باب اٺون: اطلاعن جي دنيا جي باري ۾ مشاهدا
هر ملڪ ۾ بروقت ۽ اثرائتي اطلاعن جي ذريعن کي ترقي جي مرحلن ۾ هڪ مرڪزي نقطي جي حيثيت حاصل آهي. اسان لڳاتار وڌندڙ ترقي جي هن ميدان ۾ پويان نٿا رهي سگهون. بس اسان کي ترقيءَ جون نت نيون منزلون طي ڪرڻ واري ميدان ۾ ڀرپور سهڪار ۽ مدد ڪرڻ گهرجي. اطلاعن کي اثرائتي نموني ۾ محفوظ رکڻ ۽ ڦهلائڻ ۾ اسان جي پاڻ ۾ عملي سهڪار لازمي آهي، جيڪو آسان ڪم نه آهي.
ان سلسلي ۾ زياده تر معلومات حاصل ڪرڻ ۽ ان لاءِ تحقيق، اطلاعن جي دنيا جي ۽ ان جي ٽيڪنيڪي حدن جي طرف ڌيان مرڪوز ڪرائن ٿيون. پوءِ انسان جي ڪوشش ۽ ان جو سياسي پهلو دٻجي وڃي ٿو. اسان جي تقرير جي لاءِ اهو ڪم گهڻو اهم آهي.
هاڻوڪي پيچيده صورت ۾ اطلاعن جي ٽيڪنالوجي، جديد تهذيب جي تمام وڏي ڪاميابي کي نمايان ڪري ٿي. جيڪو به اطلاعن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڄاڻ حاصل ڪري ٿو، اهو پوري دنيا ۾ غلبو حاصل ڪري ٿو. بس اطلاعن جي دنيا جون تحقيقون اصل ۾ جديد تمدن کي ظاهر ڪرڻ جي برابر آهن. جيستائين اسان ان اهم سوال کي نٿا حل ڪريون، ان وقت تائين اسان ۾ اهو اعتماد ۽ عقل پيدا نه ٿيندو جنهن سان اسان جديد تمدن سان تعلق پئدا ڪرڻ کي سمجهي سگهون. نه ته ٻي صورت ۾ اسان هڪ اهڙي دنيا ۾ رهنداسين، جنهن جا قائدا ۽ قانون ٻين جوڙيا هجن ۽ حالتن جي رحم ۽ ڪرم تي ئي زندگي گذارڻي پوندي ۽ اسان پنهنجي قسمت جا مالڪ نه هونداسين.
اسان اطلاعن جي دنيا ۾ اولهه جي هر غلبي جو مقابلو ٻن محاذن تي ڪري سگهون ٿا. هڪ ته سائنسي اطلاعن جو دائرو ۽ ٻيو اهو دائرو جنهن ۾ اطلاعن جي سياسي، سماجي ۽ ثقافتي اهميت هجي ٿي. پهرين معاملي ۾ سائنسي طريقي کي اتفاق سان مڃيو وڃي ٿو ته اهو دنيا کي سمجهڻ جو گهڻو ئي مؤثر طريقو آهي.
سائنس انسان جي زندگي کي بلڪل ئي بدلائي ڇڏيو آهي ۽ ڪابه قوم ۽ ماڻهو ان جي برڪتن کان سواءِ زنده رهي نٿا سگهن. سائنسي ميدان ۾ پويان رهجي وڃڻ ۽ ڪنهن گهٽ ترقي ۽ ٽيڪنالوجي جي ڪاميابين کي حاصل نه ڪرڻ جو هڪ گهڻوئي رحم جي قابل نتيجو نڪري ٿو. پوءِ به پوري دنيا جي سائنسي اهميت ۽ ترقي اسان کي روڪي نٿي سگهي. اهو بڻيادي سولا پڇڻ سان ته هن سائنسي ۽ ٽيڪنالوجيڪل معاملي ۾ انسان جي ڪهڙي حيثيت آهي؟ اسان ڪو سائنس جو بت ٺاهي ان کي پوڄون نٿا. جيتوڻيڪ اهو انساني عقل کان بنهه گهڻو پري آهي.
