باب پنجون: تعقل پسندي ۽ مذهب
ٽي عظيم تاريخي شخصيتون، يعني امام خميني، شهيد مطهري ۽ شهيد صدر، اسان جي موجوده تاريخ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي موجوده فڪر جي تشڪيل ۾ حصو ورتو آهي. خاص طور تي مسلمانن جي نون نسلن جي تعمير ۾ انهن جو خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن. انهن جي زبردست ڪاميابي ان ۾ هئي ته انهن مسلمان دنيا ۽ خاص طور سان شيعن جي دنيا کي تهذيبي اعتبار کان بدلائي ڇڏيو. امام خميني، جيڪو نئين فڪر ۽ نئين تهذيب کي جوڙڻ وارو هو، اهو هن تاريخي تبديلي جو اهم ڪردار ثابت ٿيو آهي. اهي ٽئي شخصيتون پنهنجي علم ۽ تجربي ۾ لاثاني ۽ غير معمولي هيون ۽ ڪوبه مفڪر ۽ محقق انهن جي دؤر انديشي کي نذرانداز نه ٿو ڪري سگهي. جن ماڻهن باقاعده مذهبي سکيا حاصل نه ڪئي آهي انهن لاءِ عملي ڪمن ۾ دين جي عالم جي هدايت لازمي هوندي آهي. عقل ۽ فڪر رکندڙ ڪنهن جي انڌي تقليد نه ٿا ڪري سگهن، چاهي اِهي غير معصوم مذهبي رهنما ڪيڏائي وڏا ديني عالم ڇو نه هجن. انهيءَ سبب جي ڪري منهنجو اِهو عقيدو آهي ته عظيم شخصيتون، جيئن متحري ۽ صدر مذهبي ۽ علم و دانش جي معاملي ۾ آخري حرف نه هئا.
اهم ۽ قابل توجهه نقطو هي آهي ته انهن شخصيتن کي اوليت حاصل هئي، جن پهريون قدم پوري يقين سان کنيو ۽ اسان جي لاءِ هڪ نمونو ثابت ٿيا. حقيقت ۾ اِهي ماڻهو گهڻي احترام ۽ عزت جا لائق آهن، پر انهن جي خيالن تي تنقيدي نظر وجهڻ گهرجي. ڇا متحري ۽ صدر اسانجي معاشري کي نئون فڪر ڏنو ۽ نئون رجحان ڏنو آهي؟ منهنجو عقيدو آهي ته انهن شخصيتن جي اچڻ کان اڳ ان نئين فڪر اسان جي معاشري کي بدلڻ شروع ڪري ڇڏيو هو، ان کان اڳ جڏهن اسان جو مقابلو مغرب سان شروع ٿيو. ان وقت اسان جي ڪجهه مغرب کان متاثر دانشورن بنيادي طور تي اولهه جي فڪرن کي پنهنجو ڪيو. جڏهن ته ڪجهه سخت روايت پسند دانشورن مغرب کي بالڪل نظرانداز ڪري ڇڏيو. مذهبي فڪر جي سني شيعا فرقن جي پيشوائن جهڙوڪ سيد جمال الدين اسد آبادي، شيخ محمد عبده، اقبال لاهوري، علام نائيني ۽ عظيم شخصيتون جهڙوڪ متحري شريعتي ۽ صدر نه ته اولهه ۾ ٿيڻ جا قائل هئا ۽ نه ئي مڪمل طور تي ان کي رد ڪرڻ چاهيندا هئا. ان جي جاءِ تي انهن هڪ صحتمنداڻو وچون رستو اختيار ڪيو. اسدآبادي جو ڪتاب مثال جي طور پيش ڪري سگهجي ٿو، جنهن ۾ هن ماده پرستي تي سخت تنقيد ڪئي آهي. ان ڪتاب ان سلسلي ۾ هڪ ڊگهي بحث شروع ڪري ڏني. شهيد متحري ۽ صدر جي زماني کان پهرين علامه طبا طبائيءَ ايرن ۾ ۽ ٻين ڪيترن