باب ٽيون: اسلامي دنيا ۽ جديد مسئلا
اسان جي حالت اها آهي ته مسلمان امت، جيڪا ڪنهن زماني ۾ علم، فڪر ۽ تمدن جي علمبردار هئي، سا مرض جي لڳاتار واپسيءَ جي ڪري هاڻوڪي ڪجهه صدين جي دوران ڏينهون ڏينهن پسماندگي ۽ ڪمزوري جو شڪار ٿيندي پئي وئي ۽ ساڳي وقت همعصر غالب ۽ متڪبر تمدن جي مقابلي ۾ مسلسل ماٺار ۽ دردانگيز بي حسي ۽ مايوسي جي ڪري نه ان تهذيب جي نتيجن مان ڪو فائدو حاصل ڪري سگهي، بلڪ پوري طرح ناڪام ٿيندي رهجي وئي. اسان جو صديون پراڻو جمود اصل ۾ ان انساني تهذيب جي زوال جو نتيجو آهي، جيڪو هڪ روشن ماضي جو حامل آهي ۽ جنهن جون ڪاميابيون ۽ يادون اڄ به تحسين جوڳيون آهن ۽ هاڻوڪي دنيا جو غالب تمدن اڄ به جنهن جو مرحون منت آهي.
اڄ جي دؤر ۾ پراڻي تمدن جو نه نقش ثاني بنائڻ ممڪن آهي ۽ نه ئي مناسب. ڇوته ان جو وقت هينئر گذري چڪو آهي. تمدن کي بذات خد انسان جي وجود، دنيا ۽ خود پنهنجي وجود جي سلسلي ۾ سوالن جي جوابن جو حاصل مڃڻ گهرجي ۽ گڏوگڏ پنهنجون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪوشش جو نتيجو به اهو ئي آهي، يعني انسان ۾ مسلسل ڄاڻڻ جو شوق ۽ ان جي آرزوئن جون ضرورتون. پر سوالن ۽ ضرورتن جي شڪل ۽ زمان ۽ مڪان سان گڏ بدلجندي رهي ٿي. تمدن ان وقت تائين زنده ۽ پائينده رهي ٿي جيستائين اها انسان جي بدلجندڙ سوالن جا جواب ۽ بدلجندڙ ضرورتن جي پورائي جي صلاحيت رکي ٿي، نه ته اها ختم ٿي وڃي ٿي.
اسان جي زماني ۾ انسان جا سوال ۽ ضرورتون اسان کان اڳين انسانن کان مختلف آهن. هن دؤر ۾ اسان جو جمود ۽ بي حسي مغربي تمدن جي مقابلي ۾، جيڪا اولهه جي انسان جي سوال جو هڪ قدرتي جواب آهي، ان ڳالهه جو متلاشي آهي ته ڇا جي ڪري اسان مختلف سببن جي بنياد تي سوال ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي؟ سوال جو نه هجڻ غور و فڪر نه هئڻ جو سبب آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ناگزير جمود ۽ ٻين جي تابعداري ۽ اطاعت جي برابر آهي.
اهم ڳالهه هيءَ آهي ته ان طرح جي جمود، پستي ۽ پسماندگي کي پٺتي ڇڏي ڏجي. ڇو ته اهو ڪوئي اسان جي تقدير ۾ لکيل نه آهي. اهي ماڻهو، جن تاريخ ۾ هڪ شاندار ۽ عظيم الشان تمدن وجود ۾ آندي، انهن ۾ اڄ به هڪ ٻئي تمدن کي وجود ۾ آڻڻ جي صلاحيت آهي. بشرط اهي تعقل پسندي ۽ سوچ ويچار ۽ غور و فڪر کي اپنائن ۽ ان جي حاصلات تڏهن ممڪن آهي، جڏهن اهي هيٺين ڳالهين کي خاطر ۾ آڻين.
1- غور ۽ فڪر سان گڏ ان تاريخي وجود ڏانهن ادراڪ ۽ واپسي: جيڪا هڪ طرف ته ابدي روحانيت ۾ الهام بخش آهي ۽ ٻئي طرف اها ماضي جي پليل هڪ منفرد تاريخي ۽ تهذيبي صلاحيت هجي.
2- موجوده زماني جو صحيح ۽ گهرو مطالعو:ـ ان سلسلي ۾ اهو ڄاڻڻ ضروري آهي، ته اسلامي تمدن بلڪه درست تر عبارت جي لحاظ کان مسلمانن جي تمدن ۽ اسان جي زندگي، ٻنهي جي وچ ۾ مغربي تمدن حائل آهي. هڪ اهڙو تمدن، جنهن جون ڪاميابيون گهڻيون آهن ۽ جنهن جا منفي نتيجا به غير مغربي ماڻهن کان سواءِ بيشمار آهن. اسان جو عهد اولهه جي تهذيب ۽ تمدن جي غلبي جو زمانو آهي. انڪري ان جي مؤثر ۽ مفيد فهم ۽ سمجهه لاءِ ان جي سطحي ۽ سرسري مطالعي کانسواءِ ان جي نظرياتي اثاث ۽ بنيادي قدرن کي ڄاڻڻ ضروري آهي. پنهنجي ماضي کي تسليم ڪرڻ لازمي آهي، ان لاءِ نه ته اسان پنهنجي ماضي ڏانهن موٽي وڃون، يا ان ۾ رهڻ لڳون؛ اها رجعت پسندي ٿيندي، بلڪه ان لاءِ ته پنهنجي سڃاڻپ جا جوهر ۽ انداز، فڪر ۽ عادتن جي سڌارڻ لاءِ، جيڪي زمان و مڪان جي ڪري پختيون ٿي ويون آهن. انهيءَ طرح ماضي تي هڪ عاقلانه تنقيد ڪجي ته جيئن اڄ اسان جي عزت ۽ وقار کي مناسب مدد ملي سگهي ۽ ان سان گڏوگڏ هڪ اهڙو پليٽ فارم به هجي، جتان اسان هڪ خوش حال ۽ روشن مستقبل ڏانهن وڌي سگهون. جيڪو يقينن اسان جي ماضي کان به بهتر هجي. بلاشڪ اسان انهيءَ رستي تي هلي ڪري اڳيان وڌي سگهون ٿا، جنهن ۾ مغربي تمدن جي مثبت سائنسي، ٽيڪنيڪل ۽ سماجي ڪاميابين مان فائدو وٺڻ جي صلاحيت ۽ ضروري ديانت داري موجود هجي. اها ئي اها صورتحال آهي، جنهن مان گذرندي مستقبل ڏانهن پهچي سگهجي ٿو. ڏکوئيندڙ ۽ تلخ ئي صحيح، پر مسلمان ملڪن جو جمود، انهن تي طاري، بي حسي ۽ پسماندگي اسان کي ياد ڏياري ٿي ته اسان پنهنجي قسمت کي بيداري، عزم ۽ اتحاد جي ذريعي بدلائي سگهون ٿا ۽ اها پڻ اطمينان ۽ خوشي جي ڳالهه آهي.
