مذهب

اسلام، ڊائلاگ ۽ مهذب معاشرو

ڪتاب ”اسلام، ڊائلاگ ۽ مهذب معاشرو “ ايران جي اڳوڻي صدر سيد محمد خاتمي جي تقريرن تي مشتمل آهي، جنهن جو سنڌيڪار انجنيئر مومن علي شاهه آهي.
سيد خاتمي صاحب هڪ معتدل قسم جو عالم، مدبر، مفڪر آهي، جنهن ايران جي انقلاب ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ ان کي ڪاميابيءَ سان همڪنار ڪري، ان کي اڄ جي دنيا ۾ زندگيءَ جي هر شعبي ۾ لاڳو ڪري ڏيکاريو.
هن ڪتاب ۾ ٻارنهن باب آهن جيڪي مختلف عنوانن تي مشتمل آهن. هرهڪ جو مقصد مسلمانن جي اندروني حالت، مغربي دُنيا جو مسلمانن ڏانهن رويو، مسلمانن جي ترقي لاءِ ٻڌايل ضروري ڳالهيون ۽ نسخا، انهن جي رستي ۾ رڪاوٽن جي موجودگي ۽ مذهب جي صحيح سمجهه رکڻ ڏانهن ضروري مواد موجود آهي.
Title Cover of book اسلام، ڊائلاگ ۽ مهذب معاشرو

باب چوٿون: گفتگو ۽ نئين صدي

منهنجي لاءِ اها تمام گهڻي خوشي ۽ مسرت جي ڳالهه آهي ته آئون توهان ماڻهن سان يونيسڪو (UNESCO) جي جلسي ۾ اڄ جي اهم تهذيبي ۽ سياسي مسئلن تي خطاب ڪري رهيو آهيان. ايندڙ نسلن تي ان مسئلي جو گهڻو اثر پوندو. انهن کي خراب اثرن کان ڇوٽڪارو ملندو ۽ اخلاقي، روحانيءَ جمالياتي طورتي پڻ تقويت حاصل ٿيندي. آئون مڃان ٿو ته تجويز ڪيل تمدنن ۽ تهذيبن جي درميان گفتگو ۽ مذاڪري جي نتيجي جي سلسلي ۾ ضرورت کان گهڻو پراميد هئڻ يا حوصله شڪني ۽ مايوسي دنيا جي موجوده صورتحال جي پيش نظر اطمينان ۽ مايوسي ۾ مبالغه آرائي هوندي، پران تجويز جي سلسي ۾ جيڪي رڪاوٽون آهن، انهن کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. ظاهر آهي ته اسان کي ان وڏي ڊگهي، مشڪل ۽ خطرناڪ رستي جو اندازو هئڻ گهرجي. ان سان گڏوگڏ ان تجويز جي عمل آوري جي امڪانن جو شعور هئڻ به ضروري آهي، ڇو ته انساني زندگي جي مستقبل تي ان جا مستقل سياسي اثر ۽ ان کان پوءِ ان جي پويان تاريخ ساز واقعات به ظاهر ٿيندا. حقيقت هي آهي ته ان تجويز کي بين الاقوامي حلقن ۾، خاص طور تي اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي ٽربيونل اجلاس ۾ ڀليڪار ڪيو ويو. ان تجويز جي اهميت جي لاءِ اها ڳالهه ڪجهه گهٽ نه آهي ته ان ڳالهه جي سڄي دنيا جي عوام ئي نه بلڪ دانشورن پڻ ڀرپور آجيان ڪئي. ائين نه آهي ته دنيا وارا هر صدا تي لبيڪ چوڻ تي تيار رهندا آهن. ان کي ڪيترن ئي مثالن سان واضح ڪري سگهجي ٿو. مثلاً ماضي ۾ جڏهن به سخي ۽ خيرانديش شخص، ڪجهه مفڪر يا ڪجهه انقلاب ماڻهو، دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ کان پنهنجن واعدن ۽ وفائن جي تڪميل جي لاءِ پراڻن انساني خيالات جي جاءِ تي نئين معاشري کي آڻڻ لاءِ پنهنجا آواز بلند ڪندا هئا. جيتوڻيڪ اهو انتهائي مخصوص موقعو آهي ته عالمي برادريءَ تمدنن جي درميان گفتگو جي آواز تي پڻ لبيڪ چيو آهي.
