باب ڏهون: آزادي ۽ ترقي
هتي اسان ثقافتي ترقي جي مشڪل تصورن جو ذڪر نٿا ڪرڻ چاهيون. مون کي اميد آهي ته اسان جي معاشري ۾ موجود مشهور ۽ معروف دانشورن جي فڪر ۽ تصور جي نتيجي ۾ ترقي جي مفهوم جون مشڪلاتون ختم ٿي وينديون. آئون هتي ترقيءَ جي پهرين ثقافتي شرط تي نه، پر ترقيءَ جي مفهوم تي هڪ عام بحث ڪرڻ چاهيان ٿو. منهنجي خيال ۾ ترقي معاشري ۾ گهربل ۽ مناسب تبديليءَ جي هڪ شڪل آهي. موجوده معنيٰ ۽ مفهوم جي مطابق ترقي فقط تبديليءَ جي هڪ شڪل آهي. هتي ٽن نڪتن تي غور ۽ فڪر ڪرڻ ضروري معلوم ٿئي ٿو.
پهرين، ڪابه تبديلي انساني ۽ تخليقي ۽ پيدائشي صفتن جي حامل نه هوندي جيستائين عوام پنهنجي مرضي ۽ چاه سان ان تبديليءَ جي عمل ۾ شريڪ نه هجي. ٻيو، ترقيءَ جي عمل ۾ انسانن جي عملي شرڪت جي لاءِ ضروري آهي ته معاشري جي گهڻن حصن ۾ سنجيده ۽ مڃيل فڪر ۽ نظريا هئڻ کپن ٽيون، معاشري ۾ مستحڪم ۽ تخليقي فڪر جو بنياد سڀ کان پهرين آزاديءَ تي هئڻ ضروري آهي.
اهڙي طرح اسان ڪٿي به مثبت تبديلي جي اميد ان وقت تائين نٿا ڪري سگهون، جيستائين آزاديءَ جي خواهش پوري نه ٿي ٿئي. يعني سوچڻ جي آزادي ۽ ڪنهن به نئين فڪر کي اظهار ڪرڻ جو تحفظ، جنهن کي خيال جي اظهار جي آزادي جي نالي سان به ياد ڪري سگهجي ٿو. ان طرح اسان ڏسون ٿا ته “ترقي” هڪ مغربي طرز جي ساخت آهي ۽ اهي سڀئي ماڻهو، جيڪي “ترقي” چاهين ٿا، انهن جي لاءِ ماڊرن هئڻ پڻ ضروري آهي. ان جو مطلب هي ٿيو ته ترقيءَ جي هاڻي جيڪا وضاحت ڪئي وئي آهي، اها جديد تهذيب جي وڻ جي هڪ ٽاري آهي. جيڪڏهن اها تهذيب ايندي ته ترقي به رونما ٿيندي. اصل ۾ جيڪي ماڻهو اها دعويٰ ڪن ٿا ته مغربي فڪرن ۽ قدرن کي قبول ڪرڻ ترقيءَ جو پهريون ۽ ضروري شرط آهي، اهي ته گمراه نٿا ٿين مغربي فڪر ۽ عقل منديءَ سان مغربي طبع آزادي ۽ اخلاق کي قبول ڪرڻ ضروري آهي.
پر آئون ان ڳالهه تي به يقين رکان ٿو ته “ترقي” جيئن ان کي موجوده دور ۾ سمجهو وڃي ٿو ته اها انساني معاشري ۾ صرف ارتقاء ۽ تبديليءَ جي هڪ شڪل آهي، نه ڪا ان جو مخصوص تصور. يقيني طور تي ان تبديلي ۽ ارتقاء جي ڪري انسانيت کي گهڻو فائدو پهتو آهي. پر منهنجو يقين آهي ته ان سان گڏوگڏ گهڻو نقصان به ٿيو آهي. مغربي تهذيب ان جي ترقيءَ جي تصور کي ڏسڻ ۾ ڪيترين ئي تباهي ۽ بربادي جي حامل حقيقتن کي پوري طرح نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي. اسان جنهن “ترقي” جي باري ۾ اڄ بحث ڪري رهيا آهيون، ان جي لاءِ چار سؤ سال پويان نٿا وڃي سگهون. جڏهن مغرب (West) ترقيءَ جي هاڻوڪي حيثت کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي سفر جو آغاز ڪيو هو. ان جي بدران اسان جي سامهون مغربي عوام جا وڏا تجربا آهن ۽ جيڪڏهن اسان فڪر جا مالڪ آهيون ته اسان پنهنجي مستقبل جي واٽ ان تجربي جي بنياد تي چونڊي سگهون ٿا. ان جو مطلب آهي ته اسان کي مغربي تجزين جي طاقت ۽ صلاحيت ۽ گهٽتائين کي سمجهڻو پوندو. ته نه جيئن هڪ سٺي ۽ زياده مناسب چونڊ عمل ۾ اچي سگهي.
