تاريخ، فلسفو ۽ سياست

تحريڪ ريشمي رومال ۽ سنڌ

هن ڪتاب ”تحريڪ ريشمي رومال ۽ سنڌ“ جو ليکڪ ڊاڪٽر ابو سلمان شاهجهانپوري آهي آهي، جنهن جو سنڌيڪار محمد عثمان عباسي صاحب آهي. هن ڪتاب ۾ انهن عالمن ۽ بزرگن جو مختصر تعارف آهي، جن جو هنن خطن ۽ تحريڪ سان واسطو آهي. هي ڪتاب تحريڪ آزاديءَ جي باري ۾ واقفيت حاصل ڪرڻ لاءِ رهنما ڪتاب آهي.
Title Cover of book تحريڪ ريشمي رومال ۽ سنڌ

باب ٻيو : ريشمي خطن جي ڪيس جو خلاصو

باب ٻيو

[b]ريشمي خطن جي ڪيس جو خلاصو
[/b]
(مرتب سي آءِ ڊي)

زيرغور ڪيس کي اسان سولائيءَ جي لاءِ، ريشمي خطن جو ڪيس ان ڪري چئون ٿا ته، ان باري ۾ اسان کي گهري ۽ مڪمل واقفيت آگسٽ 1916ع تي ريشمي ڪپڙي تي لکيل ٽن خطن جي پڪڙجڻ مان ملي، جيڪي ڪابل ۾ موجود سازشين حجاز ۾ موجود سازشين کي موڪلڻ جي لاءِ روانا ڪيا هئا. هي واقعا جيڪي هن پڇاڳاڇا ۽ تحقيقات جو سبب آهن، انهن جو سلسلو 1915ع جي شروعات سان شروع ٿئي ٿو.

[b](1) افغانستان ڏانهن پنجابي شاگردن جو مشن
[/b] ان سال فيبروري مهيني ۾ پنجاب جي مختلف ڪاليجن جا پندرهن شاگرد ڳجهي طور سان پنهنجن گهرن مان روانا ٿيا ۽ اتر اولهه سرحد ٽپي آزاد علائقي ۾ پهتا. وري ٻين شاگردن هڪ هڪ ٿي يا ننڍين ٽولين جي صورت ۾ انهن جي پيروي ڪئي. پوءِ وارن اطلاعن مان ظاهر ٿيو ته انهن جي هن ڪارروائي جو محرڪ، سلطنت برطانيه جي مخالفت جو جذبو هو. ترڪيءَ سان برطانيه جي جنگ ان جو سبب هئي، جنهن جي خلاف غيروفادار واعظن ۽ مبلغن نهايت زبردست پروپئگنڊا ڪئي هئي.
انهن نوجوانن جو ارادو ۽ ڪوشش هيءَ هوندي هئي ته پهريائين ته اهي برطانوي حڪومت جي حدن مان نڪري وڃن ۽ پوءِ وري جنهن ڪم جي لاءِ به انهن ۾ صلاحيت هجي، جيئن جاسوس، قاصد، واعظ يا مبلغ، جهاد يا فوجي، وغيره ان ڪم جي لاءِ هو پنهنجون خدمتون ترڪن کي پيش ڪري ڇڏين. انهن کي اميد هئي ته افغان گورنمينٽ جي مهرباني ۽ تعاون سان هو ترڪي پهچي سگهندا. انهن کي اها به اميد هئي ته افغانستان برطانيه بادشاهيءَ سان جنگ ڇيڙڻ وارو آهي يا هندستان جا غيروفادار ماڻهو بدگمانيون پيدا ڪري، اڃا وڌيڪ دٻاءُ وجهي ڪري ان کي جنگ تي مجبور ڪري ڇڏيندا.
1915ع تي جيڪا پڇاڳاڇا ۽ تحقيقات ڪئي ويئي ان سان هن خاص واقعي جو به انڪشاف ٿيو ته صوبي سرحد تائين شاگردن جي سفر جو انتظام پنجاب ۽ اترئين سرحدي صوبي ۾ وهابين جي هڪ جماعت ڪندي هئي ۽ برطانوي حدن جي ٽپي وڃڻ کان پوءِ شاگردن کي سرحد پار جا وهابي بونير پهچائي ڇڏيندا هئا، جتي آزاد علائقي ۾ انهن وهابين جو ڳوٺ آهي، جن کي مجاهدين يا متعصب هندستاني چيو ويندو آهي.

