تاريخ، فلسفو ۽ سياست

تحريڪ ريشمي رومال ۽ سنڌ

هن ڪتاب ”تحريڪ ريشمي رومال ۽ سنڌ“ جو ليکڪ ڊاڪٽر ابو سلمان شاهجهانپوري آهي آهي، جنهن جو سنڌيڪار محمد عثمان عباسي صاحب آهي. هن ڪتاب ۾ انهن عالمن ۽ بزرگن جو مختصر تعارف آهي، جن جو هنن خطن ۽ تحريڪ سان واسطو آهي. هي ڪتاب تحريڪ آزاديءَ جي باري ۾ واقفيت حاصل ڪرڻ لاءِ رهنما ڪتاب آهي.
Title Cover of book تحريڪ ريشمي رومال ۽ سنڌ

باب پهريون : تحريڪ ريشمي رومال

[b]تحريڪ ريشمي رومال
[/b]
ريشمي خطن واري تحريڪ جيڪا تحريڪ ريشمي رومال جي نالي سان به مشهور آهي ۽ هاڻي جنهن کي برصغير جي مشهور مؤرخ مولانا سيد محمد ميان ”تحريڪ شيخ الهند“ جي نالي سان متعارف ڪرايو آهي، تنهن کي برٽش انڊيا جي سي آءِ ڊي ”ريشمي خط سازش“ جي نالي سان ياد ڪيو آهي.
هي سڀئي نالا پنهنجي جاءِ تي بلڪل صحيح آهن. هي خط جيئن ته ريشمي ڪپڙي تي لکيا ويا هئا، ان ڪري ريشمي خط ۽ ريشمي رومال ٻئي نالا صحيح آهن. هن تحريڪ جو باني جيئن ته برصغير جو مشهور عالم دين، سياسي رهنما ۽ درالعلوم ديوبند جو شيخ الحديث ۽ صدرالمدرسين مولانا محمود حسن ديوبندي هو، جنهن کي سندس بزرگي، ديني ۽ سياسي خدمتن جي ڪري شيخ الهند جي لقب سان ياد ڪيو ويو آهي. ان ڪري هن تحريڪ کي ”تحريڪ شيخ الهند“ چوڻ قطعي غلط ڪونهي. پر انگريزن مولانا عبيدالله سنڌي مرحوم کي ريشمي خط سازش يا تحريڪ جو باني قرار ڏنو آهي. مون وٽ هيءَ ڳالهه به حقيقت کان پري نه آهي ”تحريڪ شيخ الهند“ هڪ گهڻ طرفي تحريڪ هئي، ان جو تعلق دارالعلوم ديوبند جي قائم ٿيڻ ۽ حضرت سيد احمد شهيد ۽ شاهه اسماعيل شهيد جي جهادي تحريڪ ۽ آزادي جي ڪوششن سان وڃي ملي ٿو ۽ بعد ۾ جمعيت علما هند جي ڪوشش به ان سلسلي جي ڪڙي هئي، مولانا سنڌي جو افغانستان وڃڻ ۽ پاڻ حضرت شيخ الهند جو حجاز جي لاءِ سفر جو سانباهو ڪرڻ، هڪ جامع منصوبي تحت هو؛ پر ڪابل پهچي ڪري ”عارضي حڪومت“ ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ ”جنود ربانيه“ قائم ڪرڻ، اهو سڀ ڪجهه معروضي حالتن مطابق ضروري هو. انهن قدمن جو (خدائي لشڪر وارو) فيصلو، جيئن ته مولانا سنڌيءَ پنهنجي دورانديشيءَ تحت ڪيو هو، ان لاءِ حضرت شيخ الهند جي ڪا به اڳواٽ هدايت موجود نه هئي، نه مولانا سنڌي ”حڪومت موقته“ ۾ شرڪت ۽ ”جنود ربانيه“ جي ڪوشش کان اڳ حضرت شيخ الهند کان اجازت وٺڻ جي ضرورت محسوس ڪئي هئي. هي ٻئي ڳالهيون حضرت شيخ الهند جي تحريڪ جي مقصدن جي عين مطابق هيون، انهن کي هن گهڻ مقصدي تحريڪ جو هڪ جزو قرار ڏئي سگهجي ٿو. حڪومت موقته جي تحريڪ راجا مهندر پرتاب ۽ مولوي برڪت الله جي تجويز هئي، جنهن ۾ مولانا سنڌيءَ کي شرڪت جي دعوت ڏني ويئي ۽ ان ”اسلامي مفاد جي حفاظت جي نظر سان“ پنهنجي صوابديد تي ان ۾ شريڪ ٿيڻ پسند ڪيو هو. البته جنود ربانيه جي قائم ٿيڻ جي تجويز ۽ ان جي قائم ٿيڻ جو سڄو انتظام مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي دماغ جي ڪاوش ۽ ان جي ڪوششن جو نتيجو هو. انگريزي سي آءِ ڊي جي مطابق، جيئن ته هي منصوبو (يعني ريشمي رومال تحريڪ) مولانا عبيدالله سنڌيءَ لکيو هو، ان ڪري ان کي هن تحريڪ يا سازش جو باني قرار ڏيڻ ۽ ٻين اڪابرن کي ان جو شريڪ ۽ مددگار قرار ڏيڻ، سمجهڻ جوڳي ڳالهه آهي.

[b]تحريڪ يا سازش
[/b] ننڍي کنڊ جي آزاديءَ جو هي هڪ انقلابي منصوبو هو، ان ڪري ننڍي کنڊ جي آزادي جي تاريخ لکڻ وارن هن منصوبي کي ”تحريڪ“ جي نالي سان ياد ڪيو آهي. جڏهن ته انگريزن جو نقطه نظر ان جي خلاف هو. جيئن ته ان منصوبي جو مقصد انگريزي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ ۽ غيرملڪي اقتدار جي بجاءِ قومي ۽ ملڪي حڪومت قائم ڪرڻ هو، ان ڪري انگريزن ان کي ”سازش“ جو نالو ڏنو.
