پيش لفظ
تحريڪ ريشمي رومال جو ذڪر سڀ کان پهريائين سڊيشن ڪميٽيءَ جي رپورٽ 1918ع ۾ آيو هو. پوءِ 1924ع ۾ جڏهن انٽيليجنس، تحريڪ خلافت ۽ عدم تعاون تي پنهنجي رپورٽ مرتب ڪئي ته ان ۾ به هڪ ٻه پئراگراف آيا، پر اهو برٽش حڪومت جو نقطه نظر هو. ان معلومات جي روشنيءَ ۾ تحريڪ ريشمي رومال جي تاريخ مرتب نه پئي ٿي سگهي. سڀ کان پهريائين مفصل طور تي مولانا حسين احمد مدني رحه پنهنجي آتم ڪهاڻي ”نقش حيات“ ۾ هن تحريڪ جو تعارف ڪرايو. اها تحريڪ جي هڪ خاص شخصيت جي قلم مان تحريڪ جي تاريخ هئي. پر جهڙي طرح پهرين معلومات، هڪ تحريڪ جي باري ۾ حڪومت جو نقطه نظر هو، اهڙي طرح ٻئي معلومات ۾ به حالتن جو فقط هڪ پاسو ڏيکاريو ويو هو. ان جا ڪيترائي پهلو بحث لائق هئا. ان ئي معلومات کي مولوي عبدالرحمان نهايت ئي غلط اضافن ۽ تبصرن سان گڏ هڪ نئين ڪتاب جي صورت ۾ پيش ڪيو. پوءِ جڏهن انڊيا آفيس لائبريريءَ ۾ واسطيدار ڪاغذن جي مطالعي ۽ انهن مان فائدي وٺڻ جي اجازت ڏني ويئي ته مولانا موسيٰ ڀائي ڪرناڊي ۽ ان جي ساٿين سڀني ڪاغذن جي فلم ٺهرائي، جمعيت علماء هند کي ڏني، جنهن جي خاص حصن جو ترجمو ڪرائي پنهنجي هڪ ڊگهي مقدمي ۽ حاشيءَ سان گڏ حضرت مولانا محمد ميان ”تحريڪ شيخ الهند“ جي نالي سان دهلي مان شايع ڪئي. (بعد ۾ لاهور مان هن جا ٻه ايڊيشن نڪتا) هن کان اڳ تحريڪ جي باري ۾ هر لحاظ سان وڌيڪ تفصيلي معلومات حاصل ٿي ۽ جيئن ته مولانا محمد ميان سي آءِ ڊي جي غلط بيانن ۽ غلط فهمين کي پنهنجي مقدمي ۾ بيان ڪري صحيح صورتحال کي پوريءَ طرح واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر بنيادي طور تي هي سي آءِ ڊي جو رڪارڊ آهي، جيڪو مرتب ڪيو ويو آهي. ان معلومات کان سواءِ ڪجهه ٻي معلومات اهڙن ماڻهن وٽان ملي، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن حد تائين تحريڪ سان فڪري يا عملي طور لاڳاپيل رهيا هئا. ماهوار الحق اڪوڙه خٽڪ ۾ اهڙي قسم جون ڪيتريون ئي فائديمند تحريرون ڇپيون آهن.
”تحريڪات ملي“ جي سلسلي ۾ منهنجو ارادو هو ته تفصيل ۽ تحقيق سان گڏ هن تحريڪ تي لکڻ جي تمنا پوري ٿيندي. پر جڏهن هن عظيم الشان انقلابي تحريڪ تي قلم کڻڻ جو ارادو ڪيم ته محسوس ٿيو ته جيتوڻيڪ ڪم ڪرڻ جي لاءِ وقت بلڪل ڪونهي، پر تنهن هوندي به تفصيلات حاصل ڪرڻ جي انتظار ۾ هن مصوبي کي ملتوي نٿو ڪري سگهجي. ان ڪري سي آءِ ڊي جي مرتب ڪيل سازش ڪيس جو خلاصو ۽ رپورٽ پيش ڪري ڇڏڻ ئي ممڪن ۽ مناسب معلوم ٿئي ٿو.
