تاريخ، فلسفو ۽ سياست

تحريڪ ريشمي رومال ۽ سنڌ

هن ڪتاب ”تحريڪ ريشمي رومال ۽ سنڌ“ جو ليکڪ ڊاڪٽر ابو سلمان شاهجهانپوري آهي آهي، جنهن جو سنڌيڪار محمد عثمان عباسي صاحب آهي. هن ڪتاب ۾ انهن عالمن ۽ بزرگن جو مختصر تعارف آهي، جن جو هنن خطن ۽ تحريڪ سان واسطو آهي. هي ڪتاب تحريڪ آزاديءَ جي باري ۾ واقفيت حاصل ڪرڻ لاءِ رهنما ڪتاب آهي.
Title Cover of book تحريڪ ريشمي رومال ۽ سنڌ

باب ٽيون : انگريزن خلاف انقلابي “تحريڪ ريشمي رومال ۾ سنڌ جي حصي جو هڪ اهم واقعو

باب ٽيون

[b]انگريزن خلاف انقلابي “تحريڪ ريشمي رومال ۾ سنڌ جي حصي جو هڪ اهم واقعو
[/b]
مرتب: مولانا حافظ محمد اسماعيل

ننڍي کنڊ تي جيئن ئي انگريزن پنهنجين سازشن ذريعي قبضو ڪيو، ان وقت ئي هتان جي غيرتمند عوام، انگريزن کي هتان ڌڪي ڪڍڻ جي جدوجهد جو آغاز ڪري ڇڏيو هو.
ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته انگريزن خلاف جيڪي به آزاديءَ جون هي تحريڪون هليون، انهن جي منصوبه بندي ۽ قيادت هتان جي علمائن ڪئي هئي. دارالعلوم ديوبند (انڊيا)، مدرسه مظهرالعلوم کڏو ڪراچي سنڌ ۽ ٻين ڪيترن ئي مدرسن جو بنياد انگريز دشمن تحريڪن جي مرڪزن جي حيثيت سان وڌو ويو هو.
انهن تحريڪن مان هڪ مشهور تحريڪ، ”تحريڪ ريشمي رومال“ جي نالي سان سڃاتي ويندي آهي. هن تحريڪ جو بنياد دارالعلوم ديوبند جي استاذ حديث، شيخ الهند مولانا محمود حسن رحه جي حڪم سان، سندن ٻن شاگردن مولانا عبيدالله سنڌ رحه ۽ مولانا محمد صادق رحه (کڏي واري) 1908ع ۾ وڌو هو.
اها هڪ حقيقت آهي ته هن تحريڪ ۾ سنڌ جو وڏو حصو آهي. بلڪ ايئن چئجي ته عملاً هن جي قيادت سنڌ ئي ڪئي هئي، جنهن ۾ هڪ سنڌي عالم دين مولانا محمد صادق رحه، هڪ اصل پنجابي پر پاڻ کي سنڌي سڏائڻ تي فخر ڪرڻ وارو عالم دين، مولانا عبيدالله سنڌي رحه ۽ هڪ سنڌي پير طريقت مولانا تاج محمود امروٽي رحه؛ ٽي شخص هئا، جن ائين چئجي ته هن تحريڪ جي اڳواڻي ڪئي.
سنڌ جا گهڻائي عالم انهن جا ٻانهه ٻيلي هئا. هتي هن تحريڪ سان ڳنڍيل هڪ اهم واقعي سان متعلق دستاويز ڇاپي رهيا آهيون. انهن دستاويزن جو تعلق مولانا محمد صادق رحه سان آهي.
هنن دستاويزن ڇاپڻ جو هڪڙو سبب ته هي آهي، هي هڪ سنڌي عالم جي وڏي ڪارنامي سان واسطو رکن ٿا ۽ هي هڪ سنڌ جي تاريخ جو اهم واقعو آهي، جنهن مان سنڌين کي اهو سبق حاصل ڪرڻ گهرجي ته سندن ماضي مجاهدانه ڪارنامن سان ڀريل آهي ۽ اڄ به همت ڪن ته وڏين طاقتن سان به ٽڪر کائي سگهن ٿا.
