باب ستون: خوف ۽ اميدون
ان طرح جي تبديلي گهڻي مدد نٿي ڪري. جيتوڻيڪ ان جي ڪاري اختلاف، ٽڪراءُ ۽ خطرناڪ معاشرو وجود ۾ اچي ٿو. بس اسلامي انقلاب کان پوءِ ظاهر ٿيندڙ اسان جي معاشري ۾ موجود خطرو ان تبديلي جو نتيجو آهي، جنهن کان گذرندي اسان تاريخ جي هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا آهيون، پر ان ۾ هينئر ڪابه خطري جي ڳالهه ڪونهي.
ان سان گڏ اها نسبت ۽ سنجيدگي ۽ اهي خدشا ۽ اميدون، جيڪي ان تبديلي سان پيدا ٿيون آهن، اهي ڏاڍايون عظيم پڻ آهن. هڪ اهو اونو ۽ خوف جنهن کان انقلاب کي خطرو لاحق آهي ۽ ٻي اها اميد جيڪا روشن انقلابي معاشري جي مستقبل جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ واري هوندي آهي.
بس اڪابرن مان اسان اها اميد رکون ٿا ته اهي فقط انقلاب جي مکيه ڳالهين کان واقفيت حاصل نه ڪن، بلڪ انهن مسئلن کان به واقف هجن. اهم مسئلو ۽ مقابلو جنهن کان اڄ هي انقلاب درپيش آهي. اڪابرن کي انقلاب ۽ موجوده دنيا جي تازين حقيقتن جي وچ ۾ لاڳاپن تي به روشني وجهڻ کپي ۽ فقط انهيءَ طريقي سان اسان ماڻهو ان کي محفوظ رکي سگهون ٿا، جيڪو سچ ۽ منصفاڻي آهي ۽ جنهن کي بدلائي نٿو سگهجي.
منهنجي خيال ۾ ابتدائي مرحلي ۾ اسان جي انقلاب جو مقابلو ان بنيادي اختلاف سان آهي، جيڪو انقلاب جي ستون ۽ معاشري ۾ لاڳو شين جي وچ ۾ هوندو آهي. مذهبي اختلاف ان جو هڪ ٿنڀ هوندو آهي ۽ اهو اڄ پوري دنيا ۾ موجود آهي. اسان جي انقلاب جون عالمانه بنيادون ۽ ان جا مول ۽ متا پڻ عالمي سطح تي مروج قدرن جي وچ ۾ سخت اختلاف ۽ ٽڪراءُ ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن قدرن جي مڪمل ترديد آهي.
اها فطري ڳالهه آهي، ڇو ته پهرين کان موجود نظام سان هر انقلاب جي مخالفت هوندي آهي. انهيءَ بنياد تي سڀ کان پهرين انهن مسئلن کي اڀاري سگهجي ٿو، پر اسان جي معاملي ۾ اها مخالفت خاص ۽ سخت آهي. ڇو ته اسان جا مخالف دنيا جي مختلف نظرين کان طاقت حاصل ڪن ٿا.
سڄي دنيا دانشمنداڻي فڪر، سياسي نظام ۽ بالغ نظري تي ٻڌل اسان جي انقلاب جي مخالفت ڪئي آهي. صدين کان ان انقلابم جنهن جون تياريون هلندڙ هيون ۽ مذهبي حلقن جا ڏاها ۽ اهل علم ڪيترن ئي نسلن کان ان جي تعمير ۽ تشڪيل ۾ سرگرم هئا. ڪيترين ئي صدين جي ايجاد ۽ نون تجزين جي روايت هڪ سماجي ۽ سياسي مضبوط نظام ۾ بدلجي وئي، جنهن جو عنوان اصل اصلاح آهي ۽ جنهن جا قدر تمام اونهي کڏ ۾ پيل هئا. ان جي سياسي ۽ فلسفياڻي نڪتهٔنظر جي رسائي سامعين جي عالمي جماعت تائين رهي آهي، ۽ ان جي نظام کي لائق ماهرن ۽ سائنسدانن جي حمايت حاصل رهي آهي.
اسان جو مخالف ڳري ۽ غير معمولي اقتصادي سياسي ۽ فوجي طاقت جو حامل هو، جنهن جو پيچيده ۽ تباه ڪندڙ چهرو ماضي ۾ اسين ڏسي چڪا آهيون. پر ان سان اسان ماڻهو خوفزده نه ٿياسين. ڇو ته ڏور ماضي ۾ دنيا جا وڏا انقلاب طاقتور دانشمنداڻن بڻيادن تي قائم سياسي نظامن جو ڄمي ڪري مقابلو ڪري چڪا آهن ۽ انهن نظامن کي بدلڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري چڪا آهن. اسان ان ڳالهه جا ساراهيندڙ آهيون ته اسان جو انقلاب عظيم آهي. پوءِ مخالفن جي طاقت ان عظيم انقلاب تي ڪيئن قابو پائي سگهي ٿي.
اها پروپيگنڊا اسان جي لاءِ جان جو خطرو بڻجي چڪي آهي ته اولهه جو دانشمندانه اخلاقي ۽ سياسي نظام نهايت آسان ۽انساني فطرت جي عين مطابق آهي ۽ ماڻهو خودبخود ان طرف راغب ٿيندا پيا وڃن. نئين فڪر ۽ تمدن جا طرفدار ان ڳالهه جي دعويٰ ڪن ٿا ته انهن جو فڪر ۽ نظر جو مرڪزي نڪتو آهي “آزادي” ۽ ان دعويٰ کي اسان کي پڻ سنجيدگيءَ سان وٺڻ گهرجي، خاص طور تي اهڙي وقت ۾ جڏهن ڪميونزم جي موت سان گڏ هڪ اشتراڪي فڪر فنا ٿي چڪو آهي. سوويت ڪميونزم جي موت جو مطلب اهو ڪڍيو وڃي پيو ته صرف اولهه جي نظرين تي ٻڌل آزادي جو تصور ئي موجوده حالتن جو مقابلو ڪري سگهي ٿو.
اسلامي انقلاب جي مخالفن جو سڄو دارومدار آزادي جي اصول تي آهي، جنهن کان اهي ڀرپور طاقت حاصل ڪن ٿا. ڇو ته آزادي انسان جي هڪ مرڪزي ۽ فطري منزل آهي. جڏهن آزادي جو اهو مطلب بيان ڪيو ويندو آهي ته ماڻهن کي سڀ ڪجهه انهن جي خواهش جي مطابق ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ آزادي جي وصف انسان جي پابندين کان آزاد رهڻ واري مضبوط خواهش جي عين مطابق آهي. پر عمل ۾ لامحدود آزادي ممڪن ئي ڪونهي ۽ آزادي، جنهن طرح سان اولهه ان جي وصف ڪري ٿو، اها هڪ لائنس جي ذريعي ئي ممڪن آهي، جنهن جي مطابق ٻين جي حقن کي غصب ڪرڻ جي آزادي ملي وڃي ٿي.
بس آزادي جو معيار انسان جو فڪر ۽ ان جي لا محدود خواهش آهي ۽ ان جو مطلب ٿيو ته ماڻهن جي گهڻائي اهو فيصلو ڪندي رهي ته آزادي جون حدون ڪهڙيون آهن ته جيئن اها انهيءَ بنياد تي قانون بڻائي. نئين قدرن جي چاهيندڙن جو يقين آهي ته ماڻهن جي رستي ۾ اهڙي ڪابه رڪاوٽ نه اچڻ کپي، جنهنجي ڪارڻ انهن کي، جيڪو ڪجهه اهي ڪرڻ چاهين ٿا، ان ۾ مشڪل پيش ايندي هجي. پر اها ڳالهه ان وقت ممڪن آهي جيستائين ان جو ٽڪراءُ ٻين جي خواهشن سان نه ٿئي. جيتوڻيڪ ان کي انسانن جي ٺاهيل پابندين جي هڪ سلسلي طور طور اپنايو وڃي. اهو سسٽم عمومي طور تي انسان جي بنيادي ضرورتن ۽ جبلتن جي عين مطابق آهي، جن کي اسان سڀ ڄاڻون ٿا. ٻين لفظن ۾ اهي سڀئي جسماني دنياوي لاڙا ۽ موجوده اولهه جو نظام انساني زندگي جي مضبوط محرڪات جي تشفي ڪري ٿو. ڪوئي ڪم ۽ ڪنهن به طرح جي تعليم انهن لاڙن کي اپنائڻ جي لاءِ ضروري نه آهي، ڇو ته اهو نظام تسلي بخش، جاذب ۽ دلڪش آهي.
ان جي ابتڙ اسان واري انقلاب ماڻهن کي اعليٰ قدرن ڏانهن دعوت ڏني آهي، جن جي حصول ۾ وڏي طاقت، غير معمولي ڪشش ۽ ڪم جي ضرورت آهي.اسان جو نظام ايثار، ايمانداري ۽ ايمان تي ٻڌل آهي جيڪو انسان جي فطرت ۾ پيدائشي طور تي نه آهي. جيتوڻيڪ انسان کي ان جي حاصل ڪرڻ جي صلاحيت هوندي آهي. ان کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪيترين ئي ڏکيائين تي قابو پائڻو پوندو آهي. ڪيترين ئي اخلاقي ذميداريون قبول ڪرڻيون پون ٿيون جنهن جي لاءِ گهڻي محنت جي ضرورت آهي.