ان ۾ ڪوئي شڪ نه آهي ته ان واقعي جي سببن جي تشريح ۽ وضاحت ۾ سماجي ۽ سياسي تسليم ٿيل عقيدو يا موجوده فلسفياڻو نظريو قابل قبول نه آهي. ان تصورتي مبني ۽ ان سوال جي جواب جي اميد ۾ ته سڀني تمدنن جي درميان گفتگو جي تجويز کي سڀ کان پهريان اسلامي جمهوريه ايران، اقوام متحده جنرل اسيمبليءَ جي ۵۳ هين اجلاس ۾ ڇو پيش ڪيو ۽ ان کي اهڙي غير معمولي مقبوليت ڇو حاصل ٿي؟ ان سوال جو جواب ڏيڻ جي لاءِ قومي مفاد ۽ سياسي مصلحتن جي بدران انساني ڳالهه ٻولهه (ابلاع و ترسيل) جي ڪجهه رائج سببن ء ڪارڻن جي وضاحت لازمي معلوم ٿئي ٿي ۽ تمدنن جي درميان گفتگوءَ جي بنيادي تصور ۽ گفتگو جي حقيقي معنيٰ ۽ مفهوم تي چڱو خاصو بحث ڪري سگهجي ٿو.
گفتگو جي لازمي وصف تي ٿيل مذاڪرو ۽ بحث اسان کي آخرڪار تاريخ ۽ فلسفي جي دائري ۾ داخل ڪندو ۽ پوءِ اسان کي “گفتگو” جي (Dialogue) فلسفياڻي پهلو ۽ لفظيات (لفظن) کي هڪٻئي کان الڳ ڪرڻو پوندو. ان کان سواءِ ان سلسلي ۾ علم وارن جي راءِ تي پڻ غور ڪرڻو پوندو. جيتوڻيڪ ان جي لاءِ اها مناسب جڳهه به نه آهي ۽ نه ئي ان جو وقت آهي، پر اسان ڊائلاگ جي متعلق ڪجهه اصطلاحن تي گفتگو ڪرڻ جي لاءِ مجبور آهيون. اهو فرض ڪندي ته فلسفياڻي ۽ نظرياتي طور تي ان جو مطلب صاف آهي، پر اهو اصطلاح ٻنهي طرح سان، يعني استدلال ۽ استعمال جي طور رائج آهي. جڏهن اسان دنيا کي “ڊائلاگ” يعني گفتگو جي دعوت ڏيون ٿا ته اهو، يعني گفتگو، ٻنهي معنائن ۾ استعمال ٿئي ٿو. بس اهي جلسا، جيڪي مختلف سوالن تي بحث جي لاءِ منعقد ٿين ٿا، اهي صحيح معنيٰ ۾ گفتگو جو مثال آهن ۽ اهڙي طرح سڀئي تهذيبي هنر ۽ فنون لطيفه، جي تعلق جي ڪري سائنس ۽ ادبي سرگرميون، پڻ گفتگو جو هڪ عملي روپ آهن. اها تقسيم فقط ادبي يا صرفي نه آهي، ڇو ته جڏهن اسان گفتگو جي استدلالي مفهوم ۽ معنيٰ جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ته اسان هڪ اهڙي دائري ۾ داخل ٿياسين جتي استعمال جو طريقو ناقابل عمل ٿي وڃي ٿو.
هي جملو يعني “تمدنن ۽ تهذيبن جي درميان گفتگو ڪجهه اهڙين شين تي مشتمل آهي جن ۾ ظاهري طور تي اختلاف، بلڪ تضاد ملي ٿو. “گفتگو” ايتروئي قديم آهي جيتري قديم انساني تهذيب و تمدن ۽ ان سان گڏوگڏ اها هڪ جديد اصطلاح پڻ آهي. هڪ خاص وقت ۾ رونما ٿيندڙ واقعي جو بيان ئي اصل ۾ ڊائيلاگ جي صحيح وصف ٿيندي. ان اختلاف کي ختم ڪرڻ ڪو مشڪل ڪم ڪونهي، جيڪڏهن اسان ان جملي کي سطحي طورتي وٺون. وڌيڪ اهو ته بيان يا واقعو تمدنن جي درميان گفتگو جي نقطهٔ نظر سان ورتو وڃي ته پوءِ تهذيب و تمدن ۽ انسان جي تعريف ڪرڻي پوندي ۽ اهو به ان طرح سان، جو اهو ڊائيلاگ جي جوهر سان نه ٽڪرائجي. ان جو مطلب اهو ٿيندو ته انسان جي وجود جي اجتماعي پهلو تي گهڻي توجهه ڪنداسين، انساني تمدن جي وسيع وصف کي خاص اهميت ڏيون ۽ خاص طور تي ان ڳالهه تي زور ڏنو وڃي ته ڪابه وڏي تهذيب يا عظيم تمدن اڪيلائي ۾ وڌي نه سگهي آهي. ٻين لفظن ۾ تهذيبن ۽ تمدنن جا فقط اهي ٽڪرا باقي رهي سگهيا آهن، جيڪي ترسيل ۽ ابلاغ جي طاقت رکندا هئا. جنهن ۾ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ۽ ٻڌڻ ٻئي شامل آهن. تنهنڪري “تمدن ۽ تهذيبن جي درميان گفتگو” ۾ ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ ٻئي شامل سمجهڻ گهرجن. ٻڌڻ هڪ اهڙي نعمت آهي جنهن کي وڌائڻ گهرجي ۽ اها صفت هر هڪ ۾ آساني سان ملندي به نه آهي. ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ سخت تربيت جو ڪورس ڪرڻو پوندو، جنهن جي لاءِ ان کي پنهنجي اخلاقي ۽ عقلي صلاحيت کي وڌائڻو پوندو. ٻڌڻ هڪ مجهول يا ڪمزور ڪم نه آهي. اها هڪ مؤثر ۽ زوردار مصروفيت آهي، جنهن ۾ ٻڌڻ واري جي سامهون هڪ اهڙي دنيا وجود ۾ اچي ٿي يا ظاهر ٿئي ٿي يا تحرير سان وجود ۾ اچي ٿي جو ڳالهائڻ وارو ان کي پيش ڪري ٿو پر توجهه ۽ آمادگيءَ سان ٻڌڻ کان سواءِ ڊائيلاگ جو مقصد ئي فوت ٿي وڃي ٿو.