(2) هن مان سنڌين ۽ بلوچن جو باهمي تعلق به ظاهر ٿئي ٿو ۽ اڄ به سنڌي ۽ بلوچ گڏجي ظالمن جو مقابلو ڪري پنهنجا حق وٺي سگهن ٿا.
(3) سنڌ جي عالمن کي سوچڻ گهرجي ته ڪيئن انهن پاڻ قيادت ڪئي هئي، جڏهن ته هاڻوڪي دور ۾ سنڌي عالمن پنهنجيون واڳون ڌارين جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيون آهن، جيڪي جهڙي پاليسي گهرن ان تي سنڌي عالمن کي هلائيندا ٿا اچن. ايئن سنڌي عالمن نه رڳو پنهنجي سرزمين تي، پر ٻاهرين دنيا ۾ به پنهنجو تشخص ختم ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ڌاريا عالم سندن جدوجهد جو ثمر پيا کائين.
(4) ان مان هڪ اهو ثبوت به ملي ٿو ته هن صديءَ جي شروع ۾ به سنڌي زبان کي وڏي اهميت حاصل هئي. ان وقت سنڌ جي جدا حيثيت ڪا نه هئي، بلڪ اها بمبئي صوبي جي ماتحت چيف ڪمشنري هئي. تنهن هوندي به سنڌي زبان کي دفتري حيثيت حاصل هئي، جو سرڪاري آرڊر انگريزيءَ سان گڏ سنڌي زبان ۾ به جاري ٿيندا هئا.
(5) سنڌ جي تاريخ تي تحقيق ڪندڙن کي هنن دستاويزن مان مواد هٿ ايندو. هتي هنن دستاويزن جو پس منظر، يعني انهن سان متعلق اهم واقعي جو ذڪر ڪريون ٿا.
مولانا عبيدالله سنڌي رحه لکيو آهي ته سن 1327هه ۾ شيخ الهند اسان کي دارالعلوم ديوبند گهرايو. ان جو اکين ڏٺو احوال مولوي عبدالله لغاري مرحوم (جيڪو مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو خاص شاگرد هو) ان تفصيل سان بيان ڪيو آهي ته، مولانا عبيدالله سنڌي رحه ۽ مولانا محمد صادق رحه کي مولانا شيخ الهند محمود حسن رحه ديوبند گهرائي، کين انگريزن خلاف انقلاب جي باقاعده تحريڪ هلائڻ جي هدايت ڪئي. پوءِ مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مولانا محمد صادق جن ”جمعيت الانصار“ جو بنياد وڌو ۽ پوءِ مراد آباد ۾ شوال سن 1328هه مطابق 15، 16 ۽ 17 اپريل سن 1911ع ۾ ”جمعيت الانصار“ جو باقاعده اجلاس ٿيو.
(ان جو مختصر احوال ڏسو مضمون ”مولانا محمد صادق رحه“ ڇپيل ماهوار الصادق ج3 شمارو4 رجب 1401هه مئي سن 1981ع) ”جمعيت الانصار“ جي تحت مشهور ”تحريڪ ريشمي رومال“ جو آغاز ڪيو ويو هو.
هن تحريڪ جي تحت اٺ مرڪز قائم ڪيا ويا هئا. (1) ڪراچي (2) امروٽ (3) دين پور (4) لاهور (5) اتمان زئي (6) ترنگ زئي (7) راندهير (8) پاڻي پت.
۽ ٻيا به ٻه مرڪز هئا، هڪڙو بنگال ۽ ٻيو شمالي ڪوهستان ۽ اوگي واري هنڌ تي قائم هو.
هن ۾ ڪراچيءَ وارو مرڪز هيٺين علائقن تي مشتل هو. ڪراچي لاڙ (سنڌ جو هيٺيون ڏکڻ وارو علائقو) لسٻيلو، قلات ۽ ان جي آس پاس جو بلوچستان جو علائقو
هن مرڪز جو سربراهه ۽ نگران مولانا محمد صادق رحه هو.
انهيءَ وچ ۾ تفصيلي منصوبا تيار ٿيا. سن 1914ع ۾ مولانا عبيدالله سنڌي رحه، مولانا شيخ الهند رحه جي حڪم تي افغانستان روانو ٿيو.
