سائنس، علم ۽ رسالا

بھتر زندگيءَ لاءِ بائيو گئس ۽ زراعت

بائيو گئس هڪ اهڙو جادوئي عمل آهي، جيڪو قدرت جو وڏو تحفو آهي. قطب لغاري صاحب کي فلڪيات، ارضيات، شجرڪاري حيوانات بلڪہ مخلوق خدا جي فلاح بھبود، نشونما، فائدا ۽ گهاٽا بابت سٺي ڄاڻ آهي. ھي ڪتاب پڙھڻ سان پڙھندڙ کي ڇيڻي سميت گهرن ۾ ٿيندڙ روزمرهہ جي فالتو ڪچري ۽ گندي پاڻي جي ڪارائتي استعمال، يعني بايو گئس ۾ تبديل ڪري، سستو ٻارڻ حاصل ڪرڻ جي بہ خبر پوندي تہ ان سان جهجهو ناڻو پڻ بچائي سگهبو. ڪتاب ۾ با.يو گئس جي ڄاڻ ۽ فائدا، پلانٽ لڳائڻ جا طريقا، زمين کي سڌارڻ جا طريقا، بائيو فرٽيلائيزر جي استعمال سميت ٻيا مضمون شامل آھن.

Title Cover of book بھتر زندگيءَ لاءِ بائيو گئس ۽ زراعت

پنھنجي طرفان

عمر جا 75 سال گذرڻ کانپوءِ خيال ٿيو تہ ڪجهہ لکجي، مگر آءٌ ايترو اهم تہ آهيان ڪونہ، بھرحال پوءِ بہ دل چيو تہ ڪجهہ لکجي. لکڻ جي ڪجهہ عادت سائين محمد حيات ڪاڪا استاد محترم جا ڪجهہ ڪتاب ايڊٽ ڪرڻ سان ٿي وئي. پڙهڻ جي عادت مرحوم ڀاءُ محمد سليمان لغاري، گهر ۾ ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون آڻي، سوين ڪتابن جو مطالعو ڪرايو. ريڊيو بہ ياداشت کان وٺي گڏ آهي.
زندگيءَ ۾ ڪو اهم ڪم ڪري ڪونہ سگهيس پر جيڪي خيال ۾ آيو سو ڪيم. مثلاََ دوڪان، ريڊيو، TV مڪينڪ ۽ بجلي جو ڪم. 1972ع ۾ بابا جي وفات کانپوءِ زمينداري زور سان ڪيم، پر سائين مرتضيٰ شاھہ ڏاڏاهي جي بقول!
دشمنن جي ناهي پرواھہ، دوستن ماري وڌو،
گهڻ گهرن جو ويس پائي من گهرين ماري وڌو.

بحرحال ٽريڪٽر گاڏيون، موٽر سائيڪل وغيرہ ٻھراڙي جي ڪري پاڻ ٺاهيندو هوس. هن ڪتاب لکڻ جو سبب اهو آهي جو، جنھن ماحول ۾ اسان رهون پيا، انھيءَ کي خراب بہ اسان پيا ڪريون. يعني جنھن دنيا ۾ اسان رهون پيا، انھيءَ کي تباھہ پيا ڪريون. هاڻي انھيءَ کي وري صحيح ڪرڻ بہ هن دنيا جي ماڻھن جو ڪم آهي. ٻيو ڪوبہ ڪونہ ايندو. اهو سوچي 45 سال جي تجربن کي سوچيم، تہ بائيو گئس هڪ اهڙو جادوئي عمل آهي، جيڪو قدرت جو وڏو تحفو آهي، انھي تي لکان. ڪوشش ڪيم، بلڪہ آرزو ڪيم، سڄي سنڌ بلڪہ پاڪستان ۾ پلانٽ گهر گهر لڳن. بجلي گهرن ۾ لڳن، تہ ملڪ قرضن کان بچي، اوڌر جي مصيبت کان بچي ماحول صاف ٿئي، وڻ وڍجڻ کان بچن. کير وڌي. گوشت وڌي. گهريلو عورتون دونھن ۽ TB کان بچن. زرعي، صنعتي شيون مفت ۾ ملن. ڪيميائي ڀاڻ جي جاءِ تي سٺو آرگينڪ ڀاڻ مفت ۾ ملي. جنھن سان بيمارين کان محفوظ فصل، زمينون ڀليون، فروٽ ۽ اناج اصلي قدرتي ذائقن ۽ رنگن ۾ ملن تہ جيئن عوام جي صحت صحيح رهي. هي ڪتاب لکڻ جو مطلب ادب جي خدمت نہ، بلڪہ دل جي خواهش آهي، تہ من ڪو هن کي پڙهي فائدو وٺندو. ﷲ ۾ اميد آهي تہ جتي دنيا مان توانائي جا ذخيرا ختم ٿي رهيا آهن. اتي هن ناچيز جي ننڍڙي ڪوشش شايد ڪنھن کي اسان جي ياد ڏياري. هونءَ بہ هاڻ هن عمر ۾ هلي نٿا سگهون. جن دوستن مون تي اعتبار ڪري پلانٽ لڳرايا يا همٿ افزائي ڪئي، انھن جو آئون شڪر گذار آهيان. ڪجهہ نالا لکان ٿو.
حاجي محمد حسن راڄڙ (ميرپورخاص)
حاجي فضل ميمڻ، مصري فارم (ميرپورخاص)
حاجي چڪي وارو، فروٽ منڊي (ميرپورخاص)
مرحوم عبدالستار پنھور (ميرپورخاص)
محمد يونس پنھور (ميرپورخاص)
راڻا محمد علي ADV (ميرپورخاص)
حاجي بشير جي جهڳي (ميرپورخاص)
حاجي محمد سليم راڻا (ميرواھہ گورچاڻي)
حاجي خالد راڻا (ميرواھہ گورچاڻي)
حاجي محمد صالح (ميرواھہ گورچاڻي)
حاجي نظير، ڳوٺ چوهدري غلام محمد (ميرواھہ گورچاڻي)
حاجي عبدالغفار خاصخيلي (10 ميل موري KGM)
محمد هاشم ڀرڳڙي (10 ميل موري KGM)
لياقت آرائين، بادل شاھہ (ميرواھہ گورچاڻي)
اشفاق آرائين، بادل شاھہ (ميرواھہ گورچاڻي)
اشتياق آرائين، بادل شاھہ (ميرواھہ گورچاڻي)
محمد شريف وساڻ (جمڙائو، ميرپورخاص)
ڪرم علي وساڻ لڳ بڪيرا (ٽنڊو الھيار)
حاجي علي محمد شاھہ نور شاھہ (ميرواھہ گورچاڻي)
امام بخش رند، ڳوٺ مير غلام علي ٽالپر (ميرواھہ گورچاڻي)
عبدالرحيم ڪاڇيلو (ڪاڇيلو فروٽ فارم)
حميدﷲ ڪاڇيلو (مرحوم) (ڪاڇيلو فروٽ فارم)
حاجي نور احمد ڀرڳڙي( KGM)
حاجي حبيب ﷲ ڀرڳڙي (KGM)
حاجي خالد ڀرڳڙي قاسم ڀرڳڙي (KGM)
ماستر انور ميئو، ڊينگاڻ دستي (KGM)
مرحوم يونس خان قائم خاني (KGM)
مرحوم سردار غلام مصطفيٰ خاصخيلي (سامارو)
سيد ابو شاھہ لڪياري (بچاءُ بند، سامارو)
نور نبي جٽ (ٽنڊو جان محمد)
سيٺ مدن، مھراڻ شيرين (ٽنڊو جان محمد)
پير بخش سومرو، العباس شگر مل (نئون ڪوٽ)
نذير گرگيج، نفيس نگر (نئون ڪوٽ)
قادر نظاماڻي (ڪڙيو گنھور، بدين)
حاجي محمد علي ۽ حاجي محمد حسن سمون (ڪڙيو گنھور، بدين)
شير محمد ارباب ڀوت (ونگو سٽي، بدين)
عبدالجبار ڇڇر، ميوو ڇڇر (سعيد آباد)
حاجي افضل شاھہ (ٽنڊو الھيار)
حاجي محمد عمر لغاري، علڻ لغاري (ٽنڊوالھيار)
حاجي بابو, ڳوٺ قاضي نور محمد (ٽنڊو الھيار)
قاضي ايوب, چيف ايڊيٽر (ڪاوش اخبار)
ايس ايس آئي (SSI) اسڪول راشد آباد (ٽنڊو الھيار)
افضل شاھہ (ٽنڊو الھيار)
غفار ڇڇر، ڳوٺ ميوو ڇڇر (سعيد آباد)
ماستر علي احمد خاصخيلي، ڳوٺ وريام خاصخيلي لڳ واگهريجي (ڪوٽ غلام محمد).
