تہ هن گئس ۾ 20 سيڪڙو نمي يا ٻاڦ جي آميزش هوندي جيڪا وري پائپن ۾ پاڻي جي صورت اختيار ڪري ويندي آهي. انھي پائپ لائن کي مٿي ديوار سان لڳائجي جيئن پاڻي نيڪال ڪري سگهجي

پاڻي ڪڍڻ وارا وال هفتي ۾ هڪ دفعو ضرور کوليندا تہ ان ۾ جمع پاڻي نڪري وڃي ۽ گئس کي روڪاوٽ نہ ٿئي ورنہ اهو پاڻي چلھي جي والن ۾ وڃي انھن والن کي خراب ڪندو.
هاڻ توهان فٽنگ کانپوءِ گئس کوليندا فٽنگ هرگز ¾ کان گهٽ نہ ڪندا. ورنہ اوهان پريشان ٿيندا پلاسٽڪ جو سامان استعمال ڪندا تہ بھتر آهي. سستو بہ رهندو ۽ زنگ بہ ڪونہ لڳندو.
هاڻي توهان چلھي جا نوزل کولي انھن کي هڪ سوت جيترو ڪنھن سنبي يا اسٽيل جي ڪوڪي سان ويڪرو ڪندا ۽ واپس لڳائي پائپن ۾ گئس کولي ۽ هوا خارج ڪندا تہ گئس جي بوءِ اچ ويندي هاڻ تيلي لڳائي ٻاريندا تہ انشاءﷲ بھترين پريشر گئس ٻرندي.
ياد رهي تہ بايو گئس جو تعلق گرمي سان آهي جيترو گرمي، حبس يا برسات جي موسم هوندي تہ هي مڪمل هلندي رهندي تنھن ڪري ڪوشش ڪري پلانٽ گرمي ۾ ٺاهجي سياري ۾ گئس گهٽ ٺھي ٿي ۽ چالو ٿيڻ ۾ مھيني کان بہ وڌيڪ ٽائيم لڳي ٿو.
اميد تہ دوستن جي سمجهڻ لاءِ مون پنھنجي وس آهر ڪافي ڪوشش ڪئي آهي ۽ تجربو بيان ڪيو آهي تجربو سڀ کان وڏو شرط آهي. جنريٽر يا ڊيزل انجڻ هلائڻ لاءِ عرض آهي تہ پيٽرول انجڻ هرگز نہ هلائجي جو پاڻي جي نمي ڪري انجڻ جلد خراب ٿيو وڃي باقي ڊيزل انجڻ يا ڊگڊگي بھترين هلي ٿي انھي لاءِ انجڻ جي ايئر ڪلينر ۾ هيٺان نپل ويلڊنگ سان لڳائجي تہ بھتر آهي ۽ انجڻ کي گرم پاڻي جي ٽانڪي هڻجي جو گئس گرمي ۾ ڀري سگهجي.
هاڻ انجڻ چالو ڪري ان کي ٿوري دير گرم ڪجي پوءِ هن کي سلو ڪري آهستہ آهستہ گئس چالو ڪجي انجڻ پاڻھي تيز ٿي ويندو ۽ زيادہ گئس ڇڏڻ سان انجڻ جو نقصان ٿي سگهي ٿو

ايترو لکندس تہ انجڻ هلائڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 15 فوٽ پلانٽ يا ان کان وڏو لڳائجي تہ بھتر آهي.
جنريٽر هلائڻ بھتر آهي، پر اڄڪلھہ سولر عام آهي سستو بہ پوي ٿو ۽ سڪون بہ آهي. باقي انجڻ زراعت يا چڪي يا صنعتي استعمال لاءِ هلائي سگهجي ٿو.
آخر ۾ چند نقطا لکان ٿو جيڪي ضروري آهن.
1. سيمنٽ ۽ سرون وغيرہ معياري هجن.
2. ترائي مڪمل طرح ڪجي تہ صحيح طرح سختي اچي.
3. چالو ڪرڻ کانپوءِ پاڻي ڪڍڻ جو عمل جاري رکجي.
4. گوبر ۽ پاڻي صحيح ريشو ملائي باقاعدي لڳائجي.
5. سردين ۾ استعمال ٿيل گوبر RE CYCLE ڪجي يا وري وري استعمال ڪرڻ سان گئس صحيح هلندي.
6. بورچي خاني ۾ استعمال کانپوءِ مين وال بند ڪري ڇڏجي تہ جيئن اگر ڪا ليڪيج هجي تہ گئس ضايع ٿي حادثو نہ ڪري.
7. چلھي جو وال ايترو ئي کولجي جيتري ضرورت هجي زيادہ کولي گئس ضايع ڪرڻ سان گئس کٽي ويندي.
8. چلھي جي صفائي برابر ڪرڻ گهرجي تہ جيئن ماحول صاف ملي.
9. رات جو پلانٽ جو مين وال بند ڪري ڇڏجي.
10. مين وال وٽ پاڻي ڪڍندو رهجي.

اميد تہ پڙهندڙ سڀ سمجهي ويا هوندا ۽ اگر ڪو مسئلو هجي تہ موبائل نمبر 0302-2730504 تي رابطو ڪندا.

خدا حافظ