جيئن ته عرض ڪيم ته هي خلاصو رپورٽ سي آءِ ڊي يا انٽيليجنس جي کاتي جو ترتيب ڏنل آهي، تنهن ڪري عام ڪيسن وانگر هي ڪيس عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو هو، نه مدعا عليه حڪومت جي هٿ آيا هئا جو هو پنهنجي صفائي پيش ڪري ۽ بچاءُ ڪري سگهن ها، نه وڪيل ۽ شاهد عدالت ۾ پيش ٿيا هئا جو شهادتن ۽ آڏي پڇا ۾ اصل حقيقت واضح ٿئي ها. بس رڳو چند ماڻهو، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن طرح حڪومت جي هٿ اچي ويا هئا، انهن کان جيڪو ڪجهه سي آءِ ڊي غلط يا صحيح معلومات حاصل ڪري سگهي، ان ئي بنياد تي هي خلاصو ۽ رپورٽ مرتب ڪئي ويئي. پوءِ به خلاصي ۽ رپورٽ ۾ تحريڪ جي جنهن پس منظر کي واضح ڪيو ويو ۽ جيڪو ثبوت پيش ڪيو ويو ۽ مسلمان رهنمائن ۾ جن رابطن جي نشاندهي ڪئي ويئي آهي، اها حقيقتن تي مشتمل آهي يا حقيقت جي نهايت ويجهي آهي. هن تحريڪ جي سڀ کان وڏي رهنما ۽ شيخ الهند مولانا محمود حسن ۽ ٻين رهنمائن جو فڪر، خيال ۽ زندگيءَ ۽ قومي جذبي جو مذهبي ۽ سياسي مقصد بلاشڪ اهو ئي هو، جنهن جي طرف رپورٽ ۾ اشارو ڪيو ويو آهي.
ريشمي خطن جي ڪيس جي خلاصي ۽ رپورٽ جي مطالعي مان ان جي اهميت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. ايشيا جي هيءَ آخري انقلابي تحريڪ هئي ۽ اتفاق سان ان جا اڳواڻ ”پهرين اسلامي انقلاب تحريڪ“ (تحريڪ اصلاح و جهاد) جي اڳواڻن سان فڪر ۽ عقيدت جو رشتو مضبوط رکندا آيا هئا.
مناسب ٿيندو ته ان ترتيب جي ڪن خصوصيتن تي نظر وجهجي:
• ڪيس جي خلاصي يا رپورٽ جي ڪن جاين تي مولانا سيد محمد ميان وضاحتي نوٽ لکيا هئا، ان ترتيب ۾ مولانا مرحوم جي ڪجهه نوٽن کي جيئن جو تيئن رهڻ ڏنو ويو آهي ۽ اهڙي هر نوٽ ۾ مولانا مرحوم جي نالي جي وضاحت ڪئي ويئي آهي.
• پر جتي نوٽ ناڪافي معلوم ٿيو يا ضروري تصحيح ۽ وضاحتي جاين تي نيئن نوٽ جو واڌارو ڪيو ويو آهي، اتي نوٽ لکندڙ جي نالي جي وضاحت ضروري نه سمجهي وئي آهي؛ اهڙا سڀئي نوٽ راقم الحروف جي قلم مان آهن.
• ڪجهه نالا ناڪافي معلومات جي ڪري يا لکت جي غلطين سبب ماڳهين مٽجي ويا آهن، انهن کي درست ڪيو ويو آهي.
• رپورٽ جا ڪجهه حوالا غلط هئا. مثلاً جمعيت حزب الله جي سلسلي ۾ الهلال جي گهربل شماري جي تاريخ غلط هئي ۽ ماخذ ڪيترائي دفعا نقل ڪرڻ ۾ بلڪل مٽجي ويا هئا، انهن کي الهلال سان ڀيٽي اصل جي مطابق ڪيو ويو آهي.
• سازش جي انڪشاف جو بنياد فقط ٽي خط ۽ ٻه لکتون هيون. وري ڪجهه ٻيون لکتون سي آءِ ڊي جي هٿ اچي ويون، جنهن کي رپورٽ ۾ ثابتي جي طور تي پيش ڪيو ويو هو. ان سلسلي جون اڄ تائين فقط ڪجهه لکتون ماڻهن جي مطالعي ۾ آيون هيون، ڪجهه وڌيڪ لکتون جناب ضياءُ الدين لاهوري جي ڪوشش ۽ توجهه سان هٿ آيون آهن، جيڪي توهان عڪسي صورت ۾ ڏسندؤ، انهن جي ڏيڻ جي لاءِ ضياءُالدين صاحب جو شڪرگذار آهيان ۽ اهي انڊيا آفيس لائبريري جي ڊائريڪٽر جي اجازت سان پيش ڪيون وڃن ٿيون.
هن ڪوشش جو شروعاتي نقشو ”علم و آگهي“ (گورنمينٽ نيشنل ڪاليج ڪراچي) جي ”تحريڪات ملي نمبر“ (1983ع) ۾ پيش ڪيو ويو.
پر ان کان اڳ ان سلسلي جو بنيادي مضمون ”تحريڪ ريشمي رومال ۽ سنڌ“ جي عنوان سان باني پاڪستان ڏانهن منسوب، ان علمي رسالي جي هڪ نمبر (1977ع) ۾ لکيو ويو هو. جيئن ته هي ٻئي ڪوششون هڪ ئي سلسلي سان تعلق رکن پيون، ان ڪري انهن کي ڪن ترميمن ۽ اصلاحن کان پوءِ هن ڪتاب جي شڪل ۾ گڏ ڪيو ويو آهي، پر ان ۾ ڪجهه خاص واڌارا به آهن.
