مذهب

اسلام، ڊائلاگ ۽ مهذب معاشرو

ڪتاب ”اسلام، ڊائلاگ ۽ مهذب معاشرو “ ايران جي اڳوڻي صدر سيد محمد خاتمي جي تقريرن تي مشتمل آهي، جنهن جو سنڌيڪار انجنيئر مومن علي شاهه آهي.
سيد خاتمي صاحب هڪ معتدل قسم جو عالم، مدبر، مفڪر آهي، جنهن ايران جي انقلاب ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ ان کي ڪاميابيءَ سان همڪنار ڪري، ان کي اڄ جي دنيا ۾ زندگيءَ جي هر شعبي ۾ لاڳو ڪري ڏيکاريو.
هن ڪتاب ۾ ٻارنهن باب آهن جيڪي مختلف عنوانن تي مشتمل آهن. هرهڪ جو مقصد مسلمانن جي اندروني حالت، مغربي دُنيا جو مسلمانن ڏانهن رويو، مسلمانن جي ترقي لاءِ ٻڌايل ضروري ڳالهيون ۽ نسخا، انهن جي رستي ۾ رڪاوٽن جي موجودگي ۽ مذهب جي صحيح سمجهه رکڻ ڏانهن ضروري مواد موجود آهي.
Title Cover of book اسلام، ڊائلاگ ۽ مهذب معاشرو

پنهنجي پاران

هي ڪتاب جمهوريه ايران جي سابق صدر سيد محمد خاتميءَ جي تقريرن تي مبني آهي، جيڪي هن مختلف موقعن تي ڪيون. ڪتاب جو اصل نالو اسلام، ڊائلاگ ۽ سول سوسائٽي (Islam، Dialogue and Civil Society) آهي. سيد خاتمي صاحب هڪ معتدل قسم جو عالم، مدبر، مفڪر آهي، جنهن ايران جي انقلاب ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ ان کي ڪاميابيءَ سان همڪنار ڪري، ان کي اڄ جي دنيا ۾ زندگيءَ جي هر شعبي ۾ لاڳو ڪري ڏيکاريو. خاتمي صاحب ۽ مسلمانن جي حالت، جيڪا هر اسلامي ملڪ ۾ ڪا چڱي نه آهي، اها ايران ۾ به انقلاب کان اڳ اهڙي ئي قسم جي هئي. شهنشاه ايران جي مطلق المنان حڪومت جنهن ساوڪ (SAVAK) جهڙي خفيه ايجنسي جي مدد سان ايراني عوام جي مٿان ظلم ڪيا، ان جي نتيجي ۾ 1919ع ۾ اتي اسلامي انقلاب آيو، جنهن کي اڳتي ٻين مسلمان ملڪن ۾ پهچڻ کان روڪڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ويون، جنهن ۾ پنهنجا ۽ پراوا سڀ شامل هئا.
اهڙي انقلاب جي ضرورت کي وڏي شدت سان پاڪستان ۾ محسوس ڪيو پيو وڃي، پر افسوس جو هتي هن ملڪ جي عوام ۾ اهڙي قسم جي ٻڌي نه آهي جهڙي قسم جي ايران ۾ آهي، جتي فقط هڪ قوم آهي. بينظير صاحبه جي شهادت کان پوءِ ۽ جسٽس افتخار چوڌري کي نوڪري مان ڪڍڻ کانپوءِ يعني 27 ڊسمبر 2006ع کانپوءِ پاڪستان ۾ انقلاب لاءِ حالتون بلڪل سازگار هيون. اسٽيج تيار هئي پر ليڊرڪونه هئا. اهو هن ملڪ جو وڏو الميو آهي جيڪو ان کي ترقيءَ جي راه تي گامزن ٿيڻ نه ڏيندو.