يقيناً اسان بهتر، باهمي افهام و تفهيم، بلند نظر ۽ برادرانه جذبن ذريعي پنهنجي موجوده ۽ ايندڙ نسلن کي جديد اسلامي تمدن جي طرف راغب ڪري سگهون ٿا. ان منصوبي کي عملي ۽ حقيقي روپ ڏيڻ لاءِ اسان ماڻهن کي پاڻ ۾ اتحاد ۽ هم خيالي کان ڪم وٺندي، پنهنجي پنهنجي ملڪ ۾ اسلامي مهذب معاشرو تعمير ۽ تخليق ڪرڻو پوندو. جنهن مهذب معاشري جي ترويج ۽ تڪميل اسان پنهنجي معاشري ۾ ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ جنهن جي ترويج جي سفارش اسان ٻين اسلامي معاشرن ۾ ڪندا رهندا آهيون. اها بنيادي طور تي ان مهذب معاشري کان مختلف آهي، جنهن جون پاڙون يوناني فلسفي و فڪر ۽ رومي سياسي روايت ۾ وچين دؤر جي اونهاين ۾ پري پري تائين پکڙيل آهن ۽ جنهنجي موجوده دؤر ۾ خصوصي شناخت ۽ ترتيب ٿي وئي آهي. اهي ٻئي هڪ ٻئي جي مخالف يا متضاد نه آهن، پوءِ ڀلي نتيجن جي اعتبار کان هجي يا ظاهري شڪل جي اعتبار کان. انهيءَ ڪري اسان کي مغربي مهذب معاشري جي مثبت، ڪاميابين کي جيڪي قانوني اعتبار کان حاصل ڪيون ويون آهن، فراموش نه ڪرڻ گهرجي.
مغرب جو مهذب معاشرو تاريخي يا نظرياتي اعتبار کان يونان جي شهري رياست ۽ بعد ۾ رومن سياسي نظام کان نڪتل آهي. جڏهن ته اسان جي ذهن ۾ مهذب معاشري جو آغاز ۽ ان جو نظرياتي ۽ تاريخي پس منظر نبي صلي الله عليه وسلم جي شهر کان ٿئي ٿو. يثرب جو نالو بدلائي مدينة اللنبي رکڻ صرف نالي جي تبديلي نه هئي ۽ نه ئي جاهليت جي دؤر (ايام جاهليه) کان ايام الله ۾ داخل ٿيڻ ۾ ڪوئي منصب بدلائڻو آهي. ڇو ته مدينو مٽي ۽ علائقي جو نالو نه آهي جيئن يوم الله ڪنهن خاص وقت لاءِ نه آهي.
مدينة اللنبي ۽ ايام الله اسلام جي ابتدا ۾ ظاهر ٿيا ۽ اسلام جي اخلاقي جاڳرافي ۽ تاريخ نئين نقطهٔ نظر، ڪردار ۽ تهذيب کي جنم ڏنو. اها تهذيب پنهنجي منفرد ۽ خاص نقطهٔ نظر سان گڏ انساني وجود ۽ ان جي ابتدا جي باري ۾ صدين تائين انهن جي اجتماعي حافظي ۽ روح جي گهراين ۾ آباد رهي. هاڻي مسلمانن کي پنهنجي گذريل ڪلهه کان وڌيڪ پنهنجي مشترڪ گهر ۾ پناه وٺڻي آهي. جڏهن ته مسلمانن جا نسلي، جاگرافيائي ۽ معاشرتي اختلاف، انفرادي اعتبار کان هڪ مسلمان کي مختلف دؤر ۾ جدا جدا شڪل، رنگ ۽ خوشبوءِ ڏئي رهيا آهن. مدينة النبي اسان لاءِ هڪ ابدي اخلاقي گهر آهي ۽ “يوم الله” اسان جي پوري زندگي ۾ هڪ بجلي وانگر ڊوڙيندو رهي ٿو. اهو هئڻ به گهرجي، ڇو ته مدينو هجرت جي ڪري وجود ۾ آيو، يعني جڏهن حضور صلي الله عليه وسلم شرڪ ۽ ظلم جي سرزمين کي خدا حافظ چيو، تڏهن يوم الله جو آغاز ٿيو. جاهليت جو دؤر کان لاتعلق هئڻ جو تاريڪي کي ترڪ ڪرڻ جو، روحاني زمان ۽ حاضري جي مقدس مملڪت ۾ داخل ٿيڻ جو ۽ “مشترڪ اسلامي گهر” ۾ پناه وٺڻ جو. مطلب مراجعت، سائنسي ڪاميابين جي ترديد، جديد دنيا کان هٿ کڻڻ يا ٻين سان مقابلو ڪرڻ هر گز نه آهي، بلڪه ان جي برخلاف ان طرح جي يادگيري، پنهنجي مشترڪ شناخت جي طرف هڪ يادگيري آهي ته جيئن ان کان پوءِ اسان دنيا جي ٻين ماڻهن ۽ قومن سان گڏ امن و امان ۽ آرام سان رهي سگهون. امن ۽ حفاظت سان رهڻ تڏهن حاصل ٿي سگهندو آهي، جڏهن تهذيب ۽ فڪر جو پورو ادراڪ هجي ۽ ان سان گڏوگڏ ٻين جي رسم ۽ رواڄ ۽ انهن جي فڪرن ۽ خيالن کان به واقفيت هجي. ٻين معاشرن ۽ قومن جي تهذيبي ۽ اخلاقي پهلوئن جو فهم ۽ ادراڪ ئي انهن قومن سان “گفتگو” جي اميد ڏياري ٿو. هڪ حقيقي ۽ بامعنيٰ مقالمو ۽ ڳالهه ٻولهه تڏهن ئي ٿي سگهندي آهي، جڏهن اڳيون فريق پنهنجي صحيح ۽ درست مقام کي حاصل ڪري وٺي. نه ته هڪ اجنبي ڳالهه ٻولهه ۽ ٻين جي وچ ۾ گفتگو بي معنيٰ ۽ يقينن ڪنهن فائدي ۽ خوبي کان خالي رهندي. مشترڪ اسلامي گهر مدينة النبي ۾ داخل ٿيڻ جو مطلب، مسلمانن کي پنهنجي صحيح مقام ۽ مرتبو حاصل ڪرڻو آهي. يعني انهن ماڻهن کي پنهنجي حقيقي يعني انهن جي پوري اسلامي شناخت حاصل ڪرڻي آهي.