مڪتوب اليه (جنهن جي نالي خط لکيو وڃي)
آزاديءَ جي هن منصوبي جو دارومدار ٽن خطن تي هو، انهن ۾ پهريون خط سنڌ جي مشهور انقلابي شخصيت شيخ عبدالرحيم جي نالي هو، جيڪو ٻين خطن کي مڪتوب اليه تائين پهچائڻ جي لاءِ هدايتن تي مشتمل هو. ٻيا ٻه خط حضرت شيخ الهند جي نالي حالتن جي تفصيل بابت هئا. حضرت شيخ الهند جيئن ته انهن ڏينهن ۾ حجاز ۾ هو، ان ڪري شيخ عبدالرحيم (سنڌي) جي ذريعي هي خط حجاز پهچائڻا هئا.

[b]خط لکندڙ
[/b] عام طور تي هي سمجهايو وڃي ٿو ته، ٽئي ريشمي خط مولانا عبيدالله سنڌي لکيا هئا. هيءَ غلط فهمي ريشمي خط سازش ڪيس جي بيانن ۾ به موجود آهي. اها غلط فهمي ان ڪري ٿي آهي جو ٻئي نمبر خط تي ڪنهن جي به صحيح نه هئي. پهرين ۽ ٽئي خط تي مولانا سنڌيءَ جي صحيح هئڻ جي ڪري ٻيو خط به ان جو ئي سمجهيو ويو. حقيقت هيءَ آهي ته ٻيو خط مولانا محمد ميان جو آهي. شروعات کان آخر تائين خط جو هڪ هڪ جملو انهيءَ حقيقت جو ثبوت ڏئي رهيو آهي. مولانا محمد ميان جڏهن حجاز کان غالب نامه ۽ ٻيون لکتون کڻي ڪري هندستان اچي رهيو هو ته حضرت شيخ الهند ان کي جدي ۾ الوداع چيو هو، ان ڪري خط لکندڙ جدي کان پوءِ جي واقعن سان خط جي شروعات ڪئي آهي. پهريان ٻه جملا هي آهن:
”جدي کان پوءِ جو حال هي آهي؛ بمبئي آرام سان خطري کان سواءِ پهتس.“
ان کان پوءِ خط لکندڙ راندير، ڀوپال جي سفر، مولانا حسرت موهاني ۽ مولانا آزاد سان پنهنجي ملاقاتن ۽ ياغستان ۽ ڪابل جي سفر جو ذڪر ڪيو آهي. پر مولانا ناظم، يعني مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو ذڪر واحد غائب جي صيغي ۾ ڪيو آهي. ان مان چٽو معلوم ٿئي ٿو ته ان خط جي لکڻ وارو مولانا سنڌي نه پر ٻيو ڪو آهي ۽ اها شخصيت فقط مولانا محمد ميان عرف محمد منصور انصاري جي ٿي سگهي ٿي.

[b]خطن جو تعداد ۽ نمونو
[/b] تحريڪ ريشمي رومال هڪ انقلابي تحريڪ هئي ۽ ان جو تعلق ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪن جي مختلف انقلابي قوتن ۽ شخصيتن سان هو ۽ انهن ۾ خط و ڪتابت جو سلسلو به جاري هو. حضرت شيخ الهند حجاز مان غالب نامه ۽ ٻيا خط هندستان موڪليا ۽ مولانا سنڌي ڪابل کان هندستان خط روانا ڪيا. هيءَ سڄي لکپڙهه وڏي احتياط سان خفيه طور تي ٿي. حضرت شيخ الاسلام مولانا حسين احمد مدني رحه هن سڄي لکپڙهه جي لاءِ ريشمي خطن جي ترڪيب ئي استعمال ڪئي آهي. ڊاڪٽر شير بهادر خان مرحوم جي بيان مان به اهو ئي ظاهر ٿئي ٿو ته سڄي لکپڙهه زرد رنگ جي رومالن ذريعي ٿيندي هئي. ٿي سگهي ٿو ته ڪاغذ جي بجاءِ ڪپڙو (رومال) ئي استعمال ٿيندو هجي. پر انگريز سي آءِ ڊي ان زماني جي سڄي لکپڙهه کي ”ريشمي خط“ جو نالو نه ڏنو آهي. هي فقط ٽي خط آهن، جيڪي تحريڪ جي ظاهر ٿيڻ جو سبب بنيا ۽ جنهن جي بنياد تي سازش جو ڪيس قائم ڪيو ويو. سي آءِ ڊي جي ڪاغذن ۾ انهن کي ئي ريشمي خطن جو نالو ڏنو ويو آهي.
ان سلسلي جو ٽيون ۽ آخري خط حضرت شيخ الهند جي نالي مولانا سنڌي جي طرفان آهي، ان تي سندس صحيح به آهي. هي خط پندرهن انچ ڊگهو ۽ ڏهه انچ ويڪرو آهي.