اسان مسلمانن جي لاءِ جديد سائنس جي مزاج کي سمجهڻ تمام ضروري آهي. ڪنهن دور ۾ اعليٰ درجي جا بين الاقوامي حيثيت جا سائنسدان اسان جي وچ ۾ موجود هئا، پر هاڻ اسان ان ميدان ۾ اولهه کان گهڻوئي پوئتي رهجي ويا آهيون. اسان کي ان ميدان مان ڪڍيو ويو آهي. هاڻي اسان اولهه جي جديد تمدن کان صرف معمولي چيزون استعمال ڪندڙ بڻجي ويا آهيون. پر اسان پنهنجي عقل ۽ تعقل پسندي جو استعمال ڪريون ته اسان کي جلدي موقعو ملي سگهي ٿو ته اسان ٻئي درجي جي حالت کان ٻاهر اچي وڃون ۽ انساني تقدير جي رستي کي جلدئي متعين ڪرڻ ۾ مؤثر ڪردار ادا ڪري سگهون.
۱۸هين صدي ۾ اولهه وارن سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي جادو کي پنهنجو ڪيو. ڪانٽ جهڙي عظيم مفڪر پنهنجي روحاني نظام کي طبعي سائنس جي اصولن سان مطابقت رکندڙ بڻائي ڇڏيو. باوجود ان ارڙهين صدي جي يورپ جي انهن رحجائيت پسند ماڻهن اهو محسوس ڪيو ته سانئس گهڻن ئي اهڙن مسئلن کي، جيڪي ان جي دائري ۾ نٿا اچن، حل نه ٿي ڪري سگهي.
اڄ جديد تهذيب جا وفادار وڪيل ۽ پڻ سماجي، اقتصادي ۽ سياسي نظام جيڪو ان پيدا ڪيو آهي، ائين سوچين ٿا ته سائنس جيڪي عارضي حل تلاش ڪيا آهن، اهي گهڻو مڪمل ۽ نئين نظريي سان سدائين ڪوڙا ثابت ٿين ٿا. سائنس جي ميدان ۾ ڪوبه آخري اکر نٿو چئي سگهجي. ڇو ته سائنس ان کان گهڻو ڪجهه به نه آهي ته جيڪو سائنسدان تصور ڪن ٿا ۽ عمل ۾ آڻين ٿا ڪو ٻيو رستو انهن کي سمجهڻ جو نه آهي. ڇو ته سائنسدانن جا معروضي فيصلا صحيح حقيقت جو اظهار ڪن ٿا. اڄ جي دؤر ۾ سائنس جي مصروفيت تي ئي سڀ کان گهڻا سوال ڪيا پيا وڃن.
اها به حقيقت آهي ته سائنس عملي پيچيدگين کي حل ڪرڻ ۾ غير معمولي اثر وڌو آهي ۽ اسان جي لاءِ ڪائي ٻي واٽ نه آهي سواءِ ان جي ته اسان تجربي ۽ غلطين جي ٽيڪنڪ کي ئي استعمال ڪريون. باوجود ان جي ته ارڙهين صدي جي يورپ وارن جي رجائيت پسنداڻي رويو تي اسان پنهنجو پورو سماجي نظام، جديد سائنس جي اصولن تي نٿا رکي سگهون. ڇو ته اهو روحاني، فلسفاڻو ۽ عرفاني ضرورتن کي، جيڪي انسانن جون آهن، حل ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيو آهي.
يقيناً اسان جي خوشي ۽ سائنس جي محدوديت جو نتيجو اهو نه آهي ته اسان وچئين دور طرف موٽون ۽ نه ئي اسان مذهب ۽ روحانيت جي محدود ۽ ڪمزور نظرين کي جلاوطن ڪري سگهون ٿا، جيڪي اسان جي زماني ۾ موجود آهن. جديد انسان کي پنهنجي زندگي کي بامقصد بڻائڻ جي لاءِ روحانيت ۽ مافوق الفطرت شين جي تعبير جي ضرورت آهي. اولهه جي تمدن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالوجي کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي. پر انهن جي معنيٰ جي سلسلي ۾ بي يقيني هئڻ ڪري ان اولهه ۾ به عمومي مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا آهن.
اهو مسئلو انساني علمن، يعني طبعي يا فطري علمن جي مقابلي ۾ گهڻي شدت سان محسوس ڪيو وڃي ٿو. جديد تمدن جو گهرو تعلق سياسي، سماجي ۽ اقتصادي نظرين سان آهي نه ڪي فطري سائنس سان. انساني علمن ۾ مطالعي جو موضوع ۽ مقصد هڪڙو آهي. ڇو ته جڏهن انسان پاڻ مطالعو ڪن ٿا ته اهو انهن جي معاشري ۽ سياسي نظام جو مطالعو هوندو آهي. ڳولا ۽ تحقيق جو دارومدار انهن مقصدن ۽ مفروضن تي هوندو آهي. جيڪي عامل آهن يا سائنسدانن جا حقيقت ۾ مول متن ۽ مقصد هوندا آهن، پر سائنسدانن جي گروه جي سڃاڻپ جي معاملي جو اثر سائنسي ۽ تهذيبي دائرن تي پوڻ فطري آهي.