اهو معاشرو جنهن جي اسان حمايت ڪري رهيا آهيون، جيتوڻيڪ اهو اسلامي تهذيب ۽ فڪر جي محور جي آس پاس ڦري ٿو، ان ۾ انفرادي يا گروهي غرور يا گهڻائي وار ظلم ۽ ٿورائي جو نيڪال انهن سڀني جي لاءِ ڪابه جڳهه نه آهي. ان طرح جي معاشري ۾ انسان رڳو انسان هئڻ جي ڪري معزز ۽ محترم هوندو آهي ۽ ان معاشري جا شهري پنهنجي قسمت جو فيصلو پاڻ ڪندا آهن ۽ حڪمرانن تي نظر رکندا آهن. حڪمران تي نظر رکن ٿا ۽ حڪومت جو گهيراءُ به ڪن ٿا. ان معاشري ۾ حڪومت ماڻهن جي خدمت گذاري ۾ لڳل هوندي آهي ۽ صرف انهن تي حڪم ڪونه هلائيندي آهي، پر هر سلسلي ۾ ماڻهن جي آڏو جوابده به هوندي آهي. ڇو ته خدا عوام کي پنهنجي تقدير جو فيصلو ڪرڻ جو حق ڏنو آهي. اسان جي مهذب معاشري ۾ رڳو مسلمانن کي ئي حق حاصل ڪونهي، يا صرف انهن کي ئي شهري نه ٿو سمجهيو وڃي، پر سڀني فردن جا حق قانون ۽ ضابطي جي دائري ۾ آهن. ان طرح جي حقن جو دفاع، حڪومت جي اهم بنيادي فرضن کي مرتب ڪري ٿو.
انساني حقن جو احترام ۽ ان جي معياري اصول کي تسليم ڪرڻ نه ته سياسي مصلحت آهي ۽ نه ئي ٻين جي مشابهت، پر اهو ته اسان جي مذهب جي تعليم ۽ حڪمن جي مطابق آهي. اميرالمؤمنين امام علي عليه اسلام پنهنجي هڪ نمائندي کي حڪم ڏنو ته هو صرف مسلمانن سان ئي نه، بلڪ سڄي عوام سان عدل ۽ برابري جو سلوڪ ڪري ڇو ته سماج جي ٻن گروهن مان هڪ گروه تنهنجو ديني ڀاءُ آهي پر ٻيو گروه خلقت ۾ تو جهڙو آهي.
اسان جو مذهبي معاشرو نه ته ٻين تي حڪومت ڪرڻ چاهي ٿو ۽ نه ئي ڪنهن ٻئي جي غلبي کي تسليم ڪري ٿو. هو ٻين قومن جي خود فيصلي ڪرڻ ۽ ضروري وسيلن تائين انهن جي رسائي جي حق کي هڪ باعزت زندگي لاءِ تسليم ڪري ٿو. ڪنهن به طاقت ۽ جبر جي اڳيان جهڪڻ جو مضبوط ارادو رکندي، پنهنجي پيرن تي خود بيهڻو آهي. اسان جو مهذب معاشرو قرآن جي تعليم جي مطابق موجوده حصول کي پنهنجو حق مڃي ٿو ۽ ٻين جي غلبي ۽ ماتحتي کي نندي ٿو. بيشڪ قومن جي لاڳاپن ۾ طاقت جي استعمال ۽ منافقت ۽ ٻٽي رويي کي نندڻ ۽ ان جي عيوض بين الاقوامي لاڳاپن، عزت ۽ احترام جي اصولن ۽ منطق کي اپنائڻو آهي. اهو مهذب معاشرو جنهن جي لاءِ اسان جدوجهد ڪري رهيا آهيون، اهو اسان جي اجتماعي شناخت تي ٻڌل آهي، جنهن جي حصول جي لاءِ مفڪرن ۽ دانشورن جي مسلسل ۽ لڳاتار ڪوششون درڪار آهن. اهو ڪو اهڙو خزانو نه آهي، جنهن کي رات ئي رات وچ ۾ کوٽي ڪڍيو وڃي، بلڪ اهو زندگي ۽ اخلاق جو هڪ اهڙو سرچشمو آهي، جنهن جو وهڪرو اسان جي لاءِ مفيد هوندو. انڪري ان خزاني جي مسرت ۽ لذت آهستي پر مسلسل آهي ۽ ان ڳالهه تي مبني آهي ته اصولي طور تي ان کي تسليم ڪيو وڃي ۽ پنهنجي ميراث کي ٻيهر ڳوليو وڃي. هڪ طرف اسان جي اصولي ۽ دانشوراڻي روايت آهي ۽ ٻئي طرف اڄ جي زماني جو سنجيده سائنسي ۽ فلسفياڻو عقل ۽ شعور آهي. قدرتي امر آهي ته فڪر وارن ۽ علم ۽ سمجهه وارن جو ئي قائداڻو ۽ مرڪزي ڪردار ان پوري تحريڪ ۾ اڳڀرو رهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ اسان جي ڪاميابي جو دارومدار ان تي آهي ته سياست فڪر ۽ اخلاق جي تابع هجي ۽ ائين نه ٿئي جو محدود دائري ۾ ان جي تابع ٿي ڪم ڪري.
