باب چوٿون : شهنشاه هند جي فرياد
بادشاهه معظم شهنشاهه هند
نالي
عبيدالله ۽ ٻيا
دفعو 121 (الف) ضابطو فوجداري هند.
[b]فريادي ڌر جو بيان
[/b] سپريڊنٽ پوليس عرضدار آهي ته هيٺ ذڪر ڪيل شخصن، پهرين جنوري 1913ع ۽ پهرين جنوري 1917ع جي وچ ۾ برطانوي هند جي اندر ۽ ٻاهر سازش ڪئي آهي. بادشاهه معظم شهنشاهه جي فوجن جي خلاف جنگ ڪرڻ جي، جنگ جي لاءِ ڪوشش ڪرڻ ۽ جنگ ۾ مدد ڏيڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي يا ان ڳالهه جي ڪوشش ڪئي آهي ته بادشاهه معظم شهنشاهه کي برطانوي هند جي اقتدار اعليٰ کان هٽائي ڇڏين.
هي ڪارروايون ضابطه فوجداري هند جي دفعي 121 جي تحت سزا جوڳيون آهن.
1) عبدالعزيز مولوي پٽ حيا گل آف اتمانزئي پشاور. (روپوش آهي)
2) عبدالباري بي اي پٽ غلام جيلاني آف لائلپور. (هندستان ۾ داخله روڪڻ جي آرڊيننس جي تحت پنجاب ۾ نظربند آهي.)
3) عبدالحي، خواجه پٽ خواجه عبدالرحمان آف گورداسپور. (ڊفينس ايڪٽ جي تحت پنجاب ۾ ان جي چرپر تي پابندي آهي.)
4) عبدالحق، شيخ عرف جيون داس آف ضلع شاهپور. (ڊفينس ايڪٽ جي تحت ان جي چرپر کي پنجاب ۾ محدود ڪيو ويو آهي) هي سلطاني شاهد آهي.
5) عبدالحق، مولوي آف رفاه عام پريس لاهور. (ڊفينس ايڪٽ جي تحت ان جي چرپر کي پنجاب ۾ محدود ڪيو ويو آهي.)
6) عبدالمجيد خان پندرهين گهوڙي سوار فوج جي هڪ رسالدار ميجر جو پٽ آهي. (وفات ڪري چڪو آهي).
7) عبدالله مولوي پٽ نهال خان آف ضلع سکر. (ڊفينس ايڪٽ جي تحت ان جي چرپر کي پنجاب ۾ محدود ڪيو ويو آهي) سلطاني شاهد آهي.
8) عبدالقادر بي اي پٽ احمد دين آف لائلپور. (هندستان ۾ داخله روڪڻ جي آرڊيننس جي تحت پنجاب ۾ نظربند آهي.)
9) عبدالرحيم سنڌي شيخ پٽ لاله ڀڳوانداس آف حيدرآباد سنڌ. (روپوش آهي)
10) عبدالرحيم مولوي پٽ رحيم بخش مسجد چينيان والي لاهور. (روپوش آهي)
11) عبدالرشيد مردان ۽ لاهور جو مهاجر شاگرد. (روپوش آهي)
12) عبدالرزاق انصاري آف دهلي، حڪيم پٽ عبدالرحمان.
13) وحيد احمد پٽ محمد صديق آف ٽانڊه يوپي (برطانوي هند کان ٻاهر نظربند آهي.)
14) ابوالڪلام آزاد آف ڪلڪتو مولوي ڪنيت محي الدين پٽ مولانا خيرالدين (ڊفينس آف انڊيا ايڪٽ جي تحت بهار ۽ اڙيسا ۾ ان جي چرپر کي محدود ڪيو ويو آهي).
15) ابومحمد احمد مولوي عرف مولوي احمد پٽ غلام حسين آف لاهور ۽ چڪوال. (ڊفينس ايڪٽ جي تحت ان جي چرپر کي پنجاب ۾ محدود ڪيو ويو آهي.)
16) احمد علي مولوي پٽ حبيب الله گوجرانواله، (ڊفينس ايڪٽ جي تحت ان جي چرپر کي پنجاب ۾ محدود ڪيو ويو آهي. (سلطاني شاهد)
17) احمد ميان مولوي پٽ عبدالله انصاري آف انبيٺه ضلع سهارنپور يوپي. (سلطاني شاهد)
18) الله نواز خان پٽ خانبهادر ربنواز خان آنريري مئجسٽريٽ ملتان پنجاب. (روپوش آهي)
19) انيس احمد بي اي مولوي پٽ ادريس احمد اسسٽنٽ سيڪريٽري اينگلو اورينٽل ڪاليج علي ڳڙهه يوپي.
20) عزير گل مولوي پٽ شهيد گل آف درگائي اتر اولهه سرحدي صوبو (برطانوي هند کان ٻاهر نظربند آهي)
21) برڪت الله مولوي محمد آف ڀوپال ۽ جپان. (روپوش آهي)
22) فتح محمد سنڌي آف رڪ سنڌ. (روپوش آهي)
23) فضل الحسن مولوي عرف حسرت موهاني آف علي ڳڙهه. (ڊفينس آف انڊيا ايڪٽ جي تحت يوپي ۾ ٻه سال رڳو قيد جي سزا ڀوڳي رهيو آهي.)
24) فضل الاهي مولوي پٽ ميران بخش آف هريپور ٿاڻو وزيرآباد ضلع گوجرانواله پنجاب. (روپوش آهي)
25) فضل محمود مولوي پٽ مولوي نورمحمد آف چارسده اتر اولهه سرحدي صوبو. (روپوش آهي)
26) فضل ربي مولوي آف پشاور. (روپوش آهي)
27) فضل واحد مولوي عرف حاجي ترنگ زئي پٽ فيض احمد، اتر اولهه سرحدي صوبو. (روپوش آهي)
28) حبيب الله غازي پٽ روح الله آف ڪاڪوري ضلع لکنؤ، يوپي (روپوش آهي)
29) هادي حسن سيد آف خان جهانپور، ضلع مظفرننگر يوپي.
30) حمدالله مولوي پٽ حاجي سراج دين آف پاڻي پت (ڊفينس ايڪٽ جي تحت چرپر پنجاب ۾ محدود آهي)
31) حسين احمد مدني مولوي پٽ مولوي حبيب الله آف فيض آباد مدينه. (هندستان کان ٻاهر نظربند آهي.)
32) ابراهيم سنڌي ايم اي شيخ پٽ عبدالله آف ڪراچي. (روپوش آهي)
33) ڪالا سنگه لڌيانه پنجاب جيڪو وطن کان ٻاهر هو ۽ واپس اچي ويو هو. (روپوش آهي)
34) خان محمد خان حاجي آف پشاور. (وفات ڪري ويو)
35) خوشي محمد پٽ جان محمد آف تلولي ضلع جالنڌر پنجاب (روپوش آهي)
36) مهندر پرتاب ڪنور پٽ سورگباشي راجه گهنشيام سنگه آف مرسان يوپي. (روپوش آهي)
37) محمود حسن مولانا، سابق صدر مدرس، مدرسه ديوبند يوپي (برطانوي هند کان ٻاهر نظربند آهي)
38) مطلوب الرحمان مولوي آف ديوبند، ايگريڪلچر ڊپارٽمينٽ، حڪومت يوپي جو ملازم آهي.
39) محي الدين عرف برڪت علي مولوي پٽ عبدالقادر آف قصور (ڊفينس ايڪٽ جي تحت چرپر پنجاب ۾ محدود آهي)
40) محي الدين خان آف مراد آباد مولوي (قاضي ڀوپال)
41) محمد عبدالله بي اي پٽ شيخ عبدالقادر، سيڪريٽري ميانوالي ڊسٽرڪٽ بورڊ (روپوش آهي)
42) محمد علي بي اي پٽ عبدالقادر آف قصور. (روپوش آهي)
43) محمد اسلم عطار آف پشاور (هندستان ۾ داخله روڪڻ جي آرڊيننس جي تحت اتر اولهه سرحدي صوبي ۾ نظربند آهي.)
44) محمد حسن بي اي آف لاهور جنهن جو پيءُ پيسه اخبار ۾ ملازم هو. (روپوش آهي)
45) محمد هاشم مولوي سيد آف ڪوڙا جهان آباد، فتح پور (هندستان ۾ داخلا روڪڻ جي آرڊيننس جي تحت يوپي ۾ نظربند آهي.)
46) محمد مسعود مولوي پٽ مظهر حسين آف ديوبند. (سلطاني شاهد)
47) محمد ميان مولوي پٽ مولوي عبدالله انصاري آف انبيٺه ضلع سهارنپور يوپي. (سلطاني شاهد)
48) محمد مبين پٽ محمد مومن آف ديوبند. (سلطاني شاهد)
49) محمد مرتضيٰ مولوي سيد پٽ بنياد علي آف بجنور. (يوپي)
50) نورالحسن آف رٿيڙي سيد. ضلع مظفرننگر يوپي.
51) عبيدالله مولوي عرف بوٽا سنگهه آف سيالڪوٽ پنجاب. (روپوش آهي)
52) صدرالدين عرف ڊاڪٽر عبدالڪريم برلاسي پٽ امير علي آف بنارس (هندستان ۾ داخلا روڪڻ جي آرڊيننس جي تحت يوپي ۾ نظربند آهي)
53) سيف الرحمان مولوي پٽ غلام خان آف پشاور- ضلعي سرحدي صوبو. (روپوش آهي)
54) شاهه بخش حاجي پٽ امام بخش انصاري آف حيدرآباد سنڌ. (هندستان ۾ داخلا روڪڻ جي آرڊيننس جي تحت سنڌ ۾ نظربند آهي.)
55) شاهنواز خان پٽ خانبهادر ربنواز خان آنريري مئجسٽريٽ ملتان پنجاب. (روپوش آهي)
56) شجاع الله پٽ حبيب الله آف لاهور (هندستان ۾ داخلا روڪڻ جي آرڊيننس جي تحت پنجاب ۾ نظربند آهي)
57) ولي محمد مولوي آف فتوحي والا ضلع لاهور، پنجاب. (روپوش آهي)
58) ظهور محمد مولوي آف رڙڪي پٽ عنايت الله. سهارنپور.
[b](2) سازش جا مقصد
[/b] يعني هزميجسٽي جي فوج جي خلاف جنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ، جنگ ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ يا هزميجسٽي کي هند جي اقتدار اعليٰ کان محروم ڪرڻ.
سازش جا مقصد ڪهڙي طرح حاصل ڪرڻا هئا
هندستاني مسلمانن ۾ قرآن جي غلط تاويلن ۽ ٻين طريقن جي ذريعي، مذهبي تعصب کي ڀڙڪائي، سرحدي قبائلين ۽ افغانستان ۾ برطانيه جي خلاف نفرت جا جذبا اڀاري، انهن ملڪن جي عوام کي برطانيه جي خلاف جنگ تي آماده ڪري، سلطنت ترڪيءَ کان جنگي امداد وٺي ۽ انهن مقصدن جي لاءِ چندو گڏ ڪري. آخرڪار ارادو هي هو ته جيئن ئي ٻاهرين ملڪن مان ڪافي امداد ۽ حمايت جو يقين حاصل ٿي وڃي، هندستان ۾ برطانوي حڪومت جي خلاف بغاوت ڪئي وڃي.
