مذهب

اسلام، ڊائلاگ ۽ مهذب معاشرو

ڪتاب ”اسلام، ڊائلاگ ۽ مهذب معاشرو “ ايران جي اڳوڻي صدر سيد محمد خاتمي جي تقريرن تي مشتمل آهي، جنهن جو سنڌيڪار انجنيئر مومن علي شاهه آهي.
سيد خاتمي صاحب هڪ معتدل قسم جو عالم، مدبر، مفڪر آهي، جنهن ايران جي انقلاب ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ ان کي ڪاميابيءَ سان همڪنار ڪري، ان کي اڄ جي دنيا ۾ زندگيءَ جي هر شعبي ۾ لاڳو ڪري ڏيکاريو.
هن ڪتاب ۾ ٻارنهن باب آهن جيڪي مختلف عنوانن تي مشتمل آهن. هرهڪ جو مقصد مسلمانن جي اندروني حالت، مغربي دُنيا جو مسلمانن ڏانهن رويو، مسلمانن جي ترقي لاءِ ٻڌايل ضروري ڳالهيون ۽ نسخا، انهن جي رستي ۾ رڪاوٽن جي موجودگي ۽ مذهب جي صحيح سمجهه رکڻ ڏانهن ضروري مواد موجود آهي.
Title Cover of book اسلام، ڊائلاگ ۽ مهذب معاشرو

باب پهريون: تمدنن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ اسلامي دنيا

2001ع جنهن کي دنيا “تمدنن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جو سال”قرار ڏنو آهي، يقيناً تمام گهڻو اهم ۽ ذڪر جي قابل پيغامن تي مبني آهي. شايد دنيا ۾ ڪجهه چند ئي اهڙا موضوع هوندا آهن، جن کي عالمي مقبوليت حاصل ٿي هجي، بهرحال ان موضوع تي ڳالهه ٻولهه ۽ غور فڪر لاءِ ان جو خلاصو هيٺ ڏجي ٿو.
1. ان تجويز جي جلد ئي تائيد ان ڳالهه طرف اشارو آهي ته انسانيت کي ڳالهه ٻولهه ۽ سمجهه ۽ فڪر جي بي حد ضرورت آهي.
2. اهو تصور، ان جو خاڪو ۽ ان جي منظوري، ان وقت عمل ۾ آئي، جڏهن هڪ صدي جو خاتمو ٿي رهيو هو. اهڙي صدي جيڪا جنگ، افراتفري، غضب، امتيازي سلوڪ، دهشت ۽ خوف سان ڀريل هئي. خوش قسمتي سان ان طرح جي مونجهارن ۽ جنگين ۾ اسلامي دنيا جو ڪو به ڪردار ناهي رهيو، بلڪ گهڻن ئي موقعن تي اسلامي دُنيا پاڻ به جنگ ۽ جارحيت جو شڪار ٿي آهي. موجوده دور صورتحال جي مقابلي ۾ ٻئي مهاڀاري لڙايون اولهه ۾ اولهه وارن ئي وڙهيون آهن. سڄي دنيا ۾ حقن جي ڀڃڪڙيون به اسلامي دنيا کان ٻاهرين دنيا جي وچ ۾ ٿيون آهن. ايشيا، آفريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا کنڊن ۾ انساني حقن کي لتاڙيو ويو ۽ فلسطيني عوام کي خاص طرح وحشياڻن ظلمن جو شڪار بڻايو ويو. اها عدم مساوات ۽ اڻ برابري انهن غير مسلم ملڪن تي مسلط ڪئي وئي، جيڪي صنعتي ۽ ترقي يافته ملڪن جي فهرست ۾ شامل نه هئا. بهرحال انهن سڀني حالتن سان گڏوگڏ خونريزي، قتل و غارتگري ۽ شدت پسندي، ڦرمار سان ڀريل هن صدي جي پڄاڻي ۽ نئين صدي جي آغاز جي موقعي تي ڳالهه ٻولهه ۽ غور و فڪر جي پاڇي ۾ دنيا جي انسانن لاءِ هڪ روشني ۽ بهتر مستقبل جي وڪالت ڪئي پئي وڃي.