پاڪستان جي اندر وري جهڙيون حالتون سنڌ صوبي ۾ آهن، اهڙيون خراب حالتون اتي ان جي تاريخ ۾ ڪڏهن ڪونه ٿيون. سنڌ اسيمبلي ۽ حڪومت تي ايم ڪيو ايم جو قبضو، باقي بچيل سنڌ تي پيرن، ميرن، سيدن ۽ وڏيرن جو قبضو؛ انهن جي ان قبضي کي اسين سٺو به چئي ٿي سگهياسين جيڪڏهن انهن گڏجي ڪري هڪ معاشي، سماجي ۽ سياسي ترقيءَ لاءِ اتحاد جوڙيو هجي ها ۽ ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جي شهادت کانپوءِ سنڌ ۾ حالتن کي سنڀالڻ ۾ مددگار ثابت ٿيا هجن ها. پر ائين نه آهي؛ سنڌ هينئر غربت، غصي، بي راه روي ۽ لاوارثيءَ جي چڪيءَ هيٺ پيسجي رهي آهي ۽ پنهنجي ليڊر ۽ پنهنجي باضمير عوام جي جدوجهد جو انتظار ڪري رهي آهي.
هن ڪتاب ۾ ٻارنهن باب آهن جيڪي مختلف عنوانن تي مشتمل آهن. هرهڪ جو مقصد مسلمانن جي اندروني حالت، مغربي دُنيا جو مسلمانن ڏانهن رويو، مسلمانن جي ترقي لاءِ ٻڌايل ضروري ڳالهيون ۽ نسخا، انهن جي رستي ۾ رڪاوٽن جي موجودگي ۽ مذهب جي صحيح سمجهه رکڻ ڏانهن ضروري مواد موجود آهي. ان کان سواءِ موجود دور جي گهرجن کي سمجهڻ جي تاڪيد ڪئي وئي آهي؛ خاص طور تي انفارميشن ٽيڪنالوجي کي، جنهن کان بغير اڳتي وڌڻ هن دور ۾ ناممڪن آهي. خاتمي صاحب مغربي ۽ مسلم تمدن جي درميان ڳالهه ٻولهه کي به اهميت ڏني آهي ۽ ان کان لاتعلق رهڻ کان به منع نه ڪئي آهي. خاص طور تي انفارميشن ٽيڪنالوجي کي، جنهن کان بغير اڳتي وڌڻ هن دور ۾ ناممڪن آهي. ان جي لاءِ اهو چيائين ته ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته اسان مسلمان پنهنجي تمدن کي وساري ويٺا آهيون، پر اسان کي گهرجي ته مغربي تهذيب جي ڪارآمد ڳالهين کي اپنايون ۽ نقصانده شين کا پري ٿيون.
ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته مسلمانن جي سائنس، مغرب کي نئون روپ بخشيو ۽ ان کي نه رڳو توهم پرستي کان ٻاهر آندو پر ان کي مسلسل ترقيءَ جي راه تي آڻي ڇڏيائين. اڄ ان جي پوري دُنيا جي مٿان بالادستي آهي. هن جو گورننس (Governonce) قانون جي حڪمراني (Law enforcement) سماجي انصاف (Social Justice) معاشي نظام (Economic System) تعليمي نظام، بئنڪنگ، مواصلات ۽ دفاع مثالي ٿي ويا آهن. تحقيق ۽ سوچ، جيڪي مسلمانن جون مکيه خاصيتون هيون، اهي انهن وٽ پهچي ويون آهن. هن وقت مغربي تمدن مسلمانن کي سهپ (Tolerance) سيکاري رهيو آهي جيڪا انهن خود مسلمانن کان