[b](2) هندستان ۾ وهابيت
[/b] اڻويهين صديءَ جي شروع ۾ عرب جي وهابين جي تحريڪ هندستان ۾ داخل ٿي، راءِ بريلي جي مولانا سيد احمد شهيد گنگا جي واديءَ ۾ ان کي رائج ڪيو (جتان هيءَ وڏي تيزيءَ سان مٿانهين هندستان ۾ پکڙجي ويئي). انهن ڏينهن (1823ع) ۾ ڪجهه پيروڪارن سان گڏ هو پاڻ به اترين اولاهين سرحدي صوبي کان ٽپي ويو ۽ يوسف زئي قبيلن جي علائقي ۾ مجاهدن يا متعصب هندستاني مسلمانن جو هڪ ڳوٺ قائم ڪيائين، تڏهن کان ئي هندستان جي بي دين حڪمرانن جي لاءِ عذاب بڻيل رهيو.
شروعات ۾ هن جو قائم ڪرڻ ان مقصد جي لاءِ عمل ۾ آيو هو ته سرحدي قبائلين کي سکن جي خلاف جهاد جي لاءِ ڀڙڪائي جيڪي ان وقت پنجاب تي قابض هئا، تڏهن کان هي ڳوٺ هندستاني وهابين جي ڪري (جنگ جي ميدان ۾) شڪست کائڻ ۽ برطانيه جي دوست قبيلن جي طرف کان سياسي مشڪلاتن ۽ تڪليفن سان منهن ڏيڻ جي باوجود به اڃا تائين قائم آهي.
هندستان ۾ 1865ع کان 1873ع تائين وهابين جي خلاف عدالتي تحقيقات ۽ ڪيسن جي ڊگهي سلسلن جي دوران، هندستان ۾ سازشون ڪرڻ ۽ پئسو گڏ ڪري، ان کي سرحد پار جي متعصب هندستانين کي موڪلڻ واري هڪ جماعت جي خبر پئي هئي، جنهن تي ڪيترن ئي وڏن وڏن وهابين کي سزائون ڏنيون ويون هيون ۽ ايئن سمجهيو ويو هو ته هاڻي هيءَ تحريڪ هندستان ۾ ڄڻ ختم ٿي ويئي آهي.
ان کان پوءِ هندستان ۾ وهابي عقيدن جي مڃڻ وارا مختلف نالن سان سڏجڻ لڳا، جيئن اهلحديث، غيرمقلد، فرازي وغيره ۽ جلد ئي هندستان مان وهابين جو ظاهر ۾ نالو نشان مٽجي ويو. سرحد پار به، مجاهدن جي ڳوٺ جي طاقت ۽ اثر گهٽجي ويو. بعد ۾ ان جو اثر نه هئڻ جي برابر رهجي ويو.
1910ع ۾ هيءَ تحريڪ وري ٻيهر ڪر کڻندي معلوم ٿي، ڇو ته افغانستان جي انگريز دشمن جماعت جو هڪ نهايت طاقتور ميمبر متعصب هندستانين جي مالي امداد ۽ همت افزائي شروع ڪري ڇڏي.

[b](3) ڪابل ڏانهن شاگردن جي مشن جي اهميت
[/b] هيءَ هئي اها جماعت جنهن جي ٻيهر زنده ٿيڻ جي جهلڪ فيبروري 1915ع تي، پنجابي شاگردن جي ڀڄي وڃڻ جي واقعي ۾ ڏسڻ ۾ آئي. ان وقت هن معاملي جي تيزيءَ سان انڪوائري نه ڪئي ويئي، ڇو ته هيءَ ڳالهه ان وقت جي پاليسيءَ سان موافق نه هئي ته مسلمانن جي معاملن ۾ اهڙي نازڪ موقعي تي ايتري گهرائيءَ ۾ وڃي ڪري تحقيقات ڪئي وڃي. چند ماڻهن جي باري ۾ هي يقين ٿي ويو ته انهن هن مهم ۾ عملاً مدد ڪئي آهي، تنهن ڪري انهن کي سو نظربند ڪيو ويو، پر ايتري گهرائي تائين تحقيق نه ڪئي ويئي، جنهن مان هي معلوم ٿي سگهي ته هي مهم وهابين جي پنهنجي ڪوشش هئي يا ڪنهن ٻئي سازشي وهابين جي جماعت جي هنن بچيلن کي باغيانه ۽ اتحاد اسلامي جي مقصد جي لاءِ باقاعدي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي.

