باب ٻيو: اوڀر ۽ اولهه جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه
اهو جملو “تمدنن ۽ تهذيبن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه” جنهن کي ٻين تمدنن ۽ تهذيبن سان مڪالمي جي طور تي سمجهڻ گهرجي، دراصل حق ۽ سچ جي تعريف تي ٻڌل آهي ۽ اها تعريف لازمي طور تي “حق” جي ٻين معروف تعريفن جي مقابلي ۾، جيڪي فلسفي جي متنن ۾ ملن ٿيون، کان نرالي يا عجيب نه آهي. “تمدنن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه” ان ڳالهه جي گهُر ڪري ٿي ته ٻين تمدنن ۽ تهذيبن کي ٻڌو وڃي ۽ ٻين کي ٻڌڻ جي اهميت انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ سان گهٽ نه ٿئي ٿي، بلڪ اها ان کان به گهڻي اهم آهي.
ڳالهه ٻولهه ۽ ٻڌڻ ئي مڪالمي ۽ گفتگو جو سبب بڻجي ٿو. هڪ فريق ٻئي کي مخاطب ٿئي ٿو ۽ مڪالمي جي ڏي وٺ ٿئي ٿي. انسان کي ڪهڙين حالتن ۾ مخاطب ڪيو ويندو آهي، ٻين لفظن ۾ جنهن موقعي تي خطاب ڪيو ويندو آهي، ان وقت مخاطب ڪهڙي حالت ۾ آهي. سائنس جي دنيا ۾ خطاب يا مڪالمو نه هوندو آهي. سائنس فقط هڪ شعوري ڪوشش آهي شين جي تعلق کي معلوم ڪرڻ جي ۽ ان ڪارڻ ڪري سائنسي گفتگو انسان جي شعور جي سطح کان سبقت نه ٿي وٺي سگهي. پر ان جي ابتڙ هنر ۽ مذهب جي دنيا گفتگو ۽ مڪالمي جي دنيا آهي. هنر ۽ فن جو ڪو به شاهڪار انسان کي پنهنجي طرف متوجهه ڪري ٿو، ان سان مخاطب ٿئي ٿو ۽ مذهب ۾ خدا جو ڪلام انسان سان خطاب ڪري ٿو. انهيءَ جي ڪري عرفان ۽ مذهب جي زبان پاڻ ۾ حقيقي ۽ گهرائي سان مربوط هوندي آهي ۽ انهيءَ ڪري ابتدائي دؤر جا جيڪي هنري شاهڪار آهن اهي تخليق ٿيل ته انسان جا آهن پر اهي مقدس هنر و فن جا نمونا پڻ آهن.
بائبل ۽ قرآن پاڪ ۾ بار بار انسان کي مخاطب ڪيو ويو آهي ۽ انهيءَ تخاطب جي سبب هڪ شخص جو انفرادي انساني وجود اعليٰ مقام حاصل ڪري وٺي ٿو.
جيڪڏهن صنعتِ اشتقاق جي طور تي ڏسون ته شخص جو لفظ “Persona “جي متعلق آهي، جنهن مان مراد اهو ٻوٿاڙو (Mask) آهي، جنهن کي اداڪار ٿيئيٽر ۾ پنهنجي منهن تي لڳائيندا آهن. اهم نقطو هتي هي آهي ته مذهبي تخاطب جو تصور، جڏهن انسان سان خدا خطاب ڪري رهيو آهي، آفاقي آهي ۽ اهو ۽ سڀني سطحن تي آهي، يعني اهو فقط مذهبي تعليمات ۽ ڪردار و عمل جي محدود دائري ۾ نه آٓهي، اهڙي حالت ۾ انجي نفسياتي، سماجي يا ڪنهن تاريخي پهلؤ سان خطاب نه ڪيو ويو آهي پر انسان جي حقيقي، غير تاريخي ۽ انفرادي طبيعت کي خطاب ڪيو ويو آهي. انهيءَ ڪري سڀئي آسماني مذهب پنهنجي جوهر جي اعتبار کان مختلف نه آهن. اختلاف رڳو مذهبي قانونن ۽ ڪردار ۽ عمل جي دائري ۾ ئي آهي. اهو انساني زندگي کي قانوني ۽ سماجي اعتبار کان ئي پنهنجي ضابطي ۾ رکي ٿو؟
اسان کي پنهنجو پاڻ کان اهو سوال ڪرڻ گهرجي ته اهو شخص، جنهن سان خطاب ڪيو وڃي پيو، سو ڪير آهي؟ ابتدائي دؤر جي فلاسافرن پنهنجي وقتن ۽ پنهنجي قوت ۽ توانائي جو گهڻو حصو ان سوال جي جواب معلوم ڪرڻ ۾ ئي خرچ ڪيو آهي. انهن انهيءَ وضاحت ۾ ته ڪئين ۽ ڪهڙي طريقي سان انسان کي سڃاتو وڃي ۽ پوري معنيٰ ۾ ان جيءَ اندروني حصيءَ کي ڏٺو وڃي، ڪئين ڪو شخص پنهنجي سڃاڻپ پاڻ ڪري سگهي ٿو ۽ پاڻ سڃاڻڻ جي منزل تائين پهچي سگهي ٿو، پنهنجون زندگيون وقف ڪري ڇڏيون ۽ فلاسفرن جي جستجو ۽ ڳولا جو گهڻو حصو انهيءَ ۾ گذريو آهي.