مسلمان مفڪرن انهن سوالن جا جواب حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. متحري ۽ صدر کي غير معمولي حيثيت ان اعتبار کان به حاصل آهي ته انهن ماديت پرستي ۽ اشتراڪيت جي مُقابلي ۾ اسلامي فڪر جو بچاءُ ڪندي، هڪ نئين فڪر جو رواج وڌو جيڪو عميق مطالعي جي بنياد تي ٻڌل آهي. اهو موضوع انهن سڀني دانشورن ۽ مذهبي ماڻهن جي توجهه جو طالب آهي، جيڪي مذهب ۽ جديد روشن فڪر جي باري ۾ سوچين ٿا.اولهه جي خرابين ۽ خامين جي سلسلي ۾ وڌيڪ غور و فڪر ۽ کوجنا جي ضرورت آهي. اسانجي مذهبي فڪر ۽ اولهه جي قدرن ۾ گهڻو فرق موجود آهي. اسانجي فڪر جو بنياد خدا جي حاضر و ناظر ۽ عليم ۽ خبير سمجهڻ تي بنياد رکيل آهي، جڏهن ته اولهه ان طرح جي ڪنهن به وجود جو شروع کان ئي انڪار ڪري ٿو ۽ گهٽ ۾ گهٽ سماجي ۽ معاشرتي معاملن کي هلائڻ جي دائري ۾ ان طرح جي وجود جو قائل نه آهي. اِهو هڪ تمام وڏو فرق آهي ته روحاني معاملن ۾ اسان جي مقابلي ۾ اولهه کي گهٽ قوت حاصل آهي.
موجوده دور ۾ اقتصادي، ٽيڪنيڪي ۽ سائنسي طاقتن تي اولهه جو قبضو آهي، جڏهن ته مسلمان انهن ميدانن ۾ گهڻو پوئتي آهن. اسانجو قرآن مجيد حڪم فرمائي ٿو ته انهن جي مقابلي ۾ پوري طرح قوت حاصل ڪريو پنهنجي پوري توانائيءَ سان گڏ، (قرآن.۶ـ۹)اصل ۾ قرآن اسان کي مشورو ڏئي رهيو آهي ته اسان طاقت جي سڀني برابري وارن ذريعن کي حاصل ڪريون ته جيئن اسان پنهنجي قوت جي زور تي پنهنجي حقن جو دفاع ڪري سگهون. آءٌ هتي ان رهنمائي جي بنياد کان اختلاف ڪريان ٿو. ڇو ته تمدن کي مان هڪ بنياد مڃان ٿو ۽ مان تمدن کي نه رهنما مڃان ٿو ۽ نه روشني. تمدن خاص عقيدن جي ضرورتن ۽ ماڻهن جي خدشن تي ٻڌل هوندي آهي ۽ جيئن جيئن ماڻهن جا عقيدا بدلبا آهن، تيئن تيئن تمدن ۾ تبديلي ايندي رهندي آهي. حضرت محمد صلي الله عليه و آله وسلم کان پوءِ ٽين ۽ چوٿين صدي هجري ۾ (اٺين ۽ نائين صدي عيسوي ۾) مسلمان اسلامي تعليم جي بنياد تي ۽ قرآن تي ۽ جيڪو ڪجهه انهن ايراني ۽ يوناني تمدنن کان حاصل ڪيو هو، ان جي بنياد تي هڪ نئون تمدن وجود ۾ آندائون. جيتوڻيڪ اسلامي تمدن جو سنهري دؤر ختم ٿي ويو آهي، پر ان جو مطلب اِهو نه آهي ته قرآن ۽ اسلام بي ربط ٿي ويا آهن. اسان مسلمانن جو عقيدو آهي ته اسان قرآن ۽ صحيح ۽ معتبر اسلام تي ايمان رکون ۽ پنهنجي مذهبي بنيادن تي اڄ جي مسئلن جو حل ڳوليون. اولهه جي تمدن جا اثر سڀني جڳهين تي موجود آهن، پر منهنجو عقيدو آهي ته اِهو تمدن به ابدي ۽ آخري نه آهي ڇو ته اِهو انسانن جو ٺاهيل آهي.