اسان جي انقلاب جي مخالفن، جن وچ ۾ اقتصادي سياسي، فوجي، سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي طاقت موجود هئي، قدرن جو هڪ اهڙو مجموعو پيش ڪيو، جيڪو انسان جي بنيادي ضرورتن ۽ لاڙن سان مطابقت رکندو هو. اهو ان نظام کي اهڙو پيش ڪري ٿو جيئن اهو اخلاقي يوٿوپيائي جو حامل هجي.
اولهه جي دعويٰ آهي ته نه فقط اهو انسانن کي انهن جي عملن ۽ انهن جي جبلي خواهشن جي مطابق پابندي کان آزادي ڏئي ٿو، بلڪ ان طرح جي اخلاقي زندگي ٻين سڀني نظامن کان بهتر آهي، ڇو ته انساني زندگيءَ جو بنيادن مقصدن يعني آزادي جي خواهش جي تڪميل ٿي سگهي ٿي.
سچا انسان ڪنهن ٻئي شيءَ جي مقابلي ۾ آزادي ڏانهن گهڻو توجهه ڪن ٿا ۽ دليلن ۽ شاهدن جي روشني ۾ اها ڳالهه چئي سگهجي ٿي ته ماڻهن آزادي حاصل ڪرڻ جي لاءِ جيتريون قربانيون پيش ڪيون آهن، اوتريون گهڻيون قربانيون ڪنهن ٻئي مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ نه ڏنيون آهن. اڄ ماڻهن کي اهڙو نظام مهيا ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اهي پنهنجي مرضي جي مطابق کائڻ پيئڻ، پوشاڪ ڍڪڻ، پنهنجي مرضي جي مطابق پنهنجي خيالن جي اظهار لاءِ آزاد آهن ۽ ان سان گڏوگڏ فڪر جي آزادي به پڻ حاصل آهي. اهڙي ريت اهڙي نظام ۾ زندگيءَ جو مقصد طاقت ۽ خوشحالي آهي. پر اهي ٻئي انساني زندگي جا عظيم ۽ مبارڪ ترين مقصد، جنهن جو نالو آزادي آهي، کي حاصل ڪرڻ ۾ لڳا پيا آهن، پر اولهه انسان جي بنيادي ۽ طاقتور خواهشن کي ان جي حيثيت مضبوط ڪرڻ ۾ استعمال ڪيو آهي جيتوڻيڪ اهو گهڻو گمراه ڪندڙ آهي. ڇو ته جنهن جي اهو دعويٰ ڪري رهيو آهي، اولهه سچي آزادي حاصل ڪرڻ کان گهڻو پري آهي. اسان هڪ اهڙو نظام چاهيون ٿا، جنهن جو بنياد ايثار ۽ اعليٰ اخلاقي معيار تي قائم هجي، جيڪو مسلسل ڪوشش ۽ اخلاقي روحاني عظمت ۽ بلندي ۽ همت ۽ حوصلي جي ذريعي ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو. صحيح معنيٰ ۾ اهائي سچي آزادي آهي، پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ماڻهن کي ان جي باري ۾ ٻڌايو وڃي.
اسان جي ۽ اسان جي مخالفن جي وچ ۾ دشمنيءَ جي باه کي هوا ڏيڻ جو ڪارڻ طاقت، عالمي سطح تي برقي وسيلا، نقل ۽ حرڪت ۽ ابلاغ جي رسائي آهي. اسان جي دور جو هر ماڻهو بغير گهڻي ڏکيائي جي دنيا جي هرڪنڊ ڪڙڇ سان جڙيل آهي. ماضي ۾ معاشرن جي وچ ۾ جيڪي سرحدون موجود هيون، هاڻي ٽيڪنالوجي جي ابلاغي ذريعن وسيلي غائب ٿي ويون آهن ۽ هاڻي اهي تمام جلد هر خبر ۽ اطلاع کي سڀني کنڊن تائين پهچائي ڇڏين ٿا. اسان جي مخالفن وٽ اهي اهم وسيلا موجود آهن، جنهن ۾ مشڪل ٽيڪنيڪي علم جي ڪري دنيا جي سڀني قومن کي تصوير ۽ آواز پهچائي رهيا آهن. جنهن کي گهڻو ئي اعليٰ پيچيده ۽ مؤثر علمي ۽ ٽيڪنيڪي طريقن سان ڪم وٺندي آواز ۽ منظرن جهڙن عام رابطن جي وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي رضامندي جي توليد ۾ سرگرم نظر اچن ٿا ته جيئن ٻين جي زندگيءَ جي طريقن ۽ خيالن تي قبضو حاصل ٿي وڃي.
اسان جنهن دور ۾ زندگي گذاري رهيا آهيون، ان ۾ ڪنهن هڪ فرد کي به دنيا ۾ ظاهر ٿيندڙ حالتن کان ناواقف نٿو رکي سگهجي. دنيا ۾ ڪوبه ڪٿي به هجي هر جڳهه دنيا جي حادثن جي سلسلي ۾ لازمي اطلاعن جي ڀرمار ۽ ان ۾ وڏين قوتن جي نظرين جي آميزش نظر اچي ٿي.
اسان جا مخالف اهڙي ڪنهن تحريڪ يا اهڙي معاشري کي برداشت نٿا ڪن، جيڪو انهن سان اختلاف رکي ٿو ۽ اهي آزاداڻي تحريڪ کي شروع ۾ ئي لتاڙي ڇڏين ٿا. اولهه صرف پنهنجي مفاد لاءِ سوچي ٿو ۽ جيڪڏهن ڪجهه ماڻهو انهن جي قدرن کان منهن ڦيرائين ٿا ۽ انهن جي منافعي جي لاءِ ڪم نٿا ڪن ته هو پنهنجي پوري طاقت ۽ توجهه ان تي لڳائي ڇڏين ٿا ته جيئن انهن کي پنهنجو غلام بڻائي ڇڏين يا انهن کي صفحه هستي تان مٽائي ڇڏين. خاص طور تي اهوئي سبب آهي ته اسان جي انقلاب ابتدائي مرحلي ۾ ئي سازش جي انهن لهرن ۽ انهن دٻائن جو بيهي ڪري مقابلو ڪيو آهي.
اسان جي انقلاب کي جيڪي ٻاهريون مشڪلاتون پيش آيون. انهن جي وضاحت ضروري آهي پر اسان کي پنهنجي اندروني مسئلن کي به نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي.
اصل ۾ سياسي ۽ سماجي شعبي جي عملي مطالبن ۽ تقاضائن کان اسلام جي عليحدگي ۽ جدائي اسان جي سڀ کان وڏي پريشانين مان هڪ آهي. اسان جو اسلامي انقلاب جڏهن دنيا ۽ دين جي حقيقتن کي نظر ۾ مٿانهون رکندي، انسان جي انفرادي ۽ سماجي زندگي جي لاءِ نون نمونن جي تشڪيل ڪرڻ چاهي ٿو ته اسلامي معاشرن کي هلائڻ ۽ انساني لاڳاپن کي اسلامي نظرين جي دائري ۾ آڻڻ جي لاءِ اسان ماڻهن کي پنهنجي صلاحيت ۾ گهٽتائيءَ جو احساس ٿئي ٿو. ائين لڳي ٿو جيئن اسان وٽ ڪوئي ضابطو نه آهي، ڇو ته اسلامي فڪر صدين کان مصنوعي طور تي جلاوطن ڪيو ويو هو ۽ اسلام کي حڪومت ڪرڻ جي ۽ سماجي لاڳاپن کي اسلامي طرز تي هلائڻ جي اجازت ئي ڪونه ڏني وئي هئي. ان جي برعڪس معاشري جو لغام يا ته اسلام دشمن طاقتن جي هٿن ۾ رهيو يا اهڙي گروه جي هٿ ۾ جنهن اسلام کي پنهنجي سربلندي ۽ پروپيگنڊا جي لاءِ استعمال ڪيو ته جيئن انهن جي اختيار ۽ اقتدار کي قانوني شڪل ڏئي سگهجي.
هن ڊگهي عرصي جي دوران حقيقي اسلامي معاشري تي حاڪم، ان نظام جي خرابي ۽ فرسودگي جي خلاف سرگرم مخالف طاقت بڻجي رهجي ويو جيڪو اسلام جي نالي تي حڪومت ڪري رهيو هو.اڄ اسان جو انقلاب هڪ اهڙي نظام کي وجود ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جيڪو صحيح اسلام هجي. هاڻي به موجوده دور جي عملي معاملن ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ هلندڙ ڪوشش جي دوران حقيقي اسلام تي ٻڌل نظريي کي طرح طرح جي خرابين ۽ گهٽتائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.