سکي ۽ جديد تلوار (Atomic Weapons) کان هنن کي پاسيرو رکي رهيا آهن. ڇو ته انهن کي خبر آهي ته جنهن وقت مسلمانن هوش سنڀاليو اهي انهن جي سامهون يقيناً هيڻا ٿيندا. ڀلي فلسطين هجي، ڪشمير هجي، عراق هجي يا افغانستان، مسلمان ڪنهن به طرح خاموش ٿي ويهي نٿا سگهن. اوهان سيموئيل هينٽنگٽن(Samuel Huntington) جو ڪتاب تهذيبن جو ٽڪراءُ (Clash of civilizations) پڙهو، ان ۾ هن صاحب مغرب ۽ آمريڪا جي دُنيا مٿان بالادستي قائم رکڻ لاءِ هڪ بهترين قسم جو تجربو ڪندي، پنهنجن آقائن کي خاص مشورا ڏنا آهن. انهيءَ ڪتاب ۾ سڀني تهذيبن (Civilizations) جي مافيءَ جو مطالعو به ڪيو ويو آهي ۽ انهن جي هيٺاهين مٿاهين تي تبصرو ڪندي اهو اندازو لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته، مستقبل ۾ انهن جو حال ڇا هوندو. خاص طور تي ان ۾ مسلم تهذيب جي غلبي ڏانهن اشارو ڪندي، ان کي منهن ڏيڻ لاءِ مشورو ڏنو آهي. ان ڪتاب جي پڙهڻ سان اها خبر پوي ٿي ته انهن، يعني مغربي دانشورن جي نگاه ڪهڙي ريت مسلمانن جي مستقبل مٿان آهي. اهي پنهنجو مدمقابل مسلمانن کي ئي سمجهن ٿا، توڙي کڻي آمريڪا جي سابق صدر رچرڊ نڪسن (Richard Nixon) جي مطابق ته مسلمان هڪ طوفان وانگر اٿيا، پوري دُنيا کي انهن سائنس جا بنياد مهيا ڪيا ء هينئر هي وڏي ننڊ ۾ ستل آهن. ان پنهنجي ڪتاب موقعي جو فائدو ورتو (Sieze the moment). آمريڪي عوام کي اهو مشورو ڏنو آهي ته اهي هروڀرو مسلمانن کان ڊڄي رهيا آهن، اهو ڀل ڪيترا به ملڪ ڇو نه هجن پر انهن ۾ اڀار اچڻ هينئر تمام ڏکي ۽ پري جي ڳالهه آهي. انڪري هو صاحب فرمائي ٿو ته اوهان مسلمانن ڏانهن ڪوبه ڌيان نه ڏيو. هينئر انهن جو وري جاڳڻ محال آهي.
محترم بينظير ڀٽو صاحبه پنهنجي ڪتاب سرچاء (Reconciliation) ۾ مغرب ۽ مسلمانن جي وچ ۾ غلط فهمين کي دور ڪرڻ لاءِ ۽ جمهوريت رستي مسلم معاشري کي طاقتور بنائي مغرب وارن سان سرچاء جي هڪ فارمولو پيش ڪيو آهي. مان سمجهان ٿو ته ان ۾ پاڪستان بهترين رول ادا ڪري سگهي ٿو، اهو به تڏهن جڏهن ان جو حڪمران سنڌي هجي. ڇو ته هن خطي ۾ پئدائشي ليڊر فقط سنڌي آهن، جيڪي هن خطي ۾ موجود خالن کي سمجهن ٿا ۽ انهن جي ڀرڻ خاطر انهن وٽ رستا به آهن. پر افسوس جي ڳالهه هي آهي ته انهن کي ڪم ڪرڻ لاءِ موقعو نه ٿو ملي. انهن کي ۽ انهن جي معاشري کي دٻائي رکڻ ۾ نام نهار حڪمران پنهنجي ڀلائي سمجهن ٿا.