نشوونما ۽ ترقيءَ جي هاڻوڪي خاص شڪل جي ترديد جو مطلب، جديد تهذيب جي حقيقتن کان انڪار ڪرڻ نه آهي. ڪوبه يقين سان چئي سگهي ٿو جيڪو سماج اڳيان وڌڻ چاهي ٿو ان جي لاءِ ان وقت تائين ڪوبه معجزو ظاهر ٿيڻ وارو ڪونهي جيستائين ان سماج جا ماڻهو مغربي تهذيب جي ڪاميابين کي دوکو ڏيڻ بدران انهن کي پنهنجي اندر ضم نٿا ڪري وٺن. ان ڪري ضروري آهي ته اسان مغربي تهذيب کان واقف هجون ته جيئن ان جي روح کان واقفيت حاصل ڪري سگهجي. مغربي تهذيب جي روح سان قربت ئي جديديت آهي.اهي ماڻهو جيڪي ان جي روح کان واقف نه آهن، ڪڏهن پنهنجي زندگيءَ ۾ مثبت تبديليءَ کي مؤثر ڪرڻ جي قابل نه ٿيندا. ان طرح تبديليءَ جو خاص اصول مغرب جي ان واقفيت جي پويان لڪيل آهي. افسوس جو ڪجهه قومن، مثلاً اسان ماڻهن ۾ اڃا به اهڙي سمجهه جي ڪمي آهي. جيئن ته عبدالله حايريءَ چيو آهي، اسان ماڻهن کي اڃا مغربي تهذيب جي ٻن رخن کان واقفيت حاصل ڪرڻي پوندي آهي ۽ مغرب سان اسان جي لهه وچڙ نهايت ئي سطحي رهي آهي. اسان ماڻهو دوستن جي وچ ۾ تذبذب ۾ آهيون، يعني يا ته اسان جي مٿان مغرب جو وجد طاري آهي يا ان سان نفرت ۽ انڪار جي ضرورت آهي. منهنجي خيال ۾ ترقيءَ جي بحث لاءِ ضروري آهي ته مغربي تهذيب تي بنيادي نگاه وڌي وڃي ته مغربي تهذيب ڇا آهي ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ ڪهڙو واسطو آهي. جيڪڏهن اهو بحث سنجيدگيءَ سان شروع ٿئي ٿو ته ترقيءَ جو بحث اڃا به گهڻو تيزيءَ ۽ قطيعت سان اڳيان وڌندو.
ائين ڇو آهي ته دارالفنون (ايران ۾ جديد سائنسي اسڪول جي ماءُ) جي قيام جي ڏيڍ سؤ سال کان پوءِ به اسان انهيءَ سوال ۾ گهيريل آهيون ته ترقي ڇا آهي ۽ اسان ان کي ڇو حاصل نه ڪيو؟
ان اهم سوال جي جواب ڏيڻ جي ڪوشش هڪ ٻي تاريخي حڪايت سان جوڙي شروع ڪرڻي پوندي. جمع جي ڏينهن ۱۷ ربيع الاول۱۲۶۸۶هه (۹ نومبر ۱۸۵۱ع) تي دارالفنون جي افتتاح کان صرف ۱۲ ڏينهن کان پوءِ نصيرالدين شاه، اميرڪبير جنهن جي بدولت اهو اسڪول قائم ٿيو هو، ان کي ڪوڪا شان شهر جي فين حمام ۾ قتل ڪرائي ڇڏيو هو. منهنجي خيال ۾ اسان جي بيقراريءَ جو راز انهيءَ ۾ لڪيل آهي.