[b](4) مولوي عبيدالله، تحريڪ جو سربراهه
[/b] هاڻي تازو ئي اها خبر پيئي آهي ته آخري ڳالهه صحيح آهي ۽ هي ته شاگردن جي هجرت جو اصلي محرڪ مولوي عبيدالله آهي، جنهن ڪلڪتي جي ابوالڪلام آزاد جي رضامندي ۽ تعاون سان، جيڪو اتحاد اسلامي جو حامي مولوي آهي ۽ ڪجهه ٻين وهابي ليڊرن جي مدد سان هن مهم کي هلايو آهي ۽ ان جا خرچ برداشت ڪيا آهن.
مولوي عبيدالله نئون مسلمان سک پنجابي آهي. ان دارالعلوم ديوبند ضلع سهارنپور يوپي ۾ تعليم حاصل ڪئي آهي. تعليم پوري ٿيڻ کان پوءِ ان ٻارنهن سال سنڌ ۾ گذاريا، جتي هو تمام گهڻو اثر وارو ٿي ويو هو ۽ ان جنوني جذبات رکڻ وارن لاءِ مدرسو به قائم ڪيو هو. وري هو ديوبند ۾ استاد ٿي ڪري واپس آيو ۽ ان جمعيت الانصار قائم ڪئي. هي ديوبند جي پراڻن شاگردن جي انجمن هئي، ظاهر ۾ هي بلڪل نقصان ڪندڙ نه هئي، پر ان جو مقصد جيئن ته هاڻي واضح ٿيو آهي ته اها باغيانه هئي.
دارالعلوم ديوبند ۾ هڪ استاد جي حيثيت سان مولوي عبيدالله وڏي ڪاميابيءَ سان ڪيترن ئي استادن جي وفاداريءَ کي متاثر ڪيو. جنهن ۾ خصوصيت سان مولانا محمود حسن صدر مدرس شامل آهي. اهو نهايت بااثر عالم آهي، هن معاملي ۾ اڳتي وري ان جو احوال ايندو.
استادن ۾ اختلاف جي ڪري آخرڪار مولوي عبيدالله کي لاٿو ويو. 1913ع تي هو دهليءَ ۾ وڃي رهيو. ترڪن جي مشهور حامي، رامپور جي مسٽر محمد علي، مدير ”ڪامريڊ“ (دهلي) جو گهرو دوست ٿي ويو.
عبيدالله دهليءَ ۾ نضارت المعارف القرآنيه جي نالي سان عربيءَ جو هڪ مدرسو به قائم ڪيو. هاڻوڪي تحقيقات مان ظاهر ٿيو آهي ته ان جي قائم ڪرڻ جو مقصد ان کي اسلامي اتحاد جي سازش جو هيڊڪوارٽر ٺاهڻ هو.

[b](5) آزاد علائقي ڏانهن مولوي سيف الرحمان جو مشن
[/b] اچو ته اصل واقعي جي طرف موٽئون. جون 1915ع تي مولوي سيف الرحمان جيڪو فتحپوري مسجد ۾ استاد هو، اوچتو غائب ٿي ويو، بعد ۾ خبر پئي ته هو اتر اولهه سرحد کان ٽپي آزاد علائقي ۾ پهچي ويو آهي.
هو فوراً حاجي صاحب ترنگ زئي سان شامل ٿي ويو. هو ضلع پشاور جو هڪ جوشيلو، پر بااثر ڪٽر متعصب هندستاني هو ۽ هجرت ڪري آزاد علائقي ۾ آيو هو. ان حاجي صاحب کي مجبور ڪيو ته جهاد جو جهنڊو بلند ڪرڻ جي اڻٿڪ ڪوشش ۾ سرحد جو دورو ڪري. هو ان ڪوشش ۾ ڪامياب رهيو، ان جو ثبوت انهن واقعن مان ملي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 15 آگسٽ 1915ع تي رستم جي جاءِ تي جنگ لڳي، جنهن ۾ ڪيترائي متعصب هندستاني ڪم آيا.
ان کان پوءِ اسان جي سرحدن تي رهڻ وارن قبيلن جي بيچيني ۽ شور شون به حاجي صاحب جي ڪوششن جو نتيجو هو. ان وقت هيءَ ڳالهه معلوم نه هئي، پر بعد ۾ ان ڳالهه جي تصديق ٿي وئي ته سيف الرحمان جي مشن جي ذميواري به عبيدالله تي آهي. هي ان جي سازش جو هڪ لازمي حصو هو.