سڀني انساني ڪاميابين کي نوان نسل ڪم ۾ آڻين. جيئن ته اولهه جي دنيا اسلامي دنيا کان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو آهي. خاص طور تي ان سونهري دؤر ۾، جڏهن اسلامي دنيا فارسي ۽ يوناني تهذيب کان پنهنجو پاڻ کي مالا مال ڪيو هو. اسان جو بنيادي سوال اهو آهي ته اسان مسلمان هاڻي ڇا ڪريون؟ جڏهن ته اولهه جي تهذيب حاوي آهي ۽ اسان پنهنجي پراڻي تهذيب پنهنجي هٿن مان وڃائي ڇڏي آهي. جيڪڏهن اسان اڄ جي دنيا ۾ ان سلسلي ۾ عملي ڪردار ادا ڪرڻ چاهيون ٿا ته ڇا اسان پنهنجي ماضي جي طرف موٽون؟ اها ته هڪ بازگشت ٿيندي. هاڻي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا اسان اولهه جي تهذيب تي سبقت حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا؟ يا اسان مغرب ۾ ضم ٿي وڃڻ چاهيون ٿا؟
سخت روايت پرست چاهين ٿا ته اسان پنهنجي ماضي جي طرف موٽون جڏهن ته اولهه پسند چاهين ٿا ته اسان اولهه جي طرف جهڪون. پر اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي مذهبي ۽ قومي تهذيب جي باري ۾ فڪرمند آهن، انهن جو عقيدو آهي ته اسان اولهه جي تهذيب سان قربت ۽ شرڪت سان جو رويو ان لاءِ اختيار ڪريون ته ان تي سبقت حاصل ڪئي وڃي پر ان سان گڏوگڏ پنهنجي مذهبي معاملن جي باري ۾ باخبر رهڻ ۽ اڄ جي دنيا جي مسئلن ۽ پيچيدگين کان مڪمل ڄاڻ به لازمي آهي. اسان اولهه جي سڀني مثبت ڪاميابين کي پنهنجو ڪريون ۽ پوءِ ان جي مقابلي ۾ پنهنجي وارث کي ڏسون ته جيئن ان جي اوڻاين کي ختم ڪيو وڃي. ان جي ڪري اسان پنهنجي پوري توجهه اولهه جي مستقبل تي رکون ۽ نه ئي ان جي ماضي تي.
سڀني مذهبن ۽ خاص طور تي اسلام جو اهم ٿنڀ ايمان آهي ۽ ان اصطلاح جي تعبير جي لاءِ اسان کي ان جي خاص ضرورت آهي. بدقسمتي سان ايمان کي اسلامي تاريخ ۾ فرد جي دائري تائين محدود ڪيو ويو آهي. ڇو ته شيعا عقيدي جي ماڻهن صحيح معنيٰ ۾ ڪڏهن به سماج تي حڪومت ناهي ڪئي ۽ اها ڳالهه اهل سنت جي ڀائرن تي به سچي ثابت ٿئي ٿي. حڪومت فقط طاقتور ماڻهن جي رهي آهي، جڏهن ته عوام الناس کي اختيار ۽ قدرت جي ڪاروبار کان پري رکيو ويو. سماجي ايمان جو اسان جي تاريخ ۾ ڪو به مثال نه آهي. انهن مسلمانن، جن جو مذهب اسلام تي پورو عقيدو ۽ ايمان هو، انهن مسلم دنيا تي تمام گهڻيون سماجي نا انصافيون ڪيون ۽ انفرادي ايمان انهن زيادتين کي ختم ڪرڻ ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيو.
