باب نائون: روايت، جديديت ۽ ارتقاء
پر ذڪر ٿيل مفروضن کان صرف اهي ئي ماڻهو مطمئن ٿي سگهن ٿا، جيڪي ذهني پستي جو شڪار هجن يا اهي ماڻهو جيڪي انساني قدرن جي ڪائي ذميداري محسوس ڪندا هجن. اهو مسئلو ايڏو پيچيدو آهي جو ان جو آسان حل نه آهي. روايت فقط هدايتن ۽ نسخن سان تبديل نٿي ٿي سگهي، نه ئي جديديت جو ظاهر ٿيڻ آسان ٿئي ٿو. ڇو ته جيستائين ماڻهو پنهنجي اندر تبديلي نه آڻيندا، ان وقت تائين انهن جي زندگيءَ ۾ فيصلا ڪن تبديلي نٿي اچي سگهي ۽ عوامي زندگيءَ ۾ تبديليءَ جو مسئلو ڏاڍو ئي مشڪل ٿيندو آهي، جنهن جي حل جي لاءِ ماڻهن ۾ اڪثر وسيلن جي گهٽتائي هوندي آهي.
روايت، جديديت ۽ ارتقاء جهڙيون اصطلاحون ابهام سان ڀريل هونديون آهن، انڪري انهن جي وصف تي ماڻهو متفق نه هوندا آهن ۽ سچ پچ اتفاق ٿي به نٿو سگهي. جيڪي ماڻهو ان بحث ۾ مشغول آهن، انهن کي گهرجي ته غلط فهمين کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پهريائين اهي انهن اصطلاحن کي واضح ڪن پوءِ ڪا ٿيوري (Theory) يا نسخو پيش ڪن.
آئون جديديت مان ڇا سمجهيو آهيان؟ جڏهن اسان جديديت جي ڳالهه ڪريون ٿا ته يقيني طور تي اسان نون ۽ ترقي پذير خيالن ۽ ادارن جي ڳالهه ڪريون ٿا. پر ڇا سڀئي نوان خيال جديديت ۾ شامل آهن يا جديديت جو تعلق تاريخ جي هڪ خاص دور سان آهي؟ انساني معاشري ۾ سدائين پر ايستائين جو ابتدائي دور ۾ به مسلسل تبديلي ٿيندي رهي آهي. جديد دور ۽ قديم دور جي وچ ۾ بنيادي فرق هي آهي ته قديم دور جي گهٽ رفتار ۽ ساڪن فطرت، بنا سرگرم ۽ متحرڪ جديد دور هئڻ جي، نالي ۾ نه آهي بلڪه قديم دور ۾ تبديلي جي رفتار آهستي هئي ۽ جديد دور ۾ تيز آهي. في الحال تهذيب ۽ ثقافت جي وچ ۾ تعلق جي باري ۾ پيچيده بحث کان هٽي ڪري، مناسبت ائين ٿيندو ته بحث جو آغاز ائين ڪريون ته هر ثقافت هڪ خاص تهذيب سان جڙيل آهي ۽ ان ۾ ان تهذيب جي مطابق تبديلي ٿيندي رهي ٿي. گذريل تهذيب کان بغاوت ڪرڻ ۽ پراڻي تهذيب جي برابر تمدن کان ڀڄڻ جي نتيجي ۾ ئي جديدتهذيب جو ظهور ٿيو آهي. پوءِ جديد تهذيب هڪ اهڙي تمدن جي ڇانو ۾ وڏي ٿي، جو اها ان جي لاءِ مناسب هئي ۽ ان جي ضرورتن جي مطابق هئي.
وصف جي مطابق روايت جو تعلق ماضي سان آهي، پر اسان سڀني پراڻي شين کي روايت سان تعبير نٿا ڪري سگهون. اسان خدائي يا فطري روايت جي ڳالهه ڪريون ٿا، جيڪي غير متحرڪ ۽ دائمي هونديون آهن. انساني وجود ۽ زندگيءَ تي حڪومت ڪندڙ قانون خدائي يا فطري روايتن سان لاڳاپيل هوندا آهن. مُمڪن آهي ته انهن قانونن جي ڳولا ۾ انسانن کان غلطيون ٿي وڃن ۽ بعد ۾ کين انهن غلطين جو احساس ٿئي، پر جيڪي تبديليون ظاهر ٿيون آهن، اها قانونن جي سمجهه آهي ۽ نه ئي بذات خود اهي قانون آهن. اسان تبديليءَ جا اصول ۽ دنيا جي روح ۾ عدم استحڪام کي تسليم ڪري سگهون ٿا، ٺيڪ انهيءَ طرح جهڙيءَ طرح صدرالموت “الهين” (وڏن وڏن مسلمان فلاسافرن جي وچ ۾) متحرڪ روح ۾ يقين رکن ٿا يا بلڪل مارڪسين وانگر، جن جي ويجهو دنيا اندروني تضادن کان مجبور آهي ۽ آخرڪار هتي دنيا تبديليءَ جي هڪ دائمي حالت جي نذر ٿي وڃي ٿي. اهڙي نموني تبديليءَ جو اصول هر شيءَ جي لاءِ مستقل هوندو آهي.
منهنجي نزديڪ روايت هڪ انساني مسئلو آهي، جيڪو ماڻهن جي ذهني ۽ جذباتي ميلاپ جو جزو هوندو آهي ۽ ٻين لفظن ۾ روايت ماڻهن جي اهڙن ڪارنامن، عقيدن ۽ نظرين تي مشتمل هوندي آهي، جنهن جو انسان عادي ٿي ويندو آهي ۽ جيڪي پڻ گذريل عملن جي بڻياد تي معاشري ۾ رائج هونديون آهن.
هن وصف جي مطابق، روايت ثقافت سان هڪجهڙائي رکي ٿي ۽ ٻين ڪيترين ئي صورتن ۾ روايت بذات خود ثقافت جي هڪ علامت آهي. پر اسان سموري ثقافت کي روايت نٿا چئي سگهون ڇو جو روايت موجود معاشري جي ثقافت هوندي آهي، جيڪا ڪڏهن هڪ موافق تهذيب تي اثرانداز ٿي چڪي هوندي آهي. پر جيئن پراڻي تهذيب فرسوده ٿي چڪي آهي ۽ مساوي يا هڪ جهڙي ڪلچر جي صورت برقرار آهي ۽ تهذيب جو تحفظ حاصل آهي، منهنجي مراد هتي ترقي يافته ۽ پيچيده تهذيب سان نه آهي بلڪه هڪ خاص زندگيءَ جي معيار سان آهي. انڪري انسان وٽ ان جي ابتدائي دور ۾ به هڪ تهذيب هئي. سچ پچ جيستائين انساني معاشرو قائم رهندو ان وقت تائين تهذيب باقي رهندي.