[b]مولوي عبيدالله جو ڪابل ڏانهن ڀڄي وڃڻ
[/b]
[b]ڪابل ۾ هندستانين جون سازشون، آگسٽ 1915ع ۽ پوءِ جا واقعا
[/b] هن ئي مهيني يعني جون 1915ع کان سرڪاري ڪاغذن مان مولوي عبيدالله جي ڪا به خبر نه ٿي پوي، ان کان پوءِ ان کي برطانوي هند ۾ نه ڏٺو ويو.
هاڻي خبر پيئي آهي ته سنڌ ۾ چند مهينن رهڻ دوران ان پنهنجي پراڻن رابطن کي تازو ڪيو، پنهنجي باغي دوستن سان صلاح مشورو ڪيو ۽ انهن سان خط و ڪتابت جو طريقو مقرر ڪيو ۽ ان کان پوءِ پنهنجي ساٿين سان گڏ ڪوئٽا واري رستي کان قنڌار ڪابل ڏانهن روانو ٿي ويو. 18 آڪٽوبر تي هو ڪابل پهتو ۽ لاهوري شاگردن کي، جيڪي ان وقت ڪابل پهچي چڪا هئا ۽ ترڪ جرمن مشن سان، جنهن جا اڳواڻ ٻه غدار هندستاني مهندر پرتاب ۽ برڪت الله هئا، هو انهن سان وڃي مليو. مهندر پرتاب ۽ برڪت الله برلن ۽ قسطنطنيه جي رستي ڪابل جو سفر ڪيو هو، هو جرمني ۽ ترڪيءَ جي بادشاهن جا خط کڻي آيا هئا ته افغانستان کي هندستان تي حملي جي لاءِ آماده ڪري سگهن. ڪابل ۾ هندستاني سازشين، سردار نصرالله خان ۽ افغانستان ۾ جنگ جي حامي ماڻهن جي وچ ۾ ڪيترائي دفعا صلاح مشورا ٿيا.
روسي ترڪستان، قسطنطنيه ۽ برلن ڏانهن برطانيه جي خلاف مشن روانا ڪيا ويا. ڪابل ۾ موجود هندستاني سازشين ۽ هندستان ۾ موجود انهن جي مشيرن جي وچ ۾ گهڻي خط و ڪتابت ٿي، جنهن جو نقطه عروج آگسٽ 1916ع تي ريشمي خطن جو پڪڙجڻ آهي. جيڪي هڪ لاهوري شاگرد (عبدالحق) وٽان هٿ آيا، جيڪو قاصد جو ڪم ڪري رهيو هو.

[b](6) مولانا محمود حسن جو حجاز ڏانهن مشن سيپٽمبر 1915ع
[/b] ان عرصي ۾ ديوبند جي مشهور مولوين جون ٻه جماعتون سيپٽمبر 1915ع تي حجاز جي لاءِ روانيون ٿيون، هي عام طور تي افواهه هو ته انهن جو ارادو هجرت ڪرڻ جو آهي ۽ حڪومت مخالف جذبي انهن کي هن قدم تي آماده ڪيو آهي. هي به افواهه هو ته هو حجاز ۾ ڪن خاص ترڪ آفيسرن سان ملاقات ڪندا، پر بروقت ڪو به اهڙو اطلاع نه ملي سگهيو، جنهن سان انهن کي هندستان ۾ ئي روڪي سگهجي ها.
بمبئي ۾ گرمجوشيءَ سان موڪلائي وڃڻ کان پوءِ هي ٻئي جماعتون سيپٽمبر 1915ع تي بمبئي کان روانيون ٿي ويون. مولوي خليل احمد ۽ ان جي پارٽي 8 سيپٽمبر 1915ع تي ۽ مولانا محمود حسن ۽ ان جي پارٽي 18 سيپٽمبر 1915ع تي روانا ٿيا.
1915ع جي خريف (خزان) جي موسم ۾ ۽ 1916ع جي بهار جي موسم ۾ انهن پارٽين جا ڪجهه ميمبر هندستان واپس موٽي آيا. پر جيستائين ريشمي خطن جي ذريعي اسان کي عبيدالله جي سازش ۽ محمود حسن جي ان سان تعلق جي باري ۾ ڀروسي جوڳي معلومات حاصل نه ٿي، انهن مان ڪنهن کان به پڇاڳاڇا نه ڪئي ويئي.