اسان ماڻهو وڏا خوش نصيب آهيون جو اسان جا حوصلي وارن مفڪر ۽ مذهبي عالمن جي لڳاتار ڪوشش، جدوجهد ۽ اسان جي ديني قيادت حقيقي اسلام کي سياسي مقصدن جو شڪار نه ٿيڻ ڏنو. انهن اسلامي علم کي ايندڙ نسلن تائين منتقل ڪري ڇڏيو ۽ ان کي برباد ٿيڻ کان بچائي ورتو.
اسلامي فڪر وقت، زمان ۽ مڪان ۽ مادي حقيقت سان لاڳاپيل ڪمن ۽ معاملن ۾ اهم اسلامي نظرين کي ڳولي ڪڍيو ۽ انهن مسئلن تي اهڙي روشني وڌي جو سڄي دنيا ان طرف متوجهه ٿي وئي. اسلامي عرفان انساني تاريخ ۾ منفرد ۽ اڪيلو آهي. اهو مافوق علم، جنهن جو مقابلو ٻين نظامن سان ڪيو وڃي ته عرفان بهترين طريقي تي مافوق فطرت شين کي مخاطب ڪرڻ جي لاءِ پوري طرح سان آماده آهي. پر اڄ اسان اسلام کي عملي جامو پهرائيندي، ان جي تعليم کي مادي، سماجي ۽ سياسي دنيا ۾ ڪم آڻيون ٿا ته اسان ماڻهن کي دانشورن جي ڪمي جو احساس ٿئي ٿو. جنهن جو علاج صرف معتبر اسلامي ماخذ ۽ ذريعن، آئين ۽ اصول ۽ ڪردار ۽ عمل تي پوري ڀروسي ۽ اعتماد جي ذريعي ئي ڪري سگهجي ٿو.
اسان جي اسلامي انقلاب جي خيالي تصور کي سهڻي نموني انهن نعرن ۾ واضح ڪيو ويو آهي، جيڪي انقلاب جي ابتدائي دور ۾ اسان جي نظريي جي واکاڻ ۾ لڳايا ويندا هئا. اهي نعرا يا ته سڌو سئون ماڻهن جي ذهن جي پيداوار هئا يا اوائلي انقلاب ۾ روشن فڪر ۽ باخبر رهنمائن ان جي تخليق ڪئي هئي ۽ پوءِ عوام ان کي اپنايو هو.
ممڪن آهي ته اسان جي منزل مقصود ظاهري طورتي هن وقت اسان جي پهچ کان ٻاهر نظر ايندي هجي. دنيا جو ڪوبه نظام اوتروئي مضبوط ۽ پائدار هوندو آهي جيترو ان کي حقيقي ۽ عملي تائيد حاصل هوندي آهي. اهو محض خيالن جي دنيا ۾ زنده نٿو رهي سگهي. هڪ غير معياري دنيا ۾ معيار جي ڳولا ڪرڻ وقت اسان کي نظم ۾ توازن ۽ معاشري جي فلاح ۽ بهبود تي پوري نظر رکڻ گهرجي. جيڪڏهن اسان جي معاشري جو آهنگ ان زماني جي فطري تقاضائن کي پوري ڪرڻ کان قاصر آهي، جنهن ۾ اسان زندگي گذاري رهيا آهيون ته پوءِ اسان کي بهرحال مشڪلاتن ۽ پيچيدگين کي منهن ڏيڻو پوندو. اهائي اها جڳهه آهي جتي سڀني رڪاوٽن کي پري ڪندي، هڪ اهڙي عملي ۽ مناسب نظام کي ترجيح ڏيڻ لازمي ٿي پوندو آهي، جيڪو اسان جي انقلاب جي ضرورتن کي پوري ڪرڻ جي صلاحيت رکندو هجي.
اسان جي معاشري جو ڍانچو ڪيترين ئي براين سان گهيريل آهي، اقتصادي ۽ سياسي رڪاوٽون پنهنجو سر اوچو ڪري رهيون آهيون ۽ اڃا تائين اسان اولهه پسندي (مغربيت) سان لاڳاپيل پنهنجي گڏيل شناخت جي بيماري ۾ مبتلا آهيون، جنهن جي ڪري نه اسان پنهنجي اساس تي قائم رهجي سگهيا آهيون ۽ نه ئي پوري طرح مغربي ٿي سگهيا آهيون. جيڪڏهن ان مسئلي جي پاڙ کي ڪٿي ٻئي هنڌ ڳولڻو آهي ته پوءِ اها ڳولا لازمي آهي ته جيئن ان بيماري کي موثر ۽ عملي طريقي سان پاڙان پٽي ختم ڪيو وڃي ته جيئن اسان ماڻهو ٻين ڏکيائين تي قابو پائڻ ۾ جلدي ڪامياب ٿي وڃون.
عملي معاملن ۾ اسان تمام گهڻو فقهه تي انحصار ڪيو آهي، ته جيئن اهو انفرادي ۽ سماجي ڪمن ۽ معاملن ۾ حڪم جاري ڪري. ان انحصار جي ڪري اسان ماڻهن کي اهم خرابين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ان جو مطلب اهو ٿي سگهي ٿو ته انقلاب جي مطالبن کي پورو ڪرڻ لاءِ اسان کي پنهنجي فقهي ڪوششن کي وڌائڻو پوندو ته جيئن موجوده دور جي عملي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ ڪابه ڏکيائي نه ٿئي. هتي اسان اسلامي انقلاب جي عظيم اڳواڻ امام خميني جي طرف رجوع ڪري سگهون ٿا، جيڪو هڪ عظيم اڳواڻ، معتبر فلاسافر، بصيرت جو ڌڻي، فقيهه ۽ عارف هو. اسان ان طرف ان لاءِ ڏسون ٿا ته هو هن خلاء ۽ خرابي کي ختم ڪري ته جيئن اسان پنهنجي صحيح منزل کي وجود ۾ آڻيون ۽ اولهه جي دوکيباز چالبازين کان بچون ۽ اوڀر جي جارحانه ۽ ته دنيا تي غلبو حاصل ڪرڻ جي سياست کان پاسو ڪريون. واضح رهي جيستائين فقهه فقط ڪتابن ۾ ۽ ديندار شخصيتن جي ذهنن ۾ موجود آهي ته دنيا جي هڙپ ڪرڻ وارن کي ان مان ڪوئي نقصان پهچڻ وارو نه آهي. جيستائين ديني اڳواڻ هر ميدان ۾ سرگرم عمل نٿا ٿين، ان وقت تائين انهن کي اهو احساس نه ٿيندو ته صرف مذهبي اقتدار ۽ علم ئي ڪافي ڪونه آهي. مذهبي تعليم جي مرڪزي ۽ ديني اڳواڻن کي وقت جو شعور هئڻ گهرجي ۽ موجوده دور جي نبض تي انهن جو هٿ هئڻ گهرجي. ته جيئن اهي مسقبل جي ضرورتن کي ڄاڻي سگهن. هميشه واقعن کان ڪجهه قدم اڳيان رهي ڪري کين مختلف موجوده دور جي مسئلن جا اثرائتا جواب معلوم هئڻ گهرجن. پنهنجي معاشري کي هلائڻ جي لاءِ ايندڙ وقت ۾ اسان جي هاڻوڪن طريقن ۾ تبديلي اچي سگهي ٿي ۽ انساني معاشرو انهن مئسلن جو استعمال ڪري سگهي ٿو، جيڪو اڄ اسلام جي سامهون موجود آهن”.
اسان سڀ ان ڳالهه تي اتفاق ڪريون ٿا ته امام جي وفات مذهبي عرفاني تعليم جي عروج جي زماني ۾ ٿي. انقلاب حق ۽ انصاف تي ٻڌل اسلامي انقلاب ان جي رهنمائي ۽ رهبريءَ ۾ غير معمولي ترقي حاصل ڪئي. امام خميني جي چوڻ مطابق موجوده دور جي تقاضن کان بي خبر ۽ صدين پراڻن تصورن سان گڏ زندگي گذارڻ وارو دين جو عالم معاشري کي اڄ جي پريشانين کان نجات ڏيارڻ ۾ ڪامياب نه ٿيندو، چاهي ان جا ارادا ڪيترائي نيڪ ڇو نه هجن. اڄ جي تقاضن کان باخبر رهندي دين جي عالم جو هٿ مستقبل جي فڪر ۽ ضرورت جي نبض تي هئڻ گهرجي. اهڙوئي شخص حادثن جي رحم ۽ ڪرم تي زندگي گذارڻ جي بجاءِ وقت جي وهڪري جو منهن موڙي سگهي ٿو. امام خميني جو ارشاد آهي:
“اسلامي حڪومت ۾ هميشه نظرثاني ۽ تبديلي جي گنجائش هئڻ گهرجي. اسان جي انقلابي نظام جي تقاضا آهن ته مختلف جيتوڻيڪ مخالف نظرين کي به پيش ڪرڻ ڏنو وڃي. ڪنهن کي انهن نظرين تي پابندي لڳائڻ جو حق ڪونهي. اهو سمجهڻ تمام ضروري ۽ اهم آهي ته معاشري جا مطالبا ۽ حڪمراني جيئن ته اسلامي حڪومت مسلمانن جي مفاد ۾ حڪمت عملي نڀائي سگهي ٿي. طريقه ڪار ۽ عمل ۾ اتحادي جي بنيادي اهميت آهي، هتي اسان جا روايتي مذهبي اڳواڻ جيڪي اسان جي مذهبي حلقن ۾ رهن ٿا انهن جي موجودگي ڪافي نه ٿيندي.