فلسفي جي اعتبار کان تشريح هڪ دلچسپ داستان آهي. ان ۾ اهي واقعا به شامل آهن، جن جو تعلق خود شناسي ۽ خودڪشفي متعلق آهي. فلسفي جي الف ليليٰ ۾ ڪيئي وڏيون ڊگهيون راتيون، فلسفي جي تاريخ جي بيان ۾ گذري وينديون. ان مان ڪجهه پهريون دفعو اوڀر ۾ بيان ڪيون ويون ۽ ڪجهه اولهه ۾. هتي اها ڳالهه ڌيان جي لائق آهي ته اوڀر جون ڪهاڻيون انسان جي اڀرندي پهلو کي بيان ڪن ٿيون، جڏهن ته اولهه جي ڪهاڻين ۾ اولهندي جي خاصيت سامهون اچي ٿي. اصل ۾ انسان ۾ اوڀر جي روح ۽ اولهه جي تعقل پسندي (سمجهه) جمع ٿي وئي آهي. ان ڪري ڪنهن هڪ جوهر جو انڪار اسان جي سوچ ۽ سمجهه کي انسان جي باري ۾ متاثر ڪري ڇڏيندو. “شخص” کي پوري نموني سمجهڻ جي سلسلي ۾ اسان جي ڪوشش “انفراديت” يا اجتماعيت، جي ڄار ۾ نه ڦاسي پوي. جيتوڻيڪ عيسائي مفڪرن جي نظرين به موجوده “فرد” جي تصور کي واضح ڪرڻ ۾ مدد ڪئي آهي، پر ان جو اهو مطلب به نه آهي ته انهن ٻنهي ۾ هڪ فطري تعلق آهي. جئين شخص يا ذات تي خصوصي ڌيان ڏنو ويو ۽ ان کي ڪلام الاهي کي حاصل ڪرڻ واري ذات جي حيثيت سان سڃاتو ويو آهي. منهنجي نظر ۾ اهو انفراديت پسندي جو اثر هو. يقيناً اڄ جي سماج ۾ اڪيلو هڪ شخص ئي سڀني ادارن لاءِ معيار ۽ “ڪسوٽي” آهي. قانون هجن يا سماجي تعلقات، شهري حق هجن يا انساني حق، انهن سڀني جو تعلق انهيءَ فرد واحد سان آهي. ٻئي طرف “اجتماعيت” جيڪا، انفراديت، جي مقابلي ۾ وجود ۾ آندي وئي هئي ۽ جنهن ۾ دراصل انفراديت جي تصور کي وڌائي پيش ڪيو ويو هو، ان ڪري انهن ٻنهي تصورن جو فلسفياڻي بنياد هڪ ئي آهي؛ جنهن جي ڪري اسان پنهنجي روحاني عقليت پسنديءَ جي بدولت انفرادي آزادي ۽ اجتماعي اشتراڪيت جي اختلاف کي سطحي ۽ اتفاقي تصور ڪريون ٿا. شخص يا ذات جي تصور کي اسلامي عرفان جي نقطهٔ نظر سان بخوبي بيان ڪري سگهجي ٿو. مسلمان، عارف انسان کي هڪ جهان تصور ڪري ٿو. يعني هڪ “ڪائنات” ۽ ننڍڙي (اصغر) انسان جي وجود جو دارومدار نه ته ان جي انفراديت تي آهي ۽ نه ئي ان جي اجتماعيت تي. ان جو اصل ان حقيقت تي ٻڌل آهي ته هو آهي ۽ هو اهوئي اڪيلو آهي، جنهن کي آسماني سڏ ڏنو ويو آهي. ان خطاب جي بدولت انسان جو روح پنهنجي سرحدن کي به پار ڪري ويو ۽ ان روح جي اچڻ سان اها ئي دنيا انصاف ۽ انسانيت جي دنيا بڻجي ويئي. فلسفي