بنيادي تهذيب جي خراب ٿيڻ جي باوجود، موجوده دور ۾ ماضي جو وجود ممڪن آهي. جيئن ته ثقافت جو انساني زندگي سان گهرو تعلق آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته اهو تعلق تهذيب کان به گهڻو گهرو هجي. صدين تائين ڪيتريون ئي ثقافتون تهذيب سان گهڻي عرصي تائين برقرار رهيون آهن. ٻين لفظن ۾ جيڪڏهن تهذيب بدلجي وئي آهي ته اڄ جي زندگيءَ ۾ روايت گذريل ثقافت جو پڻ عڪس آهي.
جڏهن هڪ نئين تهذيب وجود ۾ اچي ٿي ۽ ثقافت انهيءَ جي لاءِ بروقت هوندي آهي ته اهي ماڻهو، جيڪي گذريل ثقافت جي نالي ۽ نشان جي آسپاس گهمندا رهن ٿا، انهن کي هڪ نئين تهذيب جي سامهون ٿيندي هڪڙي نموني جي تضاد جو احساس ٿئي ٿو. هڪ طرف زندگيءَ جي حقيقتن کي جديد تهذيب متاثر ڪري ٿي، بلڪه ان کان به گهڻو تضاد هي آهي ته جديد تهذيب اڃا به پنهنجي جڳهه تي موجود هوندي آهي. ڪافي ماڻهو ۽ قومون اسان وانگر ان تضاد کان تمام گهڻو متاثر آهن. اسان جي معاشري جون گهڻيون ئي غير يقينيون، جيڪي اولهه کان ڪيتريون ئي مختلف آهن، ان تضاد سان گڏ منسوب آهن ۽ جيستائين اهي تضاد بنيادي طور تي حل نٿا ٿي وڃن، تيستائين بحران (بگاڙ) پيدا ٿيندو رهندو.
اولهه جو معاشرو، جيڪو جديد تهذيب قبول ڪري رهي آهي، اهو روايت سان بغاوت جو پڻ نتيجو آهي. جديد تهذيب جي شروعات کي ان نقطه نگاه سان ڏسڻ گهرجي ته جڏهن ڪيٿولڪ چرچ جي قدرن ۽ فڪرن ۽ سرمائيداري جي سماجي ۽ اقتصادي روايتن تي سوالي نشان لڳايا ويا ۽ پوءِ انهن کي رد ڪيو ويو ۽ ان چيلنج ۾ ڪامياب ٿيندڙ جديد تهذيب ۽ ان اخلاقي نظام جا ليڊر هئا، ان نظام اثاثي کي يورپ کان آمريڪا اماڻيو ويو ۽ پوءِ انهن ٻنهي جاين کان دنيا جي ٻين حصن ۾ آندو ويو، ۽ پوءِ اتي اهو اثاثو غالب ٿي ويو. ايستائين جو اسان جي ملڪ ۾ پڻ اثرانداز ٿيڻ لڳو. پوءِ به اسان جو گذريل ڪلچر اسان ۾ موجزن آهي ۽ اهو ڪلچر اولهه جي ڪلچر کان گهڻو ئي مختلف ۽ نامواقف آهي. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته اسان جي روايت ٻئي تهذيب جي لاءِ گهڻو مناسب ۽ موزون آهي. اها تهذيب مري چڪي آهي ۽ هاڻوڪي تهذيب جون سرحدون وسيع ٿي ويون آهن ۽ اسان کي بنيادي طور تي متاثر ڪن ٿيون.
جيئن ته اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته هاڻوڪي تهذيب پاڻ به وچئين دور جي اولهه جي تهذيب کان انڪار جو نتيجو آهي. پر وچئين دور ۾ اسان جي تهذيب اولهه کان مختلف هئي. اهڙي طرح جيڪڏهن جديد تهذيب وچئين دور جي اولهه جي تهذيب کان گهڻي مختلف هئي ته ڇا ان جو مطلب آهي ته اسان جي ماضيءَ جي تهذيب ۽ جديديت جي وچ ۾ به اهوئي فرق آهي؟ شايد اهوئي فرق اسلامي ۽ عيسائي تهذيب ۽ ثقافت ۾ رهيو آهي.
وچئين دور ۾ اسان جي هاڻوڪي فڪر جو زياده تر حصو ۽ سڀ کان اهم حصو اولهه ۾ رائج هو، جنهن کي اڄ مرڪزي مقام حاصل آهي. ڇو ته اهو انساني زندگيءَ ۾ خدا جي قانون مطابق آهي. ان جي ابتڙ جديد تهذيب ۾ انسان جي سيڪيولر مزاج کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي. موجوده فڪر جو اهم اڏيندڙ مثلاً ڊيسڪريٽس (Descartes)، جيڪو نئين دور جي آسمان تي اڀريو ۽ جنهن اصولي طور تي خدا ۽ مافوق الفطرت جو بچاءُ ڪيو، ان جو نظريو وچئين دور جي مسلمانن ۽ عيسائين کان واضع طور تي مختلف هو. ان ڪري انسانن جي ڪردار جي مرڪزيت جي ڪري نمايان فرق ظاهر ٿيا.
اولهه ۾ بغير ڪنهن شڪ جي سدائين کان خدائي صوفياڻو ۽ مذهبي سوچ جو اثر رسوخ رهيو آهي. پر ان ۾ به ڪوئي شڪ نه آهي ته وچئين دور ۾ خدا ۽ مذهب کي مرڪزي حيثيت حاصل هئي ۽ جديد دور ۾ وري انسان ۽ فطرت مرڪزيت جا حامل آهن. وچئين دور ۾ ٻين دنياوي مسئلن جي قدر و قيمت گهڻي هئي ۽ مسلمان ۽ عيسائي برابر هئا، پر اڄ جي دور ۾ موت کان پوءِ جي زندگيءَ جي جاءِ سيڪيولر قدرن اچي ورتي آهي.
