باب ڇهون: اڄ جي دُنيا ۾ مذهبي عقيدا
آئون هڪ اهڙي مسلمان جي حيثيت سان، جيڪو پنهنجي زماني ۾ جيئڻ چاهي ٿو، جنهن جي توجهه مستقبل تي آهي ۽ جيڪو عزت ۽ وقار رکندي عمل ڪرڻ چاهي ٿو، مذهب جي باري پنهنجو سوال پيش ڪريان ٿو. اهو هڪ ذاتي سوال آهي جنهن ۾ آئون غير جانبدار ۽ لاتعلق نه آهيان، پر هڪ اهڙي مسلمان جي حيثيت سان، جيڪو جاکوڙ ڪري ٿو ۽ جيڪو ضرورت جي مطابق ڪجهه معاملن ۾ مذهب تي ٻاهر کان به نظر وجهي ٿو ته جيئن اسان تعصب جي ڪري ڌٻڻ ۾ نه ڦاسي پئون ۽ نسلي جانبداريءَ جي ڪري ڪنهن اونهيءَ کڏ ۾ ڪري نه پئون. بس جڏهن آئون اهو سوال ڪريان ٿو ته اسان مسلمان ڪهڙي حالت ۾ آهيون؟ ته سوال جي ٻنهي پهلوئن يعني اندروني ۽ ٻاهرين کان ان جي وضاحت ضروري ٿي پوي ٿي. اسان مسلمان ڪنهن زماني ۾ نمايان تمدن رکندا هئاسين ۽ اهڙي انساني تاريخ جي تعمير ۽ تشڪيل ۾ مشغول هئاسين، جنهن جي صلاحيت اڄ اسان ماڻهن ۾ باقي نه رهي آهي. اسان تاريخ ۾ ٻيهر پنهنجي جڳهه ٺاهڻ چاهيون ٿا ۽ جيڪڏهن ممڪن هجي ته هڪ اهڙو مستقبل، جيڪو اسان جي حال ۽ ماضيءَ کان به مختلف هجي، پر اسان انهن ماڻهن کي رد نٿا ڪرڻ چاهيون، جيڪي اسان کان مختلف آهن ۽ ان سان گڏوگڏ سائنسي نڪتهٔنظر ۽ انسانيت جي عملي ڪاميابين کي نظرانداز به نٿا ڪرڻ چاهيون.
اڄ جي دنيا مان منهنجي ڪهڙي مراد آهي؟ مختصراً ان مان منهنجي مراد اولهه جو تمدن آهي، جنهن دنيا تي غلبو ڪيو آهي. ان جو مطلب اهو آهي ته اسان جي اقتصاديات، اسان جي سياست، سماجي ۽ ثقافتي زندگي اولهه جي اثر هيٺ آهن. ان جي ڪاميابين ۽ ميراثن کي نظر ۾ رکڻ کان سواءِ اسان مسلمانن جي زندگي هينئر ناممڪن آهي. اسان اولهه کي هر جڳهه تي ڏسون ٿا، مثلاً شهر جو انتظام ۽ طريقو جنهن ۾ اسان رهون ٿا، سڌ سماء (ارسال ۽ ابلاغ) جي ٽيڪنالوجي ۽ ان کان علاوه گهڻو ڪجهه، جنهن جو اسان روزمره جي زندگيءَ ۾ استعمال ڪريون ٿا، اهي سڀ اولهه جون پيداوار آهن.
اڄ جي دنيا اولهه جي دُنيا آهي. پنهنجي اساس، ٽيڪنڪ ۽ فڪر جي اعتبار کان جيڪڏهن ڪو اولهه جي جغرافيائي حدن کان ٻاهر به رهي ٿو ۽ اولهه جي قدرن ۽ زندگيءَ کي پنهنجي اندر سمائي ويٺو آهي ته اهو به مغربي تهذيب کي پسند ڪري ٿو. اصل ۾ اولهه انساني دنيا کي وڏيون ڪاميابيون عطا ڪيون آهن، پر ان جيڪي پريشانيون پيدا ڪيون آهن، انهنکي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. اصل مسئلو اهو آهي ته اسان جون مشڪلاتون اولهه جي مقابلي ۾ ٻيڻيون ٿي وڃن ٿيون، ڇو ته اولهه وارن جو پنهنجو هڪ ڪلچر آهي جيڪو انهن جي تمدن سان هڪجهڙائي رکي ٿو. ان جي نتيجي ۾ انهن جي سڃاڻپ جي لاءِ ڪوبه مسئلو پيدا نٿو ٿئي. پر اسان جا مسئلا ٻيڻا ٿي وڃن ٿا. ڇو ته هڪ طرف اسان جون ذاتي ۽ سماجي زندگيون سڌيءَ ريت اولهه کان متاثر آهن. هڪ اهڙو تمدن، جنهن جي بنياد ۽ اساس سان اسان نه ته هڪجهڙا ٿيا آهيون نه اسان ان کي اپنايو آهي. ٻئي طرف اسان جي پنهنجي ڪلچر جا ڪجهه پهلو اهڙا آهن، جن جو تعلق ان تمدن سان آهي، جنهن جو وقت هاڻي گذري ويو. جيتوڻيڪ تهذيب ۽ تمدن جي ڪائي آخري ۽ يقيني وصف بيان نه ڪئي وئي آهي، پر منهنجي خيال ۾ تمدن سماجي زندگي، ادارن ۽ تنظيمن جي انهن مادي پهلوئن جو مجموعو آهي، جيڪي سماجي تنظيم جي لاءِ سياسي، اقتصادي، صنعتي ۽ ٻين خاڪن ۽ ڍانچن جي مطابق ڪم ڪن ٿا. آئون سمجهان ٿو ڪلچر انساني معاشري ۾ موجود گهرن عقيدن جي فڪرن جي عادتن ۽ جذبن جو مجموعو هوندو آهي.