سڀني “تمدنن جي درميان گفتگو” جي معنيٰ و مفهوم کي هڪ نسخي جي حيثيت سان سمجهڻ کان سواءِ ڪو ٻيو چارو نه آهي ته مختلف نڪتن کي صحيح نموني سمجهيو وڃي. انهن اهم نڪتن مان هڪ ڳالهه هي آهي ته هڪ فنڪار ۽ سياستدان جي وچ ۾ موجوده لاڳاپن ۽ ٻئي طرف سياست ۽ اخلاقيات جي وچ ۾ موجوده لاڳاپن کي بخوبي سمجهيو وڃي. اهو ڏسڻ به ضروري آهي ته هڪ وڏي سياستدان ۽ هڪ ماهر فنڪار جي وچ ۾ تعلقات جي نوعيت ڪهڙي قسم جي آهي؟ ٻنهي جي وچ ۾ اختلاف ظاهر آهي. ڇو ته اهي ٻئي ٻن مختلف انساني ميدانن سان تعلق رکن ٿا. اهي ڪهڙا ميدان آهن جن ۾ اهي گڏ آهن ۽ ڪهڙي پهلو سان انهن جي درميان مقابلو ڪري سگهجي ٿو؟ جيڪڏهن اسان سڌي سادي معنيٰ ڏسون، جيڪي سياست جي وضاحت ڪن ٿا. اهي چون ٿا ته سياسي تعلق ۾ ڪجهه ڊپلوميٽڪ مشقن جي موجودگي بذات خود هڪ فن آهي. وري اسان چئي سگهون ٿا هڪ سياستدان ۽ فنڪار جي درميان تمام گهرو تعلق موجود آهي. جيتوڻيڪ فنون لطيفه جي اعتبار کان فلسفي جي تعريف ڪيترن ئي نمونن سان ڪري سگهجي ٿي ۽ اسان کي انهن مان هڪ کي اختيار ڪرڻ جي آزادي آهي، پر اسان اها حقيقت وساري نٿا سگهون ته هڪ فنڪار اهڙو شخص آهي، جيڪو موجوده زماني ۾ رهڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ اهو پنهنجي حال کي هڪ ابدي زماني ۾ بدلائي سگهي ٿو. ان ابديت کي موجوده سان بدلايون ٿا ۽ وقت جو تصور پيش ڪرڻ جي خاطر ڪڏهن “۽ ڪنهن موقعي تي” فنڪار هڪ فن جو نمونو تخليق ڪري سگهي ٿو. اسان ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ جي حيثيت ان جا مشهور تماشائي بڻجي وڃون ٿا. هي اهو ڪم آهي، جيڪو هڪ فنڪار جو جادوئي ڪمال ٿئي ٿو ۽ فقط وڏا فنڪار ئي اهو مقام حاصل ڪرڻ جا قابل هوندا آهن. ان مرحلي ۾ هڪ فن پاري جي تاريخي قسمت “دوام” (هميشه) سان رنگجي وڃي ٿي. اسان ان حقيقت جا شاهد آهيون ته قومن جي تاريخي قسمت جو ڍانچو وڏا سياستدان ڪنهن خاص موقعي تي تيار ڪن ٿا.
مون کي اميد آهي ته هي لفظ توهان کي ڪو پراڻو اختلاف ياد نه ڏياريندا، جيئن تاريخ تي شخصيتن جي اثر جي باري ۾ طرح طرح جا مباحثا ٿيندا رهيا آهن. ڇو ته مٿي آئون ان سلسلي ۾ ڪنهن طرح جو به مباحثو ڪرڻ جي نيت نٿو رکان. اسان صرف تاريخ ۾ وڏين شخصيتن جي ڪردار جي باري ۾ ئي سوال ڪري سگهون ٿا. ڪنهن شخصيت جي وجود کي ۽ ان جي انفرادي پهلوئن کي اجتماعي پهلوئن کان جدا ڪري سگهون ٿا. هاڻي اسان ڄاڻون ٿا ته ان طرح جو فيصلو هڪ طرفو هوندو چاهي ڪير به ڪري.