اسان جي صدين جي تاريخ تي ان ملڪ جي ماڻهن جي عقل، سمجهه ۽ ڪوشش جي حڪمراني نه رهي آهي، بلڪ ابتدادي ۽ خبطي حڪمرانن جي بالادستي رهي آهي. خود مختياري ۽ مطلق العنانيت کي اسان جي معاشري ۾ مرڪزي ڪردار حاصل رهيو آهي. جنهن جي ڪري اسان جي عوام کي پاڻ پنهنجي ئي معاشري ۾ سرگرم ڪم ڪرڻ جو موقعو نه ملي سگهيو. فڪر جي آزادي کي، جيڪا انسانيت جي سڀ کان اعليٰ نشاني آهي، ذاتي زندگيءَ ۾ فعاليت ۽ نشونما جي لاءِ خاص طريقي جي عزت ڏني وئي آهي. ٻين لفظن ۾، اسان جي عظيم تاريخي مشڪلن جي اسرار، فارابي جي مطابق، اسان جي تقدير تي عياري ۽ فريب جو غلبو رهيو آهي. هڪ اهڙو فريب، جنهن جون پاڙون اسلام جي آغاز کان اڳ تمام اونهيون ٿي چڪيون هيون. اسلام کان اڳ ساساني ايران ۾ وڏي پيماني تي بدعنوانيءَ، ملڪ کي تباهيءَ جي ڪناري تي اچي بيهاريو هو. اسلام جي اچڻ سان ئي ڪوڙ ۽ دوکي جا بنياد ڪمزور ٿيڻ لڳا. پر فقط اسلام جي اچڻ کان چاليهه سال پوءِ خلافتِ راشده جي دور مطلق العنانيت ڪئي ۽ اڃا به خطرناڪ شڪل مسلمانن جي تقدير تي حڪمراني ڪرڻ لڳي. ڇو ته ان وقت مطلق العنانيت ۽ ظلم ۽ ڏاڍ اسلامي قانون جي ويس ۾ مڃيا ويا هئا.
جيئن ئي اسلامي تهذيب ساساني فارسي تهذيب يا ٻين تهذيب جي جاءِ والاري ۽ اها اميد ڪئي وئي ته انهن تهذيبن جا سياسي منشور به تبديل ڪيا ويندا، خاص طور تي اسلامي تهذيب جي شروعات ۾ نئين سياسي ماحول مان گهڻيون ئي اميدون وابسته هيون. تصورن کي قانوني شڪل ڏيڻ، مثلاً اجتماعي طور تي فيصلو ڪرڻ، مصالحت ۽ عوامي ڀلائي جي غلبي کي پاڻمرادو خود حضور اڪرم ﷺ ڪنهن حد تائين سندن اصحابن جي قول ۽ فعل (چوڻ ۽ ڪرڻ) ۽ گفتار ۽ ڪردار سان ترقي حاصل ٿي. خاص طور تي امام علي جي جانشينن جو دور ماڻهن جي لاءِ هڪ نئين صبح جي طور تي نمودار ٿيا. جيڪڏهن اهو عمل جاري رهي ها ته سنجيده فڪر کي مهميز ملي ها ۽ مسلمان طبقي جي قسمت بغير ڪنهن شڪ جي مختلف هجي ها. پر افسوس ظلم ۽ ڏاڍ جي اونداهي ڇانو مسلمان تي غالب ٿيڻ لڳي. ان کان به گهڻي ڏک جي ڳالهه اها آهي ته ان ظلم کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش کي زندگي جي نئين معيار ۽ زندگي جي ستون جي حيثيت ڏني وئي. پاليسي جي ابتدادي شڪل هڪ اهڙي وراثت ۾ تبديل ٿي وئي، جيڪا هڪ يادگار آهي ۽ اها تهذيب جي زوال ۾ پڻ مددگار ثابت ٿي. ان طرح جي ماحول ۾ ماڻهن جي سياسي تقدير جو ڳلو دٻايو ويو ۽ فقط هڪ دانشور، جنهن فلسفي، سياست ۽ بلدياتي بحثن کي اونهي فڪر سان سرفراز ڪيو، اهو فارابي هو. فارابي اسلامي فلسفي جو باني هو. ان سان تصور جي شروعات ٿي ۽ ان سان گڏ ئي ان جو خاتمو به ٿي ويو. ان کان پوءِ سيڪيولر مسئلن جي دائري فڪر ڇڏي ڏنو ۽ ظلم ۽ ڏاڍ ۽ ان جي نتيجن جي ڪري گهري تحقيق مخفي ۽ مابعدالطبيعاتي مظاهرتي زبردست طريقي سان واضح ٿي. اسان ڏسون ٿا ته مافوق الفطرت جي باري ۾ علم جي نشوونما جي باوجود سياست، سماج ۽ مختلف سماجي حلقن تي فلسفياڻيون سوچون تقريباً پوريءَ طرح عيان ٿي ويون.