ڪجهه ماڻهو اولهه جي مسئلن ۽ اتي موجود مختلف قسمن جي پريشانين کي انساني مزاج ۽ ان جي مقصدن جي وچ ۾ موجود ٽڪراءُ سان تعبير ڪن ٿا. اسان ماڻهو به انهيءَ مسئلي کان پريشان آهيون. جيتوڻيڪ ٻئي درجي تي، پر ڪجهه اولهه جي ماڻهن جي لاءِ اهو مسئلو اڃا به گهڻو پريشان ڪندڙ ٿي وڃي ٿو. ڇو ته ان تهذيب، جنهن جو اثر اسان جي ذهنن تي آهي، اها زندگيءَ جي حقيقتن سان مطابقت نٿي رکي. ان تضاد ۽ ٽڪراء جي ڪري هاڻوڪي زماني ۾ اسان اولهه وارن جي ڀيٽ ۾ گهڻين پريشانين کي منهن ڏيون ٿا.
حقيقت ۾ هڪ تمدن کان ڪلچر کي الڳ ڪرڻ ناممڪن آهي. هڪ ثقافت، جيڪا هڪ تمدن اپنائيندي آهي. ان تمدن جي ختم ٿيڻ کان پوءِ به گهڻي عرصي تائين ماڻهن جي ذهنن ۾ آباد رهي ٿي. تمدن اصل ۾ ڪلچر جو بنياد ۽ اساس هوندو آهي ۽ ڪلچر کان اختلاف ۽ جدائيءَ جي ڪري تمدن پنهنجي تخليقي ۽ جدت پسنديءَ جي صلاحيت وڃائي ڇڏيندو آهي. اصل ۾ ترقيءَ جي رستي ۾ هڪڙي رڪاوٽ بنجي وڃي ٿو، ڇو ته ان جون پاڙون زمين ۾ گهڻيون اونهيون نه هونديون آهن ۽ آهستي آهستي ٻاهر اچيو وڃن. اسان جو هڪ مرڪزي مسئلو هي آهي ته اسان جي ڪلچر جي ڪيترن ئي اهم، پهلوئن جوتعلق هڪ اهڙي تمدن سان آهي، جنهن جو وقت گذري چڪو آهي ۽ اسان جي زندگيءَ تي جديد تمدن پنهنجا اثر وجهي رهيو آهي جنهن جي لاءِ هڪ مناسب ثقافت جي ضرورت پڻ آهي.
هڪ مسلمان جي حيثيت سان اسان پنهنجو ڳاٽ اوچو رکڻ چاهيون ٿا ۽ پنهنجي تاريخي سڃاڻپ کي به پويان رکڻ گهرون ٿا. اسان جي تاريخي سڃاڻپ اسلام آهي ته بس پوءِ سوال هي پيدا ٿئي ٿو ته ان سلسلي ۾ اسان ماڻهن کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟
مون کان اميد نه رکو ته ان تي آئون توهان کي ڪو پروگرام (Menifesto) ڏيندس. اهڙي قسم جي ڪنهن وڏي ڪم جي سلسلي ۾ مون کي پنهنجي گهٽ ذهني صلاحيتن جو اعتراف آهي ۽ ٻي اهم ڳالهه هي آهي ته منشورن جي ذريعي ماڻهن جي زندگين جي اصلاح نٿي ڪري سگهجي. گهڻو اهم مينيفيسٽو (Menifesto) اهي هئا جيڪي مارڪس ۽ اينجلس ٺاهيا هئا ۽ جن جو نتيجو اسان پنهنجين اکين سان ڏسي ورتو. اهي ٻئي ۽ خاص طور سان مارڪس تمام گهڻو ذهين ۽ وڏو مفڪر هو ۽ سرمائيداراڻي نظام جي تشخيص ڪرڻ ۾ غير معمولي مهارت جو حامل هو.
اسان ماڻهن کي نهايت خلوص سان اهو تسليم ڪرڻ گهرجي ته زندگي بحث، تنقيد ۽ سهڪار کان سواءِ ڳتي نٿي وڌي سگهي. ان کان سواء انساني زندگي جي ترقي ۾ محدوديت ۽ تناسب جو به هڪ اهم ڪردار هوندو آهي ۽ ان جي اڄ اسان هتي جيڪا تجويز رکي رهيا آهيون، اها صرف امڪانن جو هڪ مجموعو آهي ۽ ڪو آخري ۽ مضبوط حل نه آهي. اسان کي اهم سنجيده سوالن جي سلسلي ۾ مخلصانه مفڪراتي ۽ وڌيڪ واضع مذاڪرن جي ضرورت آهي ۽ انهن سوالن جا جواب حاصل ڪرڻ جي لاء مسلسل ڪوشش پڻ گهربل آهي. سڀ کان پهريائين اسان مذهب تي نظر وجهون ٿا.