اطلاعن جي طوفان اسان جي دور ۾ انسانيت جي سمورن حصن کي ان حد تائين پار ڪري ورتو آهي جو يورپ وارا به سمجهڻ ۽ چونڊڻ جي صلاحيت ۾ پوئتي رهجي ويا آهن. جڏهن ته اطلاعن کي پيدا ڪرڻ وارا اهي پاڻ ئي آهن ۽ انهن کان سواءِ ٻين ماڻهن جو ڪردار ثانوي آهي. برقي اطلاعن جو نظام جديد تمدن جي پيداوار آهي. ان ڪارڻ کان اڄ جي اطلاعاتي بنياد تي قائم عمومي تهذيب اولهه جي تمدن جي قدرن سان ٻڌل آهي. اولهه جي تهذيب جا چاهيندڙ اطلاعن جي دنيا ۾ پيدا ٿيندڙ انقلابن کي هڪ نهايت ئي اهم ڪاميابي سمجهن ٿا.
اسان مان اهي ماڻهو، جيڪي اولهه کان ٻاهر رهن ٿا اطلاعن جي دنيا انهن جي سامهون هڪ چيلنج آهي. اڄ اطلاعن کي ترقي يافته صنعتي ملڪ پنهنجي اقتصادي ۽ سياسي فائدي جي حفاظت جي وسيلي جي حيثيت سان استعمال ڪري رهيا آهن. چاهي انهن جا اهي مفاد دنيا جي عوام جي اڪثريت جي نيڪ مفادن سان ڀلي ميل نه کائيندا هجن ۽ اهي ماڻهو جديد تمدن جي دائري کان ئي ٻاهر رکيا ويا هجن.
بس اطلاعن جي انقلاب جي مفاد کي انسانيت جي لاءِ ڪجهه ماڻهو ڪيڏي به خوش بيني جو اظهار ڪن، پر ان ۾ شڪ ۽ شبهي جي ڪابه گنجائش نه آهي جو سياسي ۽ تهذيبي موضوعن تي مشتمل اطلاع گهڙيا وڃن ٿا ته جيئن صنعتي طاقتن جي مفادن جي حفاظت ڪئي وڃي جيڪا پڻ محروم ۽ ڪمزور ۽ مظلوم ماڻهن جي حقن ۾ خيانت آهي.
اسان هن طرح جي اطلاعن جو استعمال ڪندڙ ماڻهو ان ڳالهه کي نظرانداز نٿا ڪري سگهون جو ان طرح جي اطلاعن کي وجود ۾ آڻڻ ۽ ڦهلائڻ ۾ اولهه جي مٿڀرائي کي قائم رکڻ جي سياسي خواهش آهي. اولهه کان علاوه ماڻهن کي اها تعليم ڏني ويندي آهي ته اولهه جي مٿڀرائي کي قانوني اعتبار کان جائز تسليم ڪيو وڃي. اولهه جي تمدن سدائين سڀني اطلاعن ۽ ابلاغ جي وسيلن تي قبضو ڪري، ان تي ماڻهن جي ذهن ۽ انهن جي زندگي تي غلبو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ اهو اڄ به ان ڪم ۾ مشغول آهي.
ان جو مطلب اهو نه آهي ته اسان پنهنجو پاڻ کي اطلاعن جي دنيا کان، جنهن تي اولهه ڇانيل آهي، الڳ ٿلڳ ڪريون. اصل ۾ اها ڳالهه ڪا نامناسب به آهي ۽ پڻ ناقابل عمل به. ڇو ته اطلاعن جو دائرو دنيا ۾ هميشه وسيع کان وسيع تر ٿي رهيو آهي. اڄ جي دنيا جي واقعن جي باري ۾ باخبر هجڻ لازمي آهي ته جيئن دنيا ۾ اسان پنهنجي مقام کي سمجهي سگهون ۽ پنهنجي مستقبل جي لاءِ منصوبه بندي ڪري سگهون. جيڪڏهن اسان دنيا جي اطلاعن جي سلسلي ۾ الڳ ٿلڳ ٿي وڃون ٿا ته اسان ٻين جو نشانو ۽ غلام بڻجي وينداسين. ڇو ته اهي ئي ماڻهو انهن اهم ۽ حساس ڳالهين تي ڪنٽرول رکن ٿا.