مابعد الطبيعاتي فلسفي سان گڏوگڏ هڪ ٻيو فڪر، مثلاً عرفان ۽ تصوف خاص طور تي سماج جي ممتاز شخصيتن جي وچ ۾ شهرت حاصل ڪئي. جيتوڻيڪ تصوف پسندي کي نامواقف ۽ ناخوشگوار حالتن کان شڪايت ۽ ردِ عمل جي طور تي ڏسي سگهجي ٿو، پر اهو غلط ۽ بيڪار ردعمل آهي. موجوده سياسي حقيقت جي تلخي کي چيلنج ڪرڻ ۽ تبديليءَ جي واٽ کي متبادل حقيقت ۽ فڪر کي پيش ڪري ان حقيقت جي تبديلي جي واٽ کي ڳولڻ جي بدران تصوف پسندي گهٽ ۾ گهٽ ان جي انتها پسنداڻي تصورن، سياست ۽ سياسي فڪر جي مناسبت جو انڪار ڪري غالب سياسي نظام جو بچاءُ ڪيو. جيئن ته فارابي چيو آهي ته ان حلقي جي گهڻن ئي ماڻهن جو مڃڻ آهي ته حقيقي ادراڪ ۽ ڇوٽڪارو دنيا سان لاڳاپيل شين، بشمول مهذب معاشري کي رد ڪري ئي حاصل ٿي سگهي ٿو. ان جو مطلب هي ٿيو ته انهن انڪار ڪري ۽ سياست کان پري رهي ڪري ابتدادي حڪمرانن جي رت سان ڀريل هٿن ۾ سماج کي ڇڏي ڏنو. ناانصافي سان مدافعت ڪرڻ جي بدران، انهن ماڻهن پنهنجون اکيون پوري ڇڏيون. جيتوڻيڪ انهن ماڻهن ظالمن جي حمايت نه ڪئي. اهڙي طرح هڪڙي نموني جي تنگ نظري ۽ تعصب مسلمانن تي غالب ٿيڻ لڳو. ان اسلامي فلسفي، جيڪو مخفي ۽ مابعدالطبيعاتي هو، ان کي پاسيرو ڪري ڇڏيو.سياسي فڪر جي حيثيت سان جنهن امتياز حاصل ڪيو اهو هڪ نظرياتي ۽ تجرباتي نظام هو. عباسي دور جي مشهور شافعي مسلڪ فقهه ۽ بغداد جي ميجسٽريٽ ابوالحسن الهوردي جو ظهور ٿيو. جنهن هڪ اهم ڪتاب “الاحڪام السلطانيه” (Commandments of Kingship) لکيو هو. المورديءَ حنبلي مسلڪ جي جيڪا ترجماني ڪئي، ان کي بعد ۾ ابو عالي الفراء جي ڪتاب ۾، جنهن جو عنوان به “الاحڪام السلطانيهٔ” لکيو ويو. انهن ٻنهي ڪتابن لڪيل نموني عباسي دور جي خودمختاري کي قانوني طور تي جائز قرار ڏنو ۽ هڪ اهڙي قانوني نظام جي تجويز پيش ڪئي، جنهن جو بنياد مسلمان سماج جي حڪمراني جي لاءِ اسلامي سوچ تي مبني هو. ان سماج جو اهم ٿنڀو اسلامي اصول هو، پر پوءِ به مذهبي قانون بذات خود فڪر تي ٻڌل هو. جنهن سماج ۾ عقل تي ٻڌل فڪر هوندو، اتي مذهبي قانون خودبخود مددگار، ۽ موافق هوندو. عقليت پسند فڪر جي ذريعي عدالتي مشورو هڪ اهڙي قانوني نظام جي نشوونما ڪري سگهي ٿو، جيڪو يڪسان، مناسب ۽ مؤثر هوندو. پر مذهبي قانون جنهن کي عقليت پسند فڪر تي مبني هئڻ گهرجي ها اهو خودان جي شڪل ۽ عمل جو بنياد ٿي ويو.