مون جيڪا ڳالهه هاڻي عرض ڪئي آهي، اها صرف خيالي مشق نه آهي، بلڪ مستقبل جي هڪ تصوير آهي. ان جو حصول ممڪن آهي ۽ ان جي حصول جي ڪوشش ڪرڻ اسان جو اولين فرض آهي.
اهو اسان جو عقيدو آهي ته ايران ۾ اسلامي انقلاب جي ڪاميابي، ان راه تي گامزن رهڻ جي ڪري حاصل ٿي آهي. ايران جي معزز ۽ محترم عوام پوري خود اعتمادي ۽ پوري ثابت قدميءَ سان ان راه تي هلي رهي آهي. جيتوڻيڪ هڪ طرف مشڪلاتن جو مقابلو ۽ داخلي طورتي واپسي جون عادتون ۽ ٺهيل ذهني ميل ۽ ٻئي طرف ٻاهريون دٻاءُ ۽ سازشون آهن پر پوءِ به ان راه تي هلندي ايراني عوام دنيا جي سڀني مسلمان ۽ ٻين قومن ۽ ملڪن ڏانهن به تعاون ۽ اخوت جو هٿ وڌائي رهيا آهن.
اسلامي احترم ۽ وقار جي آزادي، جنهن خداوند قدوس اسان جي لاءِ مقرر ڪئي آهي، ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ لازمي صلاحيتن سان گڏ موجوده دنيا جي سامهون اسان پنهنجي دعويٰ پيش ڪري سگهون ۽ هڪ نئين تمدن جي تشڪيل ۽ تعمير ۾ اسان سرگرم ڪردار به ادا ڪري سگهون يا گهٽ ۾ گهٽ ان نئين تهذيب جي تشڪيل ۾ ڪجهه حصو وٺون جيڪو موجوده تمدن جي جاءِ اختيار ڪرڻ وارو آهي.
ان سلسلي ۾ اسان مسلمانن کي ٻن اهم ڳالهين تي ڀروسو ڪرڻ گهرجي؛ پهرين عقل ۽ دليل ۽ ٻيو اتحاد ۽ اتفاق. انهن ٻنهي عظيم مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ عظيم انسان، پيغمبر اسلام جي قيامت تائين باقي رهڻ واري ميراث “قرآن پاڪ” ڏانهن هر وقت توجهه کان سواءِ اسان وٽ ٻئي ڪابه شي نه ٿي سگهندي. هڪ نهايت ئي اهم ۽ شاندار اسلامي ورثو، جيڪو پيغمبر اسان جي رهنمائيءَ لاءِ ڇڏيو آهي، دنيا جي ڪهڙي مقدس يا آسماني ڪتاب يا پيغام قرآن پاڪ کان وڌيڪ ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته دنياوي ۽ ديني تخليق جي باري ۾ عقل پسندي، غور ۽ فڪر، سوچ ويچار ۽ محنت کان ڪم ورتو وڃي ۽ گذريل قومن ۽ ماڻهن جي انجام کي به نظر ۾ رکيو وڃي ۽ انهن مان سبق حاصل ڪيو وڃي. ان کان وڌيڪ اهم ڳالهه هي آهي ته تمام قومي، نسلي، لساني ۽ مذهبي اختلافن جي سلسلي ۾ به قرآن پاڪ تي اعتماد ۽ ڀروسو ڪرڻ گهرجي. ڇو ته اهو مسلمانن کي اتحاد ۽ اتفاق جي تلقين ڪرڻ وارو ۽ سڀ کان گهڻو قابل اعتماد ذريعو آهي. اڄ به قرآن پاڪ جي چمڪدار شعاع ۽ ڪرڻا اسان جي مستقبل جي افق کي روشن ڪري سگهن ٿا. پر واضح رهي ته ان سلسلي ۾ ضد ۽ عادت پرستي کان هرگز ڪم نه وٺڻ گهرجي ۽ ٻئي طرف پنهنجي مقابلي ۾ ٻين قومن کي حقارت جي نظر سان هرگز ڏسڻ نه گهرجي بلڪ ڪنهن احساس ڪمتري جي کانسواءِ اسان کي، اڳيان وڌڻ گهرجي.
ان موقعي تي هن محترم اجلاس ۾ پنهنجي معزز ٻڌندڙن جي خدمت ۾ برادراڻي احساسن سان گڏ مسلمان ملڪن لاءِ اهي ترجيحون پيش ڪريان ٿو، جيڪي مسلمان ملڪن لاءِ لازمي آهن ۽ جن جي ذريعي بعد ۾ اهي پنهنجي مسئلن جو علاج ڪري سگهن ٿا ۽ ان سلسلي ۾ آئون ڪانفرنس سان هر ممڪن تعاون جي درخواست ڪريان ٿو.