مذهب انساني ادارن ۾ سڀ کان گهڻو قديم آهي. مذهبي عقيدن جي ناموجودگي ۽ اعليٰ نظام جي سامهون پنهنجي رضا سان راضي هئڻ کان سواءِ زندگي پنهنجي معنيٰ ۽ مطلب کان محروم ٿي وڃي ٿي. توڙي اهي ان کي چاهين يا نه چاهين، پر انسانن ۾ هڪ مافوق هستيءَ جو احساس، جيڪو انهن جي وجود ۾ ٿئي ٿو ۽ جنهن کي کين پنهنجن روحن جي گهراين مان حاصل ڪرڻ گهرجي. انسان هڪ اهڙي مخلوق آهي، جيڪا انساني جوهر ۽ پنهنجي هستيءَ جي رازن کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿي ۽ انهيءَ جي ڪري هو هستيءَ جي فطرت کي ظاهر ڪرڻ چاهي ٿي. ٿورو ڏسو ته سهي ته پنهنجي ڪوششن جي ذريعي انسانن اڄ تائين ڪيترن ئي گهڻن رازن تان پردو کنيو آهي. پر وجود هڪ اهڙي پيچده شيءَ آهي جو جيستائين، هڪڙي سوال جو جواب ملي ٿو ته پوءِ هڪٻئي پويان ڪيترائي سوال اچي ٿا وڃن. انسان اهڙي مخلوق آهي جيڪا تخليق جي خوشبو ۽ ان جي راز کان واقف آهي ۽ انهيءَ جي ڪري اها تخليق جي راز کي ظاهر ڪرڻ ۾ رڌل آهي. انسان عملي طور تي تخليق جي سلسلي ۾ گوناگون پيچيدگين ۽ طرح طرح جي پريشانين جي سمندر ۾ جيئي ٿو. وجود ۽ ان سان لاڳاپيل پيچيدگين جو مشاهدو ڪندي ان جون اکيون حيران ٿي وينديون آهن. ۽ اهڙي رمزن ڀري ماحول ۾ انسان جي سوالن جو نهايت مضبوط، پائيدار مستحڪم ۽ مخلصاڻو جواب مذهب ئي آهي. مون کي يقين آهي ته جيستائين انساني نسل رهندو ان وقت تائين ڊپ به رهندو ۽ جيستائين ڊپ ۽ دٻدٻو هوندو زندگيءَ ۾ مذهب جي ضرورت رهندي. انسان جو ذهن ڪنهن ٻئي شڪل کان گهڻو محفوظ آهي. ڇو ته مذهب انساني ذهن جي ڳولا جي نامڪمل جذبي کي طاقت بخشي ٿو ته اهو پنهنجي خالق کي عليم ۽ خبير سمجهي ڪوبه انسان اهڙو نه آهي جو پنهنجي دل ۾ هڪ لامطلق ۽ اعليٰ هستيءَ جو انڪار ڪري، پر ماڻهو عدم موجودگيءَ کان متاثر ٿين ٿا ۽ هڪ اعليٰ حقيقت کان اڻڄاتل رهن ٿا ۽ ان جي نتيجي ۾ اوترو ئي نقصان انهن کي پهچي ٿو. جيئن ٻئي انتها جيڪا سدائين بدلجندڙ صورت جي باري ۾ سوچيندي رهي ٿي ۽ ان کي ابدي ۽ قائم رهندڙ مڃي ٿي. تاريخ ۾ ڪيترائي واقعا انهن ٻنهي غلطين مان وجود ۾ ايندا آهن. هڪ ملحداڻي زندگي، خاص ڪري الله تعاليٰ کي واحد مڃيندڙ مذهب ۽ مسلمانن جي عرفان واري خدا کان، جيڪو وهم پرستن جي خدا کان بنهه مختلف آهي ۽ فلاسافرن جي خدا کان به، اهڙي زندگي گهڻي نازڪ ۽ محدود هوندي آهي. اهو هڪ خدا ئي آهي جو بلند ۽ عظيم مرتبي وارو آهي.انسان پنهنجي سڀني حدن ۽ ناقابليتن جي باوجود ان خدا سان سڌو سنئون تعلق قائم رکي سگهي ٿو. هڪ سچو، جذباتي ۽ لساني تعلق قائم ڪري سگهي ٿو. هڪ اهڙي دنيا، جيڪا پريشانين کان ۽ بي يقينيءَ کان دٻيل آهي ۽ انسان ان هستيءَ جي مرڪز سان پنهنجو رابطو به پيدا ڪري سگهي ٿو ۽ ان چشمي ۽ مرڪز کان پنهنجي لاءِ هدايت ۽ رهنمائي حاصل ڪري سگهي ٿو. اهو هڪ اهڙو خدا آهي، جيڪو عظيم ۽ بلند مرتبي وارو آهي. انسان ان سان محبت ڪن ٿا ۽ ان جي طرف غير معمولي طور تي پڻ راغب آهن. اهو تعلق ان کان مختلف آهي. جيئن ڪو ڪمزور طاقتور کان ڊڄي ۽ خوف کائي ڪري ڪري ٿو. اها هڪ نامڪمل جي پريشاني ۽ ان جي ڳولا جي تڪميل جي لاءِ ان ڪامل ۽ بي نيازي خدا جي اڳيان تعظيم ۽ ادب صداقت ۽ ايمان جو بنياد آهي ۽ سچو ايمان تعظيم ۽ ادب آهي ۽ تعظيم ۽ ادب زمين جي تعلق جي پابندين کان آزادي، مٽيءَ جو پتلو ان دنيا تي انحصار ڪري ٿو. جڏهن ته ايمان وارو دنيا کي پنهنجي مرضي ۽ خواهش جي مطابق حاصل ڪري ٿو. خاص ڪري هڪ اهڙو ذريعو، جنهن سان ان جي هستيءَ جي روحاني پهلوءَ کي تقويت ملي ٿي.