جي علم جي مشڪل سبقن جو اجمالي تجزيو ڪرڻ وارو ڪوبه شخص، ابتدائي مرحلي کان وٺي اڄ تائين اهوئي ڏسندو ته فلاسفرن جو لاڙو هڪ انتها کان ٻئي انتها طرف رهيو آهي. آخري قدم يا ان زنجير جي آخري ڪڙي جدت پسندي آهي. اهو لفظ شايد جديد ترين اصطلاح، جيڪو لاطيني لفظ (Modernu) (جديد) مان نڪتو آهي، ۽ ظاهري طور اوڻيويهين صدي ۾ پهريون دفعو استعمال ڪيو ويو، پر حقيقت ۾ اهو لاطيني لفظ ۱۵هين صدي کان استعمال ۾ آهي. جيتوڻيڪ ۱۹هين ۽ ۲۰هين صدي ۾ جدت پسندي يا جديديت جو استعمال تمام وسيع تصور سان گڏ مختلف ميدانن ۾ ٿيو. جيئن فلسفو، فنون لطيفه، سائنس، تاريخ ۽ اخلاقيات، انهن سڀني تصورن جو مشترڪ نسب اهو طوفان آهي، جنهن انساني وجود ۽ فڪر کي وچئين دؤر جي آخر ۾ لوڏي ڇڏيو. اهو هڪ اهڙو طوفان هو، جنهن انسان ۽ دنيا کي هڪ نئين دائري ۾ داخل ڪري ڇڏيو. انسان ۽ موجوده دنيا (جيستائين اها انسانن جي خيالن کان متاثر ٿئي ٿي) ان نئين دائري ۾ وچين دؤر کان پوءِ داخل ڪئي وئي. ان نئين دائري تي ان زماني ۾ جديد جو ٺپو لڳايو، ويو پر اڄ ان کي اسان نشات ثانيه جي نالي سان ياد ڪريون ٿا ۽ اٽلي نشات ثانيه جي پيدائش ۾ اهم ڪردار ڪيو آهي. جيتوڻيڪ ڪيترائي ڪتاب ۽ مضمون ان عظيم ڪارنامي کي بيان ڪرڻ ۽ ان جي وضاحت ۾ لکيا ويا آهن. پر اڄ به فلاسافرن، تاريخدانن ۽ سائنسدانن کي ان تي غور ۽ فڪر ڪرڻ گهرجي ۽ ان تي ڳالهه ڪرڻ اڃا به واجب آهي.
نشات ثانيه جومقصد صرف اهو نه هو ته اُها يونان جي ڪلاسيڪي ثقافت ۽ ان جي ڪلچر کي ٻيهر زنده ڪري. ان جو اصل مقصد هيءَ هو، جيئن ته گهڻن ئي مفڪرن ان طرف اشارو ڪيو آهي، ته مذهب کي ٻيهر زنده ڪيو وڃي ۽ ان کي نئين زبان ۽ جديد خيال ڏنا وڃن. نشات ثانيه مذهبي ماڻهو جي تعريف هن طرح ڪئي ته هو حقارت سان دنيا ڏانهن پٺ نه ڦيريندو ۽ نه ئي ان کي ترڪ ڪندو، پر دنيا ۾ ظاهر ٿيندڙ حالتن ۽ حادثن جو مقابلو ڪندو. نشات ثانيه جو اهو مذهبي ماڻهو دنيا ڏانهن ائين وڌندو آهي، جيئن دنيا پنهنجون ٻانهون کولي ان جي آجيان ڪري رهي هجي. اِها ٻه طرفي آجيان ۽ انسان ۽ دنيا جو هڪ ٻئي لاءِ کلڻ ئي نشات ثانيه جو بنيادي نڪتو آهي ۽ باطني طور تي اِهو هڪ مذهبي واقعو هو، جنهن جو مقصد مذهب جي حفاظت، اصلاح ۽ تبليغ هو؛ ان جي ترديد يا مخالفت هرگز مقصود نه هئي.