“مذهبي قيادت جو اهم ترين مسئلو اهو آهي ته اهو فيصلو ڪرڻ وقت زمان و مڪان کي نظر ۾ رکي. حڪومت پنهنجي عملي فلسفي جي وضاحت ڪري ڇڏي آهي ته ڪيئن مذهبي بي ادبي سان معاملو ڪيو وڃي ۽ اندروني ۽ ٻاهرين مشڪلاتن سان گڏ ڪيئن پيش اچجي. اهي مسئلا صرف نظرياتي نموني سان نه حل ٿيندا، بلڪه اسان کي هڪ انڌي گهٽي ۾ داخل ڪندا ۽ آئيني قانون کي ٽوڙيو ويندو پر توهان کي هاڻي يقيني بڻائڻو آهي ته مذهبي گڙٻڙ نه واقع ٿئي ۽ آئون خدا کان دعا ڪريان ٿو ته اهڙو ڏينهن نه اچي. توهان سڀني کي پنهنجو ڌيان ان ڪوشش تي لڳائڻ گهرجي ته جڏهن فوج سماجي ۽ سياسي مسئلن سان مقابلو هجي ته اسلام جي عملي افاديت ۾ ذري جي برابر به گهٽتائي واقع نه ٿئي”.
ٻئي هنڌ فرمائين ٿا:
“جيستائين مذهبي مدرسن ۾ تحقيق ۽ تعليم جي طريقي جو سوال آهي، منهنجو خيال آهي ته روايتي فقهه يا هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪڻ نامناسب ٿيندو. مذهبي اڳواڻ ئي انهن مسئلن ۾ صحيح ٿي سگهن ٿا. پر ان جو مطلب اهو به نه آهي ته اسلامي فقهه متحرڪ نه آهي. زمان و مڪان ان جا ٻه فيصلو ڪندڙ عامل آهي.
اسان کي ان ۾ شڪ نه ڪرڻ گهرجي ته ڪيترائي خيال ۽ نظريا جن اسان جي هيستائين رهنمائي ڪئي آهي، اهي اسان جي سماجي معاملن جي انتظام ۾ ڪافي نه آهن ان سلسلي ۾ هڪ نئين نظريي ۽ فهم جو حصول لازمي آهي. هاڻوڪن مذهبي رهنمائن تي يقين ڪرڻ ضروري آهي پر ڪافي نه آهي.
جيڪڏهن اها مرڪزي پريشاني ٻين ڳالهين سان دٻجي وڃي ٿي ته معاشرو مسئلن جي خاطر خواه حل کي حاصل ڪرڻ ۾ پويان رهجي وڃي ٿو. اهي مسئلا گهڻائي سنجيده آهن پر اسان مستقبل جي باري ۾ نااميد نٿا ٿي سگهون. سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته اسان پنهنجي اهم نوجوان دانشورن کي سماجي سطح تي پنهنجي عملي ۽ پر اميد موجودگي جاري رکڻ گهرجي.
اسان جو مرحوم و مغفور امام اسان جي انقلاب جو ناقابل تغير نعمت هو ۽ اسلامي جمهوريت پڻ ان جي مرحون منت آهي. اسان جي زماني ۾ هن خدا جي هن دين جو احياء ڪيو. ٻين مذهبن سان هن جو اختلاف اهو هو ته هن اسلامي حڪومت جي تشڪيل ۾ مرڪزي اڳواڻ جو ڪردار ادا ڪيو. پاڻ ان ڳالهه کان باخبر هو ته جيڪڏهن مذهبي اڳواڻ مفڪر ۽ دانشور، عملي مسئلن سان لاڳاپيل نه ٿيا ته اهي انهن جو حل تلاش نه ڪري سگهندا. پر جڏهن اسلام سياسي منظرنامي تي آيو، هڪ حڪومت قائم ڪئي ۽ اقتدار پنهنجي هٿ ۾ ورتو ته سڀني ماڻهن جي منطقي ۽ عقلي اميدن کي پورو ڪرڻ جو مسئلو ان جي سامهون آيو ۽ ان مسئلي جو حل تلاش ڪرڻ جي ضرورت پڻ محسوس ٿي، ڇو ته ان عوامي مسئلي کان متاثر عوام انقلاب سان پنهنجيون اميدون لڳايو ويٺو هو. بهرحال ان مسئلي جي شناخت ۽ موجودگي نئين نظام کي قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ وڏو اهم قدم هو. اهو نظام فڪر، قدر ۽ مناسب مهارت جي اعتبار کان اسان جي زماني جي مطابق هو جنهن ۾ اسلامي قانون جي چار ديواري ۾ رهندي انساني ضرورتن کي پوري ڪرڻ جي صلاحيت بدرجه موجود هئي.
امام جو عظيم ترين ڪارنامو اسلامي حڪومت جو قيام آهي، جيڪو ڪيترين ئي سازشن ۽ گهڻي دٻاءُ جي باوجود اڃا تائين قائم آهي. مخالفن کي اميد هئي ته امام جي وفات کان پوءِ اسلامي جمهوري نظام جو بنيادي ٿنڀ ڪري پوندو. پر الله تعاليٰ جي فضل سان ائين ڪونه ٿيو. امام جي وفات کان پوءِ رهبريءَ جو هڪ ادارو بڻجي وڃڻ ۽ اسان ماڻهن کي ان جي ٻڌايل انقلابي جدوجهد جي رستي تي هلڻ اهو هڪ وڏي اميد جو پڻ پئدا ٿيڻ آهي.
ٻئي وڏي اميد اسان جي دور ۾ آهي، انسانيت موجوده صورتحال جي ڪري اسان جي اسلامي انقلاب پوري اسلامي دنيا ۽ دنيا جي سڀني غريب ماڻهن ۾ هڪ طوفان پيدا ڪري ڇڏيو آهي. بس خيالي خواهشون دنيا جي ڪمزور، غريب ماڻهن جي دل ۾ لڪيل طاقت، اسان جي انقلاب جو اهم جز آهن. جيڪڏهن اسان ان طاقت کي سمجهون ۽ ان کي موثر انداز ۾ استعمال ڪريون ته اسان غير معمولي اقتصادي ۽ فوجي طاقت ۽ عالمي سطح تي سياسي غلبي جي حامل مخالفن جو ڄمي ڪري مقابلو ڪري سگهو ٿا. جيڪڏهن اسان پنهنجي خيالي تصور تي ڀروسو ڪريون ته اسان جي انقلاب پوري اسلامي دنيا ۽ ٻين حصن کي بيدار ڪيو آهي ۽ اسان اهو يقين رکون ته اسان جي انقلاب جا حمايتي ڪنهن به قرباني جي لاءِ تيار آهن ته پوءِ ڪاميابي اسان جا قدم چمندي. اسان جي مستقبل جي لاءِ اها انتهائي اميدافزا ڳالهه آهي ته ظاهري اعتبار کان طاقتور اسان جو مخالف پوڙهو ٿي چڪو آهي ۽ پنهنجي عمر جي آخري حصي ۾ آهي. اولهه جي فڪر ۽ تمدن ۾ بيچيني ان جي قدامت کي دوکو ڏئي رهي آهي.
ٻيهر اسان جو اصل مسئلو بنيادي ۽ ٻه طرفي مخالفت آهي. هڪ طرف اسان جي انقلاب جي قدرن ۽ موجوده زماني تي حاوي قدرن جي وچ ۾ موجوده مخالفت آهي ۽ ٻئي طرف هڪ حقيقي مذهبي حڪومت جي قيام جي سلسلي ۾ لازمي ۽ عملي تجزيي جي کوٽ آهي. جيڪو هاڻي به اڄ جي دنيا ۾ حاوي آهي ۽ ٻئي طرف هڪ حقيقي مذهبي حڪومت جي قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ اسان ان مسئلي جو حل ڪئين ڳولهيون ته جيئن الله تعاليٰ جي مدد جي ڇانو ۾ اهو انقلاب سخت ڌمڪين کان محفوظ رهي.