يقيناً اسان وٽ هڪ منفي قسم جو عرفان ۽ زهد به آهي. جيڪا سڄي سڄي انسان جي محدوديت ۽ خطا پذيري جي علامت آهن ۽ ان کي دور ڪرڻ لاءِ کيس وڌيڪ ڳولها ۽ ڪوشش ڪرڻ گهرجي. هڪڙو عقيدو رکڻ وارو ماڻهو، جيڪو مادي دنيا کي ترڪ ڪري ڇڏي ٿو، ان کي گهڻو سڪون ۽ آرام حاصل ٿئي ٿو. ان جي مقابلي ۾ جنهن وٽ مادي ضرورتون ۽ دولت آهن، جڏهن ته پهرين ذڪر ڪيل جي خوشي ۽ مسرت ابدي آهي، پر آخري ذڪر ڪيل، جنهن جي خوراڪ ۽ شهواتي خواهشون سڀ عارضي آهن ڇو ته ان جي حصول جا ذريعا سوين ڪارڻن تي منعقد آهن. ظاهر آهي ته مستقبل ۾ حاصل ٿيڻ واري خوشي جي سلسلي ۾ خوف ۽ تشويش موجود زماني جي خوشيءَ کي به نابود بڻائي ڇڏي ٿي.
بس صحيح ڳالهه هيءَ آهي ته مذهبي عقيدو انسان جي روح جي گهراين ۾ آباد آهي ۽ مقدس قرآن جي مطابق انسان جي جوڙجڪ، مذهبي هئڻ سان گڏوگڏ وحدت پرستي تي قائم آهي. مذهب جو روح مقدس ۽ افضل آهي ۽ جيڪڏهن اهي ٻئي صفتون اسان حاصل ڪري وٺون ته پوءِ اسان کي مذهب جي وڌيڪ ضرورت ٿي رهي ۽ جنهن طرف به پاڪيزگي ۽ فوقيت آهي اتي مطلقيت به آهي. هتي مان اهڙي سڀ کان وڏي آفت جو ذڪر ڪرڻ چاهيان ٿو جنهن مان مذهبي زندگي کي خطرو درپيش آهي.
انساني دل جو تعلق روحانيت ۽ فوقيت ٻنهي سان آهي ۽ جڏهن به انساني ضمير ان روحانيت سان جڙيل ٿي وڃي ٿو ته اهو خود به خود هڪ اهڙي روحانيت جي شڪل اختيار ڪري وٺي ٿو، جيڪا فوقيت جي حامل حقيقت کان ويجهو آهي ۽ جنهن کي خدائي روح چيو وڃي ٿو. پر انساني وجود جا ٻه پهلو آهن، هڪ فطري ۽ ٻيو خدائي. انسانن جا سر آسمان جي طرف بلند آهن پر ان جا پير زمين تي ٽڪيل آهن هڪ ۽ ٻيو يعني انهن کي ان جي گرم سياري جي ڪارڻ انهن جي زندگي ۽ انهن جي ذهنن ۾ هڪ مسلسل طغياني ۽ هن دنيا جي بدلجندڙ مزاج جو اظهار به ٿئي ٿو. ڇو ته اها هڪ فطري هستي آهي ان لاءِ اها هڪ جاءِ تي قائم به نٿي رهي. انسانن کي زمان ۽ مڪان پنهنجي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ ان طرح ان جو فڪر صحيح به آهي ۽ ساڳي وقت خطائن سان ڀريل به، جيڪو تاريخ کان اثر پذير هوندو آهي ۽ نتيجي ۾ بدلجندو رهندو آهي. نه جسم ۽ نه ئي دماغ هڪ جهڙي حالت ۾ نٿا رهن. يقيني طور منهنجو اهو عقيدو نه آهي ته سڀني انسانن جا تصور نسبي ۽ انساني زندگيءَ ۾ ڪو ٺهراءُ يا جمود ڪونهي، پر گهڻي ڀاڱي ان کي انسان بڻائين ٿا ۽ اڳواڻيءَ جي صلاحيت سان مالا مال انهن جو نظرياتي علم زماني جو پابند ۽ عارضي آهي. اسان جو علم به نسبي ۽ تغيرپذير آهي. اسان جا عقيدا، نسبي علم هئڻ کان بچي نٿا سگهن ۽ انسانن جي لاءِ ٻيو ڪوئي رستو ئي ڪونهي، نه ته اهي ان يقين سان گڏ اڳيان وڌن ۽ پنهنجي علم ۽ پنهنجي مهارت کي تجربي ۽ غلطين جي ڪسوٽيءَ تي پرکين ۽ ان ۾ پوءِ مناسب تبديلي ڪن.
تاريخ، عقيدن ۽ دنيا جي متعلق اڀرجندڙ تصورن جي ارتقا جو نالو آهي. ڇا انساني ذهن تاريخ جي باري ۾ انهيءَ طرح سوچي رهيو آهي؟ مختلف روايتن، نظرين ۽ مذهبن ۾ ۽ مذهبن جي سڀني فرقن ۾ ان ڳالهه جو ثبوت موجود آهي ته ڪوبه شخص حقيقت کي سڀني پهلوئن سان سمجهڻ جي دعويٰ نٿو ڪري سگهي. مثال طور جڏهن اسان اسلام جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪريون ٿا ته اسان جي مراد ڪهڙي اسلام سان هوندي آهي؟ ابوذر جو اسلام، بو علي سينا جو اسلام، غزالي جو اسلام، ابنِ عربيءَ جو اسلام، شاعرن جو اسلام يا صوفين جو اسلام؟ اهي سڀ جا سڀ ناقابل انڪار تاريخ جا پهلو آهن، جيڪي انساني مذهب جي نسبي فهم ۽ سمجهه جي گواهي ڏئي رهيا آهن. اڄ عقيدي جي درميان ڪنهن طرح جو اختلاف نه هوندي به فڪر ۽ عمل جي دُنيا ۾ پنهنجي والدين سان گڏ به اسان جو نظرياتي اختلاف آهي.