ان عظيم واقعي جو خاتمو هڪ خاص مدت ۾، اصل نيت ۽ خواهش جي ابتڙ ٿيو. دنيا ابتدائي مرحلي ۾ ئي پرتشدد ڪاميابين ۽ کوجنائن ۾ بدلجي وئي. اِهي پرتشدد ڪاميابيون رڳو فطرت کي ئي مسخر ڪرڻ تائين محدود نه رهيون، پر ان باه جلدي ئي انساني قومن کي پڻ پنهنجي چنبي آڻي ڇڏيو. يورپ جي سماجي ۽ سياسي تاريخ ۾، جنهن کي نئون آبادياتي نظام چيو وڃي ٿو، دراصل اُهو انسان جو حڪمراني ۽ تسخير جو جذبو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هو فطرت طبعي انساني علمن ۽ انسانيت تي قبضو ڄمائي ٿو ۽ نتيجي جي طور تي ظاهر آهي ته اسان ان باب کي، جيڪو جدت پسندي جي باري ۾ آهي، بغير انساني ۽ اخلاقي نقطهٔ نظر اپنائيندي پڙهي نه ٿا سگهون. جدت پسندي جو مبصر ۽ محقق، جيڪو مفيد نقطهٔ نظر جو حامل آهي، اهو يقينن ٻين مشهور تنقيدڪندڙن کان بلڪل مختلف هوندو. خاص طور سان فلسفي جي ميدان ۾ ڪوبه ماڻهو وڻ کي سنوارڻ ۽ ان جي آرائش ڪرڻ لاءِ ان جي ٽاري ياٿڙ کي نه ڪٽيندو، جنهن تي هو پاڻ بيٺل آهي. اسان جي دؤر جا ڪجهه فلاسفر جدت پسندي تي تبصرو ڪندي، بلڪل اِهوئي چئي رهيا آهن. تعقل پسندي کي جڏهن ڪوئي منطقي اختيار نه ڏنو وڃي، بلڪه اُهي ان کي هڪ اهڙي هٿيار طور استعمال ڪن ٿا، جيڪو هر چيز ۽ هر شخص کي تباه و برباد ڪري ڇڏي ٿو ۽ ان کي هڪ اهڙي تيز ۽ زنگيل تلوار ۾ بدلڻ چاهين ٿا، جنهن جي جاءِ ڪنهن عجائب گهر يا ميوزيم ۾ هجي. ڪوبه تعقل پسندي کي هڪ تنقيدي هٿيار طور تي استعمال نه ٿو ڪري سگهي، جيستائين بغير ان جي محدوديت ۽ پابندي کي تسليم ڪندي ان کي با اختيار نه بڻايو وڃي.
خالص تعقل پسندي جا مبصر، جن جي ڪري مغربي فلسفي ۾ هڪ نئين باب جو اضافو ٿيو آهي، اُهو هر شيءِ ۽ سڀني تصورن، جنهن ۾ خالص تعقل پسندي به شامل آهي، کي پنهنجي تنقيد جو نشانو بڻائيندا آهن. اُهو ان صورت ۾ ممڪن آهي جڏهن تعقل پسندي کي اختيار بخشو وڃي. تعقل پسندي کي اختيار ڏيڻ کانسواءِ… جنهن تي مان مناسب موقعي تي تفصيل ۽ عمدگيءَ سان بحث ڪندس، ان جي تعلق کي بالادستي ۽ طاقت سان فراموش ڪرڻ کان سواءِ، آزادي، انصاف، امن ۽ انساني حقن جهڙن اهم سياسي مسئلن جو صحيح ۽ واضح تصور ممڪن ئي نه آهي. بغير واضح تصور جي انهن خيالن کي عملي جامو پهرائڻ جي سلسلي ۾ اسان جي ڪوشش ضايع ٿي ويندي. پر ان کي تعقل پسندي ۽ يوروپين طرز جي واحد مرڪزيت چيو وڃي ٿو، جيڪا جديديت جي دؤر کان ٿورڙو اڳ موجود هئي. اصل ۾ يورپ ئي جديد تعقل پسندي کي جنم ڏنو آهي ته ان جي ذميداري به ان تي آهي ته اُها ان تي تنقيد ۽ تبصرو پڻ ڪري ۽ ان جي تباه ڪن نتيجن کان بچائڻ لاءِ حل به تلاش ڪري.