[b]عام طور تي ڪهڙي ڳالهه ثابت ڪرڻي آهي
[/b] 3- هيءَ ڳالهه ثابت ڪئي ويندي ته سازش جي ميمبرن ۾ ربط ۽ تعلق هو، هي ته انهن جي ڪن ملاقاتن جو مقصد سازش ڪرڻ ۽ پنهنجي گڏيل مقصد کي اڳتي وڌائڻ هو، هي ته ڪن سازشين جمعيت الانصار (ديوبند) جمعيت حزب الله (ڪلڪتو) جهڙا ادارا ۽ نظارة المعارف القرآنيه (دهلي) ۽ دارالارشاد (ڪلڪتو) جهڙيون تعليم گاهون قائم ڪيون ۽ برطانيه جي خلاف جذبات ڀڙڪايا ويا ۽ هندستان کي دارالحرب يا اهڙي سرزمين قرار ڏنو ويو، جنهن ۾ ديندار مسلمانن کي نه رهڻ گهرجي. ۽ هي ته جهاد (مقدس جنگ) جي تبليغ جي لاءِ لٽريچر گڏ ڪيو ويو ۽ هي ته ڪن سازشين فيبروري 1915ع ۾ هجرت (مذهب جي خاطر ڪنهن مسلم ملڪ ڏانهن هجرت ڪرڻ) ۽ هندستان سان جهاد ڪرڻ جي ارادي سان سرحدي علائقي ڏانهن هليا ويا ۽ هي طئه ڪيو ويو ته مجاهد (هندستاني متعصبن) سان تعاون ڪيو ويندو، جيڪي حڪومت برطانيه جي اعلان ڪيل دشمن آهن. انهن کي پئسا ۽ بارود ڏيڻ جي لاءِ قدم کنيا ويا.
هي ته ڪي سازشي جيڪي مولوي آهن، جون 1915ع ۾ هندستان مان آزاد علائقي ڏانهن هليا ويا ۽ اتي انهن قبائلين کي برطانيه جي خلاف جنگ جي لاءِ ڀڙڪايو، جنهن جي نتيجي ۾ قبائلي وڙهيا ۽ هي ته ٻن سازشين حقيقتاً وڙهڻ ۾ حصو ورتو. هي ته آگسٽ 1915ع ۾ هندستان مان ڪابل ويا.
هي ته دشمن ملڪ جو هڪ مشن، جنهن جا ٻه ميمبر سازش ميمبر ٿي چڪا هئا، پهريائين ڪابل پهچي چڪا هئا. هي ته مختلف سازشين ڪابل ۾ ڪارائتا مشورا ڪيا، جن ۾ برطانوي اقتدار جي خاتمي کان پوءِ ٺهڻ واري حڪومت هند جي قائم ٿيڻ جي باري ۾ مشورا ڪيا ويا. هندستان کي آزاد ڪرائڻ جي لاءِ مسلمانن جي فوج ٺاهڻ جو خيال ڪيو ويو ۽ سڀني اهم سازشين کي عهدا ڏنا ويا ۽ ڪن سازشين تي مشتمل سفارتون (سفارتي وفد) ڪجهه خاص غيرملڪي طاقتن ڏانهن هن عارضي حڪومت جي طرفان موڪليون ويون.
ان ڳالهه لاءِ واري واري ۽ باقائدي ڪوششون ڪيون ويون ته امير ڪابل کي ڀڙڪائي غيرجانبداري ختم ڪرڻ ۽ پنهنجو پاڻ کي بادشاهه معظم جي دشمنن جي دوستي اختيار ڪرڻ تي تيار ڪيو وڃي.
هي ته هندستان ۾ پئسا گڏ ڪيا ويا ۽ مولانا محمود حسن ڪن سازشين سان گڏ، هندستان مان عرب روانا ٿيا ته جيئن بادشاهه معظم جي خلاف قدمن ۾ برابري پيدا ڪري.
هي ته واقعي ان اهڙي هڪ جهڙائي ۽ برابري پيدا ڪئي ۽ سازشين کي هندستان واپس موڪليو ته جيئن انهن مشورن ۽ هدايتن کي پورو ڪن، جيڪي انهن کي ڏنيون ويون هيون. ان دوران هندستان ۾ جيڪي سازشي موجود هئا، انهن عربستان جي ۽ سرحد پار جي سازشي پارٽين سان رابطو قائم رکيو ۽ پئسا گڏ ڪيا ۽ انهن ٻنهي پارٽين ڏانهن موڪليا.
[b]سازش جو اڳواڻ عبيدالله ۽ ديوبند جتان سازش جي شروعات ٿي
[/b] 4- سازشين شروعات ۾ ئي سمجهي ورتو هو ته عوام ۾ انتهائي تعصب، جنون ۽ تشدد پيدا ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته انهن ۾ تبليغ ڪرڻ جي لاءِ مشنري (مبلغ) تيار ڪيا وڃن. ان کان سواءِ هي ماڻهو مولوي طبقي جا هئڻ گهرجن. جيئن ته اسان ڏٺو ته سازش جي مکيه باني مولوي عبيدالله ديوبند ۾ مولوين جي خاص مدرسي کي استعمال ڪيو آهي ته جيئن هي چئي سگهجي ته سازش جي شروعات ديوبند کان ٿي آهي.
عبيدالله جيڪو نئون مسلم سک هو (ان جو مذهبي جنون انتها تي پهتل هو) ان پاڻ به ديوبند ۾ تعليم ورتي هئي.
[b]ديوبند جو مدرسو ۽ مولانا محمود حسن
[/b] 5- ديوبند جو مدرسو مولانا محمد قاسم قائم ڪيو هو، هو مشهور عالم دين هو. غدر (بغاوت) جي وقت برطانيه جي خلاف پروپيگنڊا ڪرڻ ۾مولوي امداد الله سان شريڪ ٿي ويو هو. انهن ٻنهي مولوين کي لڪي وڃڻو پيو هو. حاجي امداد الله خفيه طور تي ملڪ ڇڏي حجاز وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو، جتي ڪيترن ئي سالن کان پوءِ ان جي وفات ٿي ويئي.
مولانا محمد قاسم هندستان ۾ ئي رهيو. مولوي رشيد احمد گنگوهي کي گرفتار ڪيو ويو، ان تي ڪيس هليو پر اهو آزاد ٿي ويو. ان ديوبند ۾ زندگي گذاري ۽ اتي ئي هن جي وفات ٿي، جتي هن جو سڀ کان وڏو احترام ڪيو ويندو آهي.
مولانا محمود حسن شايد مولانا محمد قاسم جو سڀني کان وڌيڪ وفادار پيروڪار هو جو، سالن جا سال ديوبند جي مدرسي جو صدر مدرس رهيو.
[b]مولانا تي عبيدالله جو اثر
[/b] 6- مدرسي ۾ عبيدالله جو نقصانڪار اثر تيزيءَ سان پکڙجڻ لڳو ۽ ان مدرسي جي استادن ۽ شاگردن مان ڪيترن ئي ماڻهن ۾ پنهنجا باغيانه خيال ڀري ڇڏيا. ان مولانا محمود حسن کي اڳواٽ ئي مڪمل طور تي پنهنجو هم خيال بڻائي ورتو هو ۽ مدرسي جا انتظام سنڀاليندڙ، مدرسي کي پيش ايندڙ خطرن جو اندازو ڪري سگهن ۽ عبيدالله کي مدرسي ڇڏڻ تي مجبور ڪن. مولانا کي علمي دريا هجڻ، ديني علمن جو برک عالم ۽ اڳواڻ هجڻ جي ڪري جيڪا شهرت حاصل هئي، ان جي ڪري کيس ان سازش جو نمائشي سربراهه بنايو ويو هو.
[b]مدرسي ديوبند مان ڪهڙي طرح ڪم وٺڻو هو
[/b] 7- عبيدالله جو منصوبو هو ته مدرسي کي پنهنجي ڪم جو هيڊڪوارٽر ٺاهي ۽ اتحاد اسلامي ۽ برطانيه دشمنيءَ جي تحريڪ کي زور وٺائڻ لاءِ انهن سوين مولوين کان ڪم وٺي ڪري، سڄي هندستان ۾ پکيڙي ڇڏي، جيڪي ديوبند جي مدرسي ۾ تعليم وٺي ڪري، مذهب اسلام جي پرچار ۽ تبليغ جي لاءِ هندستان ۾ چوڌاري پکڙيل آهن.
[b]جمعيت الانصار جو قائم ٿيڻ
[/b] 8- ان مقصد جي لاءِ هن 1909ع ۾ هڪ انجمن قائم ڪئي، جنهن جو نالو جمعيت الانصار رکيو، جنهن کي ”انجمن طلباءَ قديم ديوبند“ چئي سگهجي ٿو. هي پراڻن شاگردن جي هڪ تعداد کي ان ۾ شامل ڪرڻ ۾ به ڪامياب ٿي ويو. چندا گڏ ڪيا ويندا هئا، جنهن مان ٻين شين کان سواءِ نون ۽ قابل اعتراض خيالن ۽ نظرين سان ڀريل اخبارون هند ۽ هند کان ٻاهر ورهائڻ جي لاءِ خريد ڪيون وينديون هيون.
ان سان گڏ عبيدالله انگريزي تعليم ورتل ماڻهن، مثلاً انيس احمد بي اي، خواجه عبدالحي ۽ قاضي ضياءَالدين بي اي کي مدرسي ۾ داخل ڪيو. انهن تي سياسي رنگ چڙهيل هو، انهن جي باري ۾ چئي سگهجي ٿو ته اهي اعتدال پسند مسلم مڪتبه فڪر سان تعلق رکندا هئا.
[b]جمعيت جو اندروني حلقو
[/b] انهن شخصن کي جمعيت الانصار جي فنڊ مان وظيفا ڏنا ويندا هئا. مولوي مرتضيٰ اسان کي ٻڌايو آهي ته عبيدالله جمعيت الانصار جي اندر هڪ خفيه جماعت ٺاهي هئي. هي هڪ قسم جو اندروني حلقو هو، جنهن جا مول متا ظاهر نه ڪيا ويا هئا، پر انتهائي حدتائين قابل اعتراض هئا، تنهن ڪري مدرسي جي سربراهه وقت ڪڍي مولوي عبيدالله کي گهرايو ۽ ان باري ۾ کيس سخت تنبيهه ڪئي. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته جمعيت الانصار ۾ هن سازش جو بنياد رکيو ويو هو ۽ جڏهن محمد ميان مولانا محمود حسن جي نالي خط ۾ لکيو هو ته جمعيت جا ٽي ميمبر سر ڏئي رهيا آهن ته مرتضيٰ جي راءِ ۾ ان مان مراد اندروني حلقي جا ٽي ميمبر هئا.
[b]سازشين مان هنن ماڻهن جو تعلق جمعيت الانصار سان آهي.
[/b] (1) مولوي عبيدالله (ناظم (2) مولوي ابومحمد احمد (نائب ناظم) (3) مولوي محمد ميان (4) مولوي حمدالله (5) مولوي انيس احمد (6) مولوي خواجه عبدالحي (7) مولوي مرتضيٰ ۽ (8) مولوي ظهور محمد.
جيئن ته مولوي مرتضيٰ ديوبند مان گهڻو غيرحاضر رهيو، تنهن ڪري جمعيت جي اندروني سرگرمين جي باري ۾ اطلاع هٿ ڪري نه سگهيو.
[b]ديوبند جو مدرسو اڃا تائين سياست کان جدا رهيو هو
[/b] 9- ديوبند جو مدرسو شمس العلماءَ حافظ محمد احمد پٽ مولانا محمد قاسم، باني مدرسي جي محتاط انتظام هيٺ، ماضيءَ جي ڪيترن ئي سالن ۾ سياست کان بلڪل پاڪ ۽ صاف رهيو هو ۽ ان جي استادن ۽ شاگردن جديد سياست يا ٻاهرين مسئلن ۾ نهايت گهٽ دلچسپي ورتي هئي يا مورڳو دلچسپي ئي نه ورتي هئي. عبيدالله جي اچڻ ۽ ان جي اثر سان مدرسي جو رنگ مٽجڻ شروع ٿي ويو.
[b]هند جي مسلمانن تي اٽلي ۽ بلقان جي جنگين جا اثر
[/b] 10- مولوي عبيدالله جون ڪوششون نهايت وقتائتيون هيون، ڇو ته هند جي مسلمانن هند کان ٻاهر جي مسئلن ۾ نسبتاً وڌيڪ دلچسپي وٺڻ شروع ڪري ڇڏي هئي.