1- هڪ جديد ۽ منصفاڻي عالمي نظام جي طرف:
جيتوڻيڪ آمريڪي سياسي ماهر ٻين تي پنهنجي مرضي مڙهڻ جي ڪوشش ۾ هر وقت سرگرم آهن ۽ دنيا جي اڪيلي سر اعليٰ طاقت جي حيثيت سان هئڻ به ائين گهرجي ته سڄي دنيا ان جي آس پاس گهمندي رهي. بين الاقوامي لاڳاپا گذريل ٻن قطبي نظام کان نڪري تاريخ جي هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي رهيا آهن. اسان جي اعتبار کان عالمي سطح تي هڪ نئون نظام اڀري سامهون اچي رهيو آهي، جيڪو ڪثرت تي مبني آهي ۽ جنهن ۾ انشاء الله هڪ قطبي نظام جو قبضو نه هوندو. اسان مسلمان ملڪن جي لاءِ لازمي امر اهو آهي ته اسان دليري ۽ بهادريءَ سان توسيع پسندي جو مقابلو ڪريون ۽ اسان کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته دنيا جي نئين سياسي نظام، بين الاقوامي لاڳاپن جي تعمير ۽ تشڪيل ۾ اسان جو به حصو هجي ۽ اسان ان سلسلي ۾ پنهنجي مقام ۽ مرتبي کي محفوظ رکڻ لاءِ ڪوشش ڪندا رهون. ان جي لاءِ لازمي سوچ سمجهه، منصوبه بندي ۽ گڏيل ڪوشش جي ضرورت آٓهي.
مسلمان ملڪن جي لاءِ لازمي آهي ته اهي پنهنجي صلاحيتن سان گڏ پنهنجي حيثيت جو به بخوبي جائزو وٺن ۽ خارجي ماحول جو ڀرپور تجزيو ۽ گهيرو ڪندي، اهڙي حڪمت عملي اختيار ڪن جنهن سان هو پنهنجي داخلي وسيلن کي ڪم ۾ آڻيندي، سياسي اتحاد ۽ استحڪام حاصل ڪري سگهن۽ ان طرح سان بين الاقوامي فيصلن ۾ پنهنجي شرڪت کي يقيني ۽ اثرائتو بڻائين. ابتدائي طور تي پنهنجن اصولن تي ڀروسو ڪندي، مشترڪ ميراث ۽ صلح ۽ صفائي کي اڳيان رکي ڪوشش ڪن ته اسان جا نظريا مختلف شعبن ۾ ويجهو ٿين ۽ ان کان پوءِ ڪوشش ڪن ته پنهنجين صلاحيتن کي، ڀرپور طريقي سان ڪم آڻيندي هڪ مضبوط ۽ مربوط زنجير کي وجود ۾ آڻين.
2- عالمي ۽ علائقائي صلح وسلامتي:
هڪ جديد انساني عالمي نظام جي تشڪيل ۾ گڏيل ڪوشش اسلامي دنيا جو تاريخي مشن رهيو آهي ۽ ان سان گڏ ئي عالمي و علائقائي سطح تي صلح و سلامتي قائم ڪرڻ لاءِ مسلمان ملڪن جي وچ ۾ مڪمل ۽ ڀرپور تعاون يقيناً هڪ ناقابل ترديد تحفظ جي ضرورت آهي. بهر صورت دنيا ۾ مستقل امن وسلامتي ۽ انساني تحفظ جي فراهمي جي لاءِ سرد جنگ جو جيڪو نمونو موجوده ضرورت جي تحت عالم وجود ۾ آندو ويو هو، تنهن کي عوام جي راءِ خاطر ان خيالي و خارجي دشمن سمجهي هاڻي هڪ طرف رکيو وڃي. اها ته وڏي بدقسمتيءَ جي ڳالهه آهي ته ڪجهه توسيع پسنداڻيون قومون، دنيا ۾ اسلام جي هڪ خيالي مخالف ۽ دشمن جي تخليق جون خواهشمند آهن. انڪري اها ڳالهه لازمي آهي ته عالمي ۽ علائقائي سطح تي امن وسلامتي جي باري ۾ پريشاني ۾ گهٽتائي ۽ اسلام جي دشمن جي طرفان غلط پروپيگنڊا کي بي اثر بڻائڻ لازمي لاءِ اسان کي هوشيار رهڻ گهرجي. اسان جي سلامتي جي لاءِ سڀ کان وڏو خطرو مسلمانن جي سياسي، تهذيبي ۽ اقتصادي وجود جي خلاف وڌندڙ ڌمڪين جو رجحان، خاص طور تي انهن ڌمڪين ۾ واڌ ۽ تشدد ۽ مسلم امت جي عقيدي ۽ انهن جي تاريخي شناخت ڏانهن توجهه، تهذيبي حملن ۽ تجاوز ۾ واڌ جو آغاز، انهن سڀني جي نتيجي ۾ اسان مسلمان گهڻا ئي حساس ۽ خطرناڪ صورتحال مان گذري رهيا آهيون ۽ ان دنياوي خطري ۽ ڌمڪي جي مقابلي جي لاءِ اسان جي مستحڪم اتحاد ۽ اتفاق جي راه ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ برداشت نه ڪرڻ گهرجي.