افتخار کوکر، لڳ ٻٽيھون ميل موري (ٽنڊو الھيار)
قاري عبدالمجيد ڪمبوه (ماتلي، بدين)
رئيس خالد رند (نصرپور)
مرحوم عبدالستار دائود پوٽو (نصرپور)
حاجي خير محمد کوکر (ٽنڊو الھيار)
پٺاڻ فارم، ريچل (ٽنڊو الھيار)
سردار يار محمد لاشاري، ريچل (ٽنڊوالھيار)
نواب طارق لغاري، تاج پور، سپر مدينہ هوٽل (ٽنڊو الھيار)
مرحوم حاجي قائم ٿيٻو ڳوٺ (ڪوٽ غلام محمد)
حاجي علي محمد ٿيٻو ڳوٺ (ڊگهڙي)
حاجي گل محمد ٿيٻو ڳوٺ (ڊگهڙي)
قادري برفت اڪرو (ڄامشورو)
حاجي خورشيد، سوغات شيرين، گدو چوڪ (لطيف آباد حيدرآباد)
حاجي محمد اڪبر لغاري، سعيد خان لغاري (KGM)
جان محمد لغاري، سعيد خان لغاري (KGM)
محمد مٺل جسڪاڻي، زرعي يونيورسٽي (ٽنڊو ڄام)
آئون سڀني جو ٿورائتو آهيان. خاص طور ليفٽننٽ ڪرنل اقبال صاحب ۽ ايئر ڪموڊور پرنسپال صاحب، انھن مون سان ڪم جي حوالي سان خاص تعاون ڪيو ۽ ڪم ۾ مزو آيو.
اِهي تہ اُهي مھربان آهن، جيڪي ذهن تي آهن. ورنہ 75 سال گذاري 42 سالن جون يادگيريون ڪٿي رهي سگهن ٿيون. آخر ۾ آءٌ انھن مھربانن کي ضرور ياد ڪندس، جن مونکي تمام گهڻو پيار ڏنو. جن ۾ ڀاءُ ڊاڪٽر لعل خان لغاري ۽ پُٽ انجنيئر صلاح الدين لغاري، مونکي پيءَ وانگر پيري ۾ سنڀالين ٿا ۽ ڀاءُ ڊاڪٽر حاجي اڪبر لغاري ۽ حاجي ڊاڪٽر شاهنواز لغاري بہ ڏاڍو خيال رکن ٿا. ڀائٽو انجنيئر همايون بہ ڏاڍي همٿ افزائي ڪندو هو ۽ هينئر دبئي ۾ آهي. پٽ ذوالفقار، بائيو ڀاڻ جو عاشق آهي، خود کڻي ٿو.