هند جي مسلمانن جا جذبا اٽلي ۽ ترڪيءَ جي جنگ (سيپٽمبر 1911 کان آڪٽوبر 1912ع) جي ڪري ڀڙڪي پيا هئا. بلقان جي جنگين (آڪٽوبر 1912ع کان آڪٽوبر 1913ع) ۽ انهن جنگين بابت برطانوي وزيرن جي رويي جي ڪري، هي جذبا اڃا وڌيڪ ڀڙڪڻ لڳا، ايستائين جو مولوي کي سولائيءَ سان يقين ڏياريو ويو ته حڪومت برطانيه جي پاليسي مسلم دشمني آهي ۽ مدرسي جو ڪم جاري رکڻ کان به وڌيڪ ضروري هي آهي ته، چندو گڏ ڪري ترڪن ڏانهن روانو ڪيو وڃي. جڏهن ترڪن جي مدد جي لاءِ چندي گڏ ڪرڻ جو سوال اٿيو ته، مولانا محمود حسن پاڻ مشورو ڏنو ته مدرسو بند ڪيو وڃي ۽ هي رايو ڏنو ته مدرسي جي لاءِ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو به ڪم نٿو ٿي سگهي. مولوي مرتضيٰ، جيڪو مولانا جو عقيدتمند هو، ٻڌايو ته مولانا جي هن تجويز جي پس منظر ۾ هي خيال هو ته هي مسلمانن جي لاءِ جهاد جي اعلان جو وقت آهي، ان ڪري هن مشورو ڏنو ته مدرسي کي بند ڪيو وڃي ۽ ان کان پوءِ واقعي مدرسي کي مختصر وقت جي لاءِ بند ڪيو ويو ۽ ڪيترن ئي مولوين گشت ڪرڻ ۽ ترڪن جي لاءِ چندو گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڏنو.
[b]مدرسي ۾ برطانيه خلاف جذبو
[/b] 11- هي ڪم ته ظاهر ظهور کليل ميدان تي ٿي رهيو هو، پر باغيانه اثر جو ڪم ڏيکاري رهيا هئا، جن جي هڪ نشاني برطانوي مال جي بائيڪاٽ جي تحريڪ هئي. مولوي فضل الرحمان جيڪو علي ڳڙهه ۾ اڳواٽ ئي برطانيه جي خلاف بائيڪاٽ جي تحريڪ هلائي رهيو هو، ديوبند پهتو ۽ مولوي انيس احمد، مولانا محمود حسن سان انجو تعارف ڪرايو.
ديوبند ۾ بائيڪاٽ جي تحريڪ کي زور وٺرائڻ ۾ انيس احمد پاڻ به وڏو حصو ورتو. هو ٻهراڙيءَ ۾ (مقامي) تيار ڪيل ٿلهي کاڌيءَ جا ڪپڙا پائيندو هو. ان ديوبند جي هڪ سينئر مولوي کي به ايئن ئي ڪرڻ جي ترغيب ڏني.
[b]ڪانپور جي مسجد جو مسئلو ۽ مسلمانن جا جذبا
[/b] 12- آگسٽ 1912ع ۾ ڪانپور جي مسجد وارو واقعو پيش آيو ۽ مولوي عبيدالله ان مان فائدو وٺڻ ۾ دير نه ڪئي ته جيئن حڪومت برطانيه کان مولانا محمود حسن کي جيڪا ناراضگي هئي، ان کي اڃا وڌائي ڇڏي ۽ ان کي هيءَ راءِ قائم ڪرڻ تي اڀاري ته، هندستان دارالحرب (اهو ملڪ جتي غيرمسلمن جي حڪومت هجي ۽ مسلمانن کي مذهبي فرائض ادا ڪرڻ کان روڪيو وڃي) ٿي ويو آهي. ڇو ته حڪومت پنهنجي رعيت جي مذهبي آزاديءَ ۾ مداخلت ڪري ٿي.
13-برطانوي حڪومت کان مولانا محمود حسن جي ان ناراضگيءَ ۾ وڌيڪ شدت شمس العلماءَ حافظ محمد احمد، مهتمم ۽ مولانا حبيب الرحمان، نائب مهتمم پاران مولانا محمود حسن سان اختيار ڪيل رويي مان پيدا ٿي هئي.
هي ماڻهو محسوس ڪندا هئا ته مولانا (محمود حسن) جي عظمت جي ڪري ۽ ماڻهن ۾ مولانا جو جيڪو احترام آهي، ان جي ڪري مدرسي ۾ سندن اثر گهٽ ٿي رهيو آهي. ايئن مولانا سنجيده ۽ دوستاڻن مشورن کان محروم ٿي ويو. ۽ عبيدالله ۽ ابوالڪلام آزاد وغيره جي خطرناڪ اثرن ۾ اچي ويو.
[b]مدرسي جي ذميوارن عبيدالله، انيس احمد ۽ محمد ميان وغيره کي ديوبند مان ڪڍي ڇڏيو.
[/b] 14- مدرسي جي نيڪ نامي جي بقا جي لاءِ مجلس منتظمه فيصلو ڪيو ته عبيدالله کي انيس احمد ۽ ان جي ٻين ساٿين سان گڏ مدرسي مان خارج ڪري ڇڏڻ گهرجي.
مولانا هن فيصلي کي پسند نه ڪيو، هو اڳ ۾ به مهتمم جي ان ڳالهه مان ناراض هو ته ان مولوي محمد ميان کي ڪنهن اهڙي قصور جي بنياد تي، مولانا جي مشوري يا اطلاع کان سواءِ ديوبند مان ڪڍي ڇڏيو هو، جيڪو ان جي نظر ۾ سندس شان جي خلاف هو.
هي مولانا محمد ميان، ان ڪري ديوبند گهرايو ويو هو ته، ڪن ڪمن ۾ مولانا جي مدد ڪري، پر بعد ۾ هي نهايت سرگرم سازشي ٿي ويو هو.
[b]مولانا جي رهائشگاه سازشين جي جلسي گاه ٿي وئي
[/b] 15- ديوبند مان عبيدالله جي ڪڍڻ جي معنيٰ هيءَ نه هئي ته هن جو اتي اچڻ وڃڻ بند ٿي ويو. ڇو ته اسان هي ڏسون ٿا ته مولانا جي رهائش گاهه سيپٽمبر 1915ع تائين، جڏهن مولانا هندستان مان حجاز روانو ٿيو، سازشين جو جلسي گاهه بڻيل هوندي هئي. عبيدالله ۽ ٻيا ماڻهو مشورن ۾ شريڪ ٿيڻ جي لاءِ ديوبند ايندا رهيا.
[b]مهاجر مولوين به ديوبند ۾ تعليم حاصل ڪئي
[/b] 16- جهاد جي مقصد لاءِ سرحد ڏانهن وڃڻ وارن مولوين ۾ فضل الاهي، فضل محمود ۽ عبدالعزيز انهن سڀني ديوبند ۾ تعليم ورتي هئي. جڏهن ته حاجي عبدالرزاق چيف جج ڪابل، جيڪو اتي سازشين جو گهرو دوست هو، مولوي ابومحمد احمد ۽ شايد ٻين سازشين سان ان وقت کان واقف ٿي ويو هو، جڏهن هو گنگوهه ضلعي سهارنپور ۾ دينيات جو طالب علم هو.
[b]نظارة المعارف القرآنيه
[/b] 17- ديوبند کي پنهنجي مشنرين جي تربيت گاهه ٺاهڻ ۾ ناڪام ٿيڻ تي عبيدالله فيصلو ڪيو ته هڪ مدرسو دهليءَ ۾ ان مقصد جي لاءِ قائم ڪري.
انيس احمد پنهنجي پيءُ مولوي ادريس احمد، اسسٽنٽ سيڪريٽري علي ڳڙهه ڪاليج کي هن نئين مدرسي ۾ دلچسپي وٺڻ تي آماده ڪري ورتو ۽ ان عليڳڙهه جي محمد اسحاق خان کي، ان جي سرپرستي تي آمادو ڪري ورتو، جنهن جي ڪري اثر وارا ۽ باوقار ماڻهو به مدرسي جي منتظمين ۾ شامل ٿي ويا.
انهن جي ذميواري تي هزهائينس بيگم ڀوپال ان جي سرپرست ٿي ويئي ۽ مدرسي کي ٻه سؤ رپيا ماهوار مدد ڏيڻ لڳي.
هي مدرسو جيئن ته ان جي نالي مان ظاهر آهي، قرآن جي بيان ڪيل اصلي ۽ حقيقي تشريح جي لاءِ قائم ڪيو ويو هو، عربي زبان جي تعليم به ڏني ويندي هئي، پر ان جو ڪو به تعلق ان معاملي سان نه آهي. سازشين ۾ عبيدالله ۽ احمد علي ترتيبوار ناظم ۽ نائب ناظم هئا. عبدالحي ۽ انيس احمد کي وظيفو ملندو هو. مولانا محمود حسن، مولوي ابوالڪلام آزاد ۽ مولوي فضل الحسن وزيٽر ۽ قصور جي محي الدين ان جي رفيقن ۾ شامل هو.
[b]عبيدالله جي طرف کان جهاد جي تعليم
[/b] 18- عبيدالله قرآن جي جيڪا خاص تشريح ۽ تفسير ٺاهي، اها جهاد جي فرضيت جي باري ۾ هئي. ان موضوع تي عبيدالله جي تعليم کي انيس احمد، تعليم قرآن ۽ قرآن جي چاٻي جي نالي ٻن ڪتابن ۾ 15- 1914ع ۾ باقائدي وضاحت سان بيان ڪيو هو.
[b]تعليم قرآن ۽ ڪنجي نالي ڪتابن ۾ جهاد جي ترغيب
[/b] 19- هنن ٻنهي ڪتابن ۾ مختصر طور هندستاني مسلمانن کي چيو ويو آهي ته، انهن جي موجوده محڪوميءَ واري حالت جو سبب فقط هي آهي ته انهن هڪ وڏي مذهبي جهاد جي فرض کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي ۽ رسول الله (ﷺ) جي شروعاتي پيروي ڪرڻ وارن جي هن فرض تي عمل ڪري، دنيا ئي اقتدار ۽ مذهبي سربلندي حاصل ڪئي هئي.
گهٽ ۾ گهٽ انهن مان هڪ ڪتاب عبيدالله جي هدايت تي احمد علي جي مدد سان ان وقت لکيو ويو، جڏهن ته انيس احمد ۽ احمد علي ٻئي نظارة مان پگهار وٺندا هئا. قابل ذڪر هڪ خاص ڳالهه هي آهي ته قانون جي مطابق انهن ڪتابن جا نسخا حڪومت کي پيش ڪرڻ کان سواءِ انهن جي ورهاست شروع ڪئي ويئي.
[b]نظارت المعارف سازشين جو جلسي گاهه
[/b] 20- هن درس کان سواءِ جيڪو نظارت ۾ ڏنو ويندو هو ۽ جيڪو بلڪل صحيح نه هو، هي ادارو وقت به وقت سازشين جي گڏجي ويهڻ لاءِ به هڪ نويڪلي واري جاءِ جو ڪم ڏيندو هو. نظارت جي مجرمانه مقصدن جي باري ۾ صاف اشارو هڪ سازشي (محمد علي) جي ان وضاحت مان ملي ٿو، جيڪا ان ٻئي سازشي (عبدالحق) کي ڪابل ۾ ڪئي هئي ته سندس ڀاءُ احمد علي دهليءَ ۾ عبيدالله جي مذهبي مدرسي جو انچارج آهي ۽ قومي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ان کي خوف آهي ته ان کي ڪنهن به وقت گرفتار ڪيو ويندو.
[b]ابوالڪلام آزاد جمعيت حزب الله قائم ڪئي
[/b] 21- انهن ادارن کان سواءِ جيڪي مولوي عبيدالله اتر هند ۾ شروع ڪيا هئا، هڪ ٻئي سازشي (مولوي ابوالڪلام آزاد) ڪلڪتي ۾ ڪم ڪندي عوام ۾ جنون پيدا ڪرڻ جي شروعات ڪئي هئي.