اسان مان بناوٽ کان پري رهڻ وارا سادي طبيعت وارا ماڻهو اهو چئي سگهن ٿا ته مخالفن جي قدرن تي اهڙي پابندي لڳائي وڃي ته اهي اسان جي عوام تائين پهچي نه سگهن. پر سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا اهو هڪ مضبوط حل آهي؟
تمام گهٽ صلاحيت ۽ اڻپورو تصور رکڻ وارا ڪجهه فرد، عوام کي ان ڪم جي لاءِ راضي ڪري سگهن ٿا ته اهي هر انهيءَ شيءَ تي حملو ڪندڙ بڻجي پون، جيڪا يا ته انهن جي بند دماغن ۾ نٿي اچي يا انهن جي نظر ۾ اسلام جي خلاف يا انقلاب ۽ انقلاب جي شهيدن جي ميراث جي خلاف آهي. بدقسمتي سان اسان جي معاشري ۾ ڪيترائي اهڙا ڪيمپ آهن، جيڪي جيتوڻيڪ جادو کان پري آهن، پر پنهنجو پاڻ کي انقلاب ۽ اسلام جو ستون تصور ڪن ٿا ۽ پنهنجي مخالفن تي اسلام ۽ انقلاب دشمن هئڻ جو الزام لڳائن ٿا. ڇو ته اهي هر قيمت تي پنهنجي مخالفن کي سياسي ميدان کان ٻاهر ڪڍڻ گهرن ٿا. پر سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته اهو ڪهڙو معيار آهي، جنهن جي ذريعي اهو طئي ڪيو وڃي ته ڪهڙي شيءَ قابل قبول آهي ۽ ڪهڙي شيءَ ناقابل قبول ۽ ڏکيائين ۽ دشمن جي مقابلي ۾ اسان کي ڪهڙو طريقهٔڪار اپنائڻ گهرجي؟ ڇا اسان جي ثقافتي پاليسي تي ڪجهه سنسر ۽ پابنديون لڳڻ گهرجن؟ ڇا اسان ان جا مخالف آهيون؟ ڇا بين الاقوامي قومن کان الڳ ٿلڳ رهڻ جي پاليسي اڄ جي زماني ۾ صحيح آهي؟
ڇا اسلام جي عظيم ۽ شاندار تاريخ ۾ ڪڏهن به الڳ ٿلڳ رهڻ کي ترجيح ڏيندي رسد تي پابندي لڳائڻ کي مناسب پاليسي سمجهيو ويو آهي؟ ڪجهه دورن ۾ اسلام جي نالي تي ماڻهن تي پابنديون لڳايون ويون، جن ناقابل تلافي نقصان پهچايو، پر اهو گهڻي عرصي تائين نه هلي سگهيو. اسلام مخالف نظرين جو کلي دل سان استقبال ڪيو آهي. مذهبي ادارن جي مسلمان مفڪرن ٻين نظرين جو مقابلو نهايت سهڻي نموني ڪيو آهي. اسلامي تمدن جي هن کليل مزاج هن تمدن کي عقل ۽ فهم جي اعتبار کان وڌيڪ وزندار بڻائي ڇڏيو آهي.
ان طرح سان پابندي اڄ جي زماني ۾ عملي حل ڪونهي. اطلاعن جا جيڪي وسيلا اسان جي عوام جي اختيار ۾ آهن، اهي حڪومت جي وسيلن ۽ ذريعن تائين محدود نه آهن. هلو، اسان مڃي وٺون ٿا ته اسان اهڙن سڀني ڪتابن جي اشاعت نٿا ٿيڻ ڏيون، جيڪي خراب ۽ ڪوڙين عبارتن جا حامل آهن. سڀئي اهڙين اخبارن ۽ رسالن تي پابندي لاڳو ڪئي ويندي آهي، جن ۾ اهڙي ڪابه شيءَ ڇپي هجي، جيڪا اسان جي مزاج جي خلاف هجي ۽ يا اهڙين فلمن جي تياري به اسان روڪي ڇڏيون ٿا جن کي خراب سمجهون ٿا. اهي سڀ افڪار ۽ نظريا جيڪي سرڪاري طور تي ممنوع قرار ڏنا وڃن ته ڇا پوءِ ڪنهن ٻي طرح سان اسان جي ماڻهن تائين نه پهچن ها؟
فڪر ۽ خيال جي دنيا جي شيءَ جي خوبي ۽ خرابي جي باري ۾ ضد تي ٻڌل فيصلو ۽ عقيدو سٺي منطق ۽ حقيقت پسنداڻي رويي جي جاءِ وٺي سگهي ٿو. اهو سوچڻ سادگي آهي ته صرف حڪومت طرفان هلايل چينل ئي اندروني ۽ عالمي عوام جي اطلاعن حاصل ڪرڻ جو واحد ذريعو آهن. اسان ڪيئن متحرڪ ۽ جستجو ڪرڻ وارن ذهنن کي ان ڳالهه کان روڪي سگهون ٿا ته اهي پنهنجي گهربل شيءَ تائين رسائي حاصل نه ڪن؟ اسان اهڙن متحرڪ دماغن ۽ ٻاهرين دنيا جي وچ ۾ هڪ ڀت ڪيئن بيهاري سگهون ٿا؟ اطلاعاتي ٽيڪنڪ جي مسلسل ترقي جو تت اسان جي زياده تر آبادي جي دسترس ۾ آهي ۽ مستقبل ۾ انهن تصورن تي ڪنٽرول يقيناً غير حقيقي ۽ غير عملي هوندو.
يقيناً ان جو مطلب اهو نه آهي ته اسان جي اسلامي نظام ۾ ماڻهن جي اطلاعن جي دسترس ۽ رسائي تي ڪابه حد يا پابندي نه لڳائي وڃي. ڪابه حد ۽ پابندي اها ڳالهه به غير حقيقت پسنداڻي هوندي. حڪومت جي ڪابه شڪل هجي، اها بغير پابندي لڳائڻ جي رهي نٿي سگهي، ۽ گهڻيون زياده ترقي يافته آزاد جمهوريتون به ان قاعدي کان آجون نه آهن. پر هڪ اهڙو نظام جيڪو پابندي کي خصوصي حڪمت عملي قرار ڏئي ٿو. ان نظام کان يقيني طور مختلف هجي ها، جيڪو مخصوص ۽ اهم معاملن جي اصلاح جي مقصد کان ڪڏهن ڪڏهن پابندي لاڳو ڪري ٿو. ڪوبه نظام هجي اهو ڪنهن نه ڪنهن طرح جي پابندي لڳائڻ تي مجبور آهي، خاص ڪري اهڙين حالتن ۾ جڏهن ان جو پوري وجود ۽ ان جي حڪومت جي بنياد کي خطرو لاڳو هجي. بهرحال مجموعي اعتبار کان اسلام تاريخ ۾ ڪڏهن به پنهجي نظام جو بنياد پابندي ۽ سنسرشپ تي ناهي رکيو.
اڪيلائپ ۽ گوشه نشيني کي هڪ زنده ۽ متحرڪ اسلامي معاشري جي ثقافتي حڪمت عملي ڪڏهن به نٿو قرار ڏئي سگهجي. اسلام جيڪو هڪ ترقي پسند مذهب آهي ماڻهن جي ضمير جي آس پاس ڪنهن به طرح جي ڀت اُڀي ڪرڻ جو مخالف آهي. ان جي باوجود اسان جي حڪمت عملي اها آهي ته ماڻهن کي محفوظ ۽ اعليٰ درجي جي تعليم ڏني وڃي ته جيئن هو اولهه جي تهذيبي خرابي کي پنهنجو پاڻ روڪين. بس پاڻمرادو حفاظتي طاقت جي ايجاد ئي هڪ اهڙو قابل قبول حل آهي، جيڪو اڄ ۽ سڀاڻي ٻنهي جي لاءِ مناسب ٿي سگهي ٿو. بس ان ضرورت جي تحت اسان مختلف خيالن جي اظهار جي اجازت ڏينداسين ته جيئن معاشري ۾ ماڻهو هڪ ٻئي سان بحث ڪن. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته جسم کي محفوظ بنائڻ لاءِ ڪمزور ۽ محدود بيماري وارا جراثيم ڪا به انجيڪشن (سوئي) لڳائڻ بنا جسم کي ان لائق بڻائي سگهجي ٿو ته اهو ٻين جراثيمن جو به شديد ۽ خطرناڪ حملن جو مقابلو ڪري سگهي ٿو؟ جسم جي بيماري جي جراثيمن سان مقابلو ڪرڻ جي لاءِ اهو طريقو نه آهي ته جراثيمن کي ان جي ويجهو ئي نه اچڻ ڏجي. ان جي ابتڙ اسان کي اهو ڏسڻ گهرجي ته ڇا موجوده نظام ۾ جراثيمن سان مقابلو ڪرڻ جو هٿيار موجود آهي؟ سوسائيٽي ۾ به ان کان علاوه ڪوئي ٻيو طريقو نٿو ٿي سگهي. هڪ متحرڪ ترقي پذير معاشرو پنهنجو رابطو ۽ تعلق مختلف ۽ ڪڏهن ڪڏهن مخالفن سان به رکي ٿو. ڇو ته اهڙن نظرين سان پنهنجي دشمن جي مقابلي ۾ پنهنجو پاڻ کي گهڻو طاقتور، جذب ڪندڙ ۽ اثرائتي فڪر سان مسلح ڪري ڇڏي ٿو ۽ جيڪڏهن مذهبي ۽ انقلابي فڪر جا محرڪ يقيني طور تي پنهنجي انقلابي نظام کي باقي رکڻ چاهين ٿا ته انهن جي لاءِ ڪو ٻيو رستو ڪونهي، سواءِ ان جي ته اهي معاشري ۾ سنجيده، مناسب ۽ مطابقت پذير فڪر کي اچڻ ڏين. انقلاب جي آغاز ۾ ئي امام خمينيءَ اڻ وڻندڙ فڪرن کي بند ڪرڻ جي خلاف مشورو ڏنو، جيڪو اسان پسند نه ڪيو پر اسان کي فخر آهي ته اسانجي انقلاب جو پهريون قدم آزادي جي بنياد تي کنيو ويو ۽ اهو اسان جي انقلاب جو ڪو خراب نتيجو نه هو جيڪو اسان جي اڳواڻن جي هٿن مان نڪري ويو هجي. شروع کان ئي اهو اصول اپنايو ويو ته ٻيا پنهنجي سوچ جي باري ۾ ٻڌائي سگهن ٿا.