جديد دور ۾ ۱۸ صدي جي اولهه جي عوام جي رجائيت گهٽجي وئي آهي ۽ سائنس ۽ ان سان لاڳاپيل ٽيڪنالوجي اڃا به انساني زندگيءَ جي رهنمائيءَ جي لاءِ سڀ کان اهم حقيقتون آهن. گهٽ ۾ گهٽ معاشرتي دائري ۾ عوام مشاهداتي سائنس ۽ انساني سمجهه تي يقين ڪرڻ کان علاوه ڪنهن ٻئي شيءَ کي ان جي برابر نٿو سمجهي. قديم زماني جي انسانن جو نظريو، وجود ۽ سائنس جو نظريو اڄ جي نظريي کان مختلف هو. علم جي اهميت جي ڀيٽ موجوده دور جي تجرباتي مسئلن سان نه بلڪ موضوع جي معقوليت سان ڪئي ويندي هئي. اهڙيءَ طرح مابعد الطبيعات جي تحقيق ۽ خاص طور تي دينيات کي علم جو سڀ کان گهڻو اهم شعبو سمجهيو ويندو هو.
سماجي زندگيءَ ۾ دعويٰ ڪئي ويندي هئي ته مذهبي قانون يا مذهبي ڪتابن مان جيڪي مطلب ظاهري طور سمجهه ۾ اچن ٿا، انهن جي حڪمراني هئڻ گهرجي. خدا جي “وحي” کان سواءِ انسانيت کي علم ۽ تجربي جي ڪنهن ٻئي وسيلي جي ضرورت نه هئي. اها ڳالهه ذڪر جي قابل آهي ته اسلامي دنيا ۾ ارسطو ۽ افلاطون جي نظرين کان متاثر فلسفو، جيڪو لازمي طور تي جديد فلسفي ۽ عقليت کان مختلف هو، ان کي حڪمرانن ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳو مذهب جي قانوني ۽ شرعي نقطهٔ نظر کي ۽ سماج جي اڪثر ممتاز فردن ۽ معاشري جي ڪجهه حصن ۾ لاڳو صوفياڻي اثرن کي منهن ڏيڻو هو ۽ اهڙي نموني اهو الڳ ٿلڳ ۽ پاسي تي محدود ٿي رهجي ويو.
جديد دؤر جي آغاز کي اهڙي وقت سان تصور ڪري سگهون ٿا، جڏهن سائنس ۽ علم جي اهميت جو خاص پيمانو انهن جي عملي افاديت ٿي ويو هو. جيتوڻيڪ ان کان پهرين حاوي فڪر طبعي دنيا جي احمقاڻي حرڪت تي قائم هو. جڏهن ته ان دور جا مسلمان پنهنجي همعصر عيسائين کان معقوليت جي سڃاڻپ ۾ اڳيان هئا ۽ سچ پچ ٻنهي تهذيبن ۾ فطري ۽ طبعي دنيا جي اهميت کي عام طور تي فضول قسم جو ڌنڌو تصور ڪيو ويندو هو.
منهنجي دليل جو خلاصو هي آهي ته اڄ جي تهذيب اسان سان گڏوگڏ غير مغربي عوام تي به غالب آهي ۽ ان تهذيب کي هڪ اهڙي ڪلچر جي ضرورت آهي، جيڪا ان سان هم آهنگ هجي. تنهن هوندي به اسان جي ڪلچر جو گهڻو حصو قديم تهذيب جهڙو آهي. جديد تهذيب جو بڻياد گذريل تهذيب ۽ ان جي سهڪاري ڪلچر سان بغاوت تي رکيو ويو هو.
اهڙيءَ ريت اسان کي يقيني طور تي اهو مڃڻ گهرجي ته روايت سان ڀريل اسان جي تهذيب سان گڏ جديد تهذيب جو تضاد اسان جي معاشري جي بحران جو هڪ اهم سبب آهي. ڇا اسان کي پنهنجي روايت ۾ رُڌل رهڻ تي اصرار ڪرڻ گهرجي يا اسان کي اولهه جي تهذيب ۾ پوري طرح ڍلجي وڃڻ گهرجي؟ يا انهيءَ تضاد کي ختم ڪرڻ جي ڪائي ٻي صورت آهي، يا گهٽ ۾ گهٽ ان کي ائين قابو ۾ آڻڻ گهرجي جو اها اسان جي تباهي جي لاءِ مددگار ثابت نه ٿئي ۽ اسان جي تاريخي شناخت ۽ سماجي ڍانچي جي لاءِ نقصان ڪار به نه هجي؟
ڪيترائي روايت پسند جديديت جي برعڪس پنهنجي وراثت جو لڳاتار بچاءُ ڪن ٿا ۽ اهي اڪثر انهي کي وراثت خدائي تصور ڪري ٿا وٺن، اهو خيال ڪندي ته ان جي ڪري اولهه جي قدرن ۽ تهذيب جو دروازو بند ڪري ۽ روايت تي ڀروسو ڪري، انهن جي زندگي منظم ٿي سگهي ٿي. پر اهائي بدنصيب سختي انهن مقصدن جي حاصلات آڏو آئي. هڪ حقيقت پسند ثبوت اهو آهي ته اولهه جي تهذيب پنهنجي قدرن کي ڳولڻ ۾ روايت سان جڪڙيل، غير رضامند سماج، جنهن ۾ اولهه کي سمجهڻ جي صلاحيت جي کوٽ هئي، ان جي آڏو ڪامياب رهي. اهڙي طرح اولهه جي تهذيب جي باري ۾ پنهنجي معاشري کي ڄاڻ ڏيڻ کانسواءِ روايت پسندن جي لاءِ پٺتي هٽڻ کانسواءِ ٻيو ڪئي چارو ئي نه هو.
پوءِ اهي ماڻهو آهن جن کي يقين آهي ته ان بگاڙ جو حل قدرن کي پوريءَ طرح ۽ غير تنقيدي طور تي قبول ڪرڻ سان ممڪن آهي. انهن جي لاءِ جديديت جو شمار اڄ تائين جي انسان جي سڀ کان وڏي ڪاميابي جي طور تي آهي. پر انهن جو اهو به مڃڻ آهي ته ان کي قبول ڪرڻ جون سموريون رڪاوٽون ختم ٿي ويون آهن ۽ روايت کي جديديت جي واٽ ۾ سپ کان وڏي رڪاوٽ جي حيثيت سان ڏٺو وڃي ٿو. اهي چون ٿا ته اسان پنهنجي قديم روايت کي ترڪ ڪري نئين تهذيب جي لاءِ راه هموار ڪريون ٿا. پر افسوس! ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن، جن تي اولهه جي رُعبدار ڪاميابي جو مڪمل طور وجد طاري آهي. اسان جي معاشري ۾ جيڪي ماڻهو دانشوريءَ جي معروف حيثيت جي روح جا نمائندا آهن، انهن نه فقط مسئلن کي مشڪل بلڪه اڃا به خراب ڪري ڇڏيو آهي.