[b]لکت جو طريقو
[/b] خط جي لکت جي باري ۾ مولانا عبدالله لغاري مرحوم جو بيان آهي ته هي خط مخفي طريقي سان ريشمي رومالن تي لکيا ويا هئا. ان جي بيان ۾ ”مخفي طريقي“ جي ڪا به وضاحت نه آهي. قاضي محمد اڪبر لکيو آهي ته هي خط بصر جي پاڻيءَ سان لکيا ويا هئا، ڊاڪٽر شير بهادر خان لکي ٿو:
”هي ڦڪي رنگ جا رومال هئا، جن تي اهڙي مس سان خط لکيو ويندو هو، جيڪا ڏسڻ ۾ نه ايندي هئي، ان جي لکڻ ۽ پڙهڻ جو طريقو ايجاد ڪندڙن کان سواءِ ڪنهن کي به معلوم نه هئو.“
پر ريشمي خط سازش ڪيس جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته لکت جي لاءِ ان قسم جو ڪو به ڳجهو طريقو اختيار نه ڪيو ويو هو، پر لکت صاف اردو ۾ لکي ويئي هئي، ان ڪيس جي پهرين نوٽ ۾ سي آءِ ڊي جي هي وضاحت اسان کي ملي ٿي:
”14 آگسٽ تي ملتان جي خانبهادر ربنواز خان ملتان جي ڪمشنر کي زرد ريشمي ڪپڙي جا ٽي ٽڪرا ڏيکاريا جنهن تي صاف اردو لکيل هئي.“
”انهن خطن جي لکت نهايت سٺي، صاف ۽ پڪي آهي ۽ ڪٿي به ڪو لفظ ڊاٺو نه ويو آهي ۽ نه ڪنهن لفظ جو اصلاح ڪيو ويو آهي. صرف ونحو جي فقط هڪ نهايت معمولي غلطي سڄي لکت اندر ڏسڻ ۾ آئي آهي. خط جي زبان جيتوڻيڪ ڪن جاين تي غيرواضح آهي، جيئن عام طرح سازشي لکتن ۾ هوندي آهي، پر سٺي تعليم واري عالم ماڻهو جي زبان آهي.“
هن وضاحت کان پوءِ هيءُ ڳالهه غيرمناسب نه سمجهي ويندي ته جيتوڻيڪ خط ٻن ماڻهن جي طرفان آهن، پر ڪپڙي تي هڪ ئي قلم سان نقل ڪيا ويا آهن، پر ان صورت ۾ جو اصلي خط يا انهن جا عڪس اسان جي سامهون نه آهن، تنهن ڪري ان بابت ڪا آخري راءِ نٿي ڏئي سگهجي ته هيءَ لکت ڪنهن جي آهي. اصل لکت يا ان جو عڪس ڏسي ڪري گهٽ ۾ گهٽ هي فيصلو ضروري ڪري سگهجي پيو ته هيءَ لکت عبيدالله سنڌيءَ جي قلم جي آهي يا نه؟ ان ڪري جو مولانا سنڌيءَ جون پنهنجي قلم سان لکيل ڪيتريون ئي لکڻيون اسان جي پهچ کان ٻاهر نه آهن. ان جي قلمي لکت جا عڪس به اسان جي سامهون آهن. جيتوڻيڪ علمي مضمون ۾ اندازن جو وزن تمام گهٽ ٿئي ٿو، تنهن هوندي به ان جي اهميت کي به بلڪل ئي رد به نه ڪيو ويو آهي. ان ڪري مٿئين اقتباس جي روشنيءَ ۾ جيڪڏهن اسان کي قياس (اندازي) جي رعايت ڏني وڃي ته، اسان چونداسين ته هي سڀئي خصوصيتون، جيڪي انهن خطن جي لکت ۾ ٻڌايون ويون آهن، سي مولانا عبيدالله سنڌي جي لکت ۾ لڌيون وڃن ٿيون. انهن جي لکت سٺي، صاف ۽ پڪي هوندي آهي ۽ ڊاهه ڊوهه جو عمل ان جي لکتن ۾ نهايت گهٽ هوندو آهي. ان ڪري گمان غالب آهي ته هي ٽئي خط مولانا عبيدالله سنڌي جي پنهنجي قلم سان ڪپڙي تي نقل ڪيا هوندا. پر هن امڪان کي به قطعي رد نٿو ڪري سگهجي ته شايد هي لکت مولانا محمد ميان جي هجي يا ڪنهن ٻئي ڪاتب کان هي ڪم ورتو ويو هجي.
رپورٽ مرتب ڪرڻ واري (جنود ربانيه ۽ حڪومت موقته) جي انهن اسڪيمن تي جيڪي مولانا سنڌي تحريڪ آزاديءَ جي مستقبل جي باري ۾ بيان ڪيون هيون. هنن لفظن ۾ تبصرو ڪيو آهي:
”هاڻي هو (مولانا عبيدالله سنڌي) جيڪي اسڪيمون بيان ڪري ٿو انهن جو هڪ حصو عمل جي لائق به آهي ۽ هڪ حصو خيالي ۽ تصوري آهي. پر جتي جتي ان حقيقتن ۽ واقعن جي ڳالهه ڪئي آهي، مون کي چوڻو پوي ٿو ته ان جو بيان مڪمل صحيح ۽ لفظ به لفظ درست آهي.