يورپ جو ضرورت کان گهڻو تعقل پسندي تي انحصار جو نتيجو اهو ٿيو آهي جو اڄ اتي جا مفڪر ۽ فلاسفر تعقل پسندي جو ڀرم ئي ختم ڪرڻ تي لڳاپيا آهن. اوڀر، جنهن صرفي اعتبار کان گهڻا ئي اهڙا لفظ جن ۾ نظم ۽ ضبط جو تعين آهي، ڏنا آهن جيڪي اولهه سان تاريخي پسمنظر ۾ گفتگو ڪري سگهن ٿا ته جيئن پاڻ ۾ افهام و تفهيم ٿي سگهي. يورپ ۽ امريڪا کي دعوت ڏني وڃي ته اُهي وڌيڪ برابري، سنجيدگي ۽ غور و فڪر وارو رويو اختيار ڪن ته جيئن دنيا ۾ امن، تحفظ ۽ عدل و انصاف قائم ڪرڻ ۾ انهن جو حصو بنجي وڃن. جيڪڏهن ان کي اوڀر جي اصطلاح ۾ استعمال ڪيو وڃي ته اُهي اولهه جي ڪلچر جي ٻنهي طرفن ۽ اپولونين عنصرن کان به اڳيان وڌي ويندا. روشن فڪر جي زماني کي اپالوئي دور چيو وڃي ٿو، جڏهن ته رومانوي تحريڪ جو ڪانٽو مخالف طرف ۾ ويل هو، پر اڳئين صدي روحانيت جي طرف هئڻ گهرجي، جنهن کي اوڀر جو انسان ڪيترن ئي هزار سالن کان ڀوڳي رهيو آهي.
يورپي ثقافت جي زندگي ۽ ان جي ڪثرت کي قوت، ان جي تنقيدي نقطهٔ نظر مان ملي ٿي، جيڪا اهو ٻين شين ۽ پنهنجي مٿان وجهي ٿو. پر هاڻي وقت اچي ويو آهي ته يورپ هڪ قدم اڳتي وڌائي ۽ ٻين وانگر هو ان کي ٻئي نقطهٔ نظر سان ڏسي. ان جو هرگز اهو مطلب ڪونهي ته يورپ پنهنجي قديم ورثي کان نظرون ڦيرائي ڇڏي يا هو هڪ ٻئي اونداهي جي طرف نڪري وڃي؛ پر يورپي ثقافت ۽ تمدن کي گهرجي ته هو نون تجربن وسيلي عالمي ثقافتي جاگرافي جي باري ۾ صحيح معلومات حاصل ڪري. مشرق شناسي ۾ مشرق کي مطالعي جو اهم موضوع ته قرار ڏٺو ويو آهي پر ان کي فريق ثاني تسليم نه ڪيو ويو آهي. “تمدنن جي درميان ڳالهه ٻولهه”صحيح معنيٰ ۾ ان وقت ممڪن آهي، جڏهن اوڀر ان مذاڪري ۾ هڪ مطالعي جي موضوع جي حيثيت سان نه پر هڪ سرگرم رڪن جي حيثيت سان شريڪ ٿئي ها، ته جيئن تمدنن جي درميان ڳالهه ٻولهه جهڙي اهم منصوبي کي عملي جامو پهرايو وڃي. يورپ ۽ آمريڪا جي لاءِ اهو قدم کڻڻ انتهائي ضروري آهي. يقينن اها هڪ طرفي دعوت نه آهي. هڪ ايراني، هڪ مسلمان ۽ هڪ ايشيائي هئڻ جي حيثيت سان، اولهه جي باري ۾ صحيح علم حاصل ڪرڻ لاءِ اسان ماڻهن کي به اهم قدم کڻڻا پوندا ۽ اهو علم ئي اسان جي اقتصادي ۽ سماجي زندگي جي معيار کي بلند ڪندو. اسان جي ۽ يورپ وارن جي ان دليرانه قدمن لاءِ هڪ عملي نمونو ۽ ڪرداري خاڪي جي ضرورت پوندي ۽ يورپ ۾ سڀ کان پهرئين اٽلي جي ماڻهن گفتگو جي اهميت کي سڃاتو ۽ ان کي غير معمولي اهميت پڻ ڏني.