تنهنڪري ذڪر ڪيل نقطهٔنظر جي بڻياد تي اسان اهو چئي سگهون ٿا ته سياسي ماهرن ۽ فنڪارن جي وچ ۾ تخليق کانسواءِ ڪا ٻئي شيءَ مشترڪ صفت جو درجو نٿي رکي. جڏهن تخليق ميدان ايندي آهي ته تڪرار يا نقالي بلڪل بي معنيٰ ٿي ويندي آهي ۽ وڌيڪ تخليق جو پورو اظهار ڪنهن به شخص ۾ ان جي مضبوطيءَ تي آهي.
هڪ وڏو فنڪار فني حقيقت کي تخليق ۽ مضبوطيءَ سان حل ڪري ٿو ۽ هڪ وڏو سياستدان انهيءَ وانگر پنهنجي ملڪ جي بڻيادي ۽ وڏن مسئلن کي انهيءَ مضبوط ارادي جي پختگي ۽ اخلاقيات سان حل ڪري ٿو.
اڄ سياستدان هڪ روشن مستقبل کي وجود ۾ آڻڻ لاءِ وڏا قدم کڻي سگهي ٿو. اهڙو مستقبل جيڪو انصاف تي ٻڌل، زياده انساني ۽ زياده حسين هجي. “تمدنن جي درميان گفتگو” جي تجويز کي ڪم آڻيندي، اهي صرف پنهنجي ملڪن لاءِ ئي نه، بلڪ پوري دنيا جي لاءِ هڪ روشن مستقبل جي تعمير ۽ تشڪيل جو ڪم سرانجام ڏئي سگهن ٿا.
هڪ ٻيو اهم نقطو جيڪو مان هتي بيان ڪرڻ چاهيندس جنهن جو سياست ۽ اخلاق جي درميان لاڳاپن ۽ تهذيبن جي درميان گفتگو سان گهرو رشتو آهي، اهو آهي اخلاق ۽ سياست؛ جنهن جي درميان لاڳاپن جي سلسي ۾ نظرياتي اعتبار کان گهڻو ڪجهه چيو ويو آهي. پر جيڪا شيءَ اسانجي لاءِ پريشانيءَ جو سبب آهي اها هيءَ ته تمدنن جي درميان گفتگو جي تجويز جي اخلاقي پهلو جي طرف گهڻي توجهه ڏني وئي آهي. ان تجويز کي ڪم آڻڻ جي لاءِ سياسي اخلاق ۾ هڪ بڻيادي تبديلي جي ضرورت آهي. عاجزي، مضبوط ارادو ۽ مقصد سان مڪمل وابستگي؛ اهي ئي اهم اخلاقي ضرورتون آهن، جن جي ذريعي سان سياست جي ميدان ۽ بين الاقوامي لاڳاپن جي ميدان ۾ ان تجويز کي پسنديدگي ۽ مقبوليت حاصل ٿي سگهي ٿي.
تمدنن جي درميان ثقافتي گفتگو جي سلسلي ۾ هڪ ٻيو اهم نقطهٔنظر هي آهي ته “ڊائيلاگ” جو اصطلاح هتي تمام ئي محدود ۽ تنگ معنيٰ ۾ استعمال ٿيو آهي. هتي اهو ان تصور کان بنهه بلڪل مختلف آهي، جنهنجو مطلب ثقافتي لاڳاپن، ثقافتي طور پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ ثقافتي غلبي سان آهي. ان ۾ گهڻا ئي سبب ڪارفرما هوندا آهن. جيئن جنگ جيڪا ثقافتي ۽ سائنسي تعاون کي ايجاد ڪندي آهي يا جنهن جي نتيجي ۾ هڪ تهذيب کي ٻئي تهذيب تي غلبي حاصل ٿيڻ جو سبب جارحيت هوندي آهي. پر اسان جي دور ۾ اهو اطلاعات واري ٽيڪنالوجي جي مدد سان ٿيندو آهي.
پر اها گفتگو ڪنهن هڪ موقعي و محل ۽ مخصوص نفسياتي، فلسفياڻي ۽ اخلاقي حالتن ۾ به پڻ ممڪن آهي. خاص نقطهٔنظر ۽ عقيدي جو حامل سياسي، اخلاقي، مذهبي ۽ خاص فلسفياڻي نظام ۾ يقين رکڻ وارو ڪوبه ماڻهو دعويٰ نٿو ڪري سگهي ته هو”گفتگو” جي حمايت ڪري ٿو. هڪ سچي ۽ حقيقي ڊائيلاگ يا گفتگو جي لاءِ مختلف علمن جي باري ۾ ڄاڻ جو وجود لازمي آهي جنهن کان سواءِ ڪوبه ڊائيلاگ پنهنجي حقيقي معنيٰ ۽ مفهوم جي اعتبار کان ممڪن ئي نه آهي. ان ڪري دنيا جي تنظيمن؛ جيئن (UNESCO) جي لاءِ ضروري آهي ته هو مختلف علمن تي تحقيقي ڪم ڪرائي ۽ عالمي برادري جي لاءِ علمن کي مقبول ۽ پسنديده بڻائي، ان جي اشاعت جو انتظام ڪري.