جنود ربانيه (خدائي لشڪر)
هن خط سان گڏ مولانا سنڌي مرحوم ”جنود ربانيه“ ڇوٽڪارو ڏيارڻ واري فوج جي عهديدارن جي جيڪا فهرست شامل ڪئي هئي، ان جي باري ۾ رپورٽ مرتب ڪرڻ وارو لکي ٿو:
”جنود ربانيه جي عهديدارن جي جيڪا فهرست ان تيار ڪئي آهي، اها اسلامي دنيا جي مشهور شخصيتن تي مشتمل آهي، جن کي ”اتحاد عالم اسلام“ جي هر وڏي اسڪيم ۾ شامل ڪرڻ لازمي آهي.“
جنود ربانيه ۾ فيلڊ مارشل جي عهديدارن ۾ مڪي جي ”شريف“ کي به شامل ڪيو ويو هو. ان وقت تائين ترڪي خلافت کان سندس بغاوت جي خبر هندستان نه پهتي هئي. ظاهر آهي ته جيڪا تحريڪ ترڪي خلافت جي تعاون سان هلائي پئي وڃي، ان ۾ ترڪي جي باغي ۽ انگريزن جي مخلص ۽ عقيدتمند شخص کي ايترو وڏو اعزاز نه پيو ڏئي سگهجي. جيئن ته هي هڪ عجيب ڳالهه هئي، ان ڪري رپورٽ مرتب ڪرڻ واري هنن لفظن ۾ ان تي تبصرو ڪيو آهي ۽ ان مقرريءَ جو جواز به پاڻ ئي پيش ڪري ڇڏيو آهي. لکي ٿو:
”هيءَ ڳالهه وڏي دلچسپ آهي ته ان (مولانا سنڌي) مڪي جي شريف (گورنر) کي به فيلڊ مارشل جي حيثيت سان شامل ڪيو آهي. عبيدالله جي خط جي تاريخ 8 رمضان ۽ آچر جو ڏينهن آهي جيڪو 9 جولاءِ جي مطابق آهي. مڪي جي شريف (گورنر) جي بغاوت جي خبر هندستان ۾ 23 جون تي پهتي هئي ۽ جيستائين مون کي خبر پئجي سگهي آهي، 9 جولاءِ کان پوءِ تائين ڪابل ۾ ان جي خبر ڪنهن کي به نه پئجي سگهي هئي.“
ٻين عهديدارن جي باري ۾ اهو ئي شخص لکي ٿو:
”ليفٽيننٽ جنرل ۽ ان کان گهٽ درجي جا عهدا ڪيترن ئي ماڻهن کي ڏنا ويا آهن، جيڪي تقريباً سڀ جا سڀ اتحاد اسلامي يا وهابي تحريڪ جي سلسلي ۾ اسان جي نوٽيس ۾ اچي چڪا آهن.“

[b]عهدا ۽ لقب
[/b] ملڪ جي ڇوٽڪارو ڏياريندڙ فوج (جنود ربانيه) کي ڏهن لقبن يا عهدن جي تحت مقرر ڪيو ويو هو. سڀني کان وڏو عهدو ”مربي“ (سرپرست Patron) جو هو. ان عهدي تي ترتيبوار ترڪي، ايران ۽ افغانستان جي بادشاهن کي مقرر ڪيو ويو هو. انهن جي هيٺان ”مردان“ (فيلڊ مارشل) جو عهدو هو، جيڪو ترڪي ۽ افغانستان جي اڪابرن ۽ امير ماڻهن کي ۽ حيدرآباد، ڀوپال، رامپور ۽ بهاولپور جي نوابن ۽ تحريڪ جهاد جي سربراهه رئيس المجاهدين کي ڏنو ويو هو. ان کان پوءِ جنرل يا ”سالار“ جو عهدو هو، جنهن تي حضرت شيخ الهند کي مقرر ڪيو ويو هو، پر حضرت مولانا جيئن ته مرڪز يعني ڪابل ۾ موجود نه هو، ان ڪري مولانا عبيدالله سنڌي قائم مقام جنرل جي حيثيت سان ڪم سرانجام ڏئي رهيو هو. ان جي ماتحت 29 نائب سالار يا ليفٽيننٽ جنرل هئا.
انهن ۾ ترڪيءَ جو مشهور اڳواڻ شيخ عبدالعزيز شاويش کان سواءِ سڀئي عهديدار برصغير پاڪ و هند سان تعلق رکندا هئا. انهن ۾ مولانا حسين احمد مدني، ڊاڪٽر انصاري ۽ ان جو وڏو ڀاءُ حڪيم عبدالرزاق، مولانا عبدالباري فرنگي محلي، مولانا ابوالڪلام آزاد، مولانا محمد علي، شوڪت علي، مولانا ظفر علي خان، مولانا حسرت علي موهاني، مولانا عبدالقادر قصوري، ان جو پٽ مولوي محي الدين قصوري، مولوي عبدالرحيم عظيم آبادي، مولانا عبدالله غازي پوري، مولانا برڪت الله ڀوپالي، مولانا تاج محمود امروٽي، پير سيد اسدالله شاهه وغيره خاص طور تي قابل ذڪر آهن. انهن عهدن کان پوءِ ترتيبوار ميجر جنرل (معين سالار) ڪرنل (ضابطه) ليفٽيننٽ ڪرنل (نائب ضابطه) ميجر ڪپتان ۽ ليفٽيننٽ جا عهدا هئا.

[b]مرڪز[/b]
جنود ربانيه جو اصلي مرڪز ”مدينو پاڪ“ کي مقرر ڪيو ويو هو ۽ هيٺيان مرڪز ”قسطنطنيه، تهران ۽ ڪابل“ هئا. ٽنهي مرڪزن جون حدون به مقرر ڪيون ويون. قسطنطنيه جي حد يورپ ۽ آفريڪا جي ملڪن تائين پکڙيل هئي، جڏهن ته تهران جو مرڪز وچ ايشيا جي ملڪن جي لاءِ ۽ ڪابل جي مرڪز جي حد هندستان تائين محدود هئي.