هڪ تمام وڏي مشڪل، جيڪا صاحب ايمان ۽ عقيدي جي گروهه کي درپيش آهي ته اهي ڪجهه حقيقتن کي مطلق، مافوق ۽ مقدس مڃي وٺن ٿا ۽ ٻئي طرف خودنسبي هئڻ جي ڪري اهي ذهن ۽ جسم جي نسبي دائري ۾ رهندي، سڀني شين کي ڏسن ٿا. جيستائين اهي پنهنجي محدوديت کي تسليم ڪن ٿا ۽ انهن تضادن جو اصل ۽ انهن جا اندروني مسئلا انهن جي لاءِ ڪو وڏو حادثو وجود ۾ نٿا آڻين، عقيدو رکندڙ ۽ ايمان وارن جي لاءِ گهڻي وڏي مصيبت اها آهي ته جڏهن مذهب جي مطلقيت ۽ پاڪيزگي جواثر زمان ۽ مڪان جي محدوديت تي پوي ٿو ۽ خطا پذير انسان مذهب جي تعبير ۽ تشريح ڪري ٿو ۽ جڏهن انهن جي تجويز ڪيل شين کي مذهب سمجهيو ويندو آهي ته هڪ ايمان وارو شخص اهوئي هوندو آهي، جيڪو ان خاص نقطهٔ نگاه کي اڳيان وڌائي ٿو ۽ ڪيترن ئي اختلافن جون پاڙون فقط انهيءَ نقطي ۾ موجود آهن. اسان وٽ مذهب ۾ تعقل پسندي لاءِ مشترڪ استعداد موجود آهي يعني انسانن ۾ موجود رسد ۽ ابلاغ جو ذريعو ماڻهن جي وچ ۾ افهام ۽ تفهيم جو وسيلو ۽ جيڪڏهن اسان به اهو يقين رکون. جيئن اڪثر فلاسافرن جو خيال آهي ته انساني ذهن تي مطلق تصور قبضو ڪري ٿا وٺن ۽ پوءِ اهي سڀني زمان ۽ مڪان جي لاءِ جاري ۽ ساري هوندا آهن. ته پوءِ اچو ته اسان ان ڳالهه کي تسليم ڪريون ته انساني عقل ۽ سمجهه ايتري محدود آهي جو ان جون اڪثر نسبي تشريحون ۽ تعبيرون غلط ۽ تغيرپذير ٿي سگهيون آهن. خيالن ۽ عقيدن جو وسيع ميدان، جيڪو مختلف مڪتب فڪر ۽ خود مڪتب فڪر جي اندر موجود مختلف عقيدن جي حامل جماعتن جي موجودگي، ان دعويٰ جي تائيد ۾ پڻ واضح ثبوت جو درجو رکي ٿي.
ڇا ان جو مطلب اهو آهي ته انساني ذهن تي مطلقيت جا دروازا بند ڪيا ويا آهن؟ اسان کي علم آهي ته ڪيترين ئي اولهه جي جديد فلاسافرن ان سوال جو جواب هاڪار ۾ ڏنو آهي. انهن مطلق حقيقت جي وجود جو انڪار ڪيو آهي يا تجويز پيش ڪئي آهي ته اسان وٽ انهن حقيقتن جي سمجهه جو ڪوئي ذريعو نه آهي ۽ اهڙي طرح سان ڪيترائي فلاسافر ان نتيجي تي پڳا آهن ته معاشري جي زندگيءَ ۾ مذهب کي هڪ طرفو رکڻ گهرجي.
پر اهي نيڪ ٻانها، جيڪي خدا جي حاضر ۽ ناظر هئڻ ۾ ايمان رکن ٿا اهي ان ڳالهه کي نٿا مڃين. جيتوڻيڪ ڪوبه يقيني طريقو اهڙو نه آهي، جنهن جي مدد سان ان کي سمجهي سگهجي. عام ماڻهن کي هڪ اهڙي جڳهه تي سڏائڻ جتي اهي نٿا پهچي سگهن، يقيني طور هڪ غير دانشمنداڻي ڳالهه آهي.