انهيءَ سال سن 1914ع ۾ پهرين جنگ عظيم شروع ٿي، جنهن ۾ جرمني ۽ ترڪي هڪڙي پاسي هئا، ته انهن جي مخالفت ۾ برطانيه، امريڪا، فرانس ۽ روس هئا.
برطانيه (انگريزن) ايئن ڪيو ته، ترڪي سلطنت جي ماتحت عرب ملڪن تي حملو ڪيو ۽ هندستان جي فوج گڏ ڪري پوءِ عراق تي حملو ڪيو ويو.
برطانيه جو پلان هو ته هندستاني فوج موڪلي پهرين بصري تي قبضو ڪيو وڃي جيئن ايران مان ايندڙ تيل جي پائپ لائين محفوظ رهي ۽ پوءِ بغداد ڏانهن پيش قدمي ڪئي وڃي.
سن 1915ع ۾ برطانيه جي فوجن جو نئون ڪمانڊر جنرل ٽاؤنشينڊ مقرر ٿيو. 27 سيپٽمبر 1915ع جو مدائن جي ويجهو ترڪن ۽ انگريزن جو شديد مقابلو ٿيو تانجو 22 نومبر 1915ع ۾ انگريز شڪست کائي پوئتي هٽيا ۽ هٽندي هٽندي 3 ڊسمبر 1915ع تي ٽاؤنشينڊ ”ڪوت العمارة“ پهچي ويو ۽ 7 ڊسمبر 1915ع تي ترڪي فوجن تيز رفتاري سان جنرل ٽاؤنشينڊ کي سندس فوجن سميت ”ڪوت العمارة“ ۾ محصور ڪري ورتو.
(الشورة العربيه الڪبري ج 2 ق 2 ص 4، 6 انسائيڪلوپيڊيا تاريخ عالم ج 3 ص 293، 294)
جنرل ٽاؤنشينڊ جي قوت ڪيئن ڪمزور ٿي ۽ هو ڪيئن محاصري ۾ آيو؟ اهو ڪم مولانا محمد صادق رحه انجام ڏنو. مولانا حسين احمد مدني رحه لکيو آهي ته هر هفتي ڪراچيءَ مان هندستاني فوج جا سپاهي، هٿيار ۽ راشن ويندو هو، جنهن جي ڪري جنرل ٽاؤنشينڊ عراق ۾ پيش قدمي ڪري رهيو هو.
مولانا محمد صادق رحه جي هدايت تي سردار نورالدين مينگل ۽ سندس قبيلي وارن انگريزن خلاف مسلح تحريڪ جو آغاز ڪري ڇڏيو. ائين بلوچستان ۾ لس ٻيلي ۾ گڙٻڙ جي ڪري اها فوجي امداد جيڪا بصري ويندي هئي، سا سنڌ ۾ لاٿي ويئي ۽ اهو سلسلو ڪافي وقت تائين جاري رهيو. ان سبب جنرل ٽاؤنشينڊ کي راشن ۽ مدد پهچڻ بند ٿي ويئي ۽ ائين هو فوج سميت ”ڪوت العمارة“ ۾ بند ٿي ويو. (نقش حيات ج 2 ص 197)
مراد آباد جي مولوي افتخار فريدي مون کي ٻڌايو ته هن 1951ع ۾ ڪراچيءَ ۾ اچي مولانا محمد صادق رحه سان ملاقات ڪئي هئي ۽ مولانا محمد صادق کيس ٻڌايو ته ”ان وقت انگريزن وٽ هندستان ۾ ايتري فوج ڪو نه هئي جو عراق ۾ مدد به پهچي ۽ هندستان ۾ اندروني ڳڙٻڙ کي ڪنٽرول به ڪري سگهجي. ان لاءِ انگريزن هڪڙي ملٽري اسپيشل ٽرين تيار ڪئي هئي، جيڪا ڪڏهن ڪراچي، ڪڏهن حيدرآباد، ڪڏهن ملتان، ڪڏهن لاهور، ڪڏهن دهلي وغيره جي ريلوي اسٽيشنن تي بيهندي هئي ته جيئن هي تاثر پيدا ٿئي ته انگريزن جي فوج سڄي هندستان ۾ موجود آهي.