[b](7) سڄي سازش جو انڪشاف ريشمي خطن جي ذريعي ٿيو
[/b] هن سازش جي ميمبرن کي ”جنود ربانيه“ (خدائي فوج) جو نالو ڏنو ويو هو. ان جي سڀني ميمبرن کي فوجي عهدا ڏيڻ ۽ مديني کي ان جو خاص مرڪز بڻائڻ مقرر ڪيو ويو هو، جتي ديوبند جي مولانا محمود حسن کي اڳواڻ يا جنرل مقرر ڪيو ويو هو. ان جا ٻيا مرڪز استنبول، تهران ۽ ڪابل هئا. ڪابل ۾ مولوي عبيدالله کي قائم مقام جنرل مقرر ڪيو ويو هو.
هن فوج جو مقصد ڪافرن جي قبضي هيٺ آيل اسلامي ملڪن، خاص ڪري هندستان کي آزاد ڪرائڻ جي لاءِ اسلامي بادشاهن کي گڏ ڪرڻ هو. مولانا محمود حسن جي ذمي هي ڪم هو ته هو حجاز جي ذريعي خلافت عثمانيه سان رابطو قائم ڪري ۽ ان حڪومت کي ڪجهه شرط مڃڻ تي آمادو ڪري، جن جي پوري ٿيڻ تي افغانستان جي حڪومت برطانيه سان جنگ ڇيڙي وجهي. هن فوج جا جيڪي آفيسر ڪابل ۾ هئا، انهن جي ذمي هو ته اهي به ان مقصد جي لاءِ افغانستان جي برطانيه مخالف ماڻهن سان ڳٺ جوڙ ڪندا رهن ۽ آزاد قبيلن ۾ برطانيه جي خلاف هر وقت عداوت ۽ دشمني جي جذبن کي ڀڙڪائيندا رهن.
هندستان ۾ جيڪي سازشي موجود هئا، انهن جو ڪم (غالباً پراڻي وهابي تحريڪ جي ذريعي) پئسا گڏ ڪرڻ هو ته جيئن ڪابل، هندستان ۽ حجاز ۾ سازش جا خرچ پورا ٿي سگهن. ان سان گڏ انهن کي هندستاني مسلمانن ۾ مذهبي جنون کي ايترو گهڻو وڌائڻو هو جو افغانستان ۽ هندستان جي وچ ۾ جنگ لڳندي ئي هو سڄي ملڪ ۾ باهه ٻاري ڇڏين.
هن فوج جي آفيسرن جي هڪ فهرست خطن سان گڏ هئي، جنهن مان ظاهر ٿي پيو ته سازش جي هدايت ڪرڻ جي طاقت عبيدالله جي هئي. هن فوج جا آفيسر واضح طور تي چئن گروپن ۾ ورهايل هئا.
1- عبيدالله جا ڪٽر، متعصب جنوني دوست، عقيدتمند ۽ مائٽ جيڪي سنڌ ۾ هئا ۽ انهن جا رابطا هندستان جي سڀني حصن ۾ هئا.
2- ديوبند (سهارنپور) ۽ دهلي جي مولوين جو گروپ، جن کي عبيدالله، جڏهن هو دارالعلوم ديوبند ۾ استاد هو، جمعيت الانصار ۽ نضارت المعارف القرآنيه سان تعلق جي بنياد تي پنهنجي اثر ۾ وٺي ڇڏيو هو.
3- بهار، يوپي، پنجاب ۽ اتر اولهه سرحدي صوبي جا وهابي، جيڪي چندو گڏ ڪندا رهندا هئا.
4- اتحاد اسلامي جا حامي مشهور ليڊر: جنود ربانيه جي اسڪيم هڪ ٻئي جماعت سان ڳنڍيل هئي، جنهن کي ”حڪومت موقته هند“ (هندستان جي عارضي، جلاوطن حڪومت) چيو ويندو هو، جنهن جي ڪارڪنن جي لاءِ مسلمان هئڻ لازمي نه هو. راجا مهندر پرتاب ان جو صدر هو، وزيراعظم مولوي برڪت الله ۽ هندستاني معاملن بابت وزير مولوي عبيدالله هو. ايئن معلوم ٿئي ٿو ته هن جماعت جو مقصد هو: هند ۽ افغانستان ۾ ٽڪراءُ ۽ افغانستان ۾ جيڪي غيرمطمئن هندستاني هئا، انهن جي وفدن کي غيرجانبدار يا دشمن ملڪن ۾ موڪلي ڪري ڳٺ جوڙ ۽ سازباز ڪرڻ.
مختصر هي ته عبيدالله جي اسڪيم هيءَ هئي ته، هندستان ۾ اسلامي فوج جي سڪل هڏين مان، جن جسمن ۾ ٿورو به باقي ساهه آهي، ڪم ورتو وڃي. اهڙي طرح ان پنهنجي سازش ۾ وهابي تحريڪ جي باعمل مشينري، مولوي طبقي جو اسلامي جوش، جذبي ۽ اتحاد اسلام جي حامين جي سياسي سگهه ۽ ڪاوڙ کي هڪ هنڌ گڏ ڪري ڇڏيو هو. ان جو وڌيڪ منصوبو هي هو ته، هڪ ٻئي سازشي جماعت (يعني حڪومت موقته هند) سان گڏجي ڪم ڪيو وڃي ته جيئن هندن جا انقلاب پسند ماڻهو هن جي طرف رهن.