اها علمن ۽ تمدنن جي درميان گفتگو جي اصل تجويز، جديديت ۽ مثبت پسندي جي عقيدي جو نالو نه آهي ۽ نه ئي اها سخت فراريت وانگر آهي جيڪا جديديت کان پوءِ وارين حالتن سان ملندڙ آهي. تنهنڪري تمدنن ۽ تهذيبن جي درميان گفتگو جهڙي نظريي ۽ رٿا جي وڪالت ڪرڻ وارن جو فرض آهي ته اهي ان نظريي جي فلسفياڻي ۽ عالماڻي حقيقت کي ڪنهن طرح جي ملاوٽ کان پاڪ رکن ۽ آئينده به پاڪ صاف رکڻ جي ڪوشش ڪندا رهن. ان طرح جي پاڪ صاف ڪرڻ جو عمل، ڪنهن به نظريي کي عقيدن جي مخالفاڻي نظريي کان ٻاهر ڪڍي ڇڏي ٿو. سچ جي تلاش ڪري ٿو ۽ جديديت کان پوءِ وارن مفڪرن ۾ موجود غير معمولي شدت پسندي جو بنيادي سبب به اهو آهي. اهي ماڻهو دنيا جي انهن هزارين ماڻهن جي درد ڀرئي آواز ڏانهن هرگز متوجهه نه آهن، جيڪي ظلم کان نجات ۽ حق و انصاف جي تشڪيل جا خواهشمند آهن ۽ انهن ماڻهن جي بي توجهي جي ڪائي فلسفياڻي معقوليت يا وضاحت موجود نه آهي.
تمدنن جي درميان گفتگو جي سلسلي جي هڪ ٻي ابتدائي شرط صبر ۽ تحمل آهي. جيتوڻيڪ صبر ۽ تحمل هڪ اهڙي ضرورت آهي، جنهن جو گفتگو جي ابتدائي مرحلي ۾ ئي هئڻ لازمي آهي، پر اسان کي نهايت هوشياري سان منفي تحمل ۽ مثبت تعاون جي درميان فرق ڪرڻو پوندو. ڇوته پهريون ذڪر ڪيل منفي تحمل هڪ جديد تصور آهي ۽ آخري ذڪر ڪيل يعني مثبت تعاون اوڀر جي مذهب ۽ فلسفن جو تجويز ڪيل آهي ته اهي پنهنجي موجوده منفي صبر سان مثبت عوامي تعاون جي سطح تائين، پهچي سگهن. ڪوبه مسلمان جيڪو قرآن کان واقف آهي، ان کي اها آسماني صدا ياد اچي ٿي، جنهن ۾ عوام کي انساني سرگرمين جي سلسلي ۾ ڪثرت ۽ شدت جي دعوت ڏني وئي آهي. جيئن ئي اهو تعاون جو لفظ ٻڌي ٿو، ان کي اها قرآني آيت ياد اچي وڃي ٿي، جنهن ۾ رحم ۽ نيڪي ۾ تعاون تي زور ڏنو ويو آهي ۽ اهو چيو ويو آهي ته سڀني سرگرمين ۾ شرڪت ڪرڻ لازمي آهي. اهي ئي اُهي قابل قدر صفتون آهن، جيڪي ٽئين هزاره ۾ دين کي نئون روپ ڏيڻ واريون آهن. ڪابه قوم پنهنجي فلسفياڻي، سياسي يا اقتصادي دليل جي بڻياد تي ان کان الڳ نه رهي. صرف اهو ڪافي نه آهي ته ٻين کي برداشت ڪيو وڃي، بلڪ اهم ڳالهه هيءَ آهي ته ٻين سان گڏجي ڪم ڪيو وڃي. سڀني انسانن جي شرڪت سان انسانن جي دنيا جو نقشو بدلائي سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ ويهين صدي جي آغاز تائين اها هڪ انساني چوڻي لڳندي هئي، پر اڄ اها انساني زندگي جي دائميت ۽ تسلسل جي لاءِ هڪ ضرورت بڻجي وئي آهي.