هن صورتحال جي پيش نظر مولانا شيخ الهند محمود حسن رحه جن مون کي (مولانا محمد صادق کي) هدايت ڪئي ته اهڙو طريقو اختيار ڪيو وڃي جو عراق ۾ ٽاؤنشينڊ کي مدد پهچڻ بند ٿي وڃي ۽ اسپيشل ٽرينن جي حقيقت به پڌري ٿي وڃي.
ائين پاڻ (مولانا محمد صادق رحه) سندس معتقد سردار نورالدين مينگل کي حڪم ڪيو، جن شڪارپور تي حملو ڪرڻ لاءِ مسلح ڳڙٻڙ جو آغاز ڪيو.
انگريزن بدحواسي ۾ سمجهيو ته سڄي بلوچستان ۽ سنڌ ۾ هٿياربند تحريڪ اٿي کڙي ٿي آهي. انهن خوفزده ٿي عراق ڏانهن ويندڙ مدد روڪي سڄي فوج سنڌ ۽ بلوچستان ۾ مقابلي لاءِ موڪلي ڇڏي. ايئن عراق ۾ ٽاؤنشينڊ کي مدد ملڻ بند ٿي ويئي ۽ هو پسپا ٿي ”ڪوت العمارة“ ۾ محاصري ۾ اچي ويو ۽ پوءِ شڪست کائي فوج سميت گرفتار ٿيو.
مولوي افتخار فريديءَ جي هن بيان جي مولانا عبيدالله سنڌي رحه جي شاگرد مولوي عبدالله لغاري مرحوم جي بيان سان تائيد به ٿئي ٿي. مولوي لغاري وڌيڪ اهو به بيان ڪيو آهي ته مولانا محمد صادق رحه جي والد مولانا عبدالله مرحوم جي شاگرد، مولوي خير محمد به ان وقت انگريزن خلاف هٿياربند تحريڪ شروع ڪئي هئي ۽ هن چهبار (ايراني بلوچستان جي بندرگاهه) وٽ انگريزي فوج کي شڪست ڏيئي، محصور ڪري ورتو هو. ان لاءِ هندستان مان فوجي مدد عراق پهچڻ بند ٿي ويئي هئي ۽ انگريزي فوج “ڪوت العمارة“ ۾ محصور ٿي ويئي ۽ ترڪن ان کي گرفتار ڪري ورتو ۽ بلوچستان جي بغاوت ختم ڪرڻ لاءِ انگريزن ڪوشش ورتي ۽ مولانا محمد صادق کي گرفتار ڪري پونا موڪلي ڇڏيو.
(مولانا عبيدالله سنڌي کي سرگذشت کابل ص 148، 149)
مسٽر شير محمد بلوچ (رٽائرڊ سيڪريٽري ايريگيشن سنڌ ۽ ويسٽ پاڪستان) لکيو آهي ته 1914ع واري پهرين عالمي جنگ ۾ انگريزن پنجاب جي ڪن فوجي پلٽڻن کي ترڪن جي مقابلي ۾ ميدان جنگ ۾ آندو ۽ اسان جا پنجابي ڀائر جي ان وقت فرنگيءَ جي فوج ۾ 10 يا 15 رپيا ماهوار پگهار کڻندا هئا، سي ڪعبي تي گوليون وسائڻ لاءِ به تيار ٿي ويا.
تعجب جي ڳالهه اها آهي ته انگريزن ٻين فوجي پلٽڻن، جهڙوڪ سکن ۽ گورکن کي به عربستان ۾ وڙهڻ لاءِ چيو، پر انهن سڀني مسلمانن جي پاڪ جاين جو احترام ڪندي وڙهڻ کان جواب ڏنو.
عراق ۾ به پنجابي مسلمانن، ترڪن جون کوپريون ڪٽيون.
سنڌ جي مسلمانن ٻيو ته ٺهيو، پر انگريزن جي ڇاڙتن بڻجڻ کان به بلڪل انڪار ڪيو. ايتري قدر جو جڏهن ڪراچي بندر تي پنجابي سولجرن جا لاشا پهتا ته مولانا محمد صادق مرحوم کڏي واري پنجابي سپاهين جي جنازي نماز پڙهائڻ کان بلڪل انڪار ڪيو ۽ انگريز بهادر هن غريب کي 3 سال جيل اماڻيو. (پاڻيءَ منجهه پساهه ص 27-28)
اهي مختلف اسباب هئا ۽ واقعو هڪڙو ئي آهي.