ان کان سواءِ سياسي فڪر جي هڪ اهڙي مختلف شڪل شهرت حاصل ڪئي، جيڪا اصل ۾ گذريل آزمايل اسلامي طريقي کان اڳ واري دور جي پڻ هڪ نمونو هئي. اهم دانشورن، مثلاً ابوالحسن عامري ۽ مسڪويه ايران باسان کان آمريت پسنديءَ جي اسلامي روايت کان اڳ واري شڪل جي پڻ تجديد ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. نظام الملڪ ۽ الغزالي جي تحريرن مسلمانن جي سنجيده فڪر جي راه ۾ ايندڙ اهم رڪاوٽن مان هڪ ڏانهن توجهه ڪري ان فڪر کي مستحڪم ڪيو.
اها تمام گهڻي افسوسناڪ پيش قدمي هئي ته مسلمانن پنهنجي ستم ظريفيءَ کي خدا جي تقدير سان ۽ فطرت ۽ خدا جي ناقابل فرار عمل سان تعبير ڪيو. ان کان پوءِ ماڻهو سياسي ميدان ۾ آمريت پسنديءَ کان سواءِ نه سوچي سگهيا. ماڻهن پاڻ کي يا ته تقدير جي حوالي ڪري ڇڏيو يا کين تلوار ۽ طاقت کان سواءِ بچاء جي ڪائي صورت نظر نه آئي. آمريت جي پاڙن تي روشني وجهڻ جي بدران سوچن جي دنيا ۾ ٽڪراءُ سان گروهي جهڳڙن ۾ ڦاسي پيا. جيڪڏهن هڪڙو گروپ سمجهندو هو ته حڪمران طبقو ان جي گروهي مفاد جو بچاءُ ڪري ٿو، ته پوءِ اهو ان جي حمايت ڪندو هو ۽ جيڪڏهن ان جو مفاد خطري ۾ پوندو هو ته اهو حڪمرانن جي سامهون مقابلي لاءِ تيار ٿي ويندو هو. ان جو آخري مثال هي هيو ته عظيم مرتبي وارن شيعا عالمن جو صفوي مطلق العنان شيعن سان گهرو تعلق هو. شيعا عالمن صفوي حڪومت کي قانوني طورصحيح قرار ڏنو هو. اسان جي سياسي فڪر جي تاريخ ۾ مطلق العناني جي فطرت تي سوال اٿارڻ ۽ ان ۾ موجود خامين کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش تمام گهٽ ٿي آهي.
ان عام تاريخي بحث سان آئون پنهنجي ترقي پذيري جي مسئلي تي روشني وجهندس ۽ ان سان گڏ دارالفنون جي ڏيڍ سوسال کان پوءِ جي صورتحال جي وضاحت ڪندس ته اسان اڄ پهرين قدم تي ئي ڇو بيٺا آهيون؟ تبديلي ۽ نشوونما کي فڪر جي ضرورت ٿئي ٿي ۽ فڪر صرف آزاد فضا ۾ ئي پلجي ٿو. پر اسان جي تاريخ اهڙي انساني ڪردار کي ترقي ڏيڻ ۽ سمجهڻ جي اجازت نه ڏني آهي. ان ڪري فڪر، سمجهه ۽ آزدايءَ جهڙين انسان جي بنيادي خواهشن تي ڌيان نه ڏنو ويو ۽ انهن کي صرف نظر ڪيو ويو.
پوين ٻن سوسالن ۾ اسان هڪ وڌيڪ مسئلي، جنهن کي خودمختاري چون ٿا ۽ هڪ گهڻي خطرناڪ ۽ تخريبي ڪردار واري طعني شاهيءَ کي منهن ڏنو آهي. هن دور ۾ نوآباديات (نئين آبادين) جا لڪيل مظاهر دنيا ۾ پکڙيل هئا، جن اسان کي نوآباديات تي منحصر طعني شاهي ڏني. طعني شاهي ان وقت اهڙي نه هئي جنهن ۾ اهو محسوس ٿئي ته اسان جي مٿان ڪا طاقت ۽ قبيلو يا قوم غالب آهي، بلڪ اها هڪ اندروني خود مختياري جي شڪل ۾ آئي. جيڪا هڪ عالمي نوآباديات پسند مفاد کي تحفظ ڏيڻ تي منحصر هئي. غير ملڪي نوآباديات پسند نظام، مادي ۽ روحاني وسيلن کي لٽڻ چاهيندا هئا. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اهي نظام طعني شاهي کي هڪ فرمانبردار اسلحي جيان استعمال ڪندا هئا.