پاڪستان جي ڪمزوريءَ جو وڏو سبب ليڊرشپ جو نه هئڻ آهي. ڇو ته ان جي ڪري مرڪزيت وارو ڪردار گم رهي ٿو. توهان ٿوري دير لاءِ سوچو ته جيڪڏهن اڄ وري ٻيو ذوالفقار علي ڀٽو پئدا ٿئي، ته ملڪ ۽ سنڌ صوبو ڪٿي وڃي پهچندا. ملڪن ۾ خوشحالي هميشه ان جي استحڪام تي دارومدار رکي ٿي. اسان وٽ استحڪام پئدا ٿيڻ نه ٿو ڏنو وڃي. ان جا گهڻا سبب آهن، پر مکيه مان انهن سان ليڊر جي نه هجڻ وارو آهي. ڪنفيوشس (Confucious) کان ڪنهن سوال ڪيو ته ملڪ جي خوشحالي ۽ ترقي ڪهڙي ڳالهه تي مدار رکن ٿيون؟ هن جواب ڏنو ته ٽن شين تي؛ هڪ ليڊر ۾ ڀروسو، ٻيو کاڌي ۽ خوراڪ جي فراواني ۽ ٽيون هٿيارن جو ڪافي تعداد ۾ هئڻ. پوءِ ٻيو سوال ان کان پڇيو ويو ته جيڪڏهن انهن ٽنهي مان ڪهڙي شيءَ نه هجي جو وري به ملڪ ترقي ڪري ۽ خوشحال هجي چيائين ته ڀل هٿيارن جو ڪافي حصو نه هجي پر ٻيون ٻه شيون لازمي آهن ان کانپوءِ هن کان ٽيون سوال ڪيو ويو ته جيڪڏهن ٻن شين مان ڪهڙي شي جيڪڏهن نه هجي جو وري به ملڪ خوشحال هجي ان تي چيائين ته ڀلي کاڌي جو گهڻو حصو نه هجي پرواه نه آهي، پر ليڊر تي ڀروسو ضروري آهي. پر اهائي شي نه اسان وٽ سنڌ ۾ آهي ۽ نه پاڪستان ۾؛ نتيجو هر هڪ جي سامهون نه آهي.
خاتمي صاحب جو مسلمانن کي اهو مشورو آهي ته پنهنجي اصلاح ڪريو، مغرب جي سازشن کان بچو ۽ اڄ جي تقاضائن کي سمجهي انهن کي منهن ڏيڻ سکو. پنهنجي گذريل ورثي کان سبق پرايو ۽ مغربي تهذيب جون جيڪي بهترين شيون آهن، انهن کي اپنايو. ان جي برين شين کان پرهيز ڪريو. پنهنجي طاقت کي وڌائڻ لاءِ ضروري آهي ته اسلام جي ٻڌايل رستي تي هلو. عبادت ڪريو، پرهيزگار ٿيو، اوهانجو اخلاق بلند هئڻ کپن ۽ هڪ ٻئي جي مدد کي ڪڏهن به نه وساريو. اهي ڳالهيون سنڌ ۾ ناپيد ته نه آهن، پر تمام گهٽجي ويون آهن ۽ هرهڪ شي سڀاڻي جي فڪر ۾ دٻجي رهي آهي. انسان نه رڳو پنهنجو پاڻ کي وساري ويٺو آهي پر هو خدا کان به پري ٿي ويو آهي ۽ پنهنجي قسمت پنهنجي هٿن ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪرڻ ڪري، تباهي ڏانهن گامزن آهي. سنڌ ۾ شعور رکڻ وارن فردن کي اڳيان اچي، سماجي تنظيمون جوڙي، بعد ۾ سياست ۾ حصو وٺي حالتون ٺيڪ ڪرڻ گهرجن. هي جيڪي به سنڌ ۾ سياسي خاندان آهن، سواءِ ڀُٽي خاندان جي، انهن ڪو خاص طور تي سنڌ ۾ تبديليءَ لاءِ ڏيئو نه ٻاريو آهي. سنڌ ۾ ٿوڪ جي حساب سان ترقيءَ جي ضرورت آهي ۽ نه ريزڪي بنيادن تي. جيڪڏهن اهڙي ڪابه تنظيم۽ اهڙا سمجهدار سياستدان اڳيان نه آيا ته اسان سڄي سنڌ مان ائين ڪڍيا وينداسين جيئن سنڌي قوم نه رڳو ڪراچي کان ڀاڄ کائي چڪي آهي پر اتي جي سنڌ دشمن تنظيم اڳيان گوڏا کوڙي هٿ ٻڌي بيٺي آهي. اسان کي هينئر پنهنجو پاڻ ۾ تبديلي آڻڻ گهرجي ۽ ان جي لاءِ هي ڪتاب بهترين ڪتاب آهي.

مومن علي شاه
خانپور ضلعو شڪارپور
سنڌ