3. ان ۾ اهم ترين ڳالهه اها آهي ته جنهن تصور کي سڄي دنيا قبول ڪيو، ان جو خاڪو مسلمانن ئي ٺاهيو هو. اهو گذريل صدي جي آخري پنجاه سالن جي دوران مسلمان قومن ۽ اسلامي دنيا جي خود اعتمادي، اعتقادي ۽ خود انحصاري جو هڪ ٻيو ثبوت آهي. تمدنن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جو تجويز ڪيل محرڪ به خود هڪ قديم ۽ اهم تهذيب ۽ تمدن جو وارث آهي. اهو ان کان چڱيءَ طرح واقف آهي ته انسانن جي لاڳاپن جو انحصار طاقت ۽ زورآوري تي نه آهي، بلڪ عقل پسندي ۽ ڳالهه ٻولهه تي ئي مبني آهي. تمدنن جي درميان ڳالهه ٻولهه جهڙي اهم موضوئن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ وارو عقل پسندي کي اهميت ڏئي ٿو ۽ پنهنجي زندگي عقل پسندي جي بنياد تي پڻ بسر ڪري ٿو، جيڪو اصل ۾ عقل ۽ فهم جو بنياد به آهي. اسان عقل پسندي ۽ ڳالهه ٻولهه تي ئي يقين رکون ٿا ۽ مذهب ۽ تاريخ به اسان کي اهوئي سبق سيکاريو آهي. اهي مسلمان ئي ته هئا جن اولهه وارن کي تاريخ، فلسفو ۽ مدنيت ۽ شهريت کان واقف ڪيو. يوناني سائنس، فلسفي ۽ عقليت جو يورپ جي قومن ۾ منتقل ٿيڻ، مسلمانن سان انهن جي ملاقات ۽ انهن سان لاڳاپن جي ڪري ٿيو. يورپ وارن تحمل ۽ برداشت جو سبق اسان کان سکيو، پر اها ڪيڏي نه مزحڪهخيز ۽ طنز آميز ڳالهه آهي ته اڄ اهي اخلاقي تعليم ۾ تحمل ۽ برداشت جو سبق اسان کي ڏئي رهيا آهن. اولهه، جو عظيم اسلامي تمدن جو مرحون منت آهي. اسلامي دنيا اڄ به هڪ عظيم تمدن جي وارث آهي پر يقيناً اها حقيقت به ڍڪيل نه آهي ته اسان جي تمدن ۽ اسان جي موجوده حالت ۾ وڏو فاصلو پيدا ٿي ويو آهي.
4. تمدنن جي درميان ڳالهه ٻولهه جو مطلب ئي اهو آهي ته قومن ۽ ملڪن ۾ مساوات ۽ برابري هجي. ٻين لفظن ۾ ڪوبه شخص ٻئي شخص سان تڏهن ئي ڳالهه ٻولهه ۽گفتگو ڪندو آهي، جڏهن ان کي قابل احترام سمجهندو آهي ۽ ان کي پنهنجي برابر سمجهندو آهي. سامراجيت ۽ نئي آبادياتي نظام جي وسيلي، جيڪو گذريل ٻن ٽن صدين کان دنيا جي ڪجهه حصن تي حڪمران هو، عوام ۽ قومن کي پهرين ۽ ٻئي درجي وارن شهرين ۾ ورهايو ويو. يعني ڪجهه قومن کي جبلي طور تي حڪومت ڪرڻ جو حق حاصل هو ۽ ڪجهه ٻين قومن کي حڪمران طبقي جي پيروي بحرحال ڪرڻي هئي. جنگ جي شروعات اتان کان ئي ٿئي ٿي، جڏهن هڪ ڌر طاقت جي ذريعي فقط پنهنجي لاءِ گهڻن حقن جو تعين ڪري ٿي ۽ هر حال ۾ پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، چاهي ان کي جنگ ڇو نه ڪرڻي پوي. ان طرح جي جنگ نا انصافي ۽ امتيازي سلوڪ جو نتيجو ٿئي ٿي، پر جڏهن “تهذيبن جي درميان ڳالهه ٻولهه” جي تجويز اڳيان رکي وڃي ٿي ۽ اها منظور به ٿي وڃي ٿي ته ان جو صاف مطلب اهو آهي ته قومن جي وچ ۾ مساوات ۽ برابري جي تجويز، جيڪا پڻ قومن جي پسنديده تجويز آهي، اها تسليم ڪرڻ خود انسانيت جي تمام وڏي ڪاميابي آهي.