افسوس جي ڳالهه اها آهي ته جيڪو اسان ماڻهن سان ٿيو، ان جي ڪري اسان جو مزاج آزادي کي قبول ڪرڻ جي مطابق نه ٿي سگهيو. اسان ڏٺو آهي ته گذريل اڌ صدي ۾ ڪئين ڀيرا آزادي جو تجربو ڪرڻ جي لاءِ زمين مناسب رهي آهي پر اسان ماڻهن انهن موقعن کي وڃائي ڇڏيو.
25 آگسٽ 1941ع کان پوءِ جڏهن متوازن آزاديءَ جي هڪ فضا ايران ۾ تيار ٿي ته سماجي تحريڪ پهريائين اختلاف جو شڪار ٿي ۽ پوءِ ڪمزور ٿي وئي ۽ موقع پرست ماڻهن ان آزادي جو استعمال سماج ۾ رابع نظام تي اجاره داري تي قائم ڪرڻ لاءِ ڪيو. غير ملڪي هٿن سماج ۾ موجود آزادي جي فطري تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ سازش سٽڻ لڳا. ان بدنظمي جي حالت کي ڪجهه ماڻهن جي غداري ۽ غير ملڪي سازش اڃا وڌيڪ شهه ڏني، جنهن جي ڪري اهڙو ماحول پيدا ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ آخرڪار ۱۹۵۳ع جي سياه فوجي بغاوت رونما ٿي. انجام ڪار اسلامي انقلاب اسان جي تحفظ جو سامان مهيا ڪيو ۽ آزادي سان روشناس ڪيو.
اڄ ان انقلاب جا حامي ۽ ناقد، جيڪو به سوچين پر انهن کي غير جانبداراڻي طور تي اهو مڃڻ گهرجي ته ايراني انقلاب جون ٻه واضح خصوصيتون آهن. هڪ ته اسان جي ملڪ وانگر ٻين ملڪن ۾ نوآباديات مخالف جدوجهد، اڪثر فوجي شڪل اختيار ڪندي آهي. پر اسان جي ملڪ ۾ طعني شاهي کي، جنهن جو حامي سامراجي نظام هو، بندوق جي زور تي نه بلڪ عوام جي شرڪت، روشن خيالي ۽ مباحثي جي طاقت جي ذريعي بيدخل ڪيو ويو. ٻيو، انقلاب جي شروعات نه آزادي سان ٿي ۽ نه ئي اتسبداد (زور و زبر) سان. جيئن ته ان انقلاب ۾ آزاديءَ جا عنصر ايترا ته وسيع هئا جو ان جي ڪاميابي کان پوءِ ابتدائي دور ۾ ائين لڳندو هو ته هي انقلاب طوائف الموڪيءَ ڏانهن مائل هو. جيئن ته اسان جي ڪاري ماضيءَ جي دوران ظلم ۽ طعني شاهي، اسان جي ثانوي فطرت جو روپ اختيار ڪري چڪي هئي. ان ڪري اسان ان آزادي مان ڀرپور فائدو حاصل نه ڪري سگهياسين. يقين سان غير ملڪي هٿ، جيڪي ٻن صدين کان اسان جي اندروني معاملن ۾ ظاهري ۽ اندروني طور تي دخل اندوزي ڪري رهيا هئا، خاموش تماشائي نه رهيا. بلڪ سازشن ۽ پنهنجن لڪيل ايجنٽن جي وسيلي اسان کي فطري طور تي آزاديءَ کان واقف ٿيڻ، ان جي فائدي کي سمجهڻ ۽ ان جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ کان پري رکيو.