پهريون، انهن جي نظريي جي سطحيت روايت ۽ جديديت جي وچ ۾ تعلق جي سلسلي ۾ حقيقي بحث جي سامهون اچڻ ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي. ٻيو، انهن روايتن جي ورهاست، جن جون پاڙون اونهيون آهن، انهن ماڻهن پاڻ کي ڪنهن غير معمولي شيءَ کي حاصل ڪرڻ ۾ نااهل ثابت ڪري ڇڏيو آهي. انهن ماڻهن جي لاءِ اهڙي عوام جي دل ۾، جيڪي روايت جا عادي ٿي ويا آهن، ڪڏهن به جاءِ نٿي ٿي سگهي. اهي ماڻهو اهڙي زبان استعمال نٿا ڪن جيڪا عوام سمجهي سگهي. اهڙا ماڻهو بلڪل پاسي تي هليا ويا آهن ۽ انهن جي چوڻين کي ڪڏهن به مقبوليت ناهي ملي. ان کان وڌيڪ خراب صورت اها آهي ته اهي ماڻهو جيئڻ جي لاءِ خود مطلق العنان حڪمرانن جا چڪر لڳائيندا رهيا ۽ پنهنجي ئي ملڪ ۾ اولهه جي نوآباديات جو نشانو بڻجي رهجي ويا.
حقيقي زندگيءَ ۾ نه مذهبي فرمان ۽ نه خوش فهمي تي ٻڌل سوچ اولهه جي ثقافت جي قدم کي روڪي سگهي ٿي ۽ نه ميمورنڊم ۽ فرمان روايت جي پاڙ کوٽي سگهن ٿا. انساني زندگي سدائين تبديليءَ کي منهن ڏيندي رهي آهي. ڪڏهن لاشعوري طور تي ته ڪڏهن بي اختياراڻي طور تي. خاص ڳالهه اها آهي ته ڪهڙي نظريي سان تبديلي جي عمل ۾ پنهنجي موجودگي برقرار رکون، ته جيئن انهن جي رحم ۽ ڪرم تي رهڻ بدران ذهانت ۽ شعور سان حالتن جو مقابلو ڪري سگهون.
انهن ٻنهي خيالي حلن سان گڏوگڏ ترقي پذير دنيا ۾ ڪجهه اصلاح پسند دانشور موجود آهن. جيتوڻيڪ اميد آهي ته اها تحريڪ اڃا به ڪاميابيءَ سان همڪنار ٿئي. ايستائين جو اها به خود موجوده بحران ۾ قيد هجي ان لاءِ ته اصلاح پسند ٻن بنيادن تي ڀروسو ڪن ٿا! هڪ، پنهنجي ذات ڏانهن واپسي ۽ اسان جي تاريخي ۽ ثقافتي سڃاڻپ جي نئين سري کان جوڙجڪ ۽ ٻيو، انساني تهذيب جو ڪاميابيءَ جو مثبت مشاهدو، ان حال ۾ جو انهن کي اولهه جي نوآبادياتي ۽ غالب وراثت جي ڄاڻ هجي. نه فقط اهو ته ذات، جنهن جي طرف اهي ماڻهو واپس موٽڻ گهرن ٿا، ان جي عقل ۽ سمجهه ۾ ڪا مطابقت آهي. بلڪ اهي ماڻهو مختصر طور تي اولهه جي انهن پهلوئن تي راضي آهن، جن کي اسان کي پنهنجي اندر سمائڻ گهرجي. ان طرح اصلاح پسندن کي پهرئين آبادڪار جي حيثيت سان ڏسڻ گهرجي. جن بلند همت سان معاشري جي ڏکن ۽ تڪليفن کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن ان کي زوال پذير حالتن کان ڇوٽڪارو ڏياري سگهجي.
اسان جو ماضي گهڻن ئي اهم واقعن سان ڀريل رهيو آهي. پر مستقبل غير يقيني آهي. اسان مغربي ڪلچر، سياست، معاشيات ۽ فوجي طاقت جي رحم ۽ ڪرم تي آهيون ۽ اسان جو مقابلو ترقي جي خيال ۽ نظريي سان آهي. جيڪو اولهه ۾ ترقي جي تجرباتي شڪل پڻ آهي. اسان کي آخرڪار اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ته اولهه جي طرف اسان جو ورتاءُ ڪهڙو آهي ۽ ڪهڙي نموني اولهه جا قدر ترقيءَ سان هڪ جهڙائي رکن ٿا ته جيئن اسان اولهه ۾ ڍلجي وڃڻ يا پنهنجي قومي سڃاڻپ کي نقصان پهچائڻ کان سواءِ ترقيءَ جي منزل تائين پهچي سگهون. ترقيءَ جيان همعصر ٻين تصورن جون پاڙون به اولهه سان جڙيل آهن. هتي آئون ان جي وضاحت ۽ تشريح پيش ڪريان ٿو.
“اولهه جي تهذيب جا اصول، قدر ۽ قيمت جي بنياد تي وڏي پيماني تي فلاح ۽ بهبود کي قائم ڪرڻ. ڇا اسان دنيا کي “ترقي يافته” جنهن جو مطلب اولهه جي قدرن تي قائم آهي ۽ غير ترقي يافته جي ٻن خانن ۾ ورهايون ٿا؟ ڇا اسان انهن ملڪن جي باري ۾ نٿا سوچون، جيڪي اڃا اسرندڙ آهن ۽ اولهه جي پيروي ڪندي پنهنجي زندگيءَ جي معيار جي جوڙجڪ جي ڪوشش ۾ لڳل آهن؟ هتي جديديت ۽ روايت جي وچ ۾ لاڳاپو سامهون اچي ٿو”.
“ترقي” هڪ اولهه جو تصور آهي، جنهن جو بنياد اولهه جي تهذيب تي آهي. اسان ان کي ڄاڻڻ کان سواءِ “ترقيءَ”کي سمجهي نٿا سگهون. ان جي باري ۾ طئي ڪرڻ ڏيون يا ان کي رد ڪرڻ ڏيون. ان ڪري مون کي يقين آهي ته “ترقي” جي باري ۾ بحث ڪرڻ وقت کان پهرين ٿيندو.