مولوي ابوالڪلام آزاد 1912ع ۾ هڪ انجمن جمعيت حزب الله قائم ڪئي، جنهن جو ظاهري مقصد اسلام جو جياپو هو. ان جو باني قابل اعتراض اخبار الهلال (ڪلڪتو) جو ايڊيٽر هو، جيڪا بعد ۾ پريس ايڪٽ جي تحت ڪارروائيءَ جي ڪري بند ٿي ويئي هئي. اهو باغي صحافي، مقرر ۽ اتحاد اسلامي جي ڪٽر حامي جي حيثيت سان اڳ ۾ ئي شهرت حاصل ڪري چڪو هو.
[b]جمعيت حزب الله جا قائدا
[/b]الهلال اخبار تاريخ 8 جولاءِ 1914ع
22- هن جماعت جي قائدن مان هي اقتباس معنيٰ خيز آهي:
”حزب الله“ جا مختلف درجن ۽ جماعتن مان هڪ جماعت ”السائحون العابدون“ جي آهي، جنهن جو ڪم هي آهي ته تبليغ ۽ نشر و اشاعت، قرآن ۽ سنت جي تعليم لاءِ سدائين سفر ۽ چرپر ۾ رهن.“
”اهو مجاهدين في سبيل الله جو گروهه آهي، جن سڀني کان وڌ ۾ وڌ ۽ اعليٰ کان اعليٰ دنيوي اميدن آسرن ۽ تعلق کان پري ٿي ڪري، زندگيءَ جي لذتن ۽ نعمتن جي امنگن ۽ خواهشن کان دل کي صاف ڪري، پنهنجي سڄي زندگي دين ۽ قوم جي خدمت جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي ۽ ان جي خاص ملائڪن کي پنهنجي قرباني ۽ جان گهوري ڇڏڻ واري عهد ۽ وچن جو گواهه قرار ڏنو آهي.
(هي ماڻهو) مسلمانن جي ديني اعتقادن ۽ عملن جي اصلاح ۽ صحيح ڪرڻ، کين عقيدي ۽ عمل جي لحاظ کان هڪ سچو ۽ مضبوط عقيدي ۽ پڪي ارادي وارو مسلمان ۽ مجاهد في سبيل الله بڻائڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۽ مسلمانن جي عام طبقن جي اندر اها سڄي ضروري معلومات کي پنهنجي وعظ ۽ بيان پهچائڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهن.
”انهن جو طريقو قرآن ۽ سنت جو درس، عام تعليم ۽ تبليغ، انهن ئي اصولن جي ماتحت هوندي جيڪي دعوت الهلال جا بنيادي اصول آهن.“
[b]جهاد جو مشورو
[/b] 23- ”الله جي رستي“ جي جيڪا اصطلاح مٿي ٽئين پيراگراف ۾ استعمال ڪئي ويئي آهي، هيءَ اها اصطلاح آهي، جيڪا سدائين مخصوص طور تي جهاد بابت استعمال ڪئي ويندي آهي ۽ هي قدرتي طور تي مسلمانن جي ذهن کي جهاد جي طرف وٺي ويندي آهي.
[b]جمعيت حزب الله جا مشنري الهلال جي تعليم تي عمل ڪندا
[/b] 24- آخري پيراگراف ۾ به جهاد جي طريقن ۽ مقصدن جي طرف کليل اشارو آهي. ڪو به ماڻهو جنهن کي هن زبان جي سٺي ڄاڻ هجي، جنهن ۾ هيءَ لکت آهي، الهلال جا فائيل پڙهي ڪري انهن اصولن جي باري ۾، جيڪي ان جي تحريرن جا رهنما آهن، هي رايو قائم ڪرڻ کان سواءِ نٿو رهي سگهي ته صاف طور تي ان جو مقصد پنهنجي پڙهندڙن جي دماغن ۾ برطانوي حڪومت جي خلاف دشمني پيدا ڪرڻ آهي. ماڻهن جي اهڙي جماعت (جيڪا قسم جي تحت پابند هجي، جيئن مٿي ٻئي پيراگراف ۾ بيان ڪيو ويو آهي، پنهنجو پاڻ کي ان طريقي سان قرآني تعليم جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي، جنهن طريقي سان ان جي الهلال ۾ تعليم ڏني ويئي آهي) ته اها ملڪ جي لاءِ سخت خطرو آهي.
[b]جمعيت حزب الله جي رڪنيت
[/b] 25- هن انجمن جي ميمبرن جو رجسٽر ان لحاظ کان دلچسپيءَ جو سبب آهي، جو ان ۾ هندستان جي مختلف حصن جي 1700 ماڻهن جا نالا آهن. انهن مان ڪن نالن جي سامهون هن قسم جا ريماڪس آهن؛ جيئن ته ”هر قربانيءَ جي لاءِ تيار آهي.“ يا ”قوم جي خاطر“ يا ”مذهب جي خاطر جان به قربان ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي.“ وغيره
اهو ئي ريمارڪس ان ماڻهوءَ جي نالي جي سامهون به آهي، جيڪو يوپي جي ضلعي لکنؤ جاءِ انوپوره جي رهڻ وارو آهي ۽ ان جو نالو عبدالرزاق آهي، جيڪو 1912ع ۾ هندستان مان مصر هليو ويو هو. اتي هو اتحاد اسلامي جي بدنام شورش پسندن سان ملي ويو هو ۽ ترڪيءَ سان جنگ شروع ٿيڻ کان ٿورو اڳ ۾، ان ترڪي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي.
بعد ۾ مصري پوليس کي هن تي شڪ پيو ته هو مصر ۾ موجود هندستاني، فوجين جي وفاداريءَ تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ۾ شريڪ آهي. جنگ جي اعلان کان پوءِ تائين هو قسطنطنيه ۾ رهيو ۽ ترڪي جي اخبار ”جهان اسلام“ جي فيبروري 1915ع جي شماري ۾ ان هڪ قابل اعتراض مقالو لکيو، جنهن ۾ هن پنهنجي نالي سان گڏ ”ميمبر انجمن آزادي هندستان“ به لکيو هو، ڪجهه مهينن کان پوءِ هي هندستان واپس موٽي آيو.
[b]جمعيت حزب الله ناڪام رهي
[/b] 26- جمعيت حزب الله جي توقع جي مطابق ڪامياب نه ٿيڻ جو سبب شايد جزوي طور تي ان جي بانيءَ جون پنهنجي منصوبي ۾ ناڪاميون آهن، جيڪي ”الهلال“ بند ٿيڻ سان پيش آيون ۽ جنگ جو ڇڙي پوڻ به هڪ سبب آهي. (ٻئي عالمي جنگ: مترجم) پر تقريباً ان نوعيت جي هڪ وڌيڪ طاقتور جماعت، جنهن جو نالو ”انجمن خدام ڪعبه“ هو، ان جي قائم ٿيڻ سان به هيءَ جمعيت ٿڌي ٿي ويئي، پر ان پوئين جماعت جو تعلق هن سازش سان نه آهي.
[b]ابوالڪلام ڪلڪتي ۾ دارالارشاد قائم ڪيو
[/b] 27- مولوي ابوالڪلام آزاد آگسٽ 1915ع ۾ مولوي عبيدالله جي مشوري کان پوءِ، نظارت المعارف القرآنيه جي طريقي تي ڪلڪتي ۾ مدرسو قائم ڪيو. جنهن جو نالو دارالارشاد رکيائين، ان مدرسي ۾ ابوالڪلام آزاد قرآن جي تعليم جو درس ڏيندو رهندو هو.
مولوي ابوالڪلام آزاد جن ماڻهن کي ملازم رکيو هو، انهن مان هڪ مولوي مظهرالدين کان هڪ قابل اعتراض عربي ڪتاب ”الخواطر في الاسلام“ (اسلام جي رستي جون رڪاوٽون) جو ترجمو ڪرايو ويو. ترجمون مڪمل ٿي ويو ۽ ابوالڪلام آزاد مارچ 1916ع ۾ ان جي اشاعت پنهنجي اخبار البلاغ ۾ شروع ڪري ڏني.
ان وقت حڪومت ابوالڪلام آزاد جي چرپر تي پابنديون لڳائي ڇڏيون، جنهن جي ڪري اخبار جي اشاعت بند ٿي ويئي. ان ڪتاب جي ذريعي بادشاهه معظم جي دشمن ترڪن جي حق ۾ هند جي مسلمانن جي همدرديءَ وارن جذبن کي يقيني طور تي ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي.
[b]ابوالڪلام آزاد جي طرفان فرضيت جهاد جو درس
[/b] 28- عبيدالله وانگر ابوالڪلام آزاد جي درس ۾ به سچن مسلمانن تي جهاد جي فرضيت جي باري ۾ زور ڏنو ويو آهي. (ابوالڪلام آزاد جي) تقريرن جي يادداشتن جا جيڪي مجموعا شاگردن تيار ڪيا هئا. انهن مان ڇهه مجموعا اسان جي قبضي ۾ آيا آهن. در ڀنگه جي شاگرد مولوي نورالهديٰ جيڪي يادداشتون تيار ڪيون هيون، اهي سڀ کان وڌيڪ تفصيل سان آهن.
[b]ليڪچرن جا نوٽ جيڪي نورالهديٰ تيار ڪيا
[/b] ڪلڪتي جي پوليس 1915ع ۾ اڌاري طور تي نوٽ بوڪ کڻي ڪري انهن جو مڪمل نقل ڪري ڇڏيو ۽ هاڻي اهو ئي نقل انهن يادگيرين جو باقي آهي، ڇو ته نورالهديٰ جو بيان آهي ته ان خوف ۾ اچي ڪري اصل نوٽ بوڪن کي ضايع ڪري ڇڏيو هو.
انهن يادگيرين جي منجهيل ۽ غيرواضح عبارتن جي نورالهديٰ وضاحت ڪري ڇڏي آهي. هي مدرسو به دهلي واري اداري (نظارت المعارف القرآنيه) وانگر هندستان ۾ نظريه جهاد جا مبلغ تيار ڪرڻ جي لاءِ قائم ڪيو ويو هو.
[b]ترڪيءَ جي جنگ ۾ شريڪ ٿيڻ سان سازشي عملي قدم کڻڻ تي آماده ٿيا
[/b] 29- عالمگير جنگ جي شروع ٿيڻ تائين، سازشين جون حرڪتون جهاد جي تبليغ ڪرڻ تائين محدود هيون. پر جڏهن ترڪي حڪومت برطانيه جي دشمن جي حيثيت سان جنگ ۾ شامل ٿي ته سازشين جا جذبا وڌيڪ ڀڙڪي پيا ۽ هو ان تي آماده ٿيا ته سازش جي مقصدن کي عمل ۾ آڻڻ جي لاءِ سرگرمي سان پير کڻن.
جنگ بلقان جي وقت کان پوءِ مولانا محمود حسن جو هي خيال هو ته اتر اولهه سرحد ٽپي ڪري برطانيه جي خلاف شورش برپا ڪري. جڏهن ترڪ برطانيه جا دشمن ٿي ويا ته مولانا محمود حسن کي قدرتي طور تي خيال ٿيو ته برطانيه کي پريشان ڪرڻ جي لاءِ سرحد بهترين جاءِ آهي.
[b]مجاهدن جي نمائندن جي مولانا سان ملاقات ۽ سازشين سان مشورا
[/b] 30- نومبر يا ڊسمبر 1914ع جي ڳالهه آهي ته مولانا (محمود حسن) کي پهريون دفعو سرحد جي ماڻهن سان مشورا ڪندي ڏٺو ويو. ڪابلين جهڙا ٻه ماڻهو آيا ۽ ان جي گهر ۾ ان وقت رهيا جڏهن ته عبيدالله، انيس احمد، عزير گل ۽ حمدالله به اتي موجود هئا. ڪجهه مهينا (شايد ٻه مهينا) پوءِ هي ماڻهو ٻيهر آيا. مولوي فضل ربي انهن سان گڏ هيو، ان موقعي تي ٻه جلسا ٿيا. مولانا حمدالله، عزير گل، انيس احمد ۽ ظهور محمد انهن ۾ شامل ٿيا. اهي ماڻهو ٽئي دفعي به آيا، ان موقعي تي مولانا کان سواءِ محمد ميان، ولي محمد آف لاهور، عزير گل ۽ خان محمد موجود هئا ۽ شايد مولوي (ابومحمد) احمد چڪوالي، محمد مبين به ان وقت ان جي گهر اچي ويو هو.