اسان جي ملڪ جي يونيورسٽين ۾ ڪجهه اهڙا گروه هئا، جيڪي هٿيار بند جدوجهد جي ذريعي حڪومت جو تختو انڌو ڪرڻ ۾ هر وقت مصروف هئا. ان جي ڪري هڪ تخريبي ماحول پيدا ٿي ويو ۽ سڀئي گروه هڪٻئي تي شڪ ڪرڻ لڳا. اهو فطري امر هو جو انقلاب جا اڳواڻ چپ نه ويٺا ته جيئن ۱۹۵۳ع جي تجربي جو اعاده نه ٿئي. ان لاءِ ملڪ کي هلائڻ جي لاءِ اهڙن سخت قدمن کڻڻ جي ضرورت پئي جنهن سان مطلق العناني جي دٻڻ ۾ ڦاسڻ کان ملڪ کي بچايو وڃي.
انقلاب کان پوءِ ڏوه جي نوعيت کي گهٽ ڪرڻ وارين حالتن ڪجهه ماڻهن جي لاءِ آزادي کي دٻائڻ جو بهانو مهيا ڪيو. انهن ماڻهن پنهنجي اڻ ڄاڻائيءَ تي مذهب جو پردو وڌو. جڏهن ته انهن جو مذهب هڪ ذهني ۽ جذباتي عادت جي هڪ سلسلي کان سواءِ ڪجهه نه هو. انهن عادتن تي آزادي جي ماحول ۾ مختلف قسمن جا سوال اٿاري سگهبا هئا. ڇو ته ڪيترائي ماڻهو اهڙا هئا جيڪي آزادي جي مطلق العناني ۽ تخريب ڪاري جي طرف وڌڻ جا ڪارڻ سمجهڻ بدران، آزادي جي مخالفت ڪرڻ لڳا. انهن ماڻهن چاهيندي نه چاهيندي آزادي کي پنهنجي مذهبي ۽ قومي مفاد جومخالف تصور ڪيو. آزاديءَ جي نالي تي امن ۽ ماحول کي بگاڙڻ ۽ مذهبي ۽ قومي مفاد جي نالي تي آزادي کي برباد ڪرڻ هڪ ئي سڪي جا ٻه روپ هوندا آهن. اهي ٻئي روپ اسان جي تاريخي بيماري کي ظاهر ڪن ٿا. جنهن جو ڪارڻ صدين جي مطلق العنان حڪومت هئي. جنهن اسان جي مزاج کي اهڙو بڻائي ڇڏيو هو، جو اسان آزاديءَ کي سمجهي نه سگهون پر پنهنجي مشڪلاتن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ۾ صرف حڪومت کي ڏوهاري قرار ڏيڻ کان اڳ، اسان کي پاڻ سمجهڻو پوندو ته آزادي ۽ حقن جا اسان ڪيترا حقدار آهيون. اڄ اسان پنهنجي يونيورسٽين اسڪولن ۽ گهرن ۾ هڪٻئي جي سامهون رواداري جي ورتاءُ جي قابل نه آهيون. بيشڪ جيستائين اسان پاڻ کي اندروني طور تي نه بدلائينداسين، ان وقت تائين اسين اها اميد نٿا ڪري سگهون ته ٻاهرين طاقت اسان جا مسئلا حل ڪري ڇڏيندي. اسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته آزادي جو تجربو آساني سان حاصل نٿو ٿئي. ان مسئلي جا ٻه بنيادي اصول آهن.
سڀ کان پهرين ظلم جي اثرن اسان جي ٻي فطرت جو روپ اختيار ڪري ڇڏيو آهي. انفرادي طور اسان سڀئي ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان مطلق العنان آهيون ۽ اها بدقسمت صورتحال اسان کي پنهنجي معاشري جي هرشعبي ۾نظر ايندي. ٻئي طرف اهڙي دنيا ۾ آزادي جو تجربو ڪرڻ چاهيون ٿا جنهن تي نمائشي طاقتن جو غلبو آهي، جيڪي صرف پنهنجي فائدي ۽ مصلحت جي فڪر ۾ مشغول رهنديون آهن ۽ انهن طاقتن جي فائدي ۽ مصلحت جو ٻين ملڪن جي آزاديءَ سان هميشه ٽڪراءُ رهندو آيو آهي ۽ صرف پنهنجي سياسي، فوجي، اقتصادي ۽ اطلاعاتي طاقت جي اضافي جي فڪر ۾ لڳيون رهنديون آهن. جيڪڏهن آزادي جي تجربي کي اسان جي ملڪن ۾ پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ته ان سلسلي ۾ اسان کي ٻاهرين ملڪن جي سازش کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي.