ڪجهه ماڻهو دعويٰ ڪن ٿا ته قوم کي غريب ٿيڻو ئي آهي جيستائين انهن جي ترقيءَ جون سموريون ضرورتون پوريون نه ٿين. انهن جي مطابق جديديت “ترقي” حاصل ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي. ذڪر ٿيل فيصلو صحيح آهي جيڪڏهن اسان اولهه جي تهذيب کي متبادل جي طور تي مڃيون ٿا جيڪو ممڪن ڪونهي، پر ڪجهه ماڻهو اولهه کي جديدترين نه ته متبادل انساني تهذيب ضرور تصور ڪن ٿا جيڪا ٻين سمورين ڪاريگرين جي برابر آهي جيڪا آزمائشي آهي ۽ جنهن ۾ زوال جي پڻ گنجائش آهي. يقيناً ان جو مطلب ترقيءَ کان انڪار يا هٿيار ڦٽا ڪرڻ نه آهي. غريب اصلاح پسندن جي سامهون ان جو مطلب انهن ماڻهن جي نسخن کي رد ڪرڻ آهي جيڪي وسيع پيماني تي پوري طور سان مغربيت جي ڳالهه ڪن ٿا. عام طور تي دانشورن جا نسخا انهن ماڻهن کان مختلف هوندا آهن، جيڪي معاشرن جا وڏا ماڻهو هوندا آهن. اهڙي صورت ۾ اڃا به ترقي پوريءَ طرح تي حاصل ڪئي ويندي. جيڪڏهن پاليسي ٺاهڻ جو عمل ڏاهي فڪر سان هڪجهڙائي رکي ٿو ۽ نه ئي فڪر تي پابنديءَ سان.
سڀ کان پهرين هڪ دانشور جي حيثيت سان اسان اهو محسوس ڪريون ٿا ته جيڪڏهن ترقيءَ جو مطلب اولهه جي تجربن جو اعادو ڪرڻ … آهي ته پوءِ اسان کي اڃا به ان جي بنيادي اصول ۽ ان جي نفاذ کي سمجهڻو پوندو. ائين ڪرڻ پڻ حقيقي فڪر ۽ فهم کي خاص دعوت ڏيڻ جي برابر هوندو. سچ هي آهي ته ڏاهپ کان سواءِ “ترقي” جو حصول ممڪن ئي نه آهي.
پهريون، ترقي هڪ ميڪانيڪي عمل نه آهي، جنهن کي ڏاهن انسانن کان سواءِ حاصل ڪري سگهجي ٿو. ٻيو، جيڪو معاشرو عقل تي ٻڌل فڪرن کان خالي هجي، اهو پنهنجو توازن وڃائي ڇڏيندو خاص طور ان وقت جڏهن ان کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوندو. اهو بلڪل واضح آهي ته انساني ڏکيائين کي طاقت، سخت قانونن ۽ سياستدانن جي فرمان سان پري نٿو ڪري سگهجي. جيتوڻيڪ ڪجهه دير جي لاءِ انهن وسيلن سان ڏکيائيون دور ڪري سگهجن ٿيون.
اصل ۾ مغربيت جي چاهيندڙن ۽ “روايت پرستن” جو افسوسناڪ مشاهدو ۽ تجربو اسان جي سامهون آهي، اسان کي انهن غلطين مان سبق سکڻ گهرجي ته جيئن انهن جو ورجاء نه ٿئي.
جديد تهذيب اسان جي دور جي اهم حقيقت آهي. ان انسانيت کي يادگار فائدن سان همڪنار ڪيو آهي. ان سان گڏ ان جا نقصان به ڪجهه گهٽ نه آهن. اهي نقصان اولهه جي جغرافيائي سرحدن کان ٻاهر، اولهه وارن جي ذريعي ڪيل سياسيءَ اقتصادي ظلمن جي حد تائين محدود نه آهن. اولهه پنهنجي معاشرتي، اقتصادي ۽ فڪري شعبن ۾ بيشمار اندروني بحرانن جو شڪار آهي. اسان مان اهي ماڻهو جيڪي اولهه کان ٻاهر زندگي گذاري رهيا آهن، جيڪڏهن مغلوب محسوس نه ڪن ۽ ان جي ڄار ۾ نه ڦاسن ته گهٽ ۾ گهٽ انهن مصيبتن کي سٺي نموني سمجهي سگهن ٿا، جيڪي غير مغربي عوام جي لاءِ اولهه جي نئين آبادياتي نظام جو پڻ نتيجو آهن.
اولهه جي تهذيب به هڪ انساني جوڙجڪ آهي. ان ڪري غير مستقل آهي ۽ ان جي زوال جي گنجائش موجود آهي. اوستائين جو ڪجهه ماڻهو غير حقيقت پسنداڻي دعويٰ نه ڪن ته جديد تهذيب جي صبح سان گڏ انساني تجسس جو سرچشمو ۽ تخليقيت خشڪ ٿي ويون آهن. تهذيب انهن ماڻهن جي تجسس جو جواب آهي، جيڪي دنيا تي سوال اٿارڻ کان ٿڪن ئي نٿا. انسانن جون هميشه بدلجندڙ ضرورتون کين انهن ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ مجبور ڪن ٿيون. تهذيب انهن سوالن جو جواب آهي، جيڪو ڪنهن کي درپيش ٿئي ٿو. يقيناً ڪجهه اهم سوال ۽ ضرورتون هونديون جيڪي تهذيبن جي عروج ۾ مددگار ثابت ٿيا آهن ۽ اهي سوال پاڻمرادو وقت ۽ جڳهه کان متاثر آهن. اهوئي سبب آهي جو تهذيبون بدلجنديون رهنديون آهن ۽ اها ڪا ناقابل تبديل شيءَ نه هوندي آهي ۽ نه ئي دائمي تهذيب جو تصور آهي. ڇو ته جيستائين انسان آهن ان وقت تائين انهن جو تجسس ۽ ضرورتون به آهن. هر سوال جو جواب ٿئي ٿو ۽ سڀني ضرورتن جي پورائي به ٿئي ٿي. هميشه نوان نوان سوال ۽ نيون ضرورتون انسان جي سامهون اچن ٿيون. هر تهذيب ان وقت تائين قائم رهي ٿي، جيستائين اها انساني سوالن جا جواب ڏيڻ ۽ انساني ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي پنهنجي باطني قوت کي برقرار رکي ٿي. پر باقي سيڪيولر شين وانگر تهذيب جي به هڪ حد ٿيندي آهي. جڏهن اها پنهنجي قدرتي طاقت کي ضايع ڪري ڇڏي ٿي ۽ نون سوالن جا جواب نٿي تلاش ڪري سگهي ته آهستي آهستي ان جي پيروڪارن جو اعتماد ۽ Euberance ناپيد ٿي وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح تهذيب تباه ۽ برباد ٿي وڃي ٿي.