[b]هندستاني متعصب
[/b] هي ماڻهو مجاهدن وٽان آيا هئا ته جيئن مولانا (محمود حسن) سان ۽ ٻين سازشين سان انهن شورشن جي باري ۾ صلاح ۽ مشورو ڪن. سرحدپار جي علائقي ۾ حڪومت برطانيه جي خلاف جنگي تياريون ٿي رهيون هيون.
سرحد پار جي انتهائي تڪليف وارن قبائلين مان هڪڙا اهي ماڻهو آهن، جيڪي نهايت ڪٽر ۽ متعصب وهابي آهن ۽ مجاهد چورائيندا آهن، جيئن ته سندن نالي مان ظاهر آهي، انهن پنهنجون حياتيون الله جي رستي ۾ جهاد جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيون آهن.
ان سلسلي ۾ مولانا دهلي به ويو ۽ فتح پوري مسجد دهلي جي مولوي سيف الرحمان ۽ عبيدالله سان مشورا ڪيائين.
مولانا جون 1915ع ۾مهاجر مولوين کي سرحد پار روانو ڪري ڇڏيو
31- آزاد علائقي ۾ منصوبي جي پيش قدميءَ مان ظاهر ۾ مولانا (محمود حسن) مطمئن نه هو، ڇو ته ان جي هدايت تي جون 1915ع ۾ چار سازشي يعني سيف الرحمان، حاجي ترنگ زئي، فضل ربي ۽ فضل محمود ان ڪري سرحد پار موڪليا ويا ته سرحدي قبائلين کي جهاد جي لاءِ ۽ برطانيه جي خلاف جنگ جي لاءِ ڀڙڪائين. انهن مولوين جيڪو ڪجهه ڪيو اهو هن ڪيس جي تفصيل جو هڪ حصو آهي.
[b]هندستان کي دارالحرب قرار ڏنو ويو
[/b] 32- ان عرصي ۾ پنجاب ۾ هڪ ٻيو واقعو پيش آيو، جيئن ته ان کان اڳ توجهه ڏياريو ويو آهي ته هندستان ۾ سازشين هڪ ٻيو لائحه عمل هي اختيار ڪيو هو ته، هندستان کي اهڙو ملڪ قرار ڏنو وڃي، جنهن مان سچن مسلمانن کي هجرت ڪري ڪنهن اهڙي ملڪ ۾ هليو وڃڻ گهرجي، جتي مسلمان حاڪم هجن. ڪجهه ته ان سبب ڪري ۽ ڪجهه ان خيال کان ته ترڪن جي سرگرمين سان مدد ڪري سگهن، جيڪي ان وقت برطانيه جي خلاف جنگ ۾ الجهيل هئا.
فيبروري 1915ع ۾ پنجاب جي ڪاليجن جا پندرهن مسلمان شاگرد جيڪي گهڻو ڪري گريجوئيٽ هئا خفيه طريقي سان برطانوي هند مان روانا ٿيا ۽ مجاهدن جي ٽولي ۾ ان ارادي سان شامل ٿي ويا ته سندن علائقي بنير مان ترڪ فوج ۾ شامل ٿيڻ جو رستو ڪڍندا ۽ پنهنجون خدمتون ڪنهن به طريقي سان پيش ڪندا. انهن جي پيروي ڪجهه ٻين شاگردن به ڪئي.
[b]مهاجر شاگردن جي جماعت جي پنجاب کان سرحد ڏانهن روانگي
[/b] 33- انهن روانو ٿيڻ کان اڳ لاهور جي عبدالرحيم، فضل الاهي، ابو محمد احمد، ابوالڪلام آزاد ۽ عبيدالله جهڙن سازشين کان مشورو ورتو هو ته هي واضح آهي ته انهن جي روانگي سازش جي مقصدن جي پورائي جي لاءِ عمل ۾ آئي هئي. انهن مهاجرن مان سڀ کان وڌيڪ اهم اهي ماڻهو آهن، جن جا نالا هن ڪيس ۾ سازشين سان گڏ شامل آهن. عبدالباري بي اي، عبدالحق، عبدالقادر، عبدالمجيد خان (وفات ڪري چڪو آهي)عبدالرشيد، الله نواز خان، خوشي محمد، محمد عبدالله بي اي، محمد حسن بي اي، شاهنواز خان ۽ شجاع الله. سرحد پار ڪرڻ کانپوءِ انهن جي سرگرمين جو تفصيلي احوال اڳتي ايندو.
[b]مولانا محمود حسن مهاجر ٿي ويو
[/b] 34- عوام کي متاثر ڪرڻ جي اعتبار سان هڪ وڌيڪ اهميت جو فيصلو هي هو ته، مولانا محمود حسن هجرت ڪري وڃي. ڇو ته ڪيترائي ماڻهو ان کي اتر هند جو سڀني کان وڌيڪ محترم ۽ برک عالم سمجهندا هئا. هن جي وطن ڇڏڻ سان تحريڪ کي جيڪو مذهبي جواز ۽ تحرڪ حاصل ٿيڻ وارو هو، ان جي قدر ۽ قيمت کي ڄاڻندي حڪيم عبدالرزاق انصاري ۽ ٻين سازشين اصرار ڪري مولانا کي مجبور ڪيو ته هو هندستان مان هجرت ڪرڻ جي ارادي جو اعلان ڪري.
هن فيصلي کي سورت کان رنگون تائين هن جي عقيدتمندن جي وچ ۾ گهڻي کان گهڻو نشر ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا ويا، مولوي محمد مبين ۽ محمد ميان کي مقرر ڪيو ويو ته هو ان فيصلي جو اعلان ڪن ۽ ان مقصد جي لاءِ پئسا گڏ ڪن.
[b]مولانا ۽ ان جي ساٿين جو اٽل ارادو حجاز ڏانهن
[/b] 35- شروعات ۾ مولانا جي سفر جي منزل غيريقيني هئي ته هو سرحدپار وڃي يا حجاز. آخرڪار هي فيصلو ٿيو ته هو حجاز وڃي. ان لاءِ پئسا گڏ ٿيڻ لڳا ۽ سفر جي ساٿين جي چونڊ ٿيڻ لڳي.
حجاز پهچڻ کان پوءِ، انهن کي اتان حڪومت برطانيه جي خلاف جهاد جي مهم جي رهنمائي ڪرڻي هئي. اتان جي ترڪ حاڪمن کان مدد وٺڻي هئي ۽ ضرورت پئي ته قسطنطنيه يا ڪابل وڃڻو هو.
فيصلو هي هو ته ترڪن کي يا ته هندستان جي خلاف پاڻ فوجي چڙهائي ڪرڻ تي راضي ڪري يا ان تي آماده ڪري ته ڪابل جو امير هندستان تي حملو ڪري ته هو امير جي مدد ڪن. مولوي محمد ميان، مولوي مرتضيٰ، مطلوب الرحمان، مولوي عزير گل ۽ حاجي خان محمد ۽ سيد هادي حسن جي سفر جي ساٿيءَ جي حيثيت سان چونڊ ڪئي ويئي.
[b]حڪيم عبدالرزاق ۽ نورالحسن جون سرگرميون
[/b] 36- مولوي محمد مبين کان سواءِ جن ٻين سازشين سفر جي تيارين ۾ ان جي مدد ڪئي، اهي حڪيم عبدالرزاق انصاري، مولوي حمدالله ۽ سيد نورالحسن آهن. جيئن ته معلوم آهي ته اڳ ۾ مولانا جو رجحان هي هو ته سرحد ڏانهن هليو وڃجي، پر ان هن بنياد تي ائين ڪرڻ کان پاسو ڪيو ته حڪومت کي ان جي جلد خبر پئجي سگهي پئي، جنهن ڪري ديوبند جو مدرسو به حڪومت جي نظر ۾ شڪ وارو ٿي پوندو. مولانا جو هي به خيال هو ته مسلمانن جي ڪنهن سازش جي رهنمائي ڪرڻ جي لاءِ مدينو وڌيڪ بهتر جاءِ آهي. انهن وڃڻ جو فيصلو ابوالڪلام آزاد جي مشوري جي خلاف ڪيو، جيڪو هي چاهي پيو ته اهي هندستان ۾ رهن ۽ حڪومت کي مجبور ڪن ته هو انهن جي خلاف قدم کڻي ته جيئن عوام ۾ نفرت جا جذبا پيدا ٿين.
[b]عبيدالله جي هند مان روانگي
[/b] 37- مولوي عبيدالله، مولوي ابوالڪلام آزاد ۽ مولوي فضل الحسن (حسرت موهاني) جي مشوري کان پوءِ هي فيصلو ڪيو ويو ته هو پاڻ ڪابل وڃي. ته جيئن امير تي اثر وجهي کيس برطانيه کان معاهدو ٽوڙڻ تي آماده ڪري سگهي ۽ سرحدي قبائيلن کي شورش تي تيار ڪري سگهي ۽ حڪومت برطانيه جي خلاف اهڙي جاءِ تان، جيڪا نسبتاً حفاظت واري جاءِ آهي، ٻين طريقن تي سازشون ڪري سگهن.
ضروري انتظامن ۽ دينپور ۾ مولوي حمدالله چڪواليءَ کي ڪجهه خاص هدايتون ڏيڻ کان پوءِ، شروع آگسٽ 1915ع ۾ عبيدالله، عبدالله، فتح محمد ۽ محمد علي سان گڏ افغانستان ڏانهن روانو ٿي ويو.
[b]محمد علي بي اي ۽ شيخ ابراهيم ايم اي جو ڪابل ڏانهن ارادو
[/b] 38- هندستان مان روانو ٿيڻ کان ڪجهه مهينا اڳ عبيدالله، مولوي محمد علي بي اي قصوري ۽ شيخ ابراهيم سنڌي ايم اي آف ڪراچي کي ڪابل موڪلرائي ڇڏيو هو ته جيئن اتي تدريس (تعليمي) نوڪريون حاصل ڪري وٺن. انهن ڪابل پهچي حبيبيه ڪاليج ۾ ترتيبوار پرنسپل ۽ پروفيسر جي حيثيت سان جايون حاصل ڪري ورتيون.
[b]مولانا جي حجاز ڏانهن روانگي
[/b] 39- عبيدالله جي روانو ٿيڻ کان ڪجهه هفتا پوءِ مولانا محمود حسن (18 سيپٽمبر 1915) بمبئي ڏانهن روانو ٿي ويو. مرتضيٰ، محمد ميان، عزير گل، مطلوب الرحمان، خان محمد ۽ ٻيا ماڻهو ان سان گڏ هئا. ان کان اڳ وڃڻ وارو حاجين جو جهاز سيد هادي حسن ۽ حيدرآباد سنڌ جي ڊاڪٽر شاهه بخش کي جدي کڻي وڃي چڪو هو، هي ماڻهو مڪي ۾ پارٽي سان ملي ويا هئا؟
بحري سفر جي دوران مرتضيٰ، مطلوب الرحمان ۽ محمد ميان جي وچ ۾ ۽ مرتضيٰ ۽ عزير گل جي وچ ۾ سفر جي مقصدن جي باري ۾ ۽ سازش جي مقصدن کي اڳتي وڌائڻ جي سلسلي ۾ ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي.
هن جماعت کي شڪ هو ته جهاز ۾ حڪومت جا جاسوس آهن جيڪي انهن جي نگراني ڪري رهيا آهن، جيئن ته جدي پهچڻ تي ڪن مسافرن سان جاسوسن جهڙو سلوڪ ڪيو ويو.
