پيش لفظ
“تهذيبن ۽ تمدنن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه” جو محاورو اهڙين صفتن جو حامل آهي جيڪي ظاهر ۾ هڪ ٻئي کان مختلف بلڪه متضاد هونديون آهن. ڳالهه ٻولهه هڪ طرف ته انسان جي تهذيبن ۽ تمدن جي تاريخ جهڙي قدامت جي حامل آهي، پر ٻئي طرف جديديت ۽ تازگي به پاڻ سان گڏ کنيو هلي ٿي. ان اختلاف کي سلجهائڻ ايڏو مشڪل ڪم ڪونهي. انهيءَ شرط تي ته اسان ڳالهه ٻولهه جي ظاهري ۽ حقيقي معنيٰ ۽ مطلب مراد وٺون، جيڪو ڳالهه ٻولهه جي گهڻي عرصي کان تاريخ جي مطابق به هوندو. بهرحال تهذيبن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي محققاڻي بيان کي هڪڙو وسيلو مڃيندي، تهذيب، تمدن ۽ انسان جي اهڙي وصف بيان ڪرڻي پوندي، جو اها ڳالهه ٻولهه جو روح ۽ ان جي حقيقي جوهر کان نه ٽڪرائي. ان مقصد ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسان کي انساني وجود جي اجتماعي پهلؤ جي طرف خاص توجهه انساني تمدن جي وسعت ۽ عظمت ۽ ان ڳالهه تي خاص زور ڏيڻو پوندو ته دنيا جي ڪابه اهم ۽ عظيم تهذيب اڪيلائي ۽ گوشائتي دنيا ۾ پروان نه چڙهي آهي. ٻئي عبارت ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته عالمي تهذيبن ۽ تمدنن جي انهن پهلوئن کي بقاء ۽ ترقي حاصل ٿي آهي، جن ۾ ترسيل ۽ ابلاغ جي توانائي ۽ صلاحيت اعليٰ درجي تي موجود هئي. ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ ان صلاحيت جا اهم جزا رهيا آهن. سڀني تمدنن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي طريقي تي ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ کي بنيادي حيثيت حاصل آهي. ٻڌڻ هڪ صفت آهي جيڪا هر ماڻهوءَ ۾ آسانيءَ سان موجود نه هوندي آهي، بلڪه اها صفت پيدا ڪئي ويندي آهي ۽ ان ڪم جي لاءِ اهڙي مسلسل تربيتي ڪورس جي ضرورت هوندي آهي جنهن جي ذريعي انسان جي اخلاقي، ذهني ۽ عملي صلاحيتن کي وڌائي سگهجي. ٻڌڻ هڪ مجهول ۽ بيڪار عمل نه آهي، بلڪ اهو مسلسل عملي سرگرمي جو نالو آهي، جنهن ۾ خطاب ڪندڙ ٻڌندڙ جي خدمت ۾ پنهنجي تخليقي اڪتشافي، آزمودي ۽ تجزياتي دنيا جو هڪ منظر پيش ڪري ٿو. ائين عملي ۽ سرگرم سماعت کان سواءِ ڳالهه ٻولهه جو اصل مقصد ئي فوت ٿي وڃي ٿو.”
اطلاعاتي ۽ علمي انقلابن جي مدد سان، موجوده دور کي مڪمل ۽ صحيح طور تي سمجهي سگهجي ٿو. “ان مرحلي مان گذرڻ کان پوءِ “تهذيبن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه” جي مڪمل ۽ حقيقي مفهوم تائين وڏي آسانيءَ سان پهچي سگهجي ٿو. پر ان مقصد ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي لاءِ مختلف پر اهم نڪتن جي طرف خاص توجهه ڏيڻ لازمي هوندو. ان ۾ هڪڙي خاص ڳالهه هيءَ آهي ته هڪ وڏي سياستدان ۽ هڪ ماهر فنڪار جي وچ ۾ لاڳاپن جي سمجهه آهي ۽ ٻي اهم ڳالهه اخلاقي علم ۽ سياسي علم جي وچ ۾ رابطي ۽ تعلق جو علم هئڻ به ضروري آهي. ان کان پوءِ سياسي ماهرن ۽ مشهور فنڪارن جي وچ ۾ لاڳاپن جي نوعيت کي ڄاڻڻ ضروري آهي. ٻنهي جماعتن جي وچ ۾ اختلاف جو وجود هڪ فطري ڳالهه آهي. ڇو ته ٻنهي جو انساني ڪوشش جي مختلف شعبن سان تعلق هوندو آهي. پر ڏسڻو اهو آهي ته انهن ٻنهي کي ڪهڙي شيءَ ويجهو آڻي سگهي ٿي ۽ ڪهڙن پهلوئن کان انهن ٻنهي ۾ ڀيٽ ۽ موازنو ممڪن ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن اسان سياست جي سادي ۽ جامع وصف کي نظرانداز ڪندي، سياسي لاڳاپن جي شبعي ۾ ڪجهه عمدن سفارتي طريقن جو استعمال ڪريون ته اهو بذات خود هنر چئبو آهي ۽ ان طرح اسان هڪ ماهر فنڪار ۽ سياستدان جي وچ ۾ وڌيڪ گهرن لاڳاپن جي سمجهه وڏي آسانيءَ سان ڪري سگهون ٿا، ته هڪ فنڪار ۾ اها صلاحيت اندر موجود آهي ته هو “موجوده دؤر” ۾ زندگي گذاريندي ان حاضر کي “ابديت” ۾ به تبديل ڪري سگهي ٿو. ان ابديت جي تخليق ڪڏهن ۽ ڪهڙي وقت جي تصور سان فنڪار پنهنجي فن پاري جي تخليق جو ڪم انجام ڏئي ٿو؟ موجوده جماعت جي رڪن جي حيثيت سان، موجوده زماني ۾ ان تخليق کي ڏسي ڪري اسان خوش ٿي وڃون ٿا. انهيءَ صفت کي فنڪار جي جادوئي صفت جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي ۽ فقط عظيم فنڪارئي انهيءَ مرتبي کي حاصل ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. اهڙي ريت هڪڙي فن پاري جي تاريخي تقدير، ابديت ۽ دائمي رنگ ۾ رنگي ويندي آهي ۽ اسان ان حقيقت کان چڱي نموني واقف آهيون ته قومن جي تاريخي تقدير، عظيم سياست جي ماهرن جي وسيلي ئي خاص موقعن تي ئي لکي ويندي آهي.”
هندوستان ۽ ايران جي وچ ۾ لاڳاپا صديون پراڻا آهن. اسان ٻئي وڏي آسانيءَ سان “قومن ۽ تهذيبن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه “جي ذريعي جهالت جي ڪلهن تي سوار، دهشت گرديءَ جي وڌندڙ ظلمن جي روڪٿام ڪري سگهون ٿا. صدر محمد خاتميءَ جو هيءُ ڪتاب سندس فڪري هلت چلت، عقل ۽ فهم ۽ سندس شعور ۽ فلسفي کي سمجهڻ ۾ گهڻو مفيد ۽ ڪارآمد ثابت ٿيندو.
اِندرڪمار گجرال
۱۸ جنوري ۲۰۰۳ع.