اسان کي پنهنجي تاريخي ارتقاء ۽ سماجي بلوغيت جي ان سطح تي پهچڻ گهرجي جو اتان اسان ٻين جي فڪرن ۽ انهن جي ڪوشش جي باري ۾ صحيح فيصلو ڪري سگهون ۽ ان طرح سان اسان دنيا ۾ پنهنجو مقام ۽ مرتبي کي سڃاڻون ۽ پنهنجي گهر کي صحيح ڪريون. ان طرح اسان اهو چونڊي سگهون ٿا ته نئين دنيا ۾ اسان جي لاءِ ڪهڙي شيءَ فائدي واري آهي ۽ ڪهڙي شيءَ نقصان واري آهي . جيڪا شيءَ نقصان واري آهي ان کي رد ڪري سگهون ٿا انڪري اسان ٽن محاذن تي متحرڪ ٿي وڃون.
سڀ کان پهرين اسان کي پنهنجي دور جي خصوصيتن ۽ اولهه جي تمدن جي، پنهنجي دور جي سڀ کان وڏي علامت سمجهڻ گهرجي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته اولهه جي تمدن جي قدرن ۽ اصولن کي سمجهڻ ٻنهي نقصان رسائيندڙ انتهائن کان يعني ان سان نفرت ۽ پوري طور سان ان سان گڏ وهي وڃڻ مان خود کي آزاد ڪرائڻ. ٻئي محاذ تي اسان ماڻهن کي پنهنجي تاريخي سڃاڻپ کي، جيڪا گوناگون مصيبتن کي منهن ڏيڻ کان پوءِ به انسان جي دنيا جي لاءِ نهايت ئي قدرن جي تحفي جي حامل رهي آهي، تنهن ڪري ان کي مضبوطيءَ سان جهلڻ گهرجي.
۽ ٽئين معاذ تي اسان ماڻهن کي انهن مسئلن جي طرف توجهه ڏيڻ گهرجي، جيڪي اسان جي معاشري کي ٻاهران ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. يعني توسيع پسنداڻي اولهه جي سياست، اقتصاديات ۽ ثقافت تي غلبو پائيندڙ مزاج ۽ اسان کي ان سان گڏوگڏ پنهنجن اندروني مسئلن ۽ جهڳڙن جي طرف به پڻ توجهه ڏيڻ گهرجي.
اسان جون ڪيتريون ئي روايتون انسانن جون ٺاهيل آهن. اهي پنهنجي دور ۾ کڻي ڪيڏيون به عظيم ڇو نه رهيون هجن پر اهي هڪ مختلف تاريخي زمان ۽ مڪان سان تعلق رکن ٿيون ۽ بهرحال اهي اسان جي لاءِ احترام جي لائق ۽ مقدس آهن. پر اڄوڪن خيالن ۾ ڪٽر پڻي جي ڪري اسان جي معاشري ۾ گهڻيون ئي رڪاوٽون پيدا ٿي چڪيون آهن جيڪي انساني فڪرن ۽ ڪاميابين کي استعمال ڪرڻ کان روڪي رهيون آهن. اسان کي پوءِ اهو نه وسارڻ گهرجي ته صرف فطري دنيا ئي نه، بلڪ مذهب جي سلسلي ۾ به کوجنا ۽ تحقيق جاري رکڻ گهرجي. ڇو ته مذهب جي سلسلي ۾ اسان جون تعبيرون سدائين بدلجنديون رهنديون آهن.
ماضي سان اسان جي تعلق هئڻ جو اهو مطلب نه آهي ته اسان اولهه جي تمدن جون جيڪي نيون ڪاميابيون آهن، انهن جو انڪار ڪريون. اسان پنهنجي ماضي جي طرف اتي رهڻ جي لاءِ نٿا واپس ٿي سگهون، بلڪه پنهنجي سڃاڻپ کي سمجهڻ جي لاءِ جيڪا اولهه جي تمدن ۽ ثقافت جي حملي جي ڪري سڪڙجي وئي آهي، علم ۽ عزم سان اسان پنهنجو مستقبل بڻائي سگهون ٿا، پر ان ڪم جي لاءِ سڄي مسلمان دنيا جي مفڪرن ۽ مڃيندڙن جي مدد ۽ سهڪار لازمي آهي. اسان مسلمانن جي هڪ عظيم تاريخي ميراث آهي جيڪا اسان کي اڄ جي دنيا ۾ زنده رکڻ گهرجي.