[b]مولانا محمود حسن مڪي ۾
[/b] 40- مڪي پهچڻ کان پوءِ مولانا جي پارٽيءَ ۾ هڪ غيرمعمولي ماڻهو شامل ٿي ويو، جنهن جو نالو حبيب الله غازي آف ڪاڪوري ضلعي لکنؤ هو. ان شخص جنگ بلقان ۾ ترڪن سان گڏ حصو ورتو هو ۽ هي هندستان مان ٻيهر ان مقصد سان روانو ٿيو هو ته ترڪي فوج ۾ شامل ٿي ڪري برطانيه جي خلاف وڙهي. حبيب الله جيتوڻيڪ هڪ ملازم جي حيثيت سان هن جماعت ۾ شريڪ هو، پر سازش جي تعلق سان ان کي اعتماد ۾ ورتو ويو هو.
مڪي ۾ پهچندي ئي انهن خفيه جلسا شروع ڪري ڏنا، جنهن ۾ جماعت جي منصوبن تي غور ۽ فڪر ڪيو ويندو هو. انهن ۾ خان محمد حصو وٺي نه سگهيو ڇو ته هو سخت بيمار ٿي پيو هو ۽ مڪي پهچندي ئي وفات ڪري ويو. هن جماعت جي مڪي پهچڻ تي سيد هادي حسن به اچي ويو ۽ گڏ ئي رهڻ لڳو. ڊاڪٽر شاهه بخش مولانا سان ملاقات جي لاءِ اڪثر ڪري ايندو رهندو هو.
[b]مڪي ۾ مولانا محمود حسن جي غالب پاشا سان ملاقات
[/b] 41- مڪي ۾ مولانا جو خاص مقصد هو ترڪ گورنر غالب پاشا سان ملاقات ڪرڻ، مڪي ۾ رهڻ وارن ٻن ماڻهن حيدر حسين تسبيون وڪڻندڙ ۽ مولوي احمد ميان جي مدد سان، جيڪو ٻه سال اڳ مڪي ۾ رهندڙ هو، هي ملاقاتون عمل ۾ آيون. مولانا انهن ملاقاتن جو مڪمل تفصيل سازشين کي ٻڌائي ڇڏيو ۽ ان غالب پاشا کان هڪ دستاويز حاصل ڪيو، جنهن کي سازشي ”غالب نامه“ چوندا هئا. ان ۾ هر ان شخص کي، جيڪو هي دستاويزس پڙهندو، اطلاع ڪيو ويو هو ته ان دستاويز جي لکڻ واري مولانا سان ملاقات ڪئي آهي ۽ ان کي ان تي پورو اعتماد آهي ۽ هو سڀني مسلمانن کي تلقين پڻ ڪري ٿو ته هو مولانا کي اعتماد وارو سمجهن ۽ خصوصاً ترڪ ان جي امداد ڪن.
[b]غالب نامه ۽ غالب پاشا جو مشورو
[/b] 42- غالب پاشا مولانا کي مشورو ڏنو هو ته هو هندستان واپس وڃي ۽ پنهنجي تنظيم کي مضبوط ڪري ۽ جيڪڏهن هو ائين نه ڪري سگهي ته پنهنجي ڪن پيروڪارن کي واپس هندستان موڪلي ڇڏي ته جيئن هو ان جو ڪم جاري رکن.
مولانا پاڻ واپس نه اچي سگهيو، پر مطلوب الرحمان کي جلدي واپس موڪلي ڇڏيو. غالب پاشا مولانا کي چيو هو ته، پنهنجي جماعت جو تعداد وڌايو، انهن کي رازداريءَ جو پابند ڪريو ۽ هندستان لاءِ ڪابل جي اميرکي، ٺيڪ حملي جي وقت، انقلاب جي لاءِ آماده ڪريو ۽ جڏهن ان جنگ کان پوءِ امن جون ڳالهيون شروع ٿين ته سڄي قوم کي حقن جي گهرڻ ۽ انهن جي لاءِ ايجيٽيشن (تحريڪ) هلائڻ جي لاءِ تيار ڪري وٺو.
[b]مولانا مديني ۾
[/b] 43- مڪي کان مولانا مديني ويو، خان محمد کان سواءِ جيڪو وفات ڪري ويو هو ۽ احمد ميان کان سواءِ جيڪو مڪي ۾ ئي رهي پيو هو ۽ مطلوب الرحمان جنهن کي هندستان واپس موڪليو ويو هو، ٻيا سڀئي سازشي ان سان گڏ هئا. مديني ۾ انهن کان پوءِ مولانا، مولوي مرتضيٰ ۽ مولوي محمد ميان کي هندستان واپس موڪلي ڇڏيو. غالب نامون، جنهن جو مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي، انهن محمد ميان جي حوالي ڪري ڇڏيو ته جيئن اهو هندستان ۾ خاص ماڻهن کي ڏيکاري ڪري سرحد ڏانهن کڻي وڃن. محمد ميان سان گڏ ان جو ڀاءُ احمد ميان به هندستان واپس اچي ويو.
[b]انور رَبي ۽ جمال پاشا سان مولانا جي ملاقات
[/b] 44- محمد ميان ۽ مرتضيٰ جي روانگي جي وڃڻ کان ڪجهه ڏينهن پوءِ، مديني ۾ مولانا انور پاشا ۽ جمال پاشا سان ملاقاتون ڪيون ۽ انهن جا فرمان (حڪم) حاصل ڪيا.
مسجد نبوي ۾ هڪ اجتماع انور پاشا ۽ جمال پاشا جي صدارت ۾، ترڪ لشڪرن جي ڪاميابيءَ جي دعا جي لاءِ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ مولوي حسين احمد مدنيءَ جهاد جو خطبو ڏنو.
[b]طائف ۾ غالب پاشا سان مولانا جي ملاقات ۽ فرمان هندستان ڏانهن موڪلڻ
[/b] 45- مديني کان مولانا مڪي ۽ اتان کان طائف پهتو، جتي ان غالب پاشا سان وري ملاقات ڪئي ۽ وڌيڪ فرمان حاصل ڪيا. مولانا هي ۽ ٻيا فرمان سيد هادي حسن ۽ ڊاڪٽر شاهه بخش جي حوالي ڪري ڇڏيا ته جيئن انهن کي هندستان کڻي وڃن. ان سان گڏ اهي ڪاغذ به روانا ڪيا ويا، جيڪي مولانا شريف مڪي جي باري ۾ گڏ ڪيا هئا، جن مان ظاهر ٿئي پيو ته موجوده شريف غاصب آهي ۽ ان لائق نه آهي ته ان کي پاڪ جاين ۾ رهڻ ڏنو وڃي.
هي فرمان سيد نورالحسن وٽ پهچائڻا هئا ۽ ٻيا ڪاغذ مولوي ابوالڪلام آزاد کي ڏيڻا هئا. هادي حسن بمبئي مان پنهنجي هڪ واقفڪار حاجيءَ جي ذريعي مولانا کي پيغام روانو ڪيو ته هي دستاويز پوري حفاظت سان بمبئي پهچي ويا آهن.
شاهه بخش کي بمبئي ۾ نه روڪيو ويو ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ پروگرام طئه ڪري ان شيخ عبدالرحيم سنڌيءَ سان ملاقات ڪئي ۽ شايد ڪاغذ ان جي حوالي ڪري ڇڏيا، ڇو ته جڏهن 12 سيپٽمبر تي ان کي گرفتار ڪيو ويو ته هي ڪاغذ ان وٽ نه هئا.
[b]محمد ميان جي هندستان واپسي
[/b] 46- هن واقعي جي بيان مان تسلسل کي آخري حد تائين برقرار رکڻ جي لاءِ سولو هيئن ٿيندو ته هاڻي ان جماعت جي تقدير جو لکيل حال بيان ڪيو وڃي، جيڪا غالب نامي کي هندستان کڻي آيو.
(نوٽ) محمد ميان پنهنجي ريشمي خط تاريخ 9 جولاءِ 1916ع ۾ جيڪو مولانا محمود حسن جي نالي لکيو هو، جهاز مان بمبئي ۾ لهڻ واري وقت کان، خط جي لکت جي تاريخ تائين پنهنجي سڀني سرگرمين جو ۽ جن سازشين سان ان وقت تائين ان جي ملاقات ٿي، ان جي سرگرمين جو تفصيل سان احوال بيان ڪيو آهي، ان جو مطالعو ڪرڻ گهرجي.
حاشيي ۾ ان خط جي عبارتن جي صفحن ۽ سٽن جو حوالو ڏنو ويو آهي.
بمبئي پهچڻ کان پوءِ هو ڪسٽم آفيسرن کان غالب نامي کي بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، ڇو ته ان کي هڪ آئيني جي پٺيان واري حصي ۾ لڪايو ويو. بحري سفر ۾ به راندير پهچي ڪري به مولوي مرتضيٰ محمد ميان کي ٻڌايو ته هو سازشين جي منصوبي سان متفق نه آهي ۽ وڌيڪ سرگرمين جي خلاف آهي.
[b]مرتضيٰ ۽ محمد ميان جو راندير ڏانهن سفر
[/b] 47- بمبئي ۾ مرتضيٰ محمد ميان ۽ احمد ميان کان مولوي ظهور محمد ۽ راندير جي مولوي محمد حسين ملاقات ڪئي ۽ کين راندير وٺي ويو. راندير ۾ ائڊريسون ٻڌايون ويون. پر ڪو به چندو گڏ نه ڪيو ويو، ارادو هي هو ته مولوي محمد مبين جيڪو خطيب جي نالي سان مشهور آهي، سو پئسا گڏ ڪرڻ جي لاءِ راندير وڃي.
[b]مرتضيٰ ۽ محمد ميان جي ڀوپال ۾ قاضي محي الدين سان ملاقات
[/b] 48- راندير کان محمد ميان ۽ مرتضيٰ ڀوپال ويا ۽ اتي انهن مولوي محي الدين قاضي، ڀوپال، سان ملاقات ڪئي، جنهن انهن کان انهن سڀني واقعن جي باري ۾ پڇا ڪئي، جيڪي مطلوب الرحمان جي حجاز کان واپسي کان پوءِ پيش آيا هئا ۽ چيو ته مطلوب الرحمان جيڪو ڪجهه ڄاڻيندو هو، اهو سڀ کين ٻڌائي چڪو آهي.
محمد ميان قاضي سان جيڪي ملاقاتون ڪيون، انهن ۾ مرتضيٰ موجود نه هو. ان دوري جي ڪجهه عرصي کان پوءِ مولوي مرتضيٰ کي ڀوپال جي قاضيءَ جو عهدو پيش ڪيو ويو، ڇو ته محي الدين کي هڪ سال جي موڪل وٺڻ جو ارادو هو. محمد ميان ڀوپال کان اتر هند پهتو ۽ سازش جي ٻين سرگرم ميمبرن حمدالله ۽ محمد مبين سان ملاقاتون ڪيون. انهن جي وچ ۾ خفيه مشهور ٿيا، جنهن ۾ ظهور به شريڪ ٿيو.
[b]مولانا جي غيرحاضريءَ ۾ هندستان ۾ ڪم
[/b] 49- ياد هجي ته مولانا (محمود حسن) ديوبند کان روانو ٿيڻ کان اڳ، هندستان ۾ ڪم جاري رکڻ جي لاءِ هدايتون ڏئي ڇڏيون هيون. مولوي حمدالله کي پنهنجو نمائندو ۽ عرب هند ۽ اتر اولهه سرحد پار ۾ سازش جي موجود ميمبرن جي وچ ۾ رابطي جو ذريعو مقرر ڪري ڇڏيو هو. انهن هدايتن جي پابنديءَ ۾ حمدالله، ظهور محمد ۽ محمد مبين وقت به وقت ملاقاتون ڪندا رهندا هئا ته جيئن هندستان ۾ ڪم جي تفصيل کي منظم ڪن.
[b]خزانچي، پوسٽ ورهائڻ واري ۽ مئنيجر جي حيثيت سان حمدالله جون سرگرميون
[/b] 50- حمدالله سرحد پار سازشين سان خط و ڪتابت ڪندو رهندو هو. حمدالله وٽ سازش جا پئسا جمع هئا. مولانا انتظام ڪري ويو هو ته جيڪي سازشي ان سان گڏ وڃي رهيا هئا، انهن مان جن کي به ضرورت هجي، انهن جي گهروارن کي ان فنڊ مان پئسا ڏنا وڃن. سرحد پار جي مولوين کي به ان مان پئسا موڪليا وڃن.