5. هاڻوڪي دور ۾ اسان مسلمان پنهنجي ڪيترن ئي مشترڪ عنصرن کي سامهون، رکندي ان ڳالهه جي خلوص سان ڪوشش ڪريو ته اسان جا پاڻ ۾ اختلاف گهٽ کان گهٽ ٿين. ڇو ته اسان جا ذڪر لائق هاڻوڪا اختلاف ان مذهبي علم اصول ثقافت ۽ لفظن جي معنيٰ ۽ مفهوم سان تعلق رکن ٿا، جن کي ختم ڪري سگهجي ٿو. ٻيون مشڪلاتون ۽ تڪليفون انهن ماڻهن جون پيدا ڪيل آهن، جيڪي اسلامي دنيا کي متحد ڏسڻ نه ٿا چاهين ۽ جيڪڏهن انهن مصيبتن کي پيدا نه به ڪيو ته گهٽ ۾ گهٽ هاڻوڪن اختلافن کي هوا ڏيڻ ۾ اهي بنيادي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
بس اختلافن کي ختم ڪري سگهجي ٿو، جيئن ڪجهه اختلاف، استشنائي ۽ فڪري نوعيت جا حامل آهن، ڇو ته ماڻهو پنهنجي فطرت جي اعتبار کان مختلف طرح جا ٿين ٿا. اسان سڀ هڪ طرح جو نٿا سوچيون ۽ اسان جي تعبيرن ۽ تشريحن ۾ پڻ اختلاف موجود آهي، تنهن ڪري متعدد ۽ گوناگون هڪ جهڙاين جي روشني ۾ اسان پنهنجي اختلافن کي گهٽ ڪري، پنهنجي ترقي ۽ ڪمال جي طرف وڌي سگهو ٿا. فڪرن ۾ هڪجهڙائي ٽڪراءُ پيدا نٿي ڪري، ڇو ته ٻن طرحن سان سوچڻ نه رڳو ٽڪراءُ يا ڪنهن مسئلي جي ايجاد نه آهي پر فڪرن ۽ خيالن جي وچ ۾ اختلاف ۽ ٽڪراءُ فڪري ارتقاءِ ڪمال جو سبب ٿئي ٿي. واضح رهي ته فڪر ۽ سوچ جي ٻن حصن ۾ ورهاست اختلاف ۽ عداوت ۽ جارحيت ۽ جنگ کي جنم نٿي ڏي، بلڪ ڪمال جي منزل تائين رسائي حاصل ڪرڻ جو وسيلو ٿئي ٿي ۽ ان ڪمال جي منزل کي حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهريان اسان کي اتحاد جي بنياد جي طرف موٽڻ گهرجي ۽ اهو به صحيح نموني سمجهڻ گهرجي ته اها ڳالهه ٻولهه عقلي معيار ۽ دليلن ۽ تعقل پسندي جي بنياد تي ئي هوندي آهي.
6. مذهبي معاشرن جي هڪ وڏي بيماري ۽ بدقسمتي، جنهن ۾ اسلامي دنيا گهڻائي دفعا مبتلا ٿي چڪي آهي، اها هيءَ رهي آهي ته مذهب سان گڏ تعقل پسندي ممڪن نه رهي آهي، پر ان حقيقت کي وساريو وڃي ٿو ته مذهب کي تعقل پسندي جي ذريعي ئي سمجهي سگهجي ٿو، ڇو جو تعقل پسندي کان سواءِ انسان وٽ ٻيو ڪو ئي ذهني اوزار موجود ئي نه آهي. عقيدو هئڻ ۽ عقيدو نه هئڻ جو اختلاف صرف اهو نه آٓهي ته هڪ غير مذهبي عقل جو استعمال ڪري ٿو ۽ مذهب واري کي ان تعقل پسندي جي ضرورت نه آهي. انهن ٻنهي کي عقل جي طاقت جي ضرورت آهي ۽ ان جو استعمال به ڪرڻ گهرجي، پر فرق صرف اهو ٿئي ٿو ته صاحب عقيده وٽ ٻه ڪتاب هوندا آهن جڏهن ته بغير عقيدي وارو شخص صرف هڪ ڪتاب جو حامل هوندو آهي. هڪ مذهبي ماڻهو جي علم جو بڻياد وڏو آهي، تنهنڪري انهيءَ اعتبار کان ان جون ڪاميابيون به گهڻيون آهن. هڪ شخص جيڪو منڪر خدا آهي اهو صرف فطرت جي ڪتاب مان ئي الهام حاصل ڪري ٿو.