اهو تعاون صرف اقتصادي ۽ سياسي سطح جو نه آهي، بلڪ ماڻهن جي دلين کي قريب تر ڪرڻ جي لاءِ اسان کي نوان رستا تلاش ڪرڻ گهرجن ته ڪهڙن ماڻهن جي وچ ۾ موجود ذهني خال کي ختم ڪيو وڃي. ڪوبه شخص ان صورت حال ۾ دلين کي ملائڻ جي عمل ۾ گهڻو پراميد نٿو ٿي سگهي، جيستائين ان جي ذهن ۾ مذهبي فلسفياڻي ۽ اخلاقي بنيادن ۾ ٽڪراءِ موجود آهي. دلين کي ويجهو آڻڻ لاءِ ذهنن کي ويجهو آڻڻ ضروري آهي ۽ اهو ان وقت تائين ممڪن نه آهي، جيستائين دنيا جا وڏا مفڪر ٻين جي فڪرن ۽ خيالن کي سمجهڻ جي خاص ڪوشش نه ڪن ۽ پوءِ اهي کي پنهنجن ماڻهن تائين نه پهچائين. اهو ضروري آهي ته بڻيادي تصورن جي باري ۾، جيڪي دل ۽ دماغ جي متعلق آهن، ڳالهه ڪئي وڃي ۽ هر ماڻهو ان سلسلي ۾ اظهار خيال ڪري ته هو زندگيءَ جو ڪهڙو مطلب سمجهي ٿو؟ خوشي ۽ مسرت جو مطلب هن جي اڳيان ڇا آهي؟ ۽ مزي مان ڪهڙي مراد آهي؟ ان جو ڪوئي فوري نتيجو ته نه نڪرندو، پر ان جي بغير ڪو به اقتصادي ۽ سياسي اتحاد ۽ اتفاق جو نتيجو عارضي ۽ ڪمزو نڪرندو. ۲۰ صدي، جيڪا تاريخ ۾ پنهنجن ظلمن ۽ جنگين ۽ بيشمار ظلمن ۽ زيادتين جي مثالن لاءِ ياد رکي ويندي، پر ان سان گڏوگڏ ڪيترن ئي فلسفياڻن تصورن ۽ سياستدانن جي عقلمنداڻن قدمن لاءِ به ياد ڪئي ويندي. ڇو ته ان صدي ۾ پيدا ٿيندڙ خوني ۽ لڱ ڪانڊرائيندڙ واقعا، بغير ڪنهن سياسي فڪر ۾ تبديلي جي ۽ بغير بين الاقوامي تعلق کي تبديل ڪندي ۽ تمدنن ۽ تهذيبن جي درميان گفتگو جي، قديم روايت کي نئين مثال سان بدلائڻ بغير انهن حادثن جو واقع ٿيڻ ممڪن ئي نه آهي.
مذهبي عقيدو، آسماني صدا جو مثبت جواب ۽ انسان جي دل جي گهراين مان نڪرندڙ آواز کي ناقابلِ تبديلي ۽ غير متحرڪ شيءَ نه سمجهڻ گهرجي. مذهب جي سلسلي ۾ اسان جي سمجهه ۾ تفسير کي عقيدي جي روح سان نه ملائڻ گهرجي. ڇو ته ان طرح جو عدم توازن مذهبن جي درميان گفتگو ۾ هڪ رڪاوٽ بڻجي ويندو. جڏهن ته توازن هڪ دائمي امن جي حصول جي لاءِ پهريون ڏاڪو آهي جيئن اسان پنهنجي روزمره جي کاڌي ۽ پاڻي کي زمين مان حاصل ڪريون ٿا، اهڙيءَ ريت روزمره جو تازو ۽ زنده عقيدي جو حصو آسمان مان حاصل ڪرڻ گهرجي. عقيدو هڪ وهندڙ درياءِ وانگر آهي ۽ ان ۾ جمود جي دلدل (گپ) جي ڪابه گنجائش نه آهي. عقيدو جڏهن مسلسل اڳيان وڌي رهيو هجي ته ان سان اخلاقيات ۽ امن جو ڦل حاصل ٿئي ٿو. اهو هميشه وهندڙ عقيدي جو هنر آهي، جنهن جي ڪري انسان دنيا سان پنهنجي ساٿي انسانن سان به محنت ڪري ٿو.
ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته جنهن صلح جو گفتگو سان تعلق آهي، اهو هڪ مخصوص قسم جو صلح آهي، جنهن کي نالي ماتر (Pax Romana) يعني “وست پسندانه صلح” جي نالي سان به ياد ڪيو وڃي ٿو ۽ ان صلح کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ طاقت کان سواءِ ان جو برقرار رکڻ ناممڪن آهي. ظاهر آهي ته اهڙو صلح انسان جي بلوغيت جي دليل آهي ۽ اهو خودبخود وجود ۾ اچي ٿو ۽ ان جي ذريعي ئي انسان کي منطقي ۽ نفسياتي ترقي حاصل ٿئي ٿي. عاقلاڻي ترقيءَ ۾ پوئتي موٽڻ تقريباً ناممڪن آهي. انهي طرح جو صلح يقيناً مضبوط ۽ ڪافي دور رس ٿئي ٿو. جنهن جي ڪري تهذيب جي وچ ۾ صلح “مذهبن جي وچ ۾ صلح” تمدنن جي درميان صلح ۽انسان ۽ فطرت جي درميان صلح حاصل ٿئي ٿو.