تنهن ڪري حمدالله مولوي محمد حنيف کي پئسا ڏيندو رهندو هو. هو مولوي سيف الرحمان، مولوي فضل ربي ۽ حاجي ترنگ زئي کي به پئسا موڪليندو رهندو هو. ظهور محمد پئسا گڏ ڪندو رهندو هو ۽ ويهه رپيا مهينو محمد ميان جي گهروارن کي ڏيندو رهندو هو.
[b]حڪيم عبدالرزاق مولانا جي گهروارن جي سارسنڀال ڪندو هو.
[/b] 51- مولانا (محمود حسن) جي گهروارن جي خبرچار حڪيم عبدالرزاق انصاري ڪندو رهندو هو. مختلف خرچ پورا ڪندو هو. وڌيڪ ٻه هزار ڇهه سؤ رپيا گهر جي واڌاري لاءِ به ڏنا هئائين. ان هڪ قاصد مولوي محمد مسعود کي به هڪ هزار چار سؤ رپيا ڏئي ڪري مولانا ڏانهن مڪي موڪليو هو. قاضي محي الدين وڌيڪ هڪ سؤ رپيا ڏنا هئا.
مولانا جو ديوبند کان روانو ٿيڻ کان اڳ رامپور متهياران جي مولوي احمد ان کي ٽي سؤ رپيا ڏنا هئا ته هو جنهن ڪم ۾ چاهي انهن کي خرچ ڪري. مولانا چيو ته ان جي وڃڻ کان پوءِ هي پئسا حمدالله کي ڏئي ڇڏيو، بعد ۾ جڏهن حمدالله کي پئسن جي ضرورت پئي تڏهن ان مولوي احمد کان پئسا گهريا، پر مولوي احمد ڊڄي ويو ته ڪٿي سازش ۾ نه ملوث ٿي وڃي ۽ ان پئسا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
[b]محمد ميان جي فضل حسن ۽ ابوالڪلام آزاد سان ملاقات
[/b] 52- محمد ميان گهٽ ۾ گهٽ ٻه دفعا مولوي فضل الحسن (حسرت موهاني) سان عليڳڙهه ۾ ملاقات ڪئي ۽ وري ڪلڪتي وڃي ڪري مولوي ابوالڪلام آزاد سان مليو. ان وقت ابوالڪلام پنهنجو سامان ٻڌڻ ۾ مشغول هو ته جيئن رانچي وڃي سگهي، ڇو ته حڪومت جي حڪم سان ان کي رانچي ۾ نظربند پئي ڪيو ويو. جڏهن محمد ميان فرنٽيئر وڃي رهيو هو ته ان سهارنپور جي اسٽيشن تي، جنهن وقت ظهور ۽ مبين سان گڏ هو، ٻڌو ته فضل حسين کي عليڳڙهه ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح ان کي خبر پئجي ويئي ته اهي ٻئي ماڻهو ڪم جاري رکڻ جي قابل نه رهيا.
[b]محمد ميان غالب نامي سان گڏ سفر ڪري ٿو
[/b] 53- مولوي محمد ميان سرحد ڏانهن ويندي لاهور ۾ مولوي احمد چڪوالي سان مليو. ان اميد ۾ ڪجهه ڪلاڪ ان سان گڏ رهيو ته مولوي احمد علي سان ملاقات ٿي وڃي، جنهن جي باري ۾ ان ٻڌو هو ته خانپور ويل آهي. ان کان پوءِ اپريل 1916ع جي آخر ۾ ان سرحد پار ڪري ورتي ۽ پنهنجي بيان جي مطابق غالب نامه قبائلين کي ڏيکاري ورتو.
[b]پنجابي مهاجر پارٽي
[/b] 54- هاڻي جيئن ته اسان جي دلچسپيءَ جو منظر سرحدپار منتقل ٿي ويو آهي، ته سٺو ٿيندو ته مولوي محمد ميان جي ڪابل پهچڻ تائين اتي سازشين جيڪو ڪجهه ڪيو، ان کي بيان ڪيو وڃي.
پنجابي مهاجرن جي پارٽي، جيڪا فيبروري 1915ع ۾ هندستان مان روانو ٿي هئي، سرحد تائين مولوي فضل الاهي ان جي مدد ڪئي. هن خوشي محمد جي به مدد ڪئي جيڪو ان پارٽي ۾ هو، پر پوئتي رهجي ويو هو.
هندستان مان روانو ٿيڻ کان اڳ انهن سڀني ماڻهن پنهنجا نالا مٽائي ڇڏيا هئا. انهن سرحدپار ڪئي ۽ ”اسمس“ ۾ مجاهدن وٽ رهيا. جڏهن هي ماڻهو ”اسمس“ ۾ هئا ته هڪ برطانوي عملدار عجب خان ”دربند“ ويو ۽ ملاقات طئه ڪري شاگردن جي پارٽي جي نمائندن جي طور تي عبدالباري ۽ شجاع الله سان ملاقات ڪئي، انهن کي معافي ڏيارڻ جو وعدو ڪيو ۽ هندستان موٽڻ تي اصرار ڪيو پر ان ڳالهه کان انهن انڪار ڪري ڇڏيو.
ان ئي وقت ۾ لاهور جي چينيان والي مسجد جو مولوي عبدالرحيم انهن سان اچي مليو. ان کان پوءِ هڪ شخص ڪالا سنگهه، جيڪو سک هو ۽ هندستان مان وطن ڇڏڻ کان پوءِ ٻيهر هندستان واپس اچي ويو هو ۽ لاهور سازش ڪيس ۾ گهربل هو، اهو اچي ساڻن مليو. جڏهن پنجاب مهاجر ”اسمس“ ۾ رهيل هئا ته انهن کي مجاهدن جي سرگرمين جي باري ۾ گهڻي ڪجهه خبر پيئي، اتان انهن ڪابل جو رستو ورتو، ڪابل ۾ هي ماڻهو ڪيترن ئي مهينن تائين حراست ۾ رهيا ۽ ڪجهه به نه ڪري سگهيا.
[b]قبائلين ۾ شورش پکيڙي ويئي
[/b] 55- ان عرصي ۾ 1915ع ۾ حاجي صاحب ترنگ زئي ۽ مولوي فضل ربي، فضل محمود ۽ عبدالعزيز، سيف الرحمان سرحدپار ڪافي سرگرم رهيا. انهن کي مولانا (محمود حسن) شورش (ڏسو پيرا نمبر 31) پکيڙڻ جي لاءِ موڪليو هو. تنهن ڪري برطانيه جي خلاف جنگ ۾ ڪيترن ئي قبائلين حصو ورتو.
مولانا هندستان مان روانو ٿيڻ کان اڳ مولوي عزيز گل کي مولوين جي لاءِ پيغام ۽ پئسا ڏئي ڪري روانو ڪيو هو، وڃڻ وقت به ان مولوي احمد چڪواليءَ کي ان مقصد جي لاءِ ٻيهر موڪليو هو.
مولانا جي هندستان مان روانو ٿيڻ کان فوراً اڳ ان مجاهدن جي هڪ قاصد سان ملاقات ڪئي هئي، جيڪو مجاهدن جي لاءِ ست هزار رپيا کڻي ڪري پنهنجي ملڪ ڏانهن وڃي رهيو هو. هو ابوالڪلام وٽان مولانا جي لاءِ هڪ پيغام کڻي آيو هو.
مولوي ماڻهو ۽ مجاهد حمدالله سان ۽ ابوالڪلام آزاد سان رابطو قائم رکندا هئا ۽ ابوالڪلام جي طرف کان به ۽ ٻين ذريعن سان به مجاهدن کي وقت به وقت پئسا پهچندا رهندا هئا.
[b]صدرالدين مجاهدن ۾
[/b] 56- جنگ جي تعلق سان جيڪا سرحدپار جاري هئي، سيپٽمبر 1915ع ۾ عبدالڪريم برلاسي عرف صدرالدين نالي (هڪ ڊاڪٽر) کي ابوالڪلام آزاد سازش ۾ شامل ڪري ڇڏيو ۽ ان کي هندستان مان مجاهدن جي طبي امداد (زخمين جي علاج) جي لاءِ روانو ڪري ڇڏيو. ڪجهه عرصي تائين ان اهي خدمتون سرانجام ڏنيون، جيڪي ان جي حوالي ڪيون ويون هيون. پوءِ هو ڪابل ۾ ٻين سازشين سان وڃي مليو. جون يا جولاءِ 1916ع ۾ هو هندستان واپس اچي ويو.
آڪٽوبر 1915ع ۾ لاهور جو مولوي عبدالرحيم ڪابل ويو، جتان هو سردار نصرالله خان جا مجاهدن جي لاءِ ڏنل پئسا ۽ هٿيار گڏ کڻي ويو.
[b]دشمن جو وفد ڪابل ۾
[/b] 57- اولهه يورپ کان دشمنن جو هڪ وفد 1915ع ۾ افغانستان پهتو جنهن جا ميمبر ڪنور مهندر پرتاب آف بندرابن يوپي ۽ مولوي برڪت الله آف ڀوپال هئا. انهن وٽ قيصر جرمني (جرمني جي بادشاهه) ۽ ترڪيءَ جي سلطان جا خط هئا. امير کي غير جانبداري ختم ڪرڻ تي ڀڙڪائڻ انهن جو مقصد هو. محمد ميان ۽ عبيدالله ريشمي خطن ۾ ان وفد جي سرگرمين جو تفصيل بيان ڪيو آهي، ڪنور مهندر پرتاب سراج الاخبار جي ايڊيٽر کي هڪ خط لکيو هو جيڪو جولاءِ 1916ع ۾ هن اخبار ۾ شايع ٿيو.
[b]ڪابل ۾ سازشين جا منصوبا
[/b] 58- آگسٽ 1915ع ۾ مولوي عبيدالله جي ڪابل پهچڻ کان پوءِ، ڪابل ۾ موجود مختلف سازشين گڏيل مقصد جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو.
عبيدالله، محمد علي سنڌي سان گڏ محمد علي پرنسپل حبيبھ ڪاليج وٽ.
پنجابي مهاجر شاگردن جو ليڊر عبدالمجيد خان ڪابل ۾ وفات ڪري ويو هو. عبدالباري ان جو جانشين مقرر ٿيو هو. عبيدالله، عبدالباريءَ کي هندستان مان پنهنجي روانگي جي مقصد ۽ سازش جي مقصدن کان آگاهه ڪيو. سول اسپتال ڪابل ۾ خفيه مشورا ٿيندا رهندا هئا، جن ۾ عبدالباري، مولوي عبدالرحيم، مولوي عبيدالله، مولوي برڪت الله ۽ ڪنور مهندرپرتاب ۽ دشمن مشن جا ٻيا ميمبر عام طرح شامل ٿيندا رهندا هئا.
[b]عبدالله جي ذريعي هندستان ڏانهن خطن جي روانگي
[/b] 59- فيبروري 1916ع ۾ مولوي عبدالله ۽ فتح محمد سنڌيءَ کي عبيدالله ۽ مهندر پرتاب پئسا، خط ۽ پيغام ڏئي ڪري هندستان روانو ڪيو، جيڪي شيخ عبدالرحيم سنڌي ۽ احمد علي لاهوري جي ذريعي پهچائڻا هئا.
انهن ڪاغذن ۾ شيخ عبدالرحيم سنڌي، احمد علي ۽ فضل حسن جي نالي خط هئا، جنهن ۾ انهن کي ڪابل اچڻ جو چيو ويو هو. هڪ خط بندرابن ۾ مهندرپرتاب جي ڪنهن دوست جو هو. هڪ خط حمدالله جي نالي هو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته هو مولانا محمود حسن جو جانشين هوندو.