اڄ جي دنيا ۾، جيڪا هڪٻئي تي منحصر ۽ هڪٻئي جي تابع آهي ۽ جتي مختلف خطن ۽ علائقن جي سلامتي ناقابل تقسيم آهي، پاڻ ۾ اعتماد کي وڌائڻ ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ، پوري دنيا جي ذميداري سمجهي وڃي ٿي. امن و سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ اعتماد کي بحال ڪرڻ بنيادي ۽ مناسب ترين طريقيڪار ٿي سگهي ٿو. پاڻ ۾ اعتماد جي بحالي ۽ امن وسلامتي جي باري ۾ غور و فڪر ۽ ان جي سلسلي ۾ پيدا ٿيندڙ پريشاني ۾ گهٽتائي جي لاءِ زمين مهيا ڪرڻ، مسلمان ملڪن جي وچ ۾ هڪٻئي سان لاڳاپن ۾ انهن شين کي سڀ کان گهڻي اهميت ڏيڻ گهرجي ۽ اهائي اسلامي ڪانفرنس تنظيم جو ايجنڊا به هئڻ گهرجي.
اسلامي دنيا ۽ ٻين ملڪن ۾ لاڳاپن جو بڻياد به عدم اعتماد، غلط فهمي ۽ مخالفت جي تصورن تي ٻڌل آهي. ان ۾ ڪجهه ته تاريخي سببن جي ڪري آهي ۽ ڪجهه جو سبب حڪومت ۽ تسلط جي جذبي جي تحت لاڳاپن جو نتيجو آهن. انهن پراڻين غلط فهمين کي هوا ڏيڻ جي غرض کان حڪمران ۽ تسلط ڪرڻ وارا غلط فهمين کي وڌائيندا رهن ٿا. ان سلسلي ۾ تمدنن ۽ تهذيبن جي درميان گفتگو لاءِ زمين هموار ڪرڻ گهرجي ۽ ان مقصد ۾ دانشور طبقو اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. بهرحال ان ڪم لاءِ اسان هڪ بنيادي رستو افهام و تفهيم جو کوليون، جنهن سان حقيقي امن و سلامتي جو بڻياد قائم ٿئي ٿو ۽ جيڪو دراصل سڀني قومن جي حقن مڃڻ جي بنياد تي ٻڌل آهي ۽ عوامي راءِ ۾ منفي پروپگنڊا جي اثرن جي بنياد کي ئي ڪمزور ۽ بي اثر ڪري ڇڏي ٿو.
اڄ جي دنيا کي امن و سلامتي گهربل آهي ۽ اهو به ظاهر آهي ته پائيدار امن انصاف ۽ هڪٻئي جو احترام جي بڻياد تي ئي قائم ٿي سگهي ٿو. تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته امن و سلامتي جي مهم ۾ درحقيقت انصاف ۽ متاثر ٿيل ماڻهن جي خواهشن جي احترام کانسواءِ ڪاميابي حاصل نه ٿي ٿئي. جيئن ته وچ اوڀر جي مسئلي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته حقيقي امن تڏهن ئي قائم ڪري سگهجي ٿو، جڏهن فلسطيني عوام جي جائز حقن کي تسليم ڪيو وڃي، جنهن ۾ انهن جو ناقابل ترديد چونڊن جو حق، فلسطيني مهاجرن جي واپسي ۽ قبضو ٿيل علائقن، خاص طور بيت المقدس جي آزادي امن جي ضامن ٿي سگهي ٿي. اها هڪ حقيقت آهي ته غاصب، نسل پرست ۽ جلاد صفت يهودي حڪومت جي زورآوري، بين الاقوامي قاعدن ۽ قانونن جي سخت خلاف ورزي، حڪومتي دهشت گردي، ايٽمي ۽ جوهري توانائي سان مالامال هٿيارن جي تياري، خطي جي امن و امان لاءِ هڪ خطرناڪ ڌمڪي آهي.
خليج فارس جهڙي فوجي اهميت جي حامل ۽ حساس علائقي ۾ علاقائي رياستن کي امن و سلامتي جي ذميداري خود نڀائڻ گهرجي. اسان جي نظر ۾ اهڙن حساس علائقن ۾ غير ملڪي فوجون ۽ بحري جهاز جي موجودگي نه رڳو عدم استحڪام ۽ ڇڪتاڻ جو سبب بڻجن ٿيون، بلڪ خطرناڪ ماحولياتي نتيجن ۽ آلودگي ۾ به واڌ ٿئي ٿي.
افغانستان جي پياري سرزمين ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو هڪ عظيم انساني الميو آهي ۽ اها سرزمين غير ملڪي مداخلت ۽ پوري خطي ۾ استحڪام و سلامتي کي بگاڙيندڙ علائقي ۾ تبديل ٿي چڪي آهي. مسلمان ملڪن ۽ اسلامي ڪانفرنس تنظيم کي زور ڏيڻ گهرجي ته افغانستان جي مسئلي کي فوجي وسيلن جي ذريعي حل نه ٿو ڪري سگهجي.
ان ملڪ جي دردناڪ حالت جي حقيقي اصلاح لاءِ پهرين ته سڀني لاڳاپيل گروهن ۾ افهام و تفهيم جي ضرورت آهي ۽ ان کان پوءِ پاڻ ۾ واعدن ۽ معاهدن ۽ افغاني عوام جي شرڪت جي ذريعي حل تلاش ڪرڻ گهرجي. اسلامي ڪانفرنس امن و سلامتي جي حصول جي لاءِ ان ملڪ جي رهنمائي ۽ مدد ڪري ۽ سڀني فريقن کي گهرائي معاهدي ۾ شامل ڪري.
عراق ۾ صورتحال خاص طور سان ملڪ جي اتر ۾ پريشاني ۽ فڪرمندي جو سبب آهي. ان سلسلي ۾ عراق کي بين الاقوامي ادارن سان پورو تعاون ڪرڻ گهرجي. اسان جو عقيدو آهي ته غير ملڪي مداخلت جي ڪري خاص طور سان ان علائقي ۾ جهڳڙو ۽ جنگ جو ماحول پيدا ٿي ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ لکين شهري بي گهر ٿي ويا آهن ۽ ان خطي ۾ عدم استحڪام جي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. اسان عراق جي علائقائي اتحاد کي اهميت ڏيون ٿا ۽ پنهنجي آمادگي ۽ رضامندي جو اعلان ڪريون ٿا ته هن اهم ملڪ ۾ سڀني انساني مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ لازمي قدم کنيا وڃن.