نشات ثانيه جي تاريخدانن لکيو آهي ته اٽليءَ وارن جو بائيزينٽيم(Byzentium) ۽ اسلامي دنيا سان مسلسل تعلقات جي ڪري، انهن ۾ برداشت جي قوت اچي وئي آهي. اٽليءَ جا ماڻهو صليبي لڙاين جي زماني کان اسلامي تمدن کان واقف هئا ۽ اهي ان کي پسند ڪندا هئا. هڪ غير ملڪي تهذيب جو ۽ ان سان واقفيت هئڻ جو احساس ۽ تعجب ئي اٽليءَ وارن ۾ برداشت جي قوت کي وڌائڻ ۾ سڀ کان وڏو عامل ثابت ٿيو ۽ اها به هڪ عجيب و غريب مذاق آهي ته برداشت جي قوت جو تصور، جيڪو يورپ وارن مسلمانن کان ورتو هو ۽ جيڪو انهن سان ربط و ضبط جي نتيجي ۾ پڻ اپنايو هو، اهو اڄ جي دؤر ۾ يورپ وارا مسلمانن کي اخلاقي ۽ سياسي نصيحت جي طور تي پيش ڪري رهيا آهن. يورپ وارن تي تحمل و برداشت جي ان احساس تي، مسلمانن جي اثرن جي نمايان شهادت موجود آهي ۽ يورپ جي ادبي تاريخ مان ان جي خبر پوي ٿي. هڪ تمام گهڻو مشهور جرمن ڊرامانگار ليسنگ جي ڊرامي “عقلمند ناٿن” جو اساس هڪ اطالوي ڊرامي “هڪ سو پراڻا قصا (Cento Novelle Antiche) تي پڻ مبني آهي. پر مسلمان ثقافت ۽ فڪر جو اثر اطالوي ۽ يورپي تهذيب جي صرف صبر ۽ تحمل جي مفهوم تائين ئي محدود نه آهي. ڪنهن به قوم کي اهو حق نه ٿو پهچي ته ان جي تمدن ۾، جيڪو ٻئي جو حصو آهي، ان کي هو غصب ڪري وٺي ۽ انساني تهذيب جي تاريخ ۾ ڪنهن به تمدن جي حصي کان انڪار ڪيو وڃي. مسلمانن جي فلسفي، فقه ۽ دينيات ۽ فنون لطيفه جا اثر يورپ تي واضح آهن، پر ان کان علاوه يورپ وارن جي مزاج کي تازگي بخشڻ ۽ صاف ڪرڻ ۾ منفرد ۽ اعليٰ قدرن سان مالا مال اسلامي ادب جو نمايان ڪردار رهيو آهي. مثال طور ڊانٽي تي ابن عربي جي اثرن کي پيش ڪري سگهجي ٿو. خوش قسمتي سان ان موضوع تي يورپ جي دانشورن گهڻو ڪجهه چيو آهي ۽ لکيو پڻ آهي.