هڪ خط ڪن تصويرن جي باري ۾ مولوي احمد چڪوالي جي نالي هو. فارسي زبان جو هڪ خط مولوي برڪت الله جي طرفان ابوالڪلام آزاد، فضل الحسن ۽ ڊاڪٽر (مختار احمد) انصاريءَ جي نالي هو، جنهن ۾ ان پنهنجا تجربا ۽ مقصد بيان ڪيا هئا.
ڪجهه اهڙن ٻين ماڻهن جي نالي به خط هئا، جن کي سازشين جي فهرست ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي.
شيخ الاسلام جي جاري ڪيل جهاد جي فتويٰ جا چار فوٽو به هئا، جيڪي حمدالله، فضل الحسن ابوالڪلام آزاد کي ڏيڻا هئا.
شيخ ابراهيم ايم اي ۽ محمد علي بي اي جون تصويرون به هيون، جنهن جون وڌيڪ ڪاپيون مولوي احمد چڪوالي کي ٺهرائڻيون هيون ته جيئن انهن جي پٺيءَ تي مولوي ظفرعلي خان ۽ ڊاڪٽر انصاريءَ کان انورپاشا جي نالي سان هن ڳالهه جي تصديق ڪرائي سگهجي ته هي ماڻهو قابل اعتماد آهن.
[b]هندستان ۾ احمدعلي جا کنيل قدم:
[/b] 60 جيڪي خط شيخ عبدالرحيم ۽ احمدعلي جي ذريعي پهچائڻا هئا، سي عبدالله انهن جي حوالي ڪري ڇڏيا هئا. عبدالله احمدعلي کي ڪابل جا واقعا به مڪمل طور تي ٻڌائي ڇڏيا هئا.
اسان کي هن ڳالهه جي يقيني خبر نه آهي ته، شيخ عبدالرحيم کي جيڪي خط حوالي ڪيا ويا هئا، اهي جنهن جي نالي خط هئا انهن کي پهچايا ويا يا نه؟
خط احمد علي جي حوالي ڪيا ويا هئا. احمد علي لاهور ۾ خط ۽ فوٽو مولوي احمد جي حوالي ڪري ڇڏيا هئا ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ان کان فوٽوگراف واپس وٺي ڇڏيا ويا هئا. انهن فوٽن جي پٺيان ڪا به تصديق نه ڪرائي وئي.
[b]ڪاغذ فضل الحسن جي حوالي
[/b] 61- احمد علي فضل الحسن کي ٻه خط، جيڪي ان جي حوالي هئا، فتويٰ جو هڪ فوٽو ۽ لکنؤ جي هڪ مولوي عبدالباريءَ جي لاءِ هڪ خط ڏنو. جنهن وٽ مختصر رهڻ جي لاءِ فضل الحسن روانو ٿي رهيو هو.
فضل الحسن ڪابل وڃڻ جو ارادو ظاهر ڪيو، برڪت الله جو خط ۽ فتويٰ جو فوٽو ڀيڪم پور ضلع علي ڳڙهه جي مولوي حبيب الرحمان (شيرواني) 31 مارچ 1916ع تي فضل الحسن وٽ ڏٺو هو. فضل الحسن ان جي سامهون ڪابل وڃڻ جو ارادو ظاهر ڪيو هو.
[b]فتويٰ ۽ پيغام ابوالڪلام ڏانهن موڪليو ويو
[/b] 62- محي الدين قصوري جي ذريعي، احمد علي فتويٰ جو فوٽو ان پيغام سان گڏ ابوالڪلام آزاد ڏانهن موڪليو ته، انهن کي ڪابل هليو وڃڻ گهرجي. ان جي جواب ۾ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ محي الدين جي ذريعي احمد علي کي ابوالڪلام جو پيغام مليو ته هو ڪابل وڃڻ لاءِ تيار آهي. تنهن تي احمد علي لاهور ۽ خانپور ويو ۽ مولوي احمد وغيره سان مشوري کان پوءِ طئه ڪيو ته شيخ عبدالرحيم سنڌي، ابوالڪلام جي ڪابل ڏانهن سفر جو انتظام ڪري.
[b]سرحدي جنگ ۾ سازشين حصو ورتو
[/b] 63- 1916ع جي شروعات ۾ مولوي عبدالرحيم، جيڪو ڪابل واپس اچي چڪو هو، سو هٿيار ۽ پئسا کڻي تيزيءَ سان سرحدپار جي قبيلن ۾ پهتو ۽ برطانيه جي خلاف جنگ ۾ شرڪت کان پوءِ، جنهن ۾ ڪالا سنگهه به حصو روتو هو، جون 1916ع ۾ هو ان سان گڏ ڪابل واپس ٿيو. هيءَ جنگ مجاهدن ۽ بنير، سوات ۽ مهمند قبيلن وڙهي هئي. حاجي ترنگ زئي مهمند قبائلين جو سردار هو.
[b]جنورد ربانيه ۽ حڪومت موقته هند
[/b] 64- انهن مهينن ۾ عبيدالله ۽ مهندر پرتاب ڪابل ۾ موجود ٻين سازشين جي مدد سان هندستان جي آزاديءَ جي لاءِ هڪ اسڪيم تيار ڪئي هئي، جنهن کي جنود ربانيه جو نالو ڏنو ويو هو. تقريباً سڀني سازشين کي هن فوج ۾ عهدا ڏنا ويا هئا ۽ هندستان جي عارضي حڪومت به ٺاهي ويئي هئي. هي اسڪيمون حضرت مولانا جي نالي عبيدالله جي ريشمي خط ۾ پوريءَ طرح بيان ڪيون ويون آهن ۽ محمد ميان به پنهنجي خط ۾ انهن جو حوالو ڏنو آهي. حڪومت موقته جيڪي ڪم پنهنجي ذمي کنيا هئا، انهن ۾ غيرملڪي طاقتن سان خط و ڪتابت ڪرڻ به شامل هو. تنهن ڪري سفارتون ترتيب ڏنيون ويون. محمد ميان (پنهنجي خط ۾) اهميت سان ٻڌايو ته هن خاص ڪم ۾ شاگردن ڪهڙو حصو ورتو.
[b]روسي ترڪستان ڏانهن مشن جي روانگي
[/b] اپريل 1916ع ۾ خوشي محمد ۽ ڊاڪٽر مٿرا سنگهه کي، جنهن کي ويجهڙائي ۾ لاهور سازش مقدمي ۾ موت جي سزا جو حڪم ٻڌايو ويو آهي، تنهن کي عبيدالله، مهندر پرتاب، برڪت الله، سردار نصرالله خان ۽ حاجي عبدالرزاق هدايت ڪئي ۽ پئسا ۽ دستاويز مهيا ڪيا ۽ روسي ترڪستان ۾ تاشقند ۽ سمرقند ۾ روسي آفيسرن ڏانهن روانو ڪيو. هي ٻئي شخص ويا ۽ سلامتيءَ سان واپس آيا. روس جي حڪومت برطانيه کي اطلاع ڏئي ڇڏيو ته هڪ اهڙو وفد آيو ۽ هن وفد جيڪي ڪاغذ آندا هئا، اهي به موڪلي ڇڏيا. هي ڪاغذ شايد حڪومت هند وٽ آهن.
[b]ترڪي ۽ جرمني ڏانهن مشن
[/b] 66- مئي 1916ع ۾ عبدالباري ۽ شجاع الله جو مولوي عبيدالله قسطنطنيه ۽ برلن کي سفارتون موڪلڻ جي لاءِ چونڊ ڪئي. عبيدالله، برڪت الله ۽ مهندر پرتاب جي موجودگي ۾ انهن کي پئسا ۽ ڪاغذ ڏنا ويا. هي ماڻهو پنهنجي سفر تي روانا ٿيا، پر بعد ۾ روسين انهن کي ايران ۾ گرفتار ڪري ورتو ۽ حراست ۾ هندستان موڪلي ڇڏيو.
ايتري عرصي ۾ مولوي فضل محمود، فضل ربي، عبدالعزيز ۽ سيف الرحمان موقعي ملڻ تي ڪابل ويندا ۽ عبيدالله سان گڏ رهندا هئا، ان جي گهر ۾ هي ماڻهو مشورا ڪندا رهندا هئا.
[b]آزاد علائقي مان باغيانه لٽريچر جي اسڪيم
[/b] 67- جولاءِ 1916ع ۾ مولوي عبدالرحيم ڪابل کان محمد حسين، عبدالرشيد، شاهنواز، محمد علي سنڌي ۽ هڪ ٻئي مهاجر سان گڏ آزاد علائقي ڏانهن روانا ٿيا ته جيئن اتي باغيانه لٽريچر ڇاپڻ جي لاءِ هڪ پريس قائم ڪن. ان ڪم ۾ انهن جي حمايت شيخ ابراهيم ۽ محمد علي بي اي ڪئي، جنهن کي پرنس عنايت الله، حبيبھ ڪاليج مان هٽائي ڇڏيو هو. هي ٻئي برطانيه جا سخت مخالف هئا. خفيه طريقي سان قتل ڪرڻ جي منصوبي جي حمايت ڪندا هئا.
[b]برطانيه جي خلاف جنگ ڇيڙڻ جي لاءِ قبائلين ڏانهن خط
[/b] 68- مولوي عبدالرحيم پاڻ سان گڏ قبائلين جي لاءِ چار پنج هزار گوليون ۽ آزاد علائقي جي سڀني ملن ۽ خانن جي لاءِ خط کڻي ويو هو، جن ۾ انهن سڀني کي گڏ ٿي ڪري حڪومت برطانيه جي خلاف گڏيل جنگ ڪرڻ جي هدايت ڪئي ويئي هئي.
مولوي فضل محمود ان پارٽي جو ٻيو ميمبر هو، جيڪو انهن مان هڪ خط حاجي ترنگ زئي جي لاءِ کڻي ويو هو.
[b]محمد علي ۽ عبدالحق کي خط ڏئي هندستان موڪليو ويو
[/b] 69- ان وقت مولوي عبدالرحيم جي پارٽيءَ سان گڏ مولوي عبيدالله ٻن قاصدن (پنهنجي ڀائيٽي محمد علي ۽ شيخ عبدالحق) کي به هندستان روانو ڪيو ۽ خط هنن ٻنهي جي حوالي ڪيائين. هي ٻئي قاصد چمرقند ۾ عبدالرحيم جي پارٽيءَ کان فضل محمود جي رفاقت ۾ جدا ٿي ويا. اهي پشاور پهچي ڪري محمد اسلم عطار وٽ رهيا ۽ ان کي ڪجهه پيغام ڏنائون ۽ ٻئي ڏينهن پنجاب ڏانهن روانا ٿي ويا.
محمد علي، احمد چڪواليءَ سان ملاقات جي لاءِ لاهور ويو ۽ اتي هن جي ملاقات احمد عليءَ سان ٿي، جنهن کان هڪ ڏينهن پوءِ هو دهلي هليو ويو. محمد علي وٽ بندرابن جي ڪنهن شخص جي نالي هڪ خط هو، جنهن جو تعلق هڪ اسڪول سان هو، جنهن جي ذميواري ڪنور مهندر پرتاب سنڀاليندو هو ۽ جنهن جي لاءِ پئسن جو انتظام ڪرڻ جو چيو ويو هو.
[b]محمد علي مهندر پرتاب جي لاءِ سون کڻي واپس ٿيو
[/b] 70- محمد علي بندرابن پهتو. ٽن ڏينهن کان پوءِ مهندر پرتاب جي لاءِ سون جا ٽي ٽڪرا، ماليت هڪ هزار رپيا ۽ پنهنجي خرچ جي لاءِ ٻه سؤ رپين جون اشرفيون کڻي ڪري واپس آيو. محمد علي واپسيءَ کان اڳ پاڻي پت ۾ حمدالله سان به ملاقات ڪئي ته جيئن محمد ميان جي گهر وارن جي خيريت معلوم ڪري سگهي. هندستان مان روانو ٿيڻ کان اڳ محمد علي مولوي احمد چڪواليءَ کي لاهور ۾ خط لکيو
[b]عبدالحق ۽