منهنجي خيال ۾ خدا کي سمجهڻ جو محفوظ طريقو ۽ ذريعو انساني دل آهي، پر عقل نه ۽ اهو ذريعو سڌيءَ طرح تجرباتي رابطو آهي. جنهن کي عقل جي وسيلي سان نٿو حاصل ڪري سگهجي. سڀني مذهبن ان تي گهڻو زور ڏنو آهي. اسلام جي رهبرن اسان کي تعليم ڏني آهي ته دماغ تي الله تعاليٰ، رحمان ۽ رحيم جي عبادت جي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو، پر ان کي سمجهڻ جي لاءِ نه. هڪ ٻئي جڳهه تي انهن تجويز ڪيو آهي ته خدا مطلق تائين پهچڻ جو رستو عبادت آهي ۽ معلوم کان نه معلوم ئي گهڻو زور نه ڏيڻ گهرجي جيئن قرآن ۾ فرمايو ويو آهي ته مطلق ۽ روشني تائين پهچڻ جو طريقو فقط عبادت ۽ سٺو ڪردار آهي ۽ اندر جي صفائيءَ جو مطلب هي آهي ته خدا کي سمجهڻ جو بهترين طريقو سڌي طرح هڪ رابطي جو تجربو آهي ۽ نه ڪي ان کي سمجهڻ جي ڪوشش سان وابسطه آهي. يقيناً اهو ڪنهن به طرح سان فلسفياڻي ۽ سائنسي عقليت جي اهميت کان انڪار نه آهي، بلڪ اسلام ۾ ته خاص طور سان ان جي اهم ڪردار تي زور ڏنو ويو آهي ۽ اهو به پڻ ضروري آهي ته دماغ جي محدوديت کي تسليم ڪيو وڃي ۽ سچ کي مڃڻ وارو دل جي رستي تي سفر ڪري. پر مذهبي عقيدي جي حقانيت هڪڙو تجربو آهي پر اهو فڪر نه آهي. هڪ تجربو جنهن جو بنياد ذاتي باليدگي دنياوي خواهشن تي ڪنٽرول ۽ عظيم الشان هستي جي اڳيان سر جهڪائڻ ۽ پنهنجي پاڻ کي پنهنجي محبوب مان خوش رکڻ آهي ۽ جيڪڏهن ان دڳ کي ورتو وڃي ته انسان خدا تائين پهچي سگهي ٿو. عقل ۽ فهم هڪ ذهني ڪوشش آهي جنهن جي ذريعي سان هڪ شخص معلوم کان نامعلوم تصورن تائين پهچي سگهي ٿو ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ هڪڙي فرد جي ذات جيڪا زمان ۽ مڪان ۾ قيد آهي ۽عقل پر ذهن بهرحال هڪ نسبي شيءَ آهي.
مان هينئر تائين جيڪو ڪجهه عرض ڪري چڪو آهيان اها ڪا نئين ڳالهه نه آهي پر مذهبي تعليمات ۾ اهي سڀ ڳالهيون درجي به درجي وڏا صوفي سدائين ٻڌائيندا آيا آهن ته ذهن اتي پهچي نٿو سگهي ۽ دماغ جي تعقل پسندي هڪ ننڍي شيءَ آهي جنهن جو بنياد ڪافي ڪمزور آهي. اهم نڪتو هي آهي ته وڏا فلاسافر، جيئن ابو سينا جيڪو انساني ذهن جي گهٽائن ۽ وڌائڻ جي قوت ۾ يقين رکندو هو، ان به اها دعويٰ نه ڪئي آهي ته تصوراتي ذهن اسان کي خدا تائين پهچائي سگهي ٿو. انساني ذهن جيڪڏهن پنهنجي صلاحيت جي آخري تائين سفر ڪري ته مافوق جي سرحد تائين ته پهچي سگهي ٿو پر خدا مطلق تائين ڪڏهن به نه.
دل جو رستو هميشه اسان کي حق ۽ حقانيت جي طرف وٺي وڃي ٿو ۽ مذهبي تجربا روح جي گهراين سان حاصل ٿيندا آهن. ڪيترن ئي فلاسافرن ۽ عارفن ڪوشش ڪئي آهي ته مذهبي معاملن ۾ عقل جي ناڪامين کي نمايان ڪجي. پر رستو پوءِ به تجرباتي ئي رهي ٿو ۽ نه ڪي عقلي. هن جاءِ تي نازڪ نقطو هي آهي ته دل جو رستو اسان کي پڪ سان خدا تائين پهچائي ٿو. پر ان ۾ اڪيلو سفر ڪري ٿو سگهجي. ڇو ته نه ئي مذهبي شخصيت جي پيروي سان ڪري سگهجي ٿو ۽ نه ئي ان روشنيءَ کي ٻئي طرف منتقل ڪري سگهجي ٿو.
اهڙيءَ طرح سان انسان اجتماعي مخلوق جي حيثيت رکن ٿا. جن جو هن دنيا ۾ رهڻ ضروري آهي اهو به ان طرح جي هستيءَ جي لاءِ ڪيترن ئي حالتن ۾ ٻين سان شرڪت ڪرڻي پوي ٿي. جيڪي ٻين تائين رسائين ٿيون. زبان به انسانن ۾ رابطي جي ايجاد جو هڪ اهم وسيلو ۽ سبب آهي. پر زبان هڪ ٻاهريون اظهار آهي.اها هڪ نفسياتي حقيقت جو عڪس آهي، جيڪا انساني ذهن ۾ موجود آهي. انسان زبان جي ذريعي ترجمو ڪندو آهي ۽ ٻين تائين ترجمو پهچائڻ جي صلاحيت به رکندو آهي.
هڪ ماڻهو عقل جي ذريعي سمجهي سگهي ٿو ته ذهن ۽ روشنيءَ ۾ ڪهڙو تعلق آهي ۽ اها روشني انساني شعور ۽ عقل آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهو عقل انسان جي اختيار کان ٻاهر به ٿي ويندو آهي ۽ انساني ذهن جي ڪابه حد نه آهي ۽ سچي ڳالهه هي اها آهي ته انساني هستي جي عظمت کي ماديت ۽ فطري شين ۾ محدود نٿو ڪري سگهجي. جڏهن ته انسان زمان ۽ مڪان ۾ قيد آهي. ان طرح سان ان جو تصور اڻپورو ۽ ڪٽيل آهي پر هر صورت ۾ انسان پنهنجن جذبن کان متاثر ٿيندا آهن. انهن جي روشني انهن جي جذبن مان ئي نڪري ٿي. جيتوڻيڪ اها جذباتيت نسبي ۽ خطا پذير آهي. ان جي ذريعي اصل انسان جي ترجماني ڪنهن به طرح نٿي ٿي سگهي.