سواءِ ان جي ته اهي ڪا سازش ڪري رهيا هجن، جيتوڻيڪ ڪجهه گروه جن ان کي استعمال نه ڪرڻ گهريو، انهن اهڙي آزادي کي عقلمندي ۽ هوشياريءَ سان نه استعمال ڪيو. بلڪ ان جي مقابلي ۾ نامناسب طور تي ۽ خراب طريقي کي اپنايو اهڙي روش ۾ ڏوه انهن جو هو پر انقلاب جو نه هو. ان ڪري معاشري کي ان جو وڏو نقصان کڻڻو پيو. اهي ماڻهو آزادي جا غلط طور تي استعمال ڪرڻ وارا هئا. جن فڪر جي برتري ۽ عقل جي بالادستي کي قبول نه ڪيو، بلڪ فضا جي آزادي کي خراب ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي مطلق العناني جي خواهشن کي مسلط ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪيو. انهن اهو نه محسوس ڪيو ته هڪ حڪومت، جيڪا ماڻهن جي لاءِ ۽ انهن جي عقيدن سان جڙي آهي ۽ شهيدن جي خون سان جنهن جي آبياري ٿي آهي، دنيا جا لکين بي غرض چاهڻ وارا هر انقلاب دشمن سازش خلاف اٿي کڙا ٿيندا، ان ڪري قانوني مخالفن جي محدوديت ان وقت هڪ شازش هئي جيڪا اڄ به موجود آهي.
اهو خيال ته سازش اصل ۾ آهي ڇا؟ ان جي وضاحت ضروري آهي. اسان سماجي مسئلن کي هڪ اهم ۽ کليل نظر سان ڏسون ٿا، نه ته ڪوبه بند ذهن ۽ ضدي ماڻهو سازش کي عذر جي بهاني استعمال ڪري سگهي ٿو، ته جيئن ان طرح سان پنهنجي مخالفن کي سياسي منظرنامي تان هٽائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهي. بهرحال اسان جي نظام ۾ محاسبي ۽ نظم جي ضرورت آهي.
ڪجهه گروهن ۽ جماعتن جا ظاهري طور سطحي ۽ غير محتاط پر سياسي مهارت سان ڀرپور خيال، نه معاشري جي مفاد جو خيال رکن ٿا ۽ نه ئي سازش ۽ ان جي حدن کي سمجهي سگهن ٿا. نه ته هر شخص خود مخالف افڪار تي حملو ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته ان لاءِ مذاق محدود هئڻ کپي ۽ پنهنجي ملڪ جي مفاد کي بچائڻ جي غرض سان انقلاب ۽ مذهب کي به ڪنهن سازش جو شڪار ٿيندي چاهيندو هجي. بس پنهنجي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ اسان کي اعليٰ فڪر ۽ منطق جي تشڪيل ڪندي ان کي معاشري ۾ پيش ڪرڻ گهرجي ته هڪ اهڙو مضبوط بنيادن وارو نظام بڻايون، جيڪو ٻين طريقن جي مقابلي ۾ هر طرح جي مقابلي جي صلاحيت رکندو هجي ۽ پنهنجي فضيلت کي ظاهر پڻ ڪري. هن تحريڪ پاڻ اثبات کي بچايو آهي ۽ اسلامي فڪر ۽ مذهبي عقيدن جي جوهر کي مختلف دورن ۾ اڃا گهڻو توانو ڪيو آهي.
هڪ اسان جهڙو نظام، جيڪو اسلام جي يوٽو پيائي نظرياتي تصورن تي قائم آهي، ان کي انفرادي آزادين تي بهرحال ڪجهه پابندي لڳائڻ کپي. هڪ انقلابي، مذهبي نظام قدرتي طور تي اهڙين ڪيترين ئي شين کان روڪيندو، جيڪي ماڻهو خاص ڪري اولهه ۾ نوجوانن جي دسترس ۾ آهن. خاص طور تي اولهه ۾ نوجوانن جي جذبن ۾ ڪثرت ملي ٿي. جيتوڻيڪ انهن جي تسلي اولهه ۾ گهڻي سٺي طريقي سان ٿئي ٿي ۽ انهن جي انساني خواهشن جي تسلي اتي ٿي ويندي آهي. جڏهن ته هڪ اسلامي نظام ۾ جنهن جا ڪيترائي گهڻا مذهبي قائدا قانون انهن جي رستي ۾ رڪاوٽ پيدا ڪن ٿا. اسان کي پنهنجي معاشري کي گهڻو مضبوط ۽ پائيدار بڻائڻ گهرجي. پنهنجي نوجوانن کي ٻڌائڻ گهرجي ته لذت پرستيءَ جو هڪ بهترين رستو جنهن ۾ انهن کي گهڻو لطف ۽ لذت حاصل ٿي سگهي ٿي، احتراز، ايثار ۽ ترڪ ڪرڻ آهي.
تصوراتي فڪر جي ذريعي ماڻهن، خاص طور تي نوجوانن کي ڀروسي ۽ زنده دلي سان مالامال ڪري سگهجي ٿو. مسلمان نوجوانن کي اهو عقيدو رکڻ گهرجي ته پابندين ۽ حدن جي بدلي، جيڪي اسان جي نظام اسان تي لڳايون آهن، اسان ماڻهن کي ڪردار جي دولت عطا ڪئي آهي ۽ اسان جي زندگين کي هڪ ڏسيل واٽ سان مالامال ڪيو آهي، جنهن جي ڇانو ۾ اسان کي ڪاميابي، عظمت ۽ امن حاصل ٿئي ٿو. جذباتي ۽ ذهني ضرورتن کي ضرور سمجهيو وڃي نه اسان جي معاشري جو بنياد ڪمزور ٿي ويندو.
انقلاب جي چاهيندڙن جي تصوراتي نظريي جي پورائي، جيڪا ايران جي اندر ۽ ٻاهر موجود آهي، هڪ اهم ضرورت ۽ اسان جي بقا جي ضمانت آهي. پنهنجي سڃاڻپ کي قائم رکڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته اسان دنيا جي هر فورم ۾ موجود هجون. اسلام ۽ ايران جو گهڻو ئي مؤثر انداز ۾ بين الاقوامي ٽربيونل ۽ ٻين عالمي گڏجاڻين ۾ دفاع ڪيو وڃي. جيستائين اسان پنهنجي منفرد تصورن کي زنده نٿا رکون، اسان ترقي نٿا ڪري سگهون ۽ پنهنجي وزن کي به بين الاقوامي سطح تي محسوس نٿا ڪرائي سگهون. جڏهن ته ان جا قائدا ۽ قانون اسان جا مخالف بڻائي رهيا هجن، جيستائين اسان پنهنجي منفرد تصورن کي قائم نٿا رکون. ائين ڇو هو ته اسان جي عراق سان اٺ سال جنگ جي دوران اسان جي تهذيبي مسئلن جو دٻاءُ اسان تي گهٽ هو؟ ڇو ته هڪ عوامي لهر انقلابي نوجوانن جي اصلي صفن ۾ موجود هئي ۽ ماڻهن انهن کي خود پنهنجي اکين سان ڏٺو ته اهي ڪيئن ملڪ ۽ انقلاب جو بچاءُ ڪري رهيا آهن. ان عملي موجودگيءَ ماڻهن کي فخر سان ڀري ڇڏيو. اسان جي نوجوانن محسوس ڪيو ته انهن جي زندگين کي نيون معنائون ملي ويون آهن. ڄڻ ته انهن هڪ روحاني اعليٰ رتبو حاصل ڪيو هجي. هاڻي جڏهن جنگ ختم ٿي وئي آهي ته ان جي جاءِ ڪير اچي وٺندو؟ هڪ اثرائتو حل اهو آهي ته نوجوان نسل جي حصي وٺڻ جي لاءِ زمين تيار ڪئي وڃي، جنهن سان هو پنهنجي صلاحيتن کي وڌائي سگهن ۽ انهن کي تخليقي طور تي استعمال ڪري سگهن. جيڪڏهن نوجوان نسل پنهنجو پاڻ کي متحرڪ ۽ سوسائٽي ۾ فائديمند نٿو ڄاڻي ته اها فطري ڳالهه آهي ته اهو مايوس ٿي ويندو.
معاشري کي گهڻو توانو بڻائڻ لاءِ مفڪرن کي گهرجي ته اهي اسلام کي هڪ اهڙو نظام فراهم ڪن، جنهن ۾ سٺو منطق ۽ مڃڻ جي قابل مسئلن جو حل هجي ۽ انهيءَ طرح سڀئي سماجي طاقتون سياسي عمل ۾ شامل ٿي وڃن. هتي دانشورن جو سڀ کان وڏو مشن اهو آهي ته اهي اصل اسلام کي سمجهن. اهو اسلام جنهن جي ڇانو ۾ اسان جي انقلاب وڏي شان واري ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.