بهرحال ڪيترائي مهينا محصور رهي ڪري جنرل ٽاؤنشينڊ هٿيار ڦٽا ڪيا. اهو واقعو 29 اپريل 1916ع جو ٿيو هو. (نقش حيات ج2 ص 197 ۽ الشورة العربية الڪبريٰ ج 2 ق 2 ص7)
ٽاؤنشينڊ جا سترهن هزار فوجي هن گهيري ۾ قتل ٿي ويا هئا ۽ ٽاؤنشينڊ تيرنهن هزار فوجين سان گڏ گرفتار ٿيو هو.
پوءِ مينگل قبيلي جي ڪن غدارن جي مخبري تي مولانا محمد صادق رحه کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ڪاروار (مهاراشٽر جي شهر) ۾ نظربند ڪيو ويو هو. باقاعده قانوني ثبوت ڪو نه ملي سگهين، ان لاءِ بغاوت جو ڪيس ڪو نه هلائي سگهيا.
اها نظربندي ٽن سالن لاءِ هئي ۽ پهرين جنگ عظيم جي ختم ٿيڻ کان پوءِ مولانا محمد صادق رحه کي آزاد ڪيو ويو هو.
هي عجيب اتفاق هو، جو جنهن ڏينهن جنرل ٽاؤنشينڊ هٿيار ڦٽا ڪيا هئا، انهيءَ ڏينهن مولانا محمد صادق رحه جي گرفتاري جو آرڊر جاري ٿيو هو. يعني 29 اپريل 1916ع تي ٻئي واقعا گڏ ٿيا.
هن پسمنظر کي لکڻ لاءِ هيٺين ڪتابن کان مدد ورتي ويئي آهي.
(1) سنڌ جو صادق- ليکڪ حافظ محمد اسماعيل (هي مولانا محمد صادق مرحوم جي سوانح لاءِ منهنجون يادداشتون آهن، جيڪي ترتيب ڏيئي رهيو آهيان ۽ انشاءَالله تعاليٰ ”سنڌ جو صادق“ جي نالي سان شايع ڪيون وينديون.)
(2) پاڻيءَ منجهه پساهه- ليکڪ شير محمد بلوچ (هي ڪتاب ڇپيل آهي)
(3) نقش حيات (اردو) ليکڪ مولانا حسين احمد (ڇپيل) لاهور.
(4) مولانا عبيدالله سنڌي کي سرگذشت کابل (اردو) از مولانا عبدالله لغاري، مرتبه ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان مطبوعه قومي اداره برائي تحقيق تاريخ و ثقافت اسلام آباد.
(5) الثورة العربية الڪبريٰ (عربي) ليکڪ امين سعيد.
(6) انسائيڪلوپيڊيا تاريخ عالم (اردو) ڇپيل لاهور.
هي انهن دستاويزن جو پس منظر آهي، جيڪي اسين هتي ڇاپي رهيا آهيون.
هاڻي انهن دستاويزن جا فوٽو هتي ڇاپيون ٿا ۽ سنڌي ۾ لکيل آرڊر شايد برابر پڙهڻ ۾ نه اچن، ان لاءِ هتي نقل ڪريون ٿا. ڪن انگريزن آرڊرن جو مختصر ترجمو به ڪريون ٿا تان ته پڙهندڙن کي سهولت ٿئي.
(1)
”جيئن ته بمبئيءَ جي گورنر (ڪونسل) جي خيال ۾ ايئن اعتبار ڪرڻ لاءِ واجبي سبب آهي ته مولوي محمد صادق ولد عبدالله ويٺل کڏو ڪراچي ۽ انگريز سرڪار جي رعيت، برٽش انڊيا جي بجاءِ ۽ عام سلامتي جي برخلاف هلت ڪئي آهي.