اڄ انسان ۽ فطرت جي درميان مضبوط امن کي پهرين ترجيح ڏيڻ گهرجي. انسان ۽ فطرت جي وچ ۾ پراڻا لاڳاپا، جنهن ۾ انسان فطرت سان محبت ڪندو هو، ان جي برڪتن مان فائدو وٺندو هو ۽ ان جي قربت ۾ پناه وٺندو هو؛ اڄ اهو سڀ ڪجهه فطرت کي آلوده ۽ خراب ڪرڻ ۽ ان کي برباد ڪرڻ ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. هزارن سالن جو عرصو گذري ويو، پر ان ڊگهي عرصي دوران انسان فطرت کي صرف طاقت جو سرچشمو نه سمجهو. ان جو مطلب اهو نه آهي ته انسان زمين ۽ ان جي ثمر مان فائدو نه ورتو. هو پنهنجي سماجي ۽ شهري زندگيءَ کي ترقي ڏيڻ جي عمل ۾ به مصروف نه رهيو يا پنهنجي آس پاس جي فطري ماحول ۾ معمولي تبديليون نه ڪندو رهيو آهي. هن پنهنجو پاڻ کي فطرت جي مطابق بنائڻ ۾ ۽ فطرت کي پنهنجي ضرورت جي مطابق ٺاهڻ جو عمل جاري رکيو آهي. يقيناً هو اهو سڀ ڪجهه ڪندو رهيو آهي، پر ڪڏهن به فطرت کي “فقط هڪ شيءَ” جي طور تي نه سمجهيو اٿائين.
سڀني تهذيبن ۽ روايتن ۾ ۽ سڀني خانداني گروهن ۾۽ دنيا جي قومن ۾ ڪيترائي اهڙا پراڻا رسم ۽ رواج موجود هئا، جن کي مختلف وقتن ۾ ۽ مختلف جڳهن تي عمل ۾ آندو ويندو هو ۽ جن جو تعلق فطرت جي واقعن سان هو. پر جنهن شيءَ کي اڄ جي زماني ۾ “لا تعلقي” چيو وڃي ٿو، ان نه فقط پراڻن رواجن کي بدلائي ڇڏيو آهي، بلڪ فطرت سان انساني لاڳاپن کي به بدلائي ڇڏيو آهي. ان هڪ اهڙي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾انسان دنيا ۽ ان ۾ جيڪو ڪجهه آهي، ان کي بامعنيٰ، مفيد ۽ مڪمل نٿو سمجهي، ڇو ته انسان فطرت سان وابستا ناهي رهيو. سمنڊ، جبل جنهگ ۽ بيابان هاڻي ان جي لاءِ فقط مادي ضرورت جي تڪميل جي ظاهر مختلف صورتن ۾ موجود آهي. فطرت سان انسانن جي قريبي ۽ گهاٽن لاڳاپن کي به ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي. تهذيبن ۽ تمدنن جي درميان گفتگو جي لاءِ سڀ کان اهم ۽ فوري مسئلو اهو ئي آهي، جنهن سان سڄي انسانيت متاثر ٿي رهي آهي ۽ قدرتي طور تي جنهن کي سڄي ايجنڊي ۾ سڀ کان پهرين رکڻ گهرجي.
فطرت سان انسان جو تعلق تمدنن ۽ تهذيبن ۾ گفتگو جي سمجهه، قدرتي طورتي اڄ جي دور ۾ هڪ دلچسپ مباحثي ۾ پهچائي ڇڏيندي، جنهن جو موضوع بين الاقوامي مسئلا هوندا.
اڄ جو انسان انصاف، امن، آزادي ۽ سلامتي جي ڳولا ۾ مشغول آهي ۽ انهن املهه قدرن کي هو هميشه ئي ڳوليندو رهيو آهي. تمدنن جي درميان گفتگو جي ذريعي، جيڪو امن جو حصول لازمي آهي، جيڪڏهن اهو هڪ دفعو حاصل ٿي ويو ته ضرور اهو پائدار به هوندو.
اسان جنهن گفتگو کي امن وسلامتي جو بنياد ۽ لازمي ضرورت قرار ڏيون ٿا، ان مان اسان جي مراد اها گفتگو آهي جيڪا سفارتي معاهدن ۽ سمجهوتن کان الڳ هجي. اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته تاريخ ۾ اهڙا ڪيترائي موقعا آيا آهن جڏهن جنگ ۽ صلح هڪ ٻئي سان گڏ موجود رهيا آهن. گفتگو مان اسان جي مراد ڊپلوميٽڪ زبان ۾ پنهنجن سياسي ۽ اقتصادي مفادن کي وڌائڻ، دشمن تي ڪاميابي حاصل ڪرڻ ۽ مختصر اهو ته جنگ کي هڪ ٻئي شڪل ۾ جاري رکڻ نه آهي. تمدنن جي درميان گفتگو همدردي ۽ مهرباني ۽ پاڻ ۾ مفاهمت کان سواءِ ممڪن نه آهي ۽ ان ۾ ٻين جي بربادي جو خيال اچڻ به غلط آهي.
ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته تمدنن ۽ تهذيبن جي درميان گفتگو دنيا ۾ بدنظمي ۽ گڙٻڙ پيدا ڪندي. ان امڪان کان انڪار نٿو ڪري سگهجي پر ابتدائي مرحلي ۾ ئي ان تيزي ۽ رفتار کي گهٽائي سگهجي ٿو، جنهن سان ان حادثي جي هجڻ جو امڪان آهي ۽ اهو مقصد مناسب تعليم ۽ تربيت جي ذريعي حاصل ٿي سگهي ٿو. ٻيو اهو ته اسان کي ان عدم ڪارڪردگيءَ کي به ذهن ۾ رکڻ گهرجي، چاهي ان کي پسند ڪجي يا نه پر اهو انساني وجود جي سلسلي ۾ هڪ ناگزير مسئلو آهي. موت ۽ ثقافتي انتشار ۽ بربادي جي مقابلي ۾ زندگي ۽ ثقافتي ثبات قدم بهرحال بهتر چونڊ آهي.
جنگ ۽ جهڳڙن جي حقيقت جو گهرائيءَ سان مطالعو ڪرڻ کان سواءِ تمدنن جي درميان گفتگو جو نظريو اڳيان نٿو وڌي سگهي. ان طرح جي اختلافن ۽ جهڳڙن جو مطالعو دنيا جي موجوده صورتحال کي نگاه ۾ رکڻ کان سواءِ بلڪل الڳ به نٿو ڪري سگهجي. جنگيون اڪثر نفسياتي حقيقت جي سبب ٿينديون آهن ۽ سماجي نفسيات جا ماهر ۽ نفسيات جو تجزيو ڪندڙ هڪ زماني کان ان جي مطالعي ۾ مصروف آهن. اهي سياسي ۽ اقتصادي معاملن جي سبب به ٽٽي ويا آهن. غريب ۽ امير ملڪن ۽ فردن جي وچ ۾ خوفناڪ خندق جي موجودگيءَ ۾ اسان امن ۽ پاڻ ۾ سمجهه ۽ عقل جي ڳالهه ڪيئن ڪري سگهون ٿا؟ عالمي سطح تي فردن ۽ ملڪن جي وچ ۾ موجود عدم مساوات ۽ نابرابري جو چؤٻول آهي. دنيا جي ڪمزور ۽ غريب ماڻهن جي ترقي جي لاءِ ڪوبه سهڪاري قدم نه کڄي رهيو آهي. ظاهر آهي اهڙي حالتن ۾ اسان انهن سان “گفتگو” جو مطالعو ڪيئن ٿا ڪري سگهون؟ جڏهن ته ٽئين هزاري جي موقعي تي دنيا جي آبادي جو ۳۰ سيڪڙو گهڻو ئي غربت ۾ زندگي گذاري رهيو هجي. اسان انصاف کي وساري امن ۽ سلامتي جي ڳالهه ڪيئن ڪري سگهو ٿا؟ جيڪڏهن اولهه پنهنجي زندگي ۽ معاشرت کي بچائڻ گهري ۽ دنيا جي ٻئي حصي جي ماڻهن جي قسمت کي وساري ڇڏي، ته به اهو ڪم ممڪن نه آهي. ڇو ته پنهنجي سلامتي کي بچائڻ خاطر ٻين جي مدد ڪرڻ گهرجي ۽ گهڻن ئي سماجي سياسي ۽ ٽيڪنيڪي سببن جي ڪري اڄ جي دنيا جا سڀئي ماڻهو هڪ ئي جهاز تي سوار آهن. طوفانن جو منهن موڙڻ ۽ ڪناري تي سلامتي سان پهچڻ ۾ يا ته سڀ ڪامياب ٿيندا يا ڪوبه ڪامياب نه ٿيندو. اڄ هي بيان ڪجهه مبالغي وارو لڳندو پر سڀاڻي ان جو سمجهڻ آسان هوندو.
نئين هزاره جي آغاز ۾ اسان جي دنيا گڏيل قسمت جي حامل آهي. اها قسمت انصاف، خوشي ۽ مسرت تي پڻ ٻڌل آهي ۽ ان جي لاءِ واحد رستو تمدنن ۽ مختلف تهذيبن جي درميان ڳالهه ٻولهه ئي آهي. اسان کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته ويهين صديءَ ۾ تلوار مياڻ کان ٻاهر رهي ته ڪجهه کي ڪاميابي حاصل ٿي ۽ ڪجهه کي ناڪامي. پر ايندڙ صدي کي گفتگو جي آس پاس گهمڻ گهرجي. نه ته اها تلوار ٻه ڌاري بنجي سڀني کي ختم ڪري ڇڏيندي ۽ اهو به ممڪن آهي ته طاقتور وڙهاڪو ئي ان جا پاڻ سڀ کان پهريان شڪار ٿين.