[b]عارضي حڪومت
[/b] ”جنود ربانيه“ جي باري ۾ برٽش گورنمينٽ جي رپورٽ جي هي وضاحت توجهه جي لائق آهي، رپورٽ جو مرتب ڪندڙ لکي ٿو:
”جنود ربانيه جي اسڪيم هڪ ٻئي جماعت سان ڳنڍيل هئي جنهن کي ”موقته هنديه حڪومت“ (هندستان جي عارضي، جلاوطن حڪومت) چيو ويندو آهي، جنهن جي ڪارنن جي لاءِ مسلمان هئڻ ضروري نه هو. راجا مهندر پرتاب ان جو دائمي صدر هو. وزيراعظم مولوي برڪت الله ۽ وزير امور هند مولانا عبيدالله سنڌي هو. ايئن معلوم ٿئي ٿو ته هن جماعت (يعني عارضي حڪومت) جو مقصد افغانستان ۽ هند (انگريزي حڪومت) ۾ ٽڪراءُ پيدا ڪرڻ ۽ افغانستان ۾ جيڪي (انگريزي حڪومت کان) غيرمطمئن هندستاني موجود هئا، انهن جي وفد کي غيرجانبدار يا دشمن ملڪن ۾ موڪلي ڪري سازباز ۽ جوڙ ٽوڙ ڪرڻ هو.“
جنود ربانيه قائم ڪرڻ جي مقصد جي باري ۾ لکي ٿو ته عبيدالله جي اسڪيم هيءَ هئي ته:
”هندستان ۾ اسلامي جنگي ذهنيت جي سڪل هڏين مان، جن جسمن ۾ حياتيءَ جو ٿورو به ذرو باقي آهي، انهن کان ڪم ورتو وڃي. اهڙي طرح ان پنهنجي سازش ۾ وهابي تحريڪ جي باعمل شهيد مولوين جي طبقي جو اسلامي جوش ۽ جذبو ۽ اتحاد، اسلام جي حامين جي سياسي توانائي ۽ سختيءَ کي گڏ ڪري ڇڏيو هو. ان جو وڌيڪ منصوبو هي هو ته هڪ ٻئي سازشي جماعت (يعني موقته هنديه حڪومت) سان گڏ ڪم ڪيو وڃي ته جيئن هندن جا انقلاب پسند ماڻهو انجا طرفدار بنجي وڃن.“
پر هيءَ ڳالهه خاص طور تي ذهن نشين هئڻ گهرجي ته ”موقته هنديه حڪومت“ جي اسڪيم ۽ ان جي قائم ٿيڻ سان مولانا سنڌي جو تعلق نه هو. هيءَ اسڪيم راجا مهندر پرتاب جي هئي ۽ مولانا سنڌيءَ جي اهميت کي سامهون رکي کيس ان ۾ شريڪ ڪيو ويو هو ۽ راجا صاحب جي ڪابل جي وڃڻ کان پوءِ، مولانا سنڌي ڪابل واري مرڪز جو انچارج به ٿي ويو. جڏهن ته جنود ربانيه يا جنودالله جو پورو منصوبو ۽ ان جو لائحه عمل، مولانا سنڌي جي فڪري ذهن جي پيداوار هو. راجا مهندر پرتاب جو ان سان ڪو به تعلق نه هو. جنود ربانيه ۾ جرمن مشن جي فقط هڪ ميمبر، مولانا برڪت الله ڀوپاليءَ کي شامل ڪيو ويو هو.
ان جو عهدو ليفٽيننٽ جنرل جو هو، پر ان کي موقته حڪومت جو وزيراعظم هئڻ جي ڪري نه، پر هڪ مسلمان جي حيثيت سان شامل ڪيو ويو هو. ان ڪري ريشمي خط سازش ڪيس جي رپورٽ جي مرتب جو هي خيال بلڪل غلط آهي ته، جنود ربانيه جي اسڪيم هڪ ٻئي جماعت سان ڳنڍيل هئي، جنهن کي موقته هنديه حڪومت چيو ويندو آهي. شايد هي شبهو ان ڪري پيدا ٿيو جو عارضي حڪومت ۾ مولانا سنڌي شريڪ هو ۽ جنود ربانيه ۾ مولانا ڀوپالي شامل هو ۽ ريشمي خطن ۾ ٻنهي ادارن جو گڏ ذڪر ڪيو ويو هو. پر هن خط ۾ ۽ ان جاءِ تي مولانا سنڌيءَ هيءَ وضاحت به ڪري ڇڏي آهي ته عارضي حڪومت جي اسڪيم راجا مهندر پرتاب جي اسڪيم آهي، جنهن ۾ هو (مولانا سنڌي) اسلامي مفادن جي حفاظت جي خيال سان شريڪ ٿي ويو آهي.