تنهن ڪري هندستان جي بچاءَ لاءِ جوڙيل ۽ گڏ ڪيل رولن جي رول نمبر 3 موجب مليل اختيارين هيٺ بمبئي جي گورنر (ڪونسل ۾) حڪم ڪرڻ فرمائين ٿا ته اهو مولوي محمد صادق ولد عبدالله ڪئينرا ضلعي جي ڪاروار شهر ۾ ميونسپل حد اندر رهندو ۽ بمبئي سرڪار جي اجازت کان سواءِ هو نڪي سنڌ ۽ ڪڇ کان آيل ماڻهن سان ملاقاتي ٿيندو ۽ نڪي هندستان جي انهن ڀاڱن يا افغانستان، بلوچستان ۽ پرشيا ۾ رهندڙ ماڻهن سان خطن جي رستي احوال ڏيندو وٺندو.
۽ ايئن به وڌيڪ حڪم ڪرڻ فرمائين ٿا ته اهو مولوي محمد صادق، جنهن وقت هي حڪم ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ ضلع ڪراچي مٿس تعميل ڪندو، ان وقت کان وٺي مدت 24 ڪلاڪن اندر ڪراچي ڇڏيندو ۽ انهيءَ رستي کان ويندو جنهن رستي کان وڃڻ لاءِ کيس ڪراچي جو ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ حڪم ڪندو ۽ ايئن پڻ حڪم ڪرڻ فرمائين ٿا ته انهيءَ مولوي محمد صادق جي زال ۽ سندس ڪٽنب جو ٻيو ڪو به يا ڪي به ڀاتي جن کي ڪمشنر مالڪ سنڌ يا ڪراچي جو ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ اجازت ڏيندا سي مولوي محمد صادق سان گڏ ڪاروار ۾ رهندا.
اصل تي دستخط بمبئي جي گورنر جي سيڪريٽري جا جاري ڪيل تاريخ 29 اپريل 1916ع.
اهي اصل انگريزي آرڊر ۽ ان جو ترجمو سنڌ ۾ ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ ڪراچي جي دستخط سان 8 مئي 1916ع تي مولانا مرحوم کي ڏنو ويو.
(2)
ان سان گڏ ٻه ٻيا حڪم ناما ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ ڪراچي جي طرفان مليا. ”نالي مولوي محمد صادق ولد عبدالله ويٺل کڏو ڪراچي، هن نوٽس وسيلي اوهان کي سڌ ڏجي ٿي ته بموجب هندستان جي بچاءَ لاءِ جوڙيل ۽ گڏ ڪيل رولن جي، رول نمبر 3 هيٺ، بمبئي جي گورنر جو جاري ڪيل حڪم، جو اڄ اوهان تي 12 بجي منجهند جي روبرو تعميل ڪيو ويو ته اوهين ان حڪم جي تعميل ٿيڻ بعد، مدت 24 ڪلاڪن اندر ڪراچي ڇڏي ڪاروار وڃو ۽ انهيءَ رستي کان وڃو جنهن رستي کان وڃڻ لاءِ ڪراچي جو ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ اوهان کي حڪم ڏئي.
اسين اوهان کي حڪم ڏيون ٿا ته اوهين ڪراچيءَ کان سمنڊ جي رستي، برٽش انڊيا اسٽيم نئويگيشن ڪمپنيءَ جي لاسا جهاز (يا ان جي بدران ٻيو جيڪو به جهاز ويندو هجي) ۾ بمبئي ويندا، جو جهاز سڀاڻي اڱاري ڏينهن تاريخ 9 مئي 1916ع جي ڪياماڙي کان ڇٽندو. اوهان جي ڪٽنب جا ڀاتي يا ٻيا، جن جي گذران جو مدار اوهان تي آهي، انهن مان ڪي ٻه ڄڻا، ٻن کان وڌيڪ نه، جن کي اوهين پاڻ سان وٺي وڃڻ چاهيو ٿا، اهي ۽ اوهين، ڪياماڙي بندر تي، مٿين ڏينهن 12 بجي منجهند جو حاضر رهندا، بمبئي کان ڪاروار اوهين جهاز يا گاڏي جي رستي ويندا، جيئن اوهان کي سنهنجائي ٿئي.