اسان هڪ اهڙي دنيا ۾ رهون ٿا، جيڪا اسان جي اسلامي انقلاب سان سخت اختلاف جي حامل آهي. جڏهن ته اسان پنهنجي زندگيءَ کي اسلام جي بنياد تي هلائڻ گهرون ٿا. بس اهو معلوم ڪرڻ لازمي آهي ته ڪهڙي قسم جو اسلام اسان جي زندگين جو اساس بڻجندو. هتي اسان جون مذهبي درسگاهون ۽ يونيورسٽيون ان سوال جو جواب ڏين. ائين ممڪن نه آهي ته اسلام جي باري ۾ راءِ ۾ اختلاف نه هجي. گذريل صدي ۾، ممڪن آهي ته اسلامي تاريخ ۾ نه هجي، اسان جي سامهون ٽي اسلام هئا، اهو فيصلو ڪرڻ ته ڪهڙو اسلام اسان چاهيون ٿا ۽ اسان کي گروهي ۽ جماعتي تفرقن ۽ جهڳڙن جي سلسلي ۾ هڪ واضح تصور رکڻ گهرجي. ڇو ته صحيح اسلام جي بنياد تي ئي مستقبل جو رستو طي ڪرڻو آهي.
روايتي اعتبار کان اسان جي سامهون ٽن قسمن جا اسلام موجود آهن. هڪ بازگشت وارو، ٻيو ملاوٽ وارو ۽ ٽيون حقيقي ۽ صحيح اسلام آهي. سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته انهن ٽنهي مان ڪهڙي اسلام تي اسان جي انقلاب جو بنياد قائم آهي ۽ ڪهڙو اسلام اسان جي معاشري کي بچائي سگهي ٿو ۽ عزت ۽ فخر ڏئي سگهي ٿو؟ اسانجو عقيدو آهي ته اسان جي انقلاب جو بنياد صحيح اسلام تي آهي. اهو اسلام جنهن جون پاڙون وحي ۽ مضبوط وحدانيت تي قائم آهن. هي اهو اسلام آهي، جيڪو انسانن جي موروثي وقار ۾ يقين رکي ٿو ۽ انسانيت لاءِ خوشي ۽ مسرت آڻي ٿو. هڪ مسلسل ترقي پذير اسلام آهي جيڪو نون اڀرندڙ مسئلن جو حل تلاش ڪندو آهي. پوري تاريخ ۾ اسلام جي ان تعبير ۽ تشريحءَ خرابي ۽ تنزل سان پنهنجو بچاءُ ته ڪيو آهي پر ان کي اهو موقعو نه ڏنو ويو ته سماجي سياسي دائري ۾ داخل ٿي پنهنجي حيثيت کي مڃائي سگهي.
اهو فرض ڪرڻ ناداني چئبي جيڪڏهن اسان ائين سمجهون ته ڇو ته اسان جو انقلاب ڪامياب ٿي ويو آهي ۽ هڪ اسلامي جمهوري حڪومت قائم ٿي وئي آهي، بس هاڻي صحيح اسلام جي ڪاميابي خوبخود يقيني آهي. نه، ائين ڪڏهن به نه آهي، بلڪه اسان نهايت وڏين ۽ سخت مشڪلاتن ۽ خطرن جو مقابلو ڪري رهيا آهيون. سڀ کان پهريائين اسلام جا مڃڻ وارا پنهنجو پاڻ کي عقل، فڪر ۽ پهرين کان گهڻو منطق سان راضي ڪن. اصل ۾ سياسي ۽ فوجي جنگ جي مقابلي ۾ خيالن جي جنگ تمام گهڻي نتيجي واري ۽ فيصلي ڪُن هوندي آهي. سڀ کان پهرين اسان کي اهو ڏسڻ گهرجي ته اسان ڪهڙو اسلام قبول ڪيو آهي ۽ ڇو، تڏهن ئي اسان وڌيڪ اخلاقي ۽ ذهني طاقت سان پنهنجي مخالفن جو ڄمي مقابلو ڪري سگهنداسين. اصل ۾ اسان جي انقلاب جي تجربي ان کي گهڻي قدر ۽ نه وسارڻ جهڙا سبق سکايا آهن.
امام خمينيءَ مرڪزي حيثيت حاصل ڪرڻ کان فوراً پوءِ ئي ظلم، زيادتي، ٻين تي ڀاڙڻ، ڪوڙا، ثقافتي زوال ۽ آمريڪي سامراجيت جي خلاف پنهنجي مذهبي ۽ اسلامي جدوجهد جو آغاز ڪري ڇڏيو هو. تعليم يافته ۽ اعليٰ طبقي ۾ اهڙا ماڻهو هئا، جن امام جي جدوجهد جي طريقي ۽ اسلام جي تعبيرن جي مخالفت ڪئي. انهن مان ڪجهه ماڻهو بادشاهت جا حامي ۽ همدرد هئا ۽ ٻيا منافقي پرست ۽ خود غرض ماڻهو هئا. انهن مان زياده تر ماڻهو غدار ته نه هئا پر اسلام جو تعبير ان انداز سان ڪندا هئا جو اهو انقلابي طريقي جي مطابق نه هوندو هو. ان ۾ اهڙا ماڻهو به شامل هئا جيڪي ابتدا ۾ امام جي حمايت ڪندڙ هئا، پر بعد ۾ جڏهن معاملا ڏاڍا ڏکيا ٿي ويا ته انهن پنهنجي حمايت واپس وٺي ورتي.
امام جي مڃڻ وارن ماڻهن جي گهڻائي هئي. مڃڻ وارن ۾ اهڙا به هئا جن جيل ۽ جلاوطني جو تڪليفون ان ڪري برداشت ڪيون ته جيئن انقلاب کي ڪاميابي حاصل ٿئي. يقيناً اهي سٺا ۽ سچا ماڻهو هئا ۽ اڄ به آهن. پر آخر ۾ جڏهن انقلاب کي عملي طور قائم ڪرڻ جو وقت آيو ته انهن جي راءِ اسلام جي سلسلي ۾ امام کان مختلف ٿي وئي.
انقلاب کان پوءِ ڪيترين ئي شڪلن ۾ جڏهن سماجي انصاف جي مسئلن ۽ اڻ برابري سان مقابلي جو آواز اٿاريو ويو ته ڪجهه ماڻهن رڙيون ڪيون ته اسلام خطري ۾ آهي. آئون اهو نه چئي رهيو آهيان ته اهي ماڻهو، جن سماجي انصاف جا نعرا لڳايا ۽ اهي ماڻهو جيڪي اڻ برابري جي خلاف وڙهي رهيا هئا، اهي سڀ جا سڀ صحيح هئا. هتي مسئلو سماجي انصاف جي اصول جو آهي، ۽ انهن ماڻهن جو، جيڪي شروع کان ئي ان موضوع کي آڻڻ ئي نه گهرندا هئا. انهن ماڻهن مسئلن کي سلجهائڻ جي سلسلي ۾ انهن سڀني عملي قدمن جو، جيڪي اسان کڻڻ چاهيندا هئاسين. اهڙا ماڻهو ان حقيقت کي برداشت نه ڪري سگهيا ته امام جو اسلام سماجي انصاف پئدا ڪندڙ هو. اهڙي طرح سان انهن پنهنجون سموريون ڪوششون ان طرف لڳايون ۽ ان کي نقصان پهچايو. امام مجبور ٿيو ۽ فرمايائين ته ان فڪر جو مقابلو جو ان مرديءَ سان ڪريو ۽ هن بيان ڪيو ته جنهن اسلام کي هنن پيش ڪيو آهي، ان جي مطابق سماجي انصاف جو حاصل ڪرڻ انقلاب جي بنيادي مقصدن مان هڪ آهي.
اهڙا ماڻهو به هئا جيڪي اهو محسوس ڪندا هئا ته عورت جو مقام گهر آهي ۽ دليل اهو ڏيندا هئا ته ڪم جي جاءِ تي عورتن جي موجودگي سان خرابي ۽ اخلاقي زوال پئدا ٿئي ٿو. اهي ماڻهو عورت جي لاءِ اعليٰ تعليم جا مخالف ۽ سماجي ڪمن ۾ عورتن جي شموليت جي خلاف هئا. اهو هڪ الڳ مسئلو هو، جنهن کي اسلامي لباس ۾ شروع ڪيو ويو. انقلاب کان پوءِ پهرين چونڊيل مجلس (پارليامينٽ) جي ڪيترن ئي بااثر حلقن اها ڪوشش ڪئي ته هاڻي عورتن کي مجلس ۾ ويهڻ جي اجازت نه ملڻ گهرجي. امام ان خيال جي ڄمي مخالفت ڪئي ۽ چونڊن ۾ عورتن جي شموليت جو دفاع ڪيو. اهڙا ماڻهو به هئا جن ڪوشش ڪئي ته سوائي ديني ۽ مذهبي ماڻهن جي، ڪو ٻيو سياست ۾ حصو نه وٺي. اهي خاص طور تي يونيورسٽي جي شاگردن ۽ پڙهيل لکيل طبقي جي سلسلي ۾ مشڪوڪ هئا ۽ انهن تي گمراه هئڻ جو ليبل لڳائيندا هئا. ڇو ته انهن ماڻهن جو ذهني وزن گهڻو هو. اهي هڪ معاشري جي وڏي طبقي کي پنهنجي سياسي تقدير بڻائڻ جي فيصلي ۾ روڪڻ گهرندا هئا ۽ انهن سڀني کي اسلام جي نالي تي حق بجانب ثابت ڪندا هئا. هڪ دفعي امام جلدي جواب ڏنو ۽ انهن ماڻهن جي رجعت پرست تجويزن کي رد ڪري ڇڏيو.