حضرت شيخ الهند جي نالي مولانا سنڌيءَ جي خط ۾، موقته حڪومت ۽ ان جي نمائندن جي باري ۾ وضاحتون آهن. هن رپورٽ جو لکندڙ لکي ٿو:
عبيدالله پنهنجي خط جي آخر ۾ ان جو تفصيل ڏنو آهي، جنهن کي هو ”موقته هند حڪومت“ قرار ڏئي ٿو. اهڙي طرح ان هن سازش ۾ راجا مهندر پرتاب جو حصو مقرر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن جي باري ۾ ان جو بيان آهي ته ان جو آريه سماجين سان خاص رابطو آهي ۽ هندستاني راجائن سان بالواسطه تعلق آهي. هن جاءِ تي به، حقيقتن ۽ واقعن جي باري ۾، جيڪي اسان کي معلوم آهن، مثلاً روس ڏانهن سفارتڪاري ڪئي وئي. سفارت جي باري ۾ هن جو بيان بلڪل صحيح آهي. مان سمجهان ٿو ته اسان کي مجموعي طور تي عبيدالله جي انهن خطن بابت هي سمجهڻ گهرجي ته، انهن واقعن ۽ منصوبن جي بيان ۾ پوري ڪوشش ڪئي آهي ته، جن ڏي خط لکيو وڃي ٿو ۽ جيڪي واسطيدار ماڻهو هي خط پڙهن، سڀني ڳالهين کي سمجهي سگهن.“

[b]راز کلڻ
[/b] هي خط مولانا عيبدالله سنڌيءَ عبدالحق نالي هڪ ماڻهوءَ جي هٿان موڪليا هئا ۽ ان کي هدايت ڪئي هئي ته، هو اهي خط حيدرآباد جي شيخ عبدالرحيم جي حوالي ڪري ڇڏي. ان جي رڳو ايتري ذميواري هئي. عبدالحق تحريڪ جو هڪ ڀروسي جوڳو ماڻهو هو ۽ ان کان اڳ ۾ به هو هڪ ڪم جي سلسلي ۾ سنڌ ۾ اچي چڪو هو. ظفر حسين ايبڪ جيڪو مولانا عبيدالله جو هڪ اعتماد وارو شاگرد، ساٿي ۽ تحريڪ جي راز جو ڄاڻو هو، ان پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ انهيءَ ڳالهه تي هنن لفظن ۾ روشني وڌي آهي:
”انهن ڏينهن ۾ قبله مولانا صاحب مرحوم پنهنجي ڪابل جي ڪاررواين جو اطلاع حضرت شيخ الهند کي ڏيڻ چاهيو. هي سڀ خبرون ۽ رپورٽون ريشمي ڪپڙن تي لکيون ويون ۽ 8 رمضان (9 جولاءِ 1916ع) تي انهن کي هندستان کڻي وڃڻ ۽ شيخ عبدالرحيم صاحب حيدرآبادي کي سنڌ ۾ ڏيڻ جي لاءِ، اسان جي ساٿين مان الله نواز خان جي پيءُ ربنواز خان جي پاليل شيخ عبدالحق نالي هڪ نئين مسلم جي چونڊ ڪئي ويئي. هيءَ رپورٽ ڪنهن اعتبار جوڳي حاجي جي ذريعي شيخ عبدالرحيم جي طرف کان حجاز ۾ حضرت شيخ الهند کي موڪلجڻ واري هئي. جيڪڏهن ان ڪم جي لاءِ ڪو قابل اعتماد حاجي نه ملي سگهي ته پاڻ شيخ عبدالرحيم کي حجاز وڃڻ جي لاءِ چيو ويو هو.“
”عبدالحق سنڌ ڏانهن ويندي، پنهنجي گهر وڃڻ جي لاءِ ملتان ۾ ريل مان لٿو ۽ الله نواز خان جي والد خانبهادر ربنواز خان سان مليو. ان عبدالحق کان ضرور ان جي اچڻ جو سبب پڇيو هوندو، جنهن تي ان هي چٺيون ان کي ڏئي ڇڏيون هونديون. ربنواز جي هٿ ۾ هي چٺيون ايندي ئي ان پنهنجي گورنمينٽ پرستيءَ جو ثبوت ڏيڻ جي لاءِ هي خط گورنمينٽ کي ڏنا، جنهن سان هندستان ۾ مسلمانن جون ڪيتريون ئي گرفتاريون ٿيون ۽ هي منصوبو خاڪ ۾ ملي ويو. عبدالحق کي ان جي بدلي ۾ پوليس ۾ نوڪري ملي ۽ خانبهادر کي رتبا ڏنا ويا. هيءَ ڳالهه اڃا تائين پوريءَ طرح ثابت نه ٿي سگهي ته عبدالحق اسان سان گڏ شروع کان ئي هڪ انگريزي جاسوس جي طور تي آيو هو يا ان کي ربنواز هندستان اچڻ تي ڊيڄاري ڌمڪائي يا لالچ ڏئي ڪري برغلايو هو. عبدالحق جو اسان وٽ هڪ انگريزي جاسوس جي طور تي اچڻ جي باري ۾ اسان وٽ ڪو به قطعي ۽ پڪو دليل موجود نه آهي. پر ان قسم جو شبهو ضرور موجود آهي ته، ڪابل اچڻ کان پوءِ، الله نواز خان جو ڀاءُ شاهنواز ڪڏهن ڪڏهن سير ڪرڻ لاءِ ويندي، افغاني پهريدارن کي رشوت وغيره ڏئي ڪري، پاڻ کان پري ڪرڻ کان پوءِ انگريز قونصل خاني جي عملي سان خفيه طور تي ملندو رهندو هو. ان جي ڄاڻ الله نواز کي قطعي طور تي هئي يا نه، اسان ان باري ۾ ڪجهه به نٿا چئي سگهون. پر هي ممڪن آهي ته عبدالحق جي ڪابل کان روانو ٿيڻ وقت الله نواز ۽ شاهنواز ان کي چيو هجي ته سنڌ وڃڻ وقت ملتان مان گذرڻ وقت سندس والد سان ملي. هيءَ ملاقات فقط جدائي جي ڪري مائٽن کي تسليءَ جي لاءِ هئي يا حقيقتاً ان جو مقصد ريشمي چٺيءَ کي ربنواز تائين پهچائڻ يا ان چٺيءَ کي ان تائين پهچڻ جي لاءِ رستو صاف ڪرڻو هو؟ تنهن لاءِ هتي يقيني طور تي ڪجهه نٿو چئي سگهجي. ڇو ته هي به ممڪن آهي ته ان عبدالحق کي پنهنجي گهر فقط پنهنجي خيريت جي خبر پهچائڻ جي لاءِ موڪليو هجي. هي ان جي لاءِ هڪ قدرتي چرپر هئي ۽ انساني طبيعت جي تقاضا به هئي. شايد اتي وڃي ڪري ۽ ربنواز سان ملڻ تي عبدالحق ڪابل جون حالتون ان کي ٻڌائي ڇڏيون هجن ۽ هن کانئس هندستان اچڻ جو اصلي مقصد پڇيو هجي ۽ لالچ يا ڌمڪي ڏئي ڪري ان کان هي راز معلوم ڪري ورتو هجي. گمان اهڙو آهي ته شاهنواز ضرور انگريزي قونصل خاني جي عملي سان ملي ويو هو، تنهن ڪري جڏهن هو هڪ سال کان پوءِ ياغستان جي رستي هندستان واپس هليو ويو ته، ان کي به انگريزن نظربند نه ته ڪيو ۽ نه ئي ٻي ڪا سزا ڏني، پر ان کي ريلوي کاتي ۾ هڪ نوڪري ڏئي ڇڏي. الله نواز خان به سردار سپه سالار محمد نادر خان مرحوم جي ڪابل جي بادشاهه ٿيڻ تي هندستان جي رستي آزاديءَ سان يورپ اچڻ وڃڻ لڳي ويو هو، شايد سندس پيءُ جي انگريز پرستي جي موٽ ۾ ان کي هي سهولتون ملي ويون هجن.“
بهرحال عبدالحق جولاءِ 1914ع جي آخر ۾ هي خط کڻي ڪري آيو ته اڳ ۾ ملتان ويو ۽ خانبهار وٽ ترسيو، خانبهادر اندازو لڳائي ورتو ته هو ڪجهه خاص معلومات کڻي ڪري حيدرآباد وڃي رهيو آهي. ان کان پوءِ هن اهڙو ڄار وڇايو جو عبدالحق ان مان نڪري نه سگهيو ۽ نه رڳو راز ظاهر ڪري وڌائين پر 4 آگسٽ تي هي خط به ان جي حوالي ڪري ڇڏيائين. 14 آگسٽ تي خانبهادر ربنواز اهي خط ملتان جي ڪمشنر کي پهچائي ڇڏيا ۽ ان پنجاب جي ليفٽيننٽ گورنر کي موڪلي ڏنا. اهڙي طرح هي خط اصل مالڪ کي پهچڻ جي بجاءِ دشمنن جي قبضي ۾ هليا ويا.
ريشمي خط سازش ڪيس ۾ هيٺيون نوٽ ان جي هٿ اچڻ جي باري ۾ آهي:
”14 آگسٽ تي ملتان جي خانبهادر ربنواز خان ملتان ڊويزن جي ڪمشنر کي ڦڪي رنگ جي ريشمي ڪپڙي جا ٽي ٽڪرا ڏيکاريا، جن تي اردو ۾ اکر لکيل هئا. ان هي بيان ڪيو ته هي 4 آگسٽ کان مون وٽ هئا، پر ڪمشنر جي نه هجڻ جي ڪري پيش نه ڪري سگهيس. خانبهادر ٻڌايو ته ان کي هي خط عبدالحق کان مليا آهن، جيڪو اڳ ۾ سندس پٽن جو استاد هو ۽ 1915ع تي انهن سان گڏ ڪابل ويو هو. عبدالحق ربنواز کي هي خط پيش ڪرڻ وقت ٻڌايو هو ته انهن خطن کي پهچائڻ جي لاءِ ان کي ڪابل کان موڪليو ويو هو. هي خط حيدرآباد سنڌ ۾ عبدالرحيم کي ڏيڻا هئا ته جيئن هو انهن خطن کي مديني روانو ڪري ڇڏي. عبدالحق کي عبدالرحيم کان انهن خطن جي رسيد وٺڻي هئي ۽ ان رسيد کي واپس ڪابل کڻي وڃڻو هو.“
برصغير ۾ هن راز جي کلڻ سان وڏي پيماني تي گرفتاريون ٿيون. جڏهن ته نه رڳو تحريڪ سان لاڳاپيل شخصيتن کي، پر هر ان شخص کي به قيد يا نظربند ڪيو ويو، جنهن جي باري ۾ شڪ ٿيو ته ان جو تحريڪ سان يا حضرت شيخ الهند يا مولانا سنڌي سان تعلق رهيو آهي. حضرت شيخ الهند ۽ ان جا ساٿي مولانا حسين احمد مدني، مولانا عزيز گل، مولانا وحيد احمد ۽ حڪيم نصرت حسين کي مديني منور ۾ شريف حسين (حجاز جي گورنر) گرفتار ڪري انگريزن جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ انهن کي مالٽا ٻيٽ ۾ وٺي وڃي قيد ڪيو ويو، اهڙي طرح هيءَ تحريڪ پايئه تڪميل تائين پهچڻ کان اڳ ئي ختم ٿي ويئي.