[b](8) حجاز ۾ مولوي محمود حسن جون سرگرميون
[/b] انهن خطن جي ملي وڃڻ سان جيڪي مديني شريف ۾ مولانا محمود حسن جي نالي هئا، مولانا محمود حسن جي پارٽي جي انهن ماڻهن جي خلاف تحقيقات شروع ٿي، جيڪي واپس اچي چڪا هئا. انهن جي بيانن مان اسان کي حجاز ۾ مولانا محمود حسن جي سرگرمين جو ڪجهه اندازو ٿيو. ايئن معلوم ٿئي ٿو ته، روانگيءَ جي وقت ان کان سواءِ ٻيو ڪو به مقصد سامهون نه هو، ته همدردي رکڻ وارن ترڪ آفيسرن سان ملاقات ۽ ڳٺ جوڙ ڪري هندستان جي خلاف يا افغانستان جي مدد جي لاءِ فوج موڪلڻي آهي ته اسان تي حملو ڪري سگهي.
ان جي ۽ خليل احمد جي جماعت حجاز ۾ پاڻ ۾ گڏجي ويون، پر هن ڳالهه جو يقين نه آهي ته هي مولوي خليل احمد سازشين جي اندروني رازن کان واقف هو يا نه؟ ۽ نه انهيءَ ڳالهه جو ته آيا ٻنهي جماعتن جا ميمبر برابريءَ جي طور تي سازش ۾ ملوث هئا يا نه؟
محمود حسن حجاز جي والي غالب پاشا سان يقيناً غدارانه سازباز ڪئي، پر هيءَ خبر نه ٿي پوي ته ان هن مهم ۾ سندس ڪا وڌيڪ همت افزائي ڪئي. غالب پاشا چيو ته ترڪ ٻين ڳالهين ۾ الجهيل آهن ۽ اهي نه ته افغانستان کي مدد موڪلي سگهن ٿا ۽ نه هندستان ڏانهن لشڪر موڪلي سگهن ٿا.
تڏهن به ان مولانا کي جهاد جو هڪ فرمان ڏئي ڇڏيو، جنهن کي مولوي محمد ميان هندستان پهچائي ڇڏيو. هو ان جماعت ۾ شامل هو، جيڪا جنوري 1915ع تي هندستان واپس موٽي هئي. چيو وڃي ٿو ته آزاد علائقي جي ڪٽر متعصب قبيلن کي اسان جي خلاف مقابلي ۾ آڻڻ جي لاءِ، اسان کي نهايت اثرائتي طريقي سان استعمال ڪيو ويو، ان جا نقل ڪري هندستان ۾ به ورهايا ويا هئا.
يقين ڪيو وڃي ٿو ته مولانا محمود حسن ۽ مولوي خليل احمد ٻنهي 1916ع تي ڪنهن وقت حجاز ۾ جمال بي ۽ انور بي سان ملاقات ڪئي هئي، پر انهن ملاقاتن جي باري ۾ ڪنهن ٻئي تفصيل جي ڄاڻ نه آهي. مولوي خليل احمد سيپٽمبر 1916ع تي هندستان واپس اچي ويو جڏهن ته مولانا محمود حسن ۽ ان جي جماعت جا ڪجهه چونڊ ميمبر حجاز ۾ ئي رهي پيا ۽ شايد هاڻي به مديني ۾ آهن.
ڪنهن وقت مولانا محمود حسن کي خيال ٿيو هو ته حجاز مان قسطنطنيه وڃي، پر اسان نٿا سمجهون ته ان هي پنهنجو ارادو پورو ڪري ڇڏيو هجي جو هاڻي اڃا تائين هو مڪي ۾ هو.
صحيح
وي. وي. ويان.
ايس آف ايس