انسانن ۾ اعليٰ مخلوق هئڻ جون نشانيون موجود آهن. ۽ انسان فطرت جي معاملن ۾ فطرت جي عطا ڪيل پنهنجي خطا پذير ذهن جو استعمال ڪن ٿا. ان ذهن سان انسان ٻن مختلف مادن کي محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هڪ فطرت ۽ ٻيو مافوق فطرت. دنيا کي سمجهڻ جي باوجود انساني شعور جي نسبي هئڻ جو ڪجهه ماڻهن جو عقيدو هي آهي ته مذهب هڪ مطالقيت آهي. جيئن انهن جو محدود ۽ نامڪمل نظريو مذهب جي باري ۾ آهي، پر وقت گذرڻ سان گڏگڏ ۽ انساني زندگيءَ ۾ تبديلي اچڻ جي ڪري ڪافي حد تائين هاڻي پراڻيون تعبيرون باقي ناهن رهيون. مذهبي مسئلن جي باري ۾ پنهنجي ناقص نظرئي کان ڪم وٺڻ جي بدران جيڪڏهن کليل ذهن سان ڏسون ته مذهب جي سلسلي ۾ هڪ متحرڪ ۽ مڪمل نظريو قائم ڪري سگهون ٿا. پر اهي ماڻهو پنهنجي ناقص راءِ کي حقيقت تي ٿوپڻ جي ڪوشش ڪن ٿا جيڪو گهڻي عرصي جي لاءِ ته ناممڪن آهي پر ٿوري عرصي ۾ ئي ان جي ڪري ڪيترين ئي مصيبتن جو آغاز ٿي وڃي ٿو.
اڄ فطرت جي باري ۾ انساني نظريا انهن پراڻن قديم تعبيرن کان گهڻو مختلف آهن. ڪجهه ماڻهو انساني تعبيرن ۽ ترجماني تي پاڪائيءَ جي قلعي چڙهائي ڇڏين ٿا. عيسائي تاريخ ۾ هڪ خاص تعبير فڪري دنيا جي باري ۾ ڦهلائي وئي. ان کي ڦهلائڻ وارو ڪيٿولڪ چرچ هو ۽ صدين تائين ان منجمد راءِ ۾ ڪنهن به طرح ڪوبه ڪرڻو داخل ٿيڻ نه ڏنو ويو ۽ ڪيئن قسمن جون مشڪلاتون مفڪرن ۽ سائنسدانن تي ٿاڦيون ويون. پر اهو فڪر آهستي آهستي بدلجي ويو ۽ اڄ تمام ٿورا چاهي اهي عيسائي هجن يا ٻي مذهب جا مڃڻ وارا، انهن جو عقيدو آهي ته مقدس ڪتاب ۽ خدا سان سڌيءَ طرح رابطو فطري شين جي سمجهه جي لاءِ انسانن جي رهنمائي ڪري سگهي ٿو. ان جي ابتڙ سڀني اهو قبول ڪيو آهي ته دنيا ۽ فطرت جي سمجهه جي لاءِ اسان کي تعقل پسندي ۽ ذهانت کان ڪم وٺڻ گهرجي ته جيئن اهڙن نظرين تي اتفاق ٿي سگهي، جيڪي مڃڻ جي لائق به هجن ۽ جن بابت سوالن جا جواب ڏيڻ ۽ ضرورتن کي پوري ڪرڻ جي صلاحيت هجي. اهي نظريا لڳاتار غلط ثابت ٿيندا رهيا آهن. پر اها راءِ اڃا تائين انساني علمن ۾ قبول نه ڪئي وئي آهي. يقيناً اسان نظرئي ۽ مشاهدي ۾ قرق ڪيو، نه ته جيئن مفڪرن ۽ فلاسافرن کي موقعو ملي ته اهي سائنسي علمن جي عام ۽ دائمي اصولن جي باري ۾ سوچي سگهن.
صرف فطري دنيا جي علم جي باري ۾ ئي نه، بلڪ مذهب جي سلسلي ۾ به هاڻي تائين بيان ڪيل سڀئي تعبيرون محدود آهن. پوءِ به مذهب جي سلسلي ۾ انسانن جي شعور جي محدود نوعيت، مذهب جي حيثيت کي گهٽ نٿي ڪري. جيستائين مڃڻ وارا مذهب جي تعبيرن ۾ غلطي نٿا ڪن. ان طرح جي غلطي سان تاريخ ۾ ڪيترائي مونجهارا پيدا ٿي ويا ۽ مذهب جي باري ۾ ماڻهن جا وهم به وڌي ويا آهن. ڇو ته حقيقي تعبيرن ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي. موجوده دور ۾ مذهب جي سڀ کان وڏي خدمت اها هوندي ته اسان پنهنجي غير معمولي همت سان گڏ، مذهب جي روح ۽ ان جي نامڪمل ترجماني جي درميان فرق کي اهڙي طرح واضح ڪريون جو، مذهب پنهنجي مڃيندڙن جي دل ۾ تمام گهري ۽ اهم جڳهه ان طرح حاصل ڪري وٺي ته جيئن اسان مذهبي فڪر کي پنهنجي وقت جي مطالبن جي مطابق بدلائي سگهون ٿا. تاريخ جي ڪتابن ۾ مذهب جي سلسلي ۾ مختلف قسمن جا فڪر ۽ عقيدا موجود آهن ۽ اسان کي هرگز اهو خيال نه ڪرڻ گهرجي ته مذهب جي سلسلي ۾ صرف اسان جو عقيدو ئي هڪ واحد عقيدو آهي، بلڪ اسان کي اهو خيال رکڻ گهرجي ته اسان مذهبي ڪتابن، جن ۾ لڳاتار تبديلي ٿيندي رهي آهي کي واضح ۽ منطقي راه ۽ روش سان استعمال ڪريون. سچ ته اهو آهي ته اهي مقدس ڪم ۽ معاملا آهن پر انهن مقدس ڳالهين جي ترجماني ڪرڻ وارو ته بهرحال انسان آهي. ان حقيقي وضاحت کان پوءِ ماڻهو کليل ذهنن سان ٻين جي تجربن ۽ انهن جي ايجادن جو مطالعو ۽ مشاهدو ڪندا.