مسلمان دنيا جي فرقن جي وچ ۾ موجود اختلافن جي باوجود اسلامي فڪر ۾ اتحاد ۽ تعاون، پوري اسلامي دنيا تي مشتمل ۽ نمايان آهي. اسلامي تاريخ ۾ ڪيتريون صديون پهرين اندلس جي مفڪرن دمشق ۽ بغداد ۾ ان ڳالهه جي تلقين ڪئي هئي، جنهن ڳالهه کي فارسي جي مفڪرن ۽ رياضيدانن آفريقا ۽ ميسوپوٽيما ۾ رهي ڪري پنهنجي گهر ۾ محسوس ڪيو هو. اها چيز اسان مسلمانن وٽ هڪ مضبوط تهذيبي تحريڪ کي جنم ڏئي سگهي ٿو.
سڀ کان پهرين اهو ڄاڻڻ جي ضرورت آهي ته اسان مشترڪ تاريخي لاڳاپن ۽ اقتدار جي نظام جا حامل آهيون، جيڪو اسان کي هڪ عظيم تمدن جي حيثيت سان اسلام عطا ڪيو آهي سو هڪ تمام وڏي تمدن جو بنياد آهي ۽ اها شيءَ اسان کي ان مان حاصل ٿئي ٿي. جيتوڻيڪ هي دور ماضيءَ جيان پنهنجي تمدن سان گڏ هاڻي دنيا ۾ ڇانيل نه آهي پر اڄ به اهو هڪ مشترڪ تجربي جو عظيم بنياد ۽ ذريعو آهي، جيڪو سڀني مسلمانن جي نمائندگي ڪري ٿو. اسان جو تعلق اسلام جي خداپرستي تي ٻڌل آهي جيڪو خدا جي وحدانيت ۽ مسلمانن کي پاڻ ۾ هڪ ڌاري جي ڪوڪي وانگر هڪٻئي سان ملائي رکي ٿو.
ٻيو اهو ته هن صدي ۾ ماڻهن جي وچ ۾ روز وڌندڙ بيداريءَ، سڀني مسلمانن ۾ وڌندڙ هڪ مقصد جي لاءِ اتحادجو هڪ غير معمولي احساس پيدا ڪري ڇڏيو آهي. ڇو ته اسان سڀئي اهو سوچون ٿا ته اسان مختلف شڪلين ۾ نئين آبادي جي نظام جو شڪار بنجي رهيا آهيون. اسان مان ڪوبه اهڙو نه آهي جيڪو نوآبادي نظام جو شڪار نه رهيو هجي. اسان مان ڪوبه اهڙو نه آهي جنهن نوآبادياتي طاقتن جي ڪري پنهنجي وقار ۽ پنهنجي آزادي کي تباه ۽ برباد ٿيندي نه ڏٺو هجي. اسان سڀئي پنهنجي آزادي ۽ حريت کي ان غلبي کان بچائڻ چاهيون ٿا. جيڪڏهن اسان مشترڪه درد ۽ مصيبتن کي ملائي ڇڏيون ۽ پنهنجن نظرين ۽ عقيدن ۾ اتحاد پيدا ڪري وٺون ته پوءِ اسان پنهنجن معاشرن جي بهتري ۽ خوشحاليءَ جي لاءِ ٻج ڇٽي ڇڏينداسين. اطلاعن جي وسيلن ۾ شرڪت ۽ سهڪار ان اتحاد ۽ اتفاق کي اڃا گهڻو واضح ڪري ٿو.
اسلامي جمهوريه ايران دنيا تي غالب ۽ حاڪم سياسي نظام سان، پنهنجن اختلافن جي باوجود سدائين اها ڪوشش ڪئي آهي ته سڀني مسلمان ملڪن جي وچ ۾ تمام گهاٽا تهذيبي ۽ سائنسي لاڳاپا هئڻ گهرجن ۽ اڄ به اسان جو عقيدو آهي ته سياسي اختلافن جي باوجود اهڙيون حالتون پيدا ڪيون وڃن جو سڄي مسلمان دنيا جا سائنسدان ۽ مفڪر گڏ ملي ڪم ڪري سگهن. سڀئي مسلمان پاڻ ۾ اتحاد پيدا ڪن ۽ معاشري جي ترقيءَ جي لاءِ پاڻ ۾ ملي ڪوشش ڪن.