حڪومت هند جي تاريخ 15 سيپٽمبر 1916ع تي ريشمي خطن جي سازش کي مختصر بيان ڪيو ويو (ان تي جهنڊو ”ڪاغذ جي چٽ“ لڳائي ويئي آهي) هي وڏو عقل جي خلاف ۽ سوچ کان وڏو معاملو هو. پر ان جو انڪشاف ٿيڻ سان حڪومت هند هندستان ۾ ترڪن جي حامي احتجاجين جي هڪ انگ کي قابو ڪري ورتو. هن وقت جيڪي ڪاغذ هٿ آيا آهن، اهي امير (حبيب الله) جي روش جي شاندار سَنَدَ آهن.

[b]ياغستان؛ اتر اولهه سرحد تي آزاد قبائلي علائقو
[/b] مجاهدين: هندستاني متعصب جن سان حڪومت هند ويجهڙائي ۾ عارضي طور جنگ ملتوي ڪئي آهي.
محمود حسن: ترڪن جو حامي هندستاني مسلمان آهي، جيڪو جنگ جي شروع ۾ مديني هليو ويو هو، پوءِ اسان ان کي مالٽا جلاوطن ڪري ڇڏيو هو.
صحيح
15 سيپٽمبر 1917ع
**

ٽيليگرام از طرف وائسراءِ، فارن ڊپارٽمينٽ
تاريخ 12 سيپٽمبر 1917ع ملي 11 بجه رات
پي 3688/ 1917ع
خفيه ريشمي خطن جو ڪيس/ اسان جو ٽيليگرام تاريخ 23 سيپٽمبر 1917ع سي آءِ ڊي جي هڪ ايجنٽ جي ذريعي وڌيڪ دستاويز اسان جي هٿ آيا آهن. جنهن باجوڙ ۾ موجود سازشين جو اعتماد حاصل ڪري ورتو هو، حج ۽ زيارت جي بهاني انور پاشا کي ڪجهه دستاويز پهچائڻ جي لاءِ پاڻ کي مقرر ڪرائي ورتو هو.
انهن دستاويزن ۾ هي شيون شامل آهن.
1- (پهريون دستاويز) سلطان جي خدمت ۾ حزب الله کان گذارش جنهن تي حاجي ترنگ زئي، بابڙا ملا ۽ ٻن هندستاني مجاهدن جون مهرون لڳل آهن.
2- (ٻيو دستاويز) ياغستان جي خانن (خان جو جمع) ۽ عالمن جي عرضداشت، جنهن تي بابڙا ملا چئن باجوڙي ماڻهن ۽ ٻين مجاهدن جون صحيحون آهن.
3- (ٽيون دستاويز) محمد ميان مهاجر جو وضاحتي خط، جيڪو ”جنود ربانيه“ ۾ ليفٽيننٽ جنرل آهي ۽ ريشمي خطن ۾ جنهن جو ذڪر آهي.
ٻنهي عرضداشتن جو خلاصو هي آهي ته صلح ڪانفرنس ۾ ترڪن جي اقتدار اعليٰ جي تحت هن علائقي جي آزاديءَ جو تعين ڪرايو وڃي. ترڪي آفيسرن کي روانو ڪيو وڃي ته اهي هتي شهري انتظام قائم ڪن ۽ ان کي ترقي ڏين.
عرضداشت نمبر 1 ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن جنگ دوران هڪ ترڪي فوج هٿيارن جي کيپ کڻي ڪري ياغستان پهچي وڃي ته ليکن غازي اٿي پوندا ۽ افغانستان کي جنبش (چرپر) ۾ آڻڻ جي لاءِ به هيءَ چال مناسب هوندي. عرضداشت نمبر 2 ۾ چيو ويو آهي ته، وڌيڪ تشريح ۽ تفصيلي وضاحتون دستاويز نمبر 3 ۾ ملنديون. محمد ميان مجاهد جو خط جيتوڻيڪ مولانا محمود حسن جي نالي آهي، جيڪو هن وقت مالٽا ۾ نظربند آهي. پر هي خط انور پاشا کي به ڏيڻو هو.