اولهه جي تهذيب ۱۹ صديءَ جي شروعات کان وٺي ۲۰ صدي جي ٻنهي عالمي اشتراڪي مخالف جنگين تائين وڏن وڏن بحرانن کي منهن ڏنو آهي ۽ پنهنجي قدرتي طاقت جي سهاري ئي ان تي قابو حاصل ڪري سگهي آهي. پر اعتدال پسند اولهه جا سرمائيدار پنهنجي اداري کي موافق ڪري، پنهنجي سماجي مخالف سان وڙهڻ ۽ پاڻ کي بچائڻ ۾ ڪامياب رهيا آهن. سوشلزم اشتراڪيت جي خاتمي، جيڪو ان جي اندروني ڪمزورين جي ڪري ٿيو، سڄي دنيا کي حيرت جي حال ۾ وجهي ڇڏيو. پوءِ به اهو صاف آهي ته اولهه ٻئي وڏي بحران کان پريشان آهي. اهي بحران اولهه جي اهم قدرن کي سوال هيٺ قرار ڏيڻ جي ڪري پيدا ٿيا آهن. جيڪي انهن جي پنهنجي صلاحيت، صلاحيتن ۽ ڀروسي ۽ ان جي ڀروسي ۾ ظاهر ٿيندڙ گهٽتائي مان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي. اهي سوال پهرين کان گهڻو زوردار ۽ اهم ٿي ويا آهن. ان ڪري اولهه جي اخلاقي ۽ فلسفياڻي بنيادن تي اعتراض اڄ گهڻي عام ڳالهه ٿي وئي آهي.
اهو صحيح آهي ته انساني تجسس ۽ ضرورتن جو جواب ڏيڻ به وچئين دور جي ناڪامي ۽ انهن سوالن ۽ ضرورتن کي دٻائڻ جي لاءِ طبي ۽ نفسياتي طاقت جو استعمال ڪرڻ هڪ دانشوراڻو ء سماجي ڌماڪي جو ذريعو بڻيو، جنهن چرچ ۽ جاگيردارن جي حڪومت کي تباه ڪري ڇڏيو. پر انهن شعوري سوالن ۽ ضرورتن کي ئي جديد تهذيب جي عروج جو اڪيلو سبب وٺڻ بيوقوفي ٿيندي. اهي سوال ۽ ضرورتون انهن ترغيبن مان اڀري آيون آهن، جيڪي منطق ۽ عقليت جي دائري کان ٻاهر هئا.
پهريون، چرچ ۽ جاگيرداري جي طرفان لاڳو ڪيل سخت پابندين، وڌيڪ خود جاگيرداريءَ مخالف طرف ردعمل کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. چرچ پنهنجي اصولن ۽ طور طريقن کي پاڪائيءَ جو جامو پهرائي ڇڏيو هو، جنهن جي گهڻائيءَ اولهه جي عوام کي نه صرف موجوده سماجي نظام کي ختم ڪرڻ تي مجبور ڪيو، پر مذهب ۽ روحانيت جي پوري معقوليت تي شڪ ڪرڻ جو موقعو به فراهم ڪري ڇڏيو. مادي پرستي ۽ لالچ، ان جديد تهذيب جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن اصل ۾ وڏي سچائين ۽ روحانيت کي لتاڙي ڇڏيو آهي.
ڇا جديديت جي ترقيءَ ۾ بورزوا جو ڪردار هن تحريڪ جو بڻياد وجهڻ وارن کان گهٽ اهم هو؟ بورزوا طبقي کي جيڪا طاقت هن تحريڪ ۾ اڳيان وڌائي رهي هئي، اها ان جي سچائي ۽ عدل جي بيچين ڪري ڇڏڻ واري ڳولا نه هئي ۽ نه ئي انهن ٻنهي مقصدن کي چرچ ۽ جاگيرداري کان بچائڻ جي آرزو، بلڪ دولت حاصل ڪرڻ جي چاهت هئي.
آزادي، ڀائيچارو ۽ برابري، فرانس جي انقلاب جا بنيادي واعدا هئا. پر اهي واعدا نئين دولتمند ۽ تمام گهڻين آرزوئن جي حامل بورزوا طبقي جا اوزار ۽ هٿيار هئا، جن کي اهي مطلق العنانيت سان گڏ طاقت جي جنگ ۾ استعمال ڪندو هو. اها دعويٰ ڪرڻ به ممڪن آهي ته جديديت جا سائنسدان ۽ دانشور اصل ۾ نئين طبقي جي چاهتن ۽ آرزوئن جي عقلمنداڻي ۽ دانشوراڻي وضاحت پيش ڪري رهيا هئا.
جڏهن اسان اولهه جي تهذيب جي مختلف قسمن جي نعمتن ۽ برڪتن، مثلاً جديد سائنس، ٽيڪنالوجي، فڪري آزادي ۽ جمهوريت جي تعريف ڪريون ٿا ته، اسان نئين آبادين ۽ غيرمغربي ماڻهن تي موتمار طاقت جو استعمال، ٻين ملڪن جي ماڻهن جي جان ۽ مال ۽ ثقافتي فرواني جي بربادي، زمين تي ماحولياتي آلودگي، ڪوڙ کي سچ بڻائڻ جي ڪوشش ۽ موقعي پرستي کي نظرانداز نٿا ڪري سگهون. ڇو ته اهي شيون به اولهه جي تهذيب جي خاصيتن ۾ شامل آهن.
ان ڪري اسان هر انهيءَ ڪليسا جي سامهون هٿيار نٿا ڦٽا ڪري سگهون، جيڪو اولهه جو هجي. اهڙي نموني اسان روايت کي به سطحي طور تي نٿا پرکي سگهون. روايت ماڻهن جي سماجي ۽ تاريخي نچوڙ جو روح رهي آهي، خاص طور تي اسان ماڻهن جي لاءِ ان جي گهڻي اهميت آهي. ڇو ته اسان ماڻهو غني ثقافت ۽ تاريخ جا حامل هئاسين. جيئن ته ارسطو پنهنجي ڪتاب “سياسيات” ۾ چوي ٿو ته “فطرت ۽ روايت هڪ سٺي سماج کي متحد رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون.”