ان سلسلي ۾ لڳاتار بدلجندڙسوالن ۽ ضرورتن جي وچ ۾ توازن جي ذريعي هڪ مفيد ۽ عملي مذهب جي سمجهه ڪري سگهون ٿا. اصل ۾ مذهب جي سڀني تعبيرن کي مساوي طور تي درست قرار نٿو ڏئي سگهجي. بلڪل انهيءَ طرح جيئن دنياوي فطرت جي سلسلي ۾ هڪ عام ماڻهو جي بيان کي طبعي علم (Physics) ۽ حياتيات جي علم (Biology) جي ماهرن جي بيان جي برابر تسليم نٿو ڪيو وڃي. مذهب جي جائز تعبير، جيئن سائنسي سوچ ٻڌائڻ جي لاءِ ضروري آهي ته اسان اعتبار جوڳن ذريعن کي تسليم ڪريون جيڪو مسلمانن جي نظر ۾ قرآن مجيد آهي ۽ پڻ ماضي جي انهن طريقن جو علم، جنهن سان مذهبي هدايت تائين پهچي سگهجي ٿو. اڃا تائين اسان صرف مذهبي تعبيرن ۾ ڦاٿل آهيون. جڏهن ته مذهب جي ابدي زندگي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ان جي سمجهه ۽ ان کي تسليم ڪرڻ ضروري آهي. ڇو ته مذهبن جي تعبير ڪنهن خاص زمان ۽ مڪان جي دائري ۾ نٿي ڪري سگهجي. اهوئي اهو رايو آهي جو مڃيندڙن جي زندگيءَ جي سڀني پهلوئن جي ترقيءَ جو دروازو کوليندي، ڪنهن اهڙي غلط فڪر کي ان ۾ داخل نه ٿيڻ ڏي جيڪو اسان جي فڪر ۽ ترقيءَ جي رستي ۾ رڪاوٽ پيدا ڪري. ڌيان ۾ رهي ته مذهب جو جوهر پوريءَ طرح محفوظ رهي.
ان سان گڏوگڏ مذهب جي سلسلي ۾ هڪ متحرڪ ۽ عملي نقطِ نگاه ان ڳالهه تي منحصر هوندي آهي ته هوشياريءَ سان هن دنيا ۾ باقي رهجي وڃي ۽ ان ۾ هي صلاحيت به باقي رهي ته اهو پنهنجي تاريخي سڃاڻپ کي وڃائڻ کان سواءِ نئين حقيقتن کي سمجهڻ ۽ انهن کي سنوارڻ ۾ ڪائي ڏکيائي نه محسوس ڪري. منهنجي خيال ۾ مغربي تمدن هن دور جي تمام گهڻي اهم حقيقت آهي، جيتوڻيڪ سياسي اعتبارکان اولهه جو رويو اسان ڏانهن دوستاڻو نه آهي ۽ ان سان گڏ ڪجهه اولهه کان علاوه ماڻهو پڻ آهن جيڪي اولهه جي سياسي ۽ اقتصادي ظلمن جي ڏک کان واقف آهن. خواه اهي قديم نوآبادياتي نظام جي دوران ڪيل اولهه جا ظلم هجن، يا وسعت پسندي تي مشتمل اولهه جا موجوده ظالماڻي راه ۽ روش تي، پر مغرب جي سياسي ۽ اقتصادي پاليسي درحقيقت تمدن جو هڪ اهم پهلو آهي. پورو مغرب هڪ تمدن آهي، جنهن جي پنهنجي هڪ تهذيب آهي ۽ اها تمدن پنهنجي خاص دنياوي نقطهٔ نگاه ۽ قدرن جي نظام تي منحصر آهي. انهن قدرن کي سمجهڻ کان سواءِ اسان جي گرفت اولهه جي سلسلي ۾ نهايت ئي سطحي ۽ گمراه ڪندڙ هوندي. جائزو وٺڻ وقت اسان کي اولهه جي طرف پنهنجي سخت نفرت کي ترڪ ڪندي اهو خيال رکون ته اسان اولهه جا ديوانا به نه بڻجون. بس هڪ طرف اسان اولهه جي خطرن جي سلسلي ۾ خبردار رهون ۽ ٻئي طرف ان جي انساني ڪاميابين مان پورو پورو فائدو به حاصل ڪريون. ۽ اهو ان وقت ممڪن آهي جڏهن اسان تاريخي ۽ بلوغيت جي هڪ اهڙي مرحلي ۾ داخل ٿي وڃون جو جتي ترڪ ۽ اختيار جي قدرت ۽ اختيار ۾ جيڪي ذميواريون شامل آهن انهن سڀني کي نڀائڻ جي مهارت ۽ صلاحيت پيدا ٿي وڃي.