ان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته افغانستان ۾ تحريڪ جي ناڪاميءَ جو سبب، انگلستان سان امير (حبيب الله خان) جي دوستي ۽ اسلام کان غداري آهي. ان علمائن ۽ قبائلي سردارن جي ڪائونسل قائم ڪري ڇڏي. نصرالله جي اشاري سان تيراهه ۾ جيڪا عرب سفارت روانو ڪيو ويو هو، ان جي منظوري واپس وٺي ڇڏيائين ۽ نصرالله کي سرحدي معاملن جي محڪمي کان هٽائي ڇڏيائين. ان ڪري ”راقم الحروف“ افغانستان جي ذريعي ڪم ڪرڻ جي اسڪيم کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. هتي امير جي اثر کان تحريڪ ۾ رڪاوٽ پئجي رهي آهي. تيراهه ۾ گوگي خيل قبيلن ۾ امير جي مخالفت جي ڪري ڪا به ڪاميابي نه ٿي سگهي. امير جي طرف کان امداد نه ملڻ جي ڪري مهمد قبيلن جو جهاد ناڪام ٿي ويو. امير جي انگريز دوستيءَ جي ڪري باجوڙ ۾ جوش ۽ جذبو ڍرو ٿي رهيو آهي، پر اڃا حالتون مايوس ڪندڙ نه آهن.
امير جي غداريءَ جي ڪري، ياغستان ۾ اتحاد اسلامي جي تحريڪ کي جيڪو نقصان پهتو آهي، ان جو ڪنهن به طريقي سان ازالو نٿو ٿي سگهي. عام صورتحال مقامي طور تي اميد جوڳي آهي پر امير اڃا تائين تبديل نه ٿيو آهي.
جيڪڏهن هندستان تي حملو ڪرڻو آهي ته، عثماني فوج جا ڪجهه آفيسر ۽ رسد ياغستان موڪلي وڃي. جيڪڏهن هي ناممڪن آهي ته عثماني سياستدان عثماني سرمائي سان ياغستان کي ترقي ڏين ۽ وچ ايشيا ۾ ياغستان جي اها ئي حيثيت ٺاهي ڇڏين، جيڪا افغانستان جي آهي، پر انگلستان سان امير جي معاهدي جي ڪري ان ۾ به مشڪلاتون پيش اينديون.
خط جي آخر ۾ حڪومت موقته هند کي ڪٽر هندو قرار ڏئي ڪري ان جي سخت مذمت ڪئي ويئي آهي، جنهن جو ميمبر پاڻ خط لکندڙ آهي. محمد ميان هڪ جدا خط ۾ هي واڌارو ڪيو آهي ته ايران جي ذريعي يا روس سان گفتگو ٿيڻ تي روسي ٽرين جي ذريعي ترڪي فوج جيڪڏهن هرات پهچي سگهي ته نصرالله خان، امير (حبيب الله) جي خلاف افغانستان ۾ بغاوت جو جهنڊو بلند ڪري هندستان تي حملو ڪري سگهي ٿو.
اصل خط ۽ عرضداشتن جي لهجي ۽ پڻ ان مان ته خط لکندڙ هڪ سال کان افغانستان نه ويو هو ۽ ان جي ايلچيءَ سان، جنهن کي ان ڪجهه ٿورو اڳي روانو ڪيو هو، نصرالله خان ملاقات ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. انهن سڀني ڳالهين کان انهن لفظن جي ترديد ٿئي ٿي، جيڪا خط جي آخر ۾ وڏي اعتماد سان وڌايا ويا هئا.
انهن دستاويزن جي فوٽو وٺڻ کان پوءِ، مخبر سازشين وٽ واپس هليو ويندو. اصلي خط ان سان گڏ هوندا، اهو وڃي انهن کي ٻڌائيندو ته حاجين جو جهاز نڪري ويو هو، ان کان پوءِ ٿي سگهي ٿو ته هي ڪوشش ڪئي وڃي ته ان کي روس جي رستي کان موڪليو وڃي.
جيڪڏهن هي خط انور پاشا کي ملي به وڃي تڏهن به ڪو نقصان نه پهچندو، اسان کي ان جو جواب ملي ويندو ۽ سازش جون واڳون اسان جي هٿن ۾ رهنديون.