جيڪڏهن ماضي جي تاريخ کي مستقبل جي طرف ڪوبه اشارو ڪرڻ کانسواءِ ورجايو وڃي ته اها هڪ بيڪار علمي مشق هوندي، پر دنيا جي قومن جي مدد ۽ عالمي حالتن جي لازمي اصلاح جي لاءِ يورپ ۽ اسلامي ملڪن، خاص طور تي مسلمان ملڪن جي وچ ۾، لاڳاپن جي نوعيت جو اندازو ڪرڻ ضروري آهي. آخر ائين ڇو؟ ڇو ته مسلمان ۽ يورپي هڪ ٻئي جا پاڙيسري آهن، پر اها حقيقت آهي ته فردن جي ڀيٽ ۾ قومون پنهنجي پاڙيسري جي چونڊ نٿيون ڪري سگهن. تنهن ڪري اخلاقي، تهذيبي ۽ انساني سببن کانسواءِ اسلام ۽ يورپ تاريخي ۽ جاگرافيائي حالتن جي ظلمن ۽ ڏاڍاين جي تحت هڪ ٻئي کي بهتر طور تي سڃاڻن ۽ ان کانپوءِ پنهنجي اقتصادي، سياسي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي وڌائن. ڇوته اسان جو مستقبل ناقابل تقسيم آهي. جيئن اسان جو ماضي ناقابل تقسيم هو، اڄ به اسان جي فلسفي جي درسگاهن ۾ افلاطورن، ارسطو ۽ سقراط ۽ جديد فلاسفرن ۾ ڊسڪارٽ، ڪانٽ، هيگل ۽ وٽجينٽين جي فقرن کي الڪندي، فارابي، ابن سينا، سهروردي ۽ ملا صدرا جي خيالن سان گڏوگڏ پڙهايو وڃي ٿو. اڄ جيڪڏهن ايشيا جا عظيم تمدن پنهنجي پاڻ کي اولهه جي آئيني ۾ ڏسن ٿا ۽ هڪ ٻئي کي اولهه جي نقطهٔ نظر سان سمجهڻ چاهين ٿا ان ڪري جو ماضي ۾، ۽ سو به ماضي قريب ۾، اسلام اولهه لاءِ آئيني جو ڪم ڪيو. ان آئيني ۾ اولهه پنهنجي ماضي کي ڏسي سگهي ٿو ۽ گڏوگڏ پنهنجي تهذيبي ۽ فڪري ورثي جو پڻ بخوبي اندازو لڳائي سگهي ٿو.
جيڪڏهن گفتگو فقط هڪ چونڊ نه آهي ۽ اها اسان جي ٻنهي تهذيبن جي ضرورت آهي، ته پوءِ اها گفتگو اسلامي ثقافت ۽ فڪر جي صحيح نمائندن سان ئي ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ان طرح جي گفتگو انهن اولهه وارن فردن سان، جيڪي اولهه جا گهڻائي گهٽ درجي جا ۽ خراب نمونا آهن، ڪئي ويندي ته ان مذاڪري ۽ گفتگو کي تهذيبن جي درميان گفتگو جو نالو ڏيڻ ته وڏي ڳالهه آهي، پر ان کي خود ڪلامي يا اڪيلائي ۾ ڳالهائڻ به نه ٿو چئي سگهجي. اڄ جي دنيا کي جن مسئلن گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي انهن جو صحيح عملي ۽ انصاف تي ٻڌل حل، اسلامي تمدن سان با معنيٰ عميق ۽ باضابطه گفتگو آهي.
گفتگو هڪ پسنديده عمل آهي، ڇو ته اهو آزادي ۽ آزاد خيال تي ٻڌل آهي. “گفتگو” جي عمل ۾ ڪوبه هڪ فريق پنهنجي راءِ ۽ خيال کي ٻئي تي مڙهي نه ٿو سگهي. “گفتگو”۾ هڪ فريق ٻئي فريق جي آزاداڻي شخصيت ۽ ان جي خيالن ۽ تهذيب جو احترام ڪري ٿو. صرف اهڙي گفتگو کي ئي امن، تحفظ ۽ عدل و انصاف جي طرف هڪ ابتدائي قدم جي حيثيت حاصل هوندي. ايران سان ان طرح جي گفتگو جي عمل جا گهڻا ئي فائدا آهن. ڇو ته اهو هڪ طرف يورپ جو ويجهو پاڙيسري آهي ۽ ٻئي طرف ايشيا جو پاڙيسري پڻ. ايران اوڀر ۽ اولهه جي تهذيبن جو ميلاپ آهي. ان ۾ مشرقي روح ۽ اولهه جي تعقل پسندي جو ميلاپ نظر اچي ٿو. بس هڪ فارسي نزاد جي دل ۽ ذهن اصل ۾ ڪسوٽي، عدل، صحبت ۽ تحمل سان ڀريل ٿيندا آهن. انهيءَ ڪري ايراني “گفتگو” جا حامي آهن ۽ پڻ امن و انصاف جا طرف دار به آهن.