[b]مقصد ۽ طريقيڪار
[/b] تحقيق جي سلسلي جو هي هڪ خاص مضمون رهجي ويو ته هن تحريڪ جو مقصد ۽ طريقيڪار ڪهڙو هو؟ هن تحريڪ جو مقصد هي هو ته انگريزن جي پهرين عالمگير جنگ ۾ شريڪ ۽ مصروف هئڻ جي ڪري هندستان ۾ مولوي محمد علي قصوري جي تحقيق موجب رڳو يارنهن هزار فوج ۽ هڪ توبخانو رهجي ويو هو. تحريڪ جي اڳواڻ حضرت شيخ الهند جي ذريعي انگريزي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو وڃي. منصوبو هي هو ته ترڪيءَ جي تعاون سان افغانستان کان هندستان تي حملو ڪرايو وڃي. ان سلسلي ۾ مولانا عبيدالله سنڌي کي ڪابل موڪليو ويو ته جيئن هو اتي پهچي ڪري حالتن جو جائزو وٺي ۽ تحريڪ کي زور وٺائڻ جي لاءِ ڪو رستو ڪڍي وٺي. حاجي ترنگ زئي کي پيغام موڪليو ويو ته هو آزاد قبائلين کي انگريزن جي خلاف جنگ جي لاءِ اڀاري. تحريڪ جهاد جي مرڪز چمرقند ڏانهن اطلاع موڪليو ته هو پنهنجي تحريڪ زورشور سان شروع ڪري ۽ پاڻ حجاز جي سفر تي روانا ٿيا ته جيئن ترڪي جي ليڊرن کي هندستان جي آزاديءَ جي لاءِ اخلاقي ۽ فوجي مدد ڏيڻ تي آمادو ڪن. اها ئي ڳالهه ريشمي خط سازش ڪيس مان ظاهر ٿئي ٿي. مولانا عبيدالله سنڌي ۽ هن تحريڪ جي ٻين آزاديءَ جي مجاهدن خلاف جيڪو فرياد تيار ڪيو ويو هو ان ۾ ”سازش جا مقصد“ جي عنوان هيٺ چٽو لکيو آهي ته:
”هز ميجسٽي جي فوج جي خلاف جنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ، جنگ ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ يا هز ميجسٽي کي اقتدار اعليٰ کان محروم ڪرڻ.“
ان کان پوءِ طريقي ڪار بابت لکيو آهي ته:
”هندستاني مسلمانن ۾ قرآن جون غلط تاويلون (نعوذبالله) ۽ ٻين طريقن سان مذهبي تعصب کي ڀڙڪائي، سرحدي قبيلن ۽ افغانستان ۾ نفرت جا جذبا اُڀاري، انهن ملڪن جي عوام کي برطانيه جي خلاف جنگ تي آمادو ڪري ترڪي سلطنت کان جنگي امداد وٺي ۽ انهن مقصدن جي لاءِ چندو گڏ ڪري، آخرڪار ارادو هي هو ته جيئن ئي گهڻي امداد ۽ حمايت جو يقين حاصل ٿي وڃي ته هندستان ۾ برطانوي حڪومت جي خلاف بغاوت ڪئي وڃي.“

[b]مرڪز[/b]
برصغير ۾ هن تحريڪ جو پهريون مرڪز ديوبند هو. ڇو ته حضرت شيخ الهند جهڙي جامع صفات شخصيت جو تعلق ان سان هو، پر مولانا سنڌي جي ڪابل ۽ حضرت شيخ الهند جي حجاز ڏانهن وڃڻ جي ڪري ان جو اصلي مرڪز ڪابل ٿي ويو هو ۽ هندستان (برصغير) ۾ ڪيتريون ئي جايون هن تحريڪ جي ذيلي مرڪزن جي حيثيت رکن پيون. يوپي ۽ بنگال ۾ دهلي، ڪلڪتو ۽ ديوبند هن جا خاص مرڪز هئا ۽ سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڪراچي، حيدرآباد، ڳوٺ پير جهنڊو، امروٽ، دينپور ۽ چڪوال هن تحريڪ جا خاص مرڪز هئا.
ريشمي خط سازش جي باري ۾ هڪ ٻئي ياداشت ۾ چيو ويو هو ۽ هن سلسلي ۾ حڪومت کي هي به مشورو ڏنو ويو هو ته:
”عام صورتحال ۽ انڪشافن جي تقاضا آهي ته حڪومت ڪو به قدم کڻي ته جيئن افغانستان، عرب ۽ هندستان ۾ سازشين جي وچ ۾ لکپڙهه سازشن ۽ پئسن جي ڏيتي ليتي جو سلسلو بند ٿي وڃي.“
هن سلسلي ۾ سنڌ ۽ بمبئي، پنجاب، سرحد، دهلي ۽ يوپي ۾ گرفتارين جو هڪ منصوبو ٺاهيو ويو ۽ وڏي پيماني تي گرفتاريون ڪيون ويون. ملڪ جي سوين ماڻهن کي امتحان ۽ آزمائش، قيد ۽ نظربندي جي تڪليفن مان گذرڻو پيو. انهن گرفتارين مان ڪن کي ته آزمائش مان جلد آزادي ملي ويئي، پر ڪيترن ئي ماڻهن کي حڪومت عالمگير جنگ (پهرين) جي ختم ٿيڻ تائين آزاد نه ڪيو.
مولانا عبيدالله سنڌي کي، جيڪو پهرين ۽ ٽئين خط جو لکندڙ آهي، راز جي ظاهر ٿيڻ کان پوءِ امير حبيب الله خان جي قتل ۽ امان الله خان کي تخت ملڻ تائين ڪابل ۽ جلال آباد ۾ پنهنجن ساٿين سميت نظربند رهڻو پيو. مولانا محمد ميان رحه کي، جيڪو ٻئي خط جو لکندڙ آهي، ڪابل مان نڪرڻو پيو ۽ جلاوطنيءَ جي آزمائش مان گذرڻو پيو. پهرين خط جي مخاطب شيخ عبدالرحيم سنڌي جي گرفتاريءَ جا وارنٽ نڪتا. هن روپوش ٿي ڪري گرفتاريءَ کان پنهنجي جان بچائي. ٻئي ۽ ٽئي خط جي مخاطب حضرت شيخ الهند مولانا محمود حسن رحه کي سندن رفيقن سميت حجاز ۾ گرفتار ڪري، مالٽا ٻيٽ ۾ وڃي قيد ڪري ڇڏيو. هيءَ مصيبت نه رڳو خط لکندڙن، انهن جي رفيقن، وصول ڪندڙن ۽ انهن جي سنڌ ۽ حجاز ۾ دوستن ۽ ساٿين تي آئي پر انهن خطن ۾ جن به ماڻهن جو نالو ڪنهن سلسلي ۾ اچي ويو هو، انهن کي به وٺ پڪڙ جي مرحلي مان ضرور گذرڻو پيو ۽ تحقيق ۽ پڇاڳاڇا جي سلسلي ۾ انهن کي به ضرور آزمائش جي مرحلي مان گذرڻو پيو، جيئن انهن خطن جي حاشين مان معلوم ٿيندو.
**