روايت کان جدا ٿيڻ جو مطلب آهي عوام جي “ثقافت” ۽ تاريخي وراثت جي بربادي. پر جيڪڏهن هڪ قوم جي ماڻهن کي ارتقائي مرحلو طي ڪرڻو هجي ته کين پنهنجي ماضي کي ضرور سمجهڻو پوندو، جنهن سان کين احساس ٿئي ته تاريخي ارتقا جي عمل ۾ اهي ڪٿي ۽ ڪهڙي منزل تي آهن. ان لاءِ روايت جي جن پهلوئن کي اسان کي ڪڍڻو آهي، ان جو بنياد گهريلو ماڊل تي هئڻ گهرجي. حقيقت اها آهي ته اولهه جي قوم جديديت جي بلڪل ابتدائي مرحلي ۾، پنهنجي روايت جي گهرائيءَ ۾ وڃي بيدار ٿي ۽ دانشورن يونانين جي فنڪاراڻي روايت ۽ روم جي سماجي روايت کي ٻيهر سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي. مذهبي يقين ڪرڻ وارن عيسائي مذهب جي طرف ڏسڻ شروع ڪيو، جنهن کي اهي سڀ کان گهڻو معتبر سمجهندا هئا ۽ ان طرح نئين دور جي شروعات ٿي. روايت جي طرف ٻيهر ڏسڻ ۽ ان کي نئين طريقي سان سمجهڻ جي ڪري هڪ نئين دور جو آغاز ٿيو.
اهڙي زماني ۾ بورزوا طبقي، جنهن کي سيڪيولر دانشورن جي مدد حاصل هئي، نئين فڪر جي ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي. اهو فڪر معقول عقل جي پوين طريقن جي واپسي تي بيٺل هو. ان ڪري روايت ختم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ به روايت کي وسارڻ جي ڳالهه ڪونهي. جيڪڏهن اسين ارتقا جي خواهش رکون ٿا ۽ تقدير جي ڏور پنهنجن هٿن ۾ ڪرڻ چاهيون ٿا، جنهن سان ان کي بدلائي سگهون ته، اسان کي ان ڳالهه تي مطمئن ٿيڻو پوندو ته ترقيءَ جي اولهه جي ماڊل جي پويان ڀڄڻ اسان جي وراثت کي تباه نه ڪري ڇڏي. اسان روايت جي تنقيد صرف انهيءَ وقت ڪري سگهون ٿا، جڏهن اسان کي پنهنجي سڃاڻپ جي مضبوط سمجهه هجي. غير روايتي ماڻهو مختلف سنجيده فڪر کان محروم رهجي ويندا آهن. اهي ڪمزور خواهش وارا ۽ غير مستحڪم هئڻ جي ڪري حالتن جي مرضي جو مطابق جيئندا آهن.
ان کان علاوه هڪ تجرباتي مسئلو هي آهي ته انساني زندگيءَ ۾ روايت جون پاڙون ايتري اونهائيءَ تائين پکڙيل آهن جو، سياستدانن جي وسيلي صادر ڪيل فرمانن يا دانشورن جي عالماڻي بيانن جي وسيلي انهن کي ختم نٿو ڪري سگهجي. ان کان به برو اهو ته ان عمل کي زبردستي اڳيان وڌائڻ اصل ۾ مسئلن کي وڌيڪ وڌائي سگهي ٿو ۽ سماج جي سڃاڻپ کي برباد ڪري سگهي ٿو پراهو روايت جي اڳيان بغير ڪنهن شرط هٿيار ڦٽا ڪرڻ جهڙو نه آهي.
روايت گهڻي حد تائين تهذيب جيان هڪ انساني بناوٽ آهي ۽ ان ۾ تبديليءَ جو امڪان رهي ٿو. پوري تاريخ ۾ روايتن جي مختلف رفتار سان مسلسل بدلجڻ ان ڳالهه جو سڀ کان وڏو ثبوت آهي ته اڳيان به تبديلي اچڻ طي آهي، اهم مسئلو اهو آهي ته تبديليءَ جو عمل ڪنهن حد تائين شعوري طور تي شروع ڪيو ويو آهي ۽ ان عمل ۾ گهڻي کان گهڻا ماڻهو پاڻمرادو شرڪت جا خواهشمند آهن، بجائي ان جي جو ان کي مٿان کان هلايو ويو آهي يا حالتن عوام کي ان عمل ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو آهي.
روايت جي ترقيءَ ۽ تبديلي بحرحال يقيني آهي. اهو سوال اٿي ٿو ته روايتن کي قائم رکڻ جي لاءِ ڇا عوام تي زور زبردستي ڪري سگهجي ٿي چاهي انساني هلت چلت، زندگيءَ جون ضرورتون، خواهشون ۽ مطالبا مختلف ڇو نه هجن؟ پنهنجون به ضرورتون ۽ خواهشون آهن.
روايت انقلاب پسند عوام جي سمجهداري ۽ وجدان تي ٻڌل هوندي آهي. اها تبديلي مڪمل ٿيڻ جي وجود کان انڪار نٿي ڪري، بلڪه فقط ان ڳالهه کي محسوس ڪرڻ جي ضرورت پيدا ڪري ٿي ته وقت سان گڏ مڪمل ٿيڻ جي باري ۾ اسان جي ترجماني ۾ تبديلي اچي. ڇا انسان جي سمجهداري خدا جي معاملن ۽ تاريخ ۾ سدائين هڪ ئي جهڙي رهي آهي؟
اهم نقطو هي آهي ته جڏهن ڪنهن سماج ۽ عوام جي تاريخي باداشت ۾ معنيٰ ۽ مطلب اونهائيءَ ۾ داخل ٿي ويندا آهن ۽ هڪ عرصي کان پوءِ اهي انساني ذهن ۽ سماج ۾ ايتري مضبوط جاءِ ٺاهي وٺن ٿا جو انهن کان منهن موڙڻ مشڪل ٿيو پوي ۽ اها مشڪل تڏهن اڃا وڌي وڃي ٿي جڏهن ان روايت تي تقدس ۽ پاڪائيءَ جي اهڙي تهه ڄمي وڃي ٿي، جو انهن عادتن ۽ معنيٰ ۽ مفهوم تي ڪيل ڪنهن به تنقيد يا اعتراض کي بي حرمتي سمجهو وڃي ٿو. بي حرمتي سان وڙهڻ هڪ خدائي فرض آهي، جيڪو مذهبي معاشرن ۾ روايت جي تنقيد کي وڌيڪ مشڪل ڪري ڇڏي ٿو.
اهو يقيني طور تي صحيح آهي ته فڪر ۽ زندگيءَ جي طور طريقن ۾ تبديلي ضرور هوندي آهي. جيستائين اسان روايت کي تبديل ڪرڻ ۽ ان کي اڄ نئين طريقي سان تعمير ڪرڻ ۾ متحرڪ طور تي شرڪت نه ڪريون ته اها گهڻو ڪري ترقيءَ جي راه ۽ تبديليءَ جي ضرورت هوندي آهي پر اسان کي اها خبر هئڻ گهرجي ته ترقي پنهنجي اولهه جي مفهوم ۾ تبديليءَ جي صرف هڪ شڪل، جنهن جي ٻي به شڪل ٿي سگهي ٿي، اولهه ۾ ترقيءَ جي روايت ۽ تاريخي سمجهه تي منحصر هئڻ جو نتيجو آهي، جنهن اولهه جي عوام جي وچ ۾ انسان ۽ وجود جي باري ۾ نئين سمجهه پيدا ڪري ڇڏي آهي.