هاڻي جيڪڏهن اسان اهو چئون ته اسان وٽ ايمان آهي ۽اولهه وٽ نه آهي ته اسان کي صحيح طور اهو سمجهڻ گهرجي ته ايمان مان اسان جي مراد ڇا آهي؟ مذهبي عقيدو رکڻ وارن جي لاءِ خدا ۽ انسان جي درميان تعلقات واضح آهن، پر رعيت جا تعلقات پنهنجي حڪمرانن سان ۽ فرد جو معاشري سان ۽ معاشري جا سماج جي ڪيترن ئي ٻين جزن سان رابطن جي نوعيت جي باري ۾ اڃا تائين مڪمل طور تي مطالعو نه ٿيو آهي. جنهن جي روشني ۾ هن دنيا ۾ ايمان جي ضرورتن کي سمجهڻ ۾ آساني ٿي سگهي ٿي.
اولهه وارن جو عقيدو آهي ته انهن جي تهذيب جو بنياد آزادي آهي. جديد تمدن جي اچڻ کان پهريان اولهه ۾ سماجي، سياسي ۽ شهري آزادي جو وجود نه هو. ڇو ته جديد دؤر جي مسلمانن ۽ وچين دؤر جي دوران زندگي گذارڻ وارن اولهه وارن جو عقيدو “نجات” ۾ هو. اڄ ڪنهن طرح جي محدوديت ۽ پابندين کان نجات کي آزاديءَ جو نالو ڏنو وڃي ٿو، پر پراڻي دنيا ۾ اندروني پابندين ۽ گهٽتائين کان نجات، ان سان گڏ دنيا جي خواهشن کان نجات کي آزادي چيو ويندو هو.
اسلامي دنيا جا ڪجهه فرقا ته اهو چون ٿا ته “نجات” دنيا کي ترڪ ڪرڻ ۽ سڀني مادي ضرورتن کي ڇڏي ڏيڻ آهي. جنهن ۾ معاشري ۽ سماج کي به ترڪ ڪرڻ شامل آهي.
فارابي جو خيال آهي ته اهڙا صوفي، جيڪي ان قسم جي ترديد جو مشورو ڏين ٿا، اهي نا واقف آهن. فارابي جو عقيدو به نجات ۾ هو، پر ان جو چوڻ هوته مهذب معاشري ۾ رهي ڪري ۽ جنهن جي رهنمائي اندروني پابندين ۽ ڪوتاهين کان دوري حاصل ڪرڻ ئي نجات آهي. ان جي مقابلي ۾ اولهه ۾ آزادي ان جي بلڪل ابتڙ آهي. يعني آزادي جو مطلب ڪنهن به شخص جي نجي زندگي ۾ ٻاهرين عملن جي مداخلت مان آزادي هو. جنهن جو مطلب هي آهي ته ڪنهن شخص جي زندگي تي صرف انهيءَ جي حڪمراني هجي. اولهه جو تصور انفراديت، انسانن جي ابتدائي شعور ۽ سمجهه ۽ انهن جي خواهشن کي اوليت ڏئي ٿو. هڪ آزاد شخص اهو آهي جنهن جي ضرورتن جي تڪميل ۾ ڪائي شيءَ منع نه هجي. يقينن آزادي جي محدوديت آهي ۽ اها آهي ٻين جي آزادي. اها آزادي مثبت اثر رکي ٿي. جيئن ته ماڻهن پنهنجي تقدير کي خود پنهنجن ئي هٿن ۾ کنيو هجي ۽ حڪومت ماڻهن جي خادم بڻجي وڃي ۽ انهن جي آڏو جوابده هجي ۽ نه انهن جي مالڪ هجي. ان جي ابتڙ قديم زماني جا مطلق العنان حڪمران عام ماڻهن کان بالاتر هئا ۽ انهن کي پنهنجو نشانو تصور ڪندا هئا، جن جو پورو دارومدار انهن جي حڪمرانن جي رحم وڪرم تي هو. پر جڏهن ماڻهن کي ان غلبي جي مشڪلاتن کان نجات ملي ته اجتماعي طورتي اهي پنهنجي حڪمرانن تي غالب پئجي ويا.