اوهان جي مسافريءَ جو خرچ جيڪو ٿيندو، سو اوهان سان گڏ هلندڙ سرڪاري عملدار ڪندو. جيڪو وقت اوهين ڪراچيءَ کان ٻاهر رهندؤ ان وقت لاءِ اوهان کي خود مع انهن کي جن جي گذران جو مدار اوهان تي آهي کاڌي لاءِ واجبي الائونس ڏيڻ ۾ ايندو. اوهان کي خبردار ٿو ڪجي ته جيڪڏهن اوهان اسان جي انهن حڪمن جي ڄاڻي واڻي انحرافي ڪندا ته اوهان تي مٿين رولن جي رول نمبر 5 هيٺ هلت ڪئي ويندي، جنهن موجب اوهان کي 3 سال قيد يا ڏند جي سزا ملي سگهي ٿي.“
دستخط ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ ڪراچي
8 مئي 1916ع
(3)
ان کان پوءِ هڪ ٻيو نوٽيس به مليو هو، جيڪو ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ جي صحيح سان مليو ته ”سومر 8 مئي 1916ع تي اسان جي آفيس ۾ حاضر ٿيو.“ ان تي 7 مئي 1916ع جي تاريخ هئي. شايد ان لاءِ ته ڪا ڳڙٻڙ نه ٿئي ۽ مولانا مرحوم جن به عام ماڻهن کي تڪليف ۾ وجهڻ نٿي گهريو ان لاءِ لکي موڪليو ته حاضر ٿيندس.
(4)
پوءِ 8 مئي 1916ع تي ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ وٽان اهي آرڊر وٺي، ٻئي ڏينهن پاڻ سان فقط هڪڙي رشتيدار محمد يعقوب کي وٺي جهاز رستي بمبئي پهتا، جتان ڪاروار ۾ کين نظربند ڪيو ويو ۽ 2 آڪٽوبر 1916ع جو جاري ڪيل بمبئي جي گورنر جو هڪ حڪم مولانا مرحوم کي 7 آڪٽوبر 1916ع تي مليو. هي انگريزي ۾ هو، جنهن ۾ کين اجازت ملي ته مهيني ۾ هڪڙو دفعو پنهنجي رشتيدار محمد قاسم سان ڪنارا ۽ ڪراچي جي ڪليڪٽر جي ذريعي خط و ڪتابت ڪري سگهي ٿو ۽ ضرورت وقت ڪنارا جي ڪليڪٽر جي اجازت سان ڪاروار ۾ ساڻس ملاقات آفيسر جي روبرو ٿي سگهي ٿي.
مولانا محمد صادق مرحوم جن ڪاروار ۾ قرآن شريف به حفظ ڪري ورتو.
(5)
پهرين جنگ عظيم جي خاتمي تائين نظربند رهيا ۽ تقريباً ٽن سالن کان پوءِ 12 فيبروري 1919ع جو کين نظربندي ختم ٿيڻ جا ۽ ڪراچي روانو ٿيڻ جا ٻه حڪم بمبئي جي گورنر جا مليا. پهرين حڪم نامي ۾ 29 اپريل سن 1916ع ۽ 2 آڪٽوبر 1916ع جي حڪم نامن جي منسوخي جو آرڊر هو ۽ ٻئي ۾ مولانا مرحوم کي چيو ويو هو ته 20 فيبروري 1919ع تائين هڪڙي محافظ سان گڏ هيٺين رستي ڪاروار کان بمبئي اسٽيمر ۾، جتان ريل رستي احمد آباد، حيدرآباد سنڌ، جتان پوءِ ڪراچي پهچي، ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ ڪراچي کي اطلاع ڏي ۽ رستي ۾ پهرين گاڏي ۾ رواني ٿيڻ کان وڌيڪ نه ترسي.“
اهي ٻئي آرڊر گورنر بمبئي جي طرفان 6 فيبروري 1919ع تي جاري ٿيا هئا. ايئن هي تاريخي واقعو پورو ٿيو.
انهن سڀني آرڊرن جا فوٽو هتي ڇاپيون ٿا، جيئن اهي عام ٿين ۽ سنڌ جي تاريخ جي هن حصي کي لکڻ وارا انهن مان فائدو وٺي سگهن.


خطن ۽ ٻين تحريرن جا عڪس