اولهه جي عوام هڪ ڊگهي ۽ مشڪل مرحلي کي پار ڪيو آهي. سمورين لاهن چاڙهن کي ڏسڻ کان پوءِ ئي انهن عقل تي ٻڌل فلسفياڻي فڪر ۽ مقصدکي حاصل ڪيو آهي. سچائي جي ڳولا ۽ مقابلي، ظهور ۽ آرزؤ ملي ڪري جديديت ۽ ترقيءَ کي وجود جي وسيلي سان هموار ڪيو آهي.
اسان ماڻهو اهڙي وقت ۾جي رهيا آهيون جڏهن اولهه جون اندروني ڪمزوريون نه فقط اولهه کان ٻاهر رهڻ وارن کي نظر اچي رهيون آهن، بلڪه اولهه جو عوام پڻ هاڻي انهن خرابين ۽ ڪمزورين کان چڱيءَ طرح واقف آهي ۽ انهيءَ جي ڪري انهن ماڻهن کي هاڻي پنهنجي شاندار واضح تقدير تي شڪ ٿيڻ لڳو آهي. ان کي ڄاڻڻ کان پوءِ اسان کي پنهنجي ترقيءَ جي لاءِ اولهه جي قوم کي پوريءَ طرح سان نه اپنائڻ گهرجي ۽ انهيءَ نموني سان اسان روايت کي ناقابل شڪست يا خدا جي شيءَ جي شڪل ۾ نٿا ڏسي سگهون.
ان لاءِ اسان ماڻهن کي ٻن مکيه انساني مسئلن جو مقابلو ڪرڻو آهي. انهن مان هڪ مسئلي جو پاڙون اسانجي سماج جي گهرائي تائين ڦهليل هونديون آهن ۽ ٻي مسئلي کي ٻاهران آڻي اسان تي مڙهيو ويو آهي ۽ اهو ٻاهران آيل مسئلو ڪجهه ٻيو نه بلڪه نئين تهذيب آهي، جيڪا گهڻن معنائن ۾ اسان جي مٿان غالب آهي. يعني جديد تهذيب جي اهم ڳالهه هي آهي ته اسان کي انهن مان ڪنهن جي به خلاف ورزي نه ڪرڻي آهي جيئن ڪجهه ماڻهن ڪئي آهي.
اڄ کي سمجهڻ جي لاءِ اسان کي ايندڙ سڀاڻي جي مطالبن کي ڄاڻڻ ضروري آهي ۽ مستقبل کي سمجهڻ لاءِ پنهنجي تاريخ کان واقف هئڻ کان سواءِ اسان وٽ ٻيو ڪوئي چارو ڪونهي. ايندڙ سڀاڻي اهو وقت هوندو جڏهن انسانيت اڄ جي تهذيب کي پار ڪري چڪي هوندي ۽ اهي جيڪي پهرين پهچندا اهي بهرحال پنهنجي ماضي کان واقف هوندا ۽ مستقبل انهن جي خاص توجهه جو مرڪز هوندو. اتي اهي ماڻهو پهرين نٿا پهچي سگهن، جيڪي روايت جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌل آهن يا اهڙا سطحي ظاهري جديديت پسند آهن جيڪي موجوده تهذيب جي ظاهري خدوخال کي ئي اصل تهذيب سمجهن ٿا.
ڇو نه اسان ايندڙ تهذيب ڏانهن ڌيان ڏيون ۽ سڀني تبديلين کي ان تهذيب سان اهڙي نموني منسلڪ ڪريون، جو اهي اعليٰ معيار ۽ نموني جي مطابق هجن، اهڙن حوصلي مند منصوبن جي لاءِ ضروري آهي ته اسان جديديت ۽ روايت کي تنقيدي نظر سان ڏسون.
اصل ۾ مستقبل ۾ وڃڻ جو مطلب حال کان بغاوت هرگز نه آهي. فقط اهي ئي ماڻهو، جيڪي ترقي، بيداري ۽ جرائتمنديءَ جي سطح تائين پهچن ٿا، جيڪي انساني زندگيءَ جي سمورين ڪاميابين کي شامل ڪرڻ جي لائق هوندا آهن، اهي ئي اهي ماڻهو آهن جيڪي هڪ نئين دور جي تعمير ڪري سگهن ٿا ۽ مستقبل جا مالڪ بڻجي سگهن ٿا.
اهو ضروري ڪونهي ته اسان جديد تهذيب ۾ ضم ٿي وڃون، پر اسان نئين تهذيب جي ڇانو ۾ ظاهر ٿيندڙ ڪيترين ئي سائنسي، سماجي ۽ سياسي ڪاميابين کي نظر انداز نٿا ڪري سگهون. ڇا اسان ماڻهو هڪ نئون رشتو قائم ڪرڻ ۽ هڪ نئون تصور حاصل ڪرڻ جي لاءِ موجوده دور کي عبور نٿا سگهون ۽ ان جي ڇانو هيٺ هڪ اهڙي نئين تهذيب، جنهن جو احساس اسان جي قومي شناخت تي هجي، وسيلو نٿا بڻجي سگهون؟ ڇا جديد تهذيب جي ڪاميابين مان فائدو حاصل ڪري انساني زندگيءَ ۾ هڪ نئين باب جي شروعات نٿا ڪري سگهون؟ خاص طورتي اسان ايرانين ۽ مسلمانن جي لاءِ سٺو آهي. ڇو ته اسان وٽ اهڙين تهذيبن جي تعمير ۽ تشڪيل جو دستاويزي (ڪاغذي)، ثبوت موجود آهي، جيڪي انساني تاريخ ۾ نمايان ڪردار جون حامل رهيون آهن. ڇا اسان ماڻهو هڪ دفعو وري تهذيب جا خالق نٿا ٿي سگهون؟ ڇو نه، پر ان جو مطلب اهو نه آهي ته اسان کي زندگي گذارڻ جي لاءِ ماضي ۾ واپس وڃڻ گهرجي. پر اسان کي هڪ اهڙي محفوظ زمين جي ڳولا ڪرڻي پوندي، جتان کان حال کان پري ۽ اهڙي مستقبل ڏانهن پيش قدمي اختيار ڪري سگهجي، جيڪا اسان جي ماضي ۽ حال ٻنهي تي ٻڌل آهي.