غير ملڪي مداخلت ۽ ٻين جي معاملي ۾ ٽنگ اڙائڻ جو خطرناڪ منصوبو، خاص طور سان اسرائيل جي طرفان اسان جي علائقي جي اڪثر حصن ۾ موجود دهشت گردي ۽ ڇڪتاڻ اسان جي لاءِ گهڻو ئي پريشاني جي ڳالهه آهي. اسان علائقي جي سڀني ملڪن کي آگاه ڪريون ٿا ته اهي هوشيار رهن. اسان جي مرڪزي ايشيائي ۽ ڪوهقاف جي علائقي جون حڪومتون، جيڪي پاڻ کي مڃائڻ واري موجودگي ۽ پوري وقار ۽ عزت و افتخار سان آزادي ۽ ترقي جي راه تي گامزن آهن، اسان اسلامي دنيا ۾ انهن کي ڀليڪار چئون ٿا. ان موقعي تي تاجڪستان جهڙي برادراڻي ۽ دوست ملڪ ۾ امن و سلامتي جي رجحان جي آجيان ڪندي، آئون ضرور ڄاڻان ٿو ته، صدر رحمانوف ۽ جناب عبدالله نوري، چيئرمين نيشنل ريڪنسيليشن ڪميشن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو. ڇو ته امن جي قيام ۾ انهن ٻنهي ڀرپور مدد ڪئي. تاجڪستان ۾ اڃا به امن و سلامتي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسلامي جمهوريه ايران، اسلامي ڪانفرنس تنظيم کي دعوت ڏئي ٿو ته هوان ملڪ ۾ امن جي قيام جي عمل کي مضبوط ڪري ۽ پنهنجي پوري ڪوشش ڪري ته اتي نسلي اختلاف نه پکڙجي سگهن.
اڄڪلهه ڪجهه اسلامي ملڪ غير ملڪي ڌمڪين ۽ سازشن جو شڪار آهن ۽ پنهنجي داخلي اختلافن جي سازشن ۽ پريشانين ۾ ڦاٿل آهن. اسلامي ڪانفرنس عام طور، ۽ اسلامي ملڪ خاص طور انهن ملڪن جي آزادي ۽ ٻين مفادن ۽ فائدن جي سلسلي ۾ پنهنجي مڪمل تائيد ۽ ڀرپور حمايت جو اعلان ڪن ۽ ان سان گڏوگڏ مسلمان قومن جي خواهشن ۽ آرزوئن جي احترام جو پڻ اعلان ڪن. ان کان سواءِ اسلامي ڪانفرنس تنظيم کي ان طرح عمل ڪرڻ گهرجي ۽ ان راه تي هلڻ گهرجي، ته مسلمان دنيا جي ڪنهن به علائقي ۾ هجن ۽ اهي اقليتي مسلمان جيڪي غير مسلمان ملڪن ۾ رهن ٿا، ان تنظيم تي مڪمل ڀروسو رکن ۽ کين ان تنظيم مان لازمي و يقيني مدد ملي سگهي.
3- اسلامي ملڪن جي ڀرپور، متوازن ۽ مسلسل ترقي:
اسلامي معاشرن جو تحفظ، استحڪام ۽ انهن جي آزادي ۽ اهڙي نموني سان مسلمان قومن جي عزت ۽ انهن جي وقار جي اساس ترقي آهي. اسان جي راءِ ۾ مناسب ۽ ڪجهه سلسلن ۾ ترجيحي ترقي ڀرپور متوازن ۽ مسلسل هئڻ گهرجي، جنهن ۾ سماج جا سڀئي فرد مثلاًعورتن ۽ نوجوانن جي شرڪت لازمي آهي. ٻيا حصا به شرڪت ڪن. عورتن ۽ نوجوانن سان گڏ، ترقيءَ جي اها وصف بيان ڪئي وئي آهي. ان جي مادي ۽ روحاني زندگي جي برڪتن مان حاصل ٿيندڙ مسرتون ۽ خوشيون ئي ترقي جي اساس ۽ بڻياد آهن.
ان طرح جي ترقي جي لاءِ سڀ کان پهرين ترقيءَ جي اهڙي ماڊل ۽ نموني جي ضرورت پوي ٿي، جيڪو اسان جي معاشري سان هڪجهڙائي رکندڙ هجي. اسان کي اهو به مڃڻ گهرجي ته ڪوبه ملڪ ترقيءَ جي راه جي سڀني مشڪلاتن تي خود غلبو پائي نه ٿو سگهي. ان کان سواءِ اسلامي ملڪن جي لاءِ لازمي آهي ته اهي، پنهنجن امڪانن ۽ صلاحيتن جو ڀرپور دقيق ۽ سائنسي طريقي سان جائزو وٺن ۽ انهن صلاحيتن کي وجود ۾ آڻڻ لاءِ هڪٻئي جي مدد ڪن. پنهنجي تقابلي منافعي مان ڀرپور فائدو حاصل ڪندي. اسلامي دنيا ۾ ترقي جي ڪمن جو اهڙو سيڪشن يا حلقو، جيڪو هڪٻئي سان ڳنڍيل هجي، وجود ۾ آڻين. ان سان گڏوگڏ خدا جي عطا ڪيل سرمائي ۽ قدرتي ذريعن جو پورو استعمال ڪن. ان اهم مقصد ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ عمده انتظام ۽ علمي ٽيڪنڪ ۽ انساني قوت مان فائدو حاصل ڪيو وڃي.