آزادي جو مطلب ڪنهن خارجي پابندي کان نجات حاصل ڪرڻ آهي، برخلاف مابعد جي جديديت (Post modernism). ان خيال جي ته نجات جو مطلب اندرين پابندين کان آزادي آهي، جيڪو سماجي ۽ سياسي حقن ۽ آزادين کي وساري ڇڏي ٿو. پر اهي ٻئي تصور نا مڪمل آهن. جديد آزادي داخلي آزادي کي نظر انداز ڪري ٿي ۽ ان کي ان ڳالهه جو ڪوئي فڪر نه آهي ته ڇا انسان کي پنهنجي جذبن کان نجات ملي؟ هو ته اهو چاهين ٿا ته انسانن کي انهن جي حڪمرانن جي خواهشن ۽ خدمتن جي تابع نه هئڻ گهرجي. اسان ان نظريي جي برخلاف اها ڪوشش ڪئي آهي ته ماڻهوءَ پنهنجي خواهشن جو شڪار نه ٿين. جيتوڻيڪ ان نظريي جي ڪري ظالمن حڪومت به ڪئي ۽ مسلمان معاشري کي زنجيرن سان جڪڙي به ڇڏيو. منهنجي تجويز آهي ته اسان ٻنهي قسمن جي آزادي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون. جيئن اسان قرآن شريف ۽ پنهنجي معاشري جو حوالو ڏيون ٿا. اسان اولهه جي آزادي جي ڪيترن ئي پهلوئن کي رد ته ڪريون ٿا، پر اسان ان جي ڪيترن ئي ڪاميابين جو انڪار نٿا ڪري سگهون. جڏهن اسان اولهه جي ڪجهه مضبوط ۽ ڪمزور نڪتن ۾ فرق ڪريون ٿا ته اسان کي پنهنجي فڪر جي باري ۾ به انهيءَ تنقيدي نقطه نظر کي اپنائڻ گهرجي.
تعقل پسندي جي مختلف طريقن سان وصف ڪري سگهجي ٿي ۽ اسان کي اهو ٻڌائڻ گهرجي ته اسان ڪهڙي قسم جي تعقل پسندي اپنائي رهيا آهيون؟ افلاطوني، ارسطوئي، نئين افلاطوني، اسلامي يا صوفياني تعقل پسندي جو تصور؟ ابن رشد جي تعقل پسندي يا ڊسڪارٽس، ڪانٽ يا هيگل جي تعقل پسندي؟
منهنجي راءِ ۾ تعقل پسندي سڀني انسانن جو هڪ مشترڪ ٻنڌڻ آهي. هڪ ذريعو، جيڪو دنيا ۾ هڪ ٻئي کي جوڙي ٿو. اِها اُها ئي عقليت آهي، جنهن جي ذريعي سان افلاطون ۽ ارسطو پنهنجي خيالن کي ٻين تائين پهچايو. تعقل پسندي ۽ ذهانت هڪ اهڙي طريقي کي ظاهر ڪري ٿي، جنهن سان هن دنيا جي سمجهه ۽ شعور حاصل ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ اها سمجهه ۽ شعور نسبتي آهي. اسان جا عظيم مفڪر ان حقيقت کان بخوبي واقف هئا ته فقط تعقل پسندي جي ذريعي حقيقت جو پتو نٿو لڳائي سگهجي، پوءِ به اهي تعقل پسندي جي غير معمولي اهميت کي نظرانداز نه ڪري سگهيا. اسان جي مذهبي روايت جو دعويٰ آهي ته آخرڪار دل جو ايمان سان گهرو رشتو هوندو آهي، ذهانت سان نه. جڏهن ته ذهانت پوري حق جي سمجهه رکڻ آهي.