1- پهريون ضروري واڌارو هي سمجهيو ويو ته ان ۾ ”ريشمي خطن جي ڊائريڪٽري“ مان جيڪي ”تحريڪ شيخ الهند“ مرتبه مولانا سيد محمد ميان مرحوم ۾ شامل آهي، ڪيس جي ٻئي ڌر جي (مولانا عبيدالله ۽ ٻين) سڀني ماڻهن يعني ڪيس جي ڏوهارين جو به تعارف شامل ڪيو وڃي. هن ڪتاب ۾ ايئن ئي ڪيو ويو آهي. هي تعارف پهرين ڌر رپورٽ جي ترتيب ۾ پنهنجي سهوليت جي لاءِ مرتب ڪيو هو، ان ۾ ڪجهه تاريخي ۽ سوانحي غلطيون هيون، انهن کي حاشي ۾ صحيح ڪيو ويو آهي البت واڌاري ۽ تفصيل کان پاسو ڪندي ڪٿي رڳو ضروري اشارو ڪيو ويو آهي. انهن ماڻهن جي حياتيءَ جو تفصيل ۽ تحقيق ۾ وڃڻ پنهنجي جڳهه تي هڪ وڏو ڪم آهي پر هن تحريڪ ۾ شامل سنڌ سان تعلق رکندڙ شخصيتن جي تعارف ۾ ڪنهن قدر تفصيل ۽ تحقيق کان ڪم ورتو ويو آهي. هي تعارف ڪتاب جي ٻئي حصي ۾ ”ريشمي رومال تحريڪ ۽ سنڌ جا ڪارائتا ماڻهو“ جي عنوان سان گڏ آهي.
2- جن خطن ۾ لکتن جي بنياد تي انگريز حڪومت ان کي ريشمي خط سازش ڪيس ڄاڻايو هو يا ان کي ريشمي خط تحريڪ جو نالو ڏنو ويو هو، اهو مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مولانا محمد ميان جا خط هئا. انهن ٻنهي بزرگن جو تعلق جيئن ته شيخ الهند مولانا محمود حسن ديوبنديءَ جي ”آزادي وطن“ جي انقلابي ۽ قومي تحريڪ سان هو ۽ ريشمي خط تحريڪ ۽ ان جي حقن جي پس منظر کي سمجهڻ جي لاءِ، رولٽ ڪميٽي جي تحقيقاتي رپورٽ جي ڪن جزن ۽ ڪن تاريخي دستاويزن جي مطالعي جي اهميت هئي، ان ڪري ضميمي جي تحت هن رپورٽ جا ٻه باب ۽ ٻيا تاريخي دستاويز شامل ڪيا ويا آهن.
3- هڪ مضمون جيڪو حافظ محمد اسماعيل مرحوم (شيخ الحديث مدرسو مظهرالعلوم، محلو کڏو ڪراچي) هن تحريڪ جي سلسلي ۾ پنهنجي والد گرامي مولانا محمد صادق عليه الرحمة جي حوالي سان لکيو هو، جنهن سان گڏ ڪي تاريخي ڊاڪيومينٽس (دستاويز) به شامل هئا ۽ سنڌي ماهوار الصادق ڪراچي (رمضان، شوال 1411هه) ۾ شايع ٿيو هو، اهو به ڊاڪيومينٽس جي عڪس سان گڏ شامل ڪيو ويو آهي.
هي ڪتاب جيئن ته سنڌ جي هيري ۽ عظيم سپوت مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي پنجاهين وفات جي ڏينهن جي تقريب سان يادگار طور تي پيش ڪيو پيو وڃي، ان ڪري هن تحريڪ ۾ سنڌ جي رهنمائي ۽ ان جي قرباني ۽ خدمتن جو نقشو پوري طرح ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي، ان ڪري هن جو نالو ”تحريڪ ريشمي رومال ۽ سنڌ“ تجويز ڪيو ويو آهي.
هي ڪتاب امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي جي عظيم الشان شخصيت ۽ ان جي قومي ۽ ملي خدمتن جي اعتراف ۾ هڪ ننڍڙو تحفو آهي. اميد آهي ته حضرت امام انقلاب جي عقيدتمندن ۾ ۽ قومي ۽ ديني انقلابي تحريڪن جي مطالعي جو شوق رکڻ وارن ۾ پسند ڪيو ويندو. اهڙي طرح هي ڪتاب تاريخ ۽ برصغير جي سياست جي شاگردن جي لاءِ به ڪنهن نه ڪنهن حد تائين بيحد فائديمند ثابت ٿيندو ۽ عام طور تي به دلچسپيءَ سان پڙهيو ويندو.
امام سنڌيءَ جي عقيدتمندن مان هڪ
ابو سلمان شاهجهانپوري
ڊائريڪٽر
مولانا عبيدالله سنڌي اڪيڊمي پاڪستان
23 فيبروري 1994ع