ڪن ته سڀني سماجي ۽ تهذيبي پروگرام تي ان حد تائين به تنقيد ڪئي جو امام مجبور ٿي پيو. پاڻ تهذيبي سرگرمين جي سلسلي ۾ هڪ واضح بيان جاري ڪيائون ته جيئن ماڻهن جي دماغ مان سڀئي شڪ ۽ شبها ختم ٿي وڃن. ٻيا ماڻهو موسيقي، فلم ۽ ٿيٽر جي مخالفت ڪري رهيا هئا، اهي ماڻهو فنون لطيفه جي ڪجهه صورتن جا مخالف نه هئا بلڪه اهي ٻئي کان ڪنهن به طرح جي هنر وٺڻ جا مخالف هئا. ڪجهه ٽيلي وزن تي راندين جي واقعن جي نشر ڪرڻ جا پڻ مخالف هئا، جيڪو انهن جي خيال ۾ هڪ گناه هو. امام انهن سڀني ڳالهين جو، جيڪي مذهبي دائري ۽ رجعت پرستي تي مشتمل هئا، ڄمي ڪري مقابلو ڪيو ۽ اهو چيو ته جن شين تي اهي اعتراض ڪري رهيا آهن، اهي معاشري جي لاءِ مفيد آهن. پنهنجي زندگي جي آخري ڏينهن ۾ امام مذهبي روايت پرستيءَ جي خلاف نهايت ئي عمدو تبصرو ڪيو. “اسان کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته جهالت ۽ وهمن جي زنجيرن کي ٽوڙي ڇڏيون ته جيئن اسان حضرت پيغمبر ﷺ جي تازي چشمي تائين پهچي سگهون. اڄ اسلام هڪ معمو بڻجي رهجي ويو آهي ۽ان جي حفاظت قرباني گهري ٿي ۽ آئون دعا ڪريان ٿو ته ان راه ۾ پيش ڪيل قربانين ۾ خداوند تعاليٰ منهنجو شمار ڪري”.
اهي ماڻهو جيڪي انقلاب ۾ سچو يقين رکن ٿا ۽ اسلام جو وقار چاهين ٿا، انهن اهو پسند ڪيو ته امام ان اسلام کي ڦهلائي. ان جو اهو مطلب نه آهي ته ٻين ماڻهن کي پنهنجي حالتن ظاهر ڪرڻ جو حق نه هو، پر هر شخص کي پنهنجي راءِ ڏيڻ جو حق آهي، پر قانون ۽ تعقل پسندي جي حدن ۾. بهرحال اسان کي اهو ڄاڻڻ گهرجي ته اسان جو انقلاب اسلام جي تعبير تي قائم ٿيو آهي؟ ڇا اهو گروه، جنهن کي امام ڪئين ڀيرا تنبيهه ڪئي، انهن کي اهو حق نٿو پهچي ته اهي پنهنجي سخت خيالن کي ماڻهن تي ٿوپين ۽ پنهنجي مخالفن کي اسلام ۽ انقلاب جو مخالف ٻڌائين؟
رجعت پرستي ۽ مذهبي ڪٽرپڻي وارا دين جا عالم، جن کي امام انقلاب دين جي لاءِ تمام وڏو خطرو ٻڌايو هو، بيڪار ڪونه ويٺا آهن. جيڪي روشن فڪر ۽ سچائي پسند ماڻهو آهن انهن کي ان خطري کي محسوس ڪرڻ گهرجي ۽ ان کان بچاءُ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.
رجعت پرست اسلام سان گڏو گڏ اسان وٽ هڪڙي ڪيمپ اهڙن ماڻهن جي به آهي، جن جو عقيدو ملاوٽي اسلام ۾ آهي. عقيدي جي هڪ هٿرادو غير معتبر شڪل، جيڪا فقط پاڪيزگيءَ تي ٻڌل آهي، بغير ڪنهن صحيح اسلامي علم جي، يا ان جي تعليمات ۾ صحيح عقيدي جي. اسلام ۾ ايترا گهڻا خارجي ۽ ٻاهران آيل عنصر موجود آهن جو انهن کي سري کان اسلام چئي نٿو سگهجي. ڪمزور اسلام جا نمائندا اولهه جي تهذيب جي طوفان کي سڀ کان وڏو خطرناڪ قلعو بڻائي پيش ڪن ٿا. غير اسلامي يا اسلام مخالف سياسي لهرون ڪڏهن به عوامي مقبوليت نه حاصل ڪري سگهيون ۽ انهن کي ڪڏهن به اصل خطرو نه سمجهيو ويو آهي، پر اهي ظاهري طور تي معاشري ۾ اولهه کان مستعار خيال وٺي سرگرم عمل آهن، يا اهڙا شخص جيڪي معاشري جي مختلف حصن ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪن ٿا.
اسلام جي سلسلي ۾ ان رجعت پرست ۽ ملاوٽي عقيدن جي مخالفت ڪرڻ وارن اسان سڀني ماڻهن کي حقيقي اسلام جي سڃاڻپ ڪرڻ گهرجي ۽ ان حقيقي اسلام جي تفهيم ۽ تعميل کي پنهنجي بقاء ۽ ڪاميابي جو راز تصور ڪرڻ گهرجي. واضح رهي ته ان حقيقي اسلام جي ڇانو ۾ اسان خطرناڪ خطرن کان محفوظ رهي سگهون ٿا، جيڪي انقلاب جي خدمت ۽ معاشري جي وجود جي لاءِ خطرناڪ آهن. هي اهو ئي اسلام آهي جنهن جي امام وضاحت ڪئي هئي ۽ جنهن جي لاءِ مطهري جهڙي عظيم شخص کي شهيد ڪيو ويو.
اسان کي امام جي اعلان جي مطابق اسلام جي انهن مخالفن جي ڳولا ڪرڻ گهرجي، ۽ اهو ڏسڻ گهرجي ته امام پنهنجي زنددگيءَ جي آخري سال ۾ جيڪو بيان جاري ڪيو آهي، ته اهي اسلام مخالف ماڻهو ڪٿي آهن؟ ٿوري توجهه سان معلوم ٿي ويندو ته امام جي تنقيد ۽ تبصري جو نشانو انهن خيالن جي طرف هو، جيڪي اسلام کي اهڙو ڪري پيش ڪن ٿا، جيئن محسوس ٿئي ته اهو ڪنهن به طرح جي ترقي جو مخالف آهي ۽ اسان جي معاشري کي جيڪي مشڪلاتون درپيش آهن، ان جي حل جي ڳولا ۾ ناڪام رهيو آهي.
جيڪڏهن ضعيف اسلام مطهريءَ کي شهيد ڪري ڇڏيو ته رجعت پرست اسلام اها ڪوشش ڪئي ته ان جي اعليٰ فڪرن جو انڪار ڪيو وڃي.
اها چٽا ڀيٽي جيڪا، مطهري ۽ بهشتي جي سلسلي ۾ ڪئي وئي، اها اسان جي معاشري جي لاءِ سنگين خطرو آهي ۽ اسان ان لهر جو مشاهدو ان وقت ڪيو جڏهن هاشمي رفسجاني سماجي انصاف جي مسئلي کي پيش ڪيو. حقيقي اسلام جي مڪمل سڃاڻپ ۽ معاشري کي انهيءَ تي قائم ڪرڻ جي لاءِ اسان جي حوصلي افزائي جو سڀ کان وڏو وسيلو اصل ۾ يوني ورسٽين ۽ ديني درس گاهن سان لاڳاپيل مذهبي ۽ مخلص نوجوان آهن. علم ۽ دانش جي حمايت ۽ شهرت يافته دين جي عالمن جي سرپرستي جي ڇانو ۾ اسان ماڻهن کي مذهبي دانشورن جي هڪ نئين جماعت تيار ڪرڻ گهرجي، جيڪي جديد ترين اطلاعن جا حامل ۽ روشن خيال آهن. ان سان گڏوگڏ اسان ماڻهن کي اسلام جي حقيقي نظرين کي سمجهڻ جي لاءِ مسلسل ڪوشش ڪرڻ گهرجي، ڇو ته اسلام ئي اسان جي انقلاب جو بنياد آهي. جيڪڏهن اسان حقيقي اسلام جي سڃاڻپ ۽ ان جي وضاحت ۾ ڪامياب ٿي وياسين ته پوءِ اسان ٻين مڪتبِ فڪر کان پوريءَ طرح محفوظ ٿي وينداسين.