جيڪڏهن اسان خيال ڪريون ٿا ته عقليت ۽ ايمان متضاد ۽ هڪٻئي جا مخالف آهن، ڇو ته تعقل پسندي هن دنيا تي گهڻو اثرانداز ٿئي ٿي ۽ ايمان ۽ عقيدي کي هڪ طرف رکيو ويندو آهي. ان ڳالهه کي ڌيان ۾ رکڻ ضروري آهي ته جنهن عقيدي جي ڳالهه مان ڪري رهيو آهيان، اُهو تعقل پسندي سان گڏو موجود آهي؛ ان جو مخالف نه آهي. تعقل پسندي اسان کي موت کان پوءِ جي دروازي تائين پهچائي ٿي، باوجود ان جي ته ان کي اهو معلوم آهي ته دنيا صرف مادي تائين محدود آهي. پر اها هن دنيا کان اڳيان نه ٿي وڃي سگهي ۽ اهائي اُها جڳهه آهي، جتي ايمان کي داخل هئڻ گهرجي. انسان بغير عقليت جي اڳيان نه ٿو وڌي سگهي، ڇو ته ان جي سامهون عملي مسئلا آهن ۽ جيڪڏهن انهن کي تعقل پسندي ۽ ايمان جي درميان ڪنهن هڪ کي انتخاب ڪرڻو آهي ته اُهو آخري ذڪر ڪيل جوئي انتخاب ڪندا. دنيا جي تعبير ۽ تشريح جي اساس تعقل پسندي آهي ۽ اِهو تناسب جي اعتبار کان آهي. تناسب اسانجي مذهبي تصورن ۾ داخل آهي، پر قرآن ۽ مذهبي روايتن جي سلسلي ۾ جيڪڏهن اسانجي سمجهه ۽ عقل مرڻ جي ويجهو ٿين ۽ انکي بدلڻ جي ضرورت هجي ته انجو مطلب اِهو ناهي ته روايت ۽ قرآن مجيد پراڻا ٿي ويا آهن. اسانجي ذهانت ۾ اِها صلاحيت موجود آهي ته اُها موجوده دنيا کي پنهنجو ڪري سگهندي آهي ۽ روايت قرآن سان به لاڳاپيل رهندي آهي. ان طرح مذهبن جي اصلي جوهر کي ڪجهه به نقصان نه ٿو پهچي ۽ اهڙي طرح اسانجي مذهبي فڪر جي ترقي به يقيني هوندي آهي.
انسان بنيادي طور تي خدا جي تلاش ۾ مصروف آهن. اِها هڪ اهڙي حقيقت آهي جيڪا روحانيت سان سڌو سنئون رابطي ۾ آهي. بدقسمتي سان اسان جا ڪيترائي دنيا کان تارڪ ماڻهن مذهب جو تعبير ڪيو آهي ۽ ان جي مٿان هنن تي تقدس جو کوپو چاڙهي ڇڏيو آهي جنهن کي ناقابل تسخير سمجهيو ويندو آهي.
اِهو يقيني آهي ته انسان روحاني آسودگيءَ جي حصول لاءِ وڌيڪ قدم کڻندا، پر معمولي ۽ مادياتي وجود اسان ماڻهن کي لازمي طور تي هڪ عذاب ۾ مبتلا رکندو. اسانجو ايمان آهي ته مذهب مادي ڀلائي جو مخالف ناهي پر اُهو سڀني انسانن کي هڪ عظيم بلند مقام لاءِ دعوت ڏئي ٿو جيڪو مادي دنيا کان گهڻو اعليٰ ۽ اوچو آهي.
بحيثيت هڪ صاحب ايمان، مونکي يقين آهي ته مستقبل مذهب جو آهي ۽ تعقل پسندي جي هڪ وڪيل جي طور تي مان ڏسي سگهان ٿو ته اڄ جي دؤر ۾ مذهب جو استقبال ڪرڻ لاءِ ماڻهو ڪيترا نه بيقرار آهن.