اها جڳهه آهي جتي اسان کي متناقض صورتحال کي منهن ڏيڻو پوي ٿو هڪ طرف آزادي کان سواءِ ۽ ترقيءَ جو اصول ناممڪن آهي ۽ ٻئي طرف آزادي قطعي مضبوط نٿي ٿي سگهي جيستائين سماج بالغ النظر ۽ ترقي پسند نه هجي. اهڙي صورتحال ۾ آخر ڇا ڪيو وڃي؟
منهنجو خيال آهي ته جيڪڏهن اسان ماڻهو فڪري اعتبار کان مخلص، غير جانبدار آهيون ته ان نتيجي تي پهچڻ ۾ ڪابه ڏکيائي نه ٿيندي. ڇو جو آزاديءَ کي ترقيءَ تي فوقيت حاصل آهي ۽ ان ۾ ڪي به ٻه رايا نه ٿا ٿي سگهن ته آزاديءَ جي طرف ويندڙ رستي ۾ طرح طرح جا خطرا ۽ پريشانيون آهن. اها ڳالهه آئون ٻيهر عرض ڪرڻ چاهيان ٿو ته آزاديءَ مان منهنجي مراد فڪر ۽ خيال جي آزادي، نئين فڪر جي اظهار جي آزادي ۽ آزاد خيال مفڪرن ۽ دانشورن جي حفاظت ۽ سلامتي جي لاءِ لازمي انتظامن جي ضرورت آهي. منهنجي خيال ۾ عملي طور تي اها ڳالهه ناممڪن آهي ته ڪنهن جي سوچ کي دٻايو وڃي. پرجيڪڏهن ماحول ۾ آزاد سوچ ملي ٿي ته ماڻهن جي فڪر ۾ توازن يقيني آهي. ان سان گڏوگڏ برابري کي غلبو حاصل ٿي وڃي ٿو ۽ ماڻهو ترقيءَ جي راه تي خود بخود قدم وڌائن ٿا ۽ جيڪڏهن ماحول ۾ آزاديءَ جي کوٽ هوندي آهي ته، مفڪر ۽ دانشور طبقو لڪيل ۽ مرموز انداز ۾ زندگي گذارڻ لڳندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهو تشدد آميز ۽ ڌماڪ خيز انداز ۾ پنهنجي فڪر جو اظهار ڪرڻ لڳندو آهي. ڇو ته ان کي مفڪرانه ۽ پر امن (ڳالهه ٻولهه) گفتگو تي ان قطعي ڀروسو نه هوندو آهي. ان سان گڏوگڏ آزادي ۽ قومي سلامتي جي وچ ۾ لاڳاپن جي تشڪيل به پڻ ضروري آهي، ته جيئن قومي سلامتي تي آزادي جو مثبت اثر پئجي سگهي ۽ سماجي استحڪام تي آزاديءَ جي کوٽ جو ڪو اثر نه پئجي سگهي.
منهنجي گفتگو جو تت هي آهي ته سماج جون ممتاز ۽ دانشور شخصيتون هڪڙي نموني جي مواقفت تي پهچي وڃن جو اڄ جي زماني ۾ سڀني قومن جي لاءِ آزادي جي هڪ اڪيلي پروڪرسٽين ماڊل (Procrustean Model) جي ڳولا بلڪل بيڪار آهي. جيتوڻيڪ آزاديءَ جو روح هڪ ئي هوندو آهي. پر سماجي حالتون ۽ تاريخي تجربن جي اختلاف جي بنياد تي مختلف قومون ان کي جداجدا طريقن سان مشاهدو ڪري سگهن ٿيون ۽ آزادي جي شرطن کي سامهون رکندي مختلف واٽن ۽ ترجيحن جي چونڊ ڪري سگهن ٿيون.
اسان هڪ اهڙو مناسب ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون، جنهن سان اسان هڪٻئي جي آڏو روادار بڻجي سگهون ۽ آزادي جي باري ۾ هڪٻئي جي نظريي کي ورهايون ۽ هڪٻي جي اميدن ۽ ترجيحن کي سمجهي سگهون ۽ انهن کي قانون جي بنياد تي رکون، جنهن مان آزادي جي بقا ۽ تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙي ماحول ۾ ئي اسان جي نشونما ۽ ترقيءَ جي رفتار تيز ٿي سگهي ٿي ۽ اسان جي عوام کي هڪ روشن مستقبل جي ضمانت ڏئي سگهي ٿي.