7. اسان جي سڃاڻپ جو اسان جي ماضي سان گهرو لاڳاپو آهي پر ان جو هرگز اهو مطلب ڪونهي ته اسان پنهنجي ماضي جي طرف واپس وڃون. خدا جو پيغام وحي جي ذريعي اسان تي ماضي ۾ ئي موڪليو ويو هو، پر اهو ڪنهن هڪ زماني لاءِ نه هو. انڪري اسان کي ماضي جو حوالو پڻ ڏيڻ گهرجي، ڇو ته اسان جي سڃاڻپ ماضي ۾ ئي آهي، پر اسان کي ماضي ۾ ئي نه رهڻ گهرجي اها ته هڪ قسم جي واپس ٿي ويندي. ماضي ڏانهن اسان ان لاءِ ڏسون ته اسان کي اڳيان مستقبل ڏانهن وک وڌائڻ لاءِ فقط هڪ تختو ملي وڃي.
8. مستقبل ڏانهن اڳيان وڌندي اسان اڄ جي دنيا کي پوري نموني سمجهون ۽ انساني تمدن ۽ فڪرن جي مثبت ڪاميابين مان پورو پورو فائدو وٺون، پوءِ ڀلي اهي ڪٿي به هجن. صرف انهيءَ طريقيڪار سان ئي اسان پنهنجي ماضي جي عظمت ۽ شان کي ٻيهر زنده ڪري سگهون ٿا. پنهنجي حال ۽ مستقبل کي سامهون رکندي، زندگي جو ڍنگ اهڙو اختيار ڪيو وڃي، جنهن ۾ روحاني صفتون ۽ الهام هجي. پر ان سان گڏ انساني تعقل پسندي ۽ انساني حقن جو پورو احترام ڪيو ويندو هجي.
9. هڪ ٻئي خراب صورتحال اها آهي، جنهن ۾ مذهب ۽ آزادي کي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ۽ مخالف بڻائي پيش ڪيو وڃي ٿو. قرون وسطيٰ ۾ مذهب کي تعقل پسندي ۽ آزادي، جي خلاف سمجهيو ويندو هو …نتيجي ۾ ٻنهي جو نقصان ٿيو …اڄ جي آزاداڻي ماحول ۾ پوري آزادي موجود آهي پر هڪ اهڙي آزادي جيڪا روحانيت کان آزاد هجي ۽ انساني زندگي جي روحاني عنصرن کان پري هجي. نتيجي طور موجوده زندگي قسمين قسمين مشڪلاتن سان گهيريل آهي، جنهن جو اعتراف خود اولهه وارن ڪيو آهي. مذهب آزادي کان سواءِ هڪ غلامي جي زندگي، بلڪ هڪ اهڙي زندگي جو متبادل آهي جيڪا وقار ۽ عزت کان عاري هجي. سچ ته اهو آهي ته مذهب تعقل پسندي، آزادي ۽ حريت جي پرورش ڪري ٿو ۽ مڪمل طور تي انهن جي مدد ڪري ٿو. خدا ئي مذهب ئي اسان کي اها شيءَ سيکاري آهي. انهن معيارن ۽ اهڙن ٻين ڪيترن ئي عنصرن تي يقين ڪندي “تهذيبن جي درميان ڳالهه ٻولهه” ڪرڻ جي تياري ڪرڻ گهرجي ۽ دنيا کي پنهنجي مذهب ۽ تمدن جي شاندار پر لڪيل عظمت کان روشناس ڪرائڻ گهرجي.
10. دنيا جي ٻين تمدنن ۽ تهذيبن جي مثبت پهلوئن مان ڀرپور ۽ پوري ڪشادگيءَ سان فائدوٺڻ گهرجي ۽ اهو هڪ معنيٰ ۾ جذب ۽ قبول ڪرڻ جو عمل آهي ۽ اهو پڻ انسان جو ئي هنر آهي، جيڪو پنهنجي ۽ پنهنجي ماضي جي سڃاڻپ ڪري عقل ۽ تعقل پسندي تي زندگيءَ جوبنياد رکي ٿو ۽ جيڪو ٻين حاصل ڪري ورتو آهي، ان مان پوءِ پورو فائدو وٺي ٿو ۽ اهو عمل انڌي تقليد کان بلڪل مختلف آهي.