ان جي لاءِ مناسب ناتو ۽ اقتصادي، سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي ميدانن ۾ لهه وچڙ ۽ ان سان گڏوگڏ خصوصي ۽ مهارت رکندڙ ماهر ڪاريگرن ۾ لهه وچڙ به ضروري آهي. انهن قدمن کڻڻ ذريعي اسلامي دنيا يقيناً موجوده ۽ ايندڙ زماني ۾ ترقي، قدرت ۽ اقتدار جو اهم قطب بڻجي ويندي.
مسلمان ملڪن ۾ موجوده مذهبي پيوند، روحاني قربتون ۽ مشترڪ تهذيبي ورثي جي تڪميل جيڪڏهن سائنسي اقتصادي ۽ ٽيڪنيڪي لهه وچڙ ۽ لاڳاپن سان ٿي وڃي ته يقيناً ضروري سطح جو مادي ۽ اخلاقي بڻياد ملي ويندو ۽ اهو هڪ ترقي پسندي اعليٰ ۽ پرامن معاشري جو ٿنڀ بڻجي ويندو. ائين انهن ملڪن کي پوءِ اجتماعي ترقي ۽ سلامتي حاصل ٿي ويندي.
4- اسلامي ڪانفرنس تنظيم جي ڪردار جو ٻيهر جائزو:
اسلامي ڪانفرنس تنظيم ئي پوري اسلامي دنيا ۾ واحد عالمي، پر چند جهتي تنظيم آهي، جنهنجو مٿين ذڪر ڪيل مقصدن جي حصول ۾ اهم ڪردار رهيو آهي. انهيءَ بالعموم بڻيادي مقصد شرڪت، گفتگو ۽ ترقي کي سامهون آندو آهي. گذريل ڏهاڪي ۾ بالعموم مذهب جو انساني معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۾؛ ۽ خاص طور تي اسلام جو خصوصي ڪردار رهيو آهي ۽ انهن انساني لاڳاپن کي سامهون رکندي، سڄي دنيا جا مسلمان حق تي آهن ته هو پنهنجي اسلامي، انساني ۽ بين الاقوامي ضرورتن ۽ تمنائن جي تڪميل جي سلسي ۾ اسلامي ڪانفرنس تنظيم کي هڪ پناه گاه مڃين ٿا.
اسلامي ڪانفرنس تنظيم، پنهنجن ٽيهن سالن جي تجربي جي بدولت اهڙن وسيلن ۽ امڪانن سان مالامال ٿي وئي آهي جو هاڻي اها بين الاقوامي سطح تي هڪ اثرائتو ڪردار ادا ڪري. بس اهو امر فطري آهي ته هاڻي مسئلن کي نئين نقطهٔ نظر سان ڏٺو وڃي ۽ تنظيم جي ساخت کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ اهڙو طريقيڪار استعمال ڪيو وڃي جو ان جا فيصلا اثرائتا ۽ انهن تي عمل ڪرڻ يقيني ٿي وڃي.
موجوده حالتن ۾ اسلامي ڪانفرنس تنظيم جي لاءِ لازمي آهي ته اها بين الاقوامي طور تي، پنهنجي وجود کي گهڻو متحرڪ ۽ نت نئون تجربو ڪرڻ وارو بڻائي. خاص طور تي اهي فيصلا، جيڪي ميمبر رياستن جي جهڳڙي ۽ اختلاف جي سلسلي ۾ آهن يا اهي پريشانيون جيڪي ٻاهران انهن تي مڙهيون ويون آهن، تنظيم جو اهو قدم جيڪو ان بوسنيا جي قابل احترام عوام جي حقن جي حمايت ۾ کينو آهي، ان کي تنظيم جي طرفان بين الاقوامي مشڪلاتن ۽ مسئلن جي سلسلي ۾ هڪ اهم ۽ تبديل ٿيل نقطهٔ نظر چئي سگهجي ٿو. تحفظ ۽ تسلسل حساس ۽ فوري ۽ شديد امداد، مسلمان معاشرن ۽ مسلمان قومن ۽ غير ميمبر ملڪن ۾ اقليتن جي حقن ۽ مفادن جو خيال، تعميري نقطهٔ نظر کان مسئلن ۽ خاص طور تي پراڻن مرضن جو علاج، جيئن ڪشمير جو مسئلو آهي، تنظيم کي ان سلسلي ۾ اداري کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گهڻو نمايان ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
اسان سڀني کي اسلامي ڪانفرنس تنظيم جي مدد ڪرڻ گهرجي ته جيئن اها گهڻو زور ۽ سڌي طريقي سان اسلامي دنيا جي اختلافن جو مخلصاڻو ۽ همدرداڻو حل ڳولي سگهي. اسان کي مالي ۽ سياسي اعتبار کان تنظيم جي مدد به ڪرڻ گهرجي ته جيئن اها متفق فيصلن تي عمل ڪرائي سگهي. پر ان سان گڏوگڏ تنظيم کي اسلامي دنيا جي بڻيادي ۽ اهم مسئلن ۽ مشڪلاتن جي طرف پوري توجهه ڏيڻ گهرجي. اها پنهنجي فيصلن جي دائري کي وڌائي ۽ پنهنجي سرگرمين ۽ منصوبن کي نئين توانائي بخشي. يقيناً ان سان تنظيم کي وڌيڪ طاقت ۽ توانائي حاصل ٿيندي.
آخر ۾ هڪ دفعو وري پنهنجن معزز مهمانن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو ۽ اسلامي ڪانفرنس تنظيم ۽ هن محترم مجلس جي وڌيڪ ڪاميابين جي لاءِ دعاگو آهيان الحمدلله رب العالمين (شڪر ان الله جو جيڪو عالمن جو پالڻهار آهي) ۽ اسان جي آخري دعا به اها آهي ته ان خدا جو شڪر ڪريون جنهن سڀني جهانن کي پيدا ڪيو.
والسلام عليڪم و رحمته الله و برڪاتھ