هتي ڪاڇيلو فيملي جو ذڪر ضرور ڪندس. عبدالصمد ڪاڇيلو سنڌ ۾ ميرپورخاص فروٽ فارم کانپوءِ هندوستان مان چڪيون گهرائي باغ لڳايو. اوڙي پاڙي وارن کي چوندو هو تہ باغ لڳايو، تہ جون ۾ ڍل ڏيئي سگهبو. اسانجي والد صاحب بہ سندن مھرباني سان 50 ايڪڙ قلمي باغ لڳايو، انھي کانپوءِ سندن فرزند محمد رفيع، محمد رفيق ۽ جاويد ڪاڇيلو فارم سنڀاليو. بلڪہ رفيع صاحب آل هو. هن فارم کي 300 ايڪڙ مان 2000 ايڪڙ تي رسايو. 300 جنسون انبن ۽ ٻين ميون جون لڳايون زمين بہ 4000 ايڪڙ تائين وڌائي هڪ جديد فارم بڻايو. مون تي تمام گهڻو مھربان هو ۽ مون کانئن گهڻو ڪجهہ سکيو. سندن فرزند فيصل ڪاڇيلو تمام سٺو زميندار آهي ۽ پيءَ وانگر لائق آهي. مون تي گهڻو مھربان آهي. ﷲ هن فيملي تي پنھنجا ڪرم جاري رکي، آمين.
آخر ۾ ڪجهہ مھربانن جو ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان.
پھريون سيد مشتاق شاھہ، سابق آءِ جي پوليس جو ذڪر ڪندس. پاڻ پلانٽ بہ لڳرايائون، ڏاڍي عزت ڏنائون. اڏيري لعل فارم ۾ سندن ايڪڙن ۾ پارڪ ۽ بنگلا آهن، ﷲ کين آباد رکي.
ٻيو ذڪر جناب جاويد اوڍو DIG جو ڪندس. حاجي فضل ميمڻ، مصري فارم واري جي معرفت ملاقات ٿي ۽ سائين تہ اسان کي خريد ڪري ڇڏيو. پنھنجي ڳوٺ تاجو ديرو، جيڪب آباد وٺي ويا ۽ اُتي اٽڪل هڪ هفتو رهائي، محبت جا موتي نڇاور ڪيائون. سندن ڀائرن بہ ڪا ڪثر ڪانہ ڇڏي. پراڻا محل گهمايائون، جنھن ۾ بنا بجلي جا فرج ۽ پکا، 5 فوٽ جون ديوارون، ڪچھري لاءِ جڳھيون، مطلب تہ وڏن خاندانن جون پراڻيون رهڻيون ڪھڻيون مونکي اتي سمجهہ ۾ آيون. آخر ۾ چيائون تہ پاڻ انڊس هاءِ وي تان آيا هئاسين، توکي نئون رستو ڏيکاريان، پوءِ خيرپور ميرس کان نارا ڪئنال، منڍ جمڙائو، سخي ڄام ڏاتار، نواب شاھہ کان وري ميرپورخاص کان ڳوٺ ڇڏي ويا. آئون سندن محبت جو احسان لاهي بہ نہ ٿو سگهان، ﷲ کين شاد ۽ آباد رکي.
ٽيون ذڪر سابق انسپڪٽر پوليس حاجي اڪبر بجير جو ڪندس. جيڪو ننڍي هوندي اسانجي ڳوٺ ۾ پليو ۽ پڙهيو. انھي ڪري ساڻس ڀائرن وارو تعلق آهي. پاڻ هاڻ مٺي ۾ رهي ٿو. برساتن ۾ کنڀيون ۽ چپڙ جون ٽوڪريون کڻي ايندو آهي. هر روز فون ڪري حال معلوم ڪندو آهي. اسان بہ مٺي وڃي ساڻس ڪچھري ڪرڻ ۾ ڪثر ڪونہ ڇڏي پر هاڻ رهجي وياسين. هن ڪتاب لکڻ جي صلاح بہ سندن آهي. پاڻ بہ شاعري ڪن ٿا ۽ ڪافي ڪتاب ڇپائي چڪا آهن. زندگي ۾ سوين ڪتاب ادب، ناول، تاريخ، فلسفه، مولانا رومي، سعدي، قرآن ڪريم جا تفسير پڙهياسين، پر لکڻ ڪونہ آيو ۽ نہ شاعري.
حاجي صاحب جي مشوري کي دل تي رکي سوچيم، تہ ڇا لکان؟ پوءِ قلم کنيم تہ بائيو گئس تي لکڻ مناسب سمجهم. ادب، شاعري لکڻ وارا لکين آهن. هي موضوع ضروريات زندگي جو آهي، جتي قدرت جون مھربانيون بيدردي سان ضايع ٿين پيون. وڻ وڍي زمين اگهاڙي ڪجي پئي. گند ڪچري سان گنديون گئسون، هوا ۾ ملائي، فصلن جي باقيات ساڙي، ڪارخانن ۽ گاڏين جو دونھون، جنھن جو حصو ٿيندو وڃي. بمن، راڪيٽن ۽ جھازن جو ڪيميائي دز انسان ذات جي تباهي لاءِ وڌندو وڃي. اتي جي ڪڏهن ڪير نٿو سوچي، تہ هو پاڻ بہ خود ڪشي پيو ڪري، تہ دنيا جي تباهي ۾ بہ ڀاڱي ڀائيوار آهي.
آئون حاجي اڪبر بجير جو ٿورائتو آهيان، جنھن لکڻ لاءِ ۽ ڇپائي ڏيڻ جو واعدو ڪيو.
سائين حاجي خير محمد کوکر، رئيس محمد عمر لغاري، قاضي ايوب، محمد علي سمون، قاري عبدالمجيد ڪمبوهہ، حاجي محمد حسن راڄڙ، حاجي فضل ميمڻ، رانا محمد علي شاھہ ۽ ٻين سڀني جو آئون تھہ دل سان شڪر گذار آهيان. هي اُهي نالا آهن، جن جا پلانٽ 2007ع کانپوءِ ڊوم ٽائپ لڳايا، باقي انھيءَ کان اڳ ڊرم ٽائپ ڪونہ لکيا اٿم، جو اهي هاڻ فيل ٿي ويا آهن. جيڪي نالا ياد آيا، سي لکيا اٿم. اُميد تہ قارئين جو ڪونہ ڪو واقف هوندو ۽ ملي احوال وٺي سگهي ٿو. دل ۾ تمنا اٿم تہ جيئن هندستان ۾ ڪانگريس حڪومت هر سال هڪ ڪروڙ پلانٽ مفت ۾ لڳائي گئس جو مسئلو حل ڪيو ۽ ٻاهريون ناڻو بچايو، اهڙي طرح ﷲ اسان جي ملڪ ۾ ڪو مرد مجاهد پيدا ڪري، جيڪو هن ملڪ جي شھرن جي گٽر، ڪچري ۽ گوبر (ڇيڻي) مان بجلي گهر، ريلون، ڪارخانا ۽ چُلھا ٻاري. جيئن برطانيا، جرمني، انڊيا، نيپال وغيرہ ۾ ٿئي پيو، آمين. اگر اهي شيون صاحب لوڪن کي سمجهہ ۾ اچي وڃن ۽ ٿورو بہ مُلڪ جي خير خواهي جو خيال ڪندا، تہ پاڪستان قيامت تائين گئس ۽ بجلي ۾ خود ڪفيل ٿي ويندو. باقي قدرت جي نعمتن کي بيدردي سان، عياشين ۾ لٽائي، سواءِ تباهي جي ٻيو ڪجهہ ڪونہ ملندو.
ﷲ شل اسان کي سڌو رستو ڏيکاري ۽ ملڪ کي آباد ڪري.
سائينم! سدائين، ڪريم مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا! دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.


قطب الدين لغاري
ڳوٺ حاجي سعيد خان لغاري
تعلقہ ڪوٽ غلام محمد،
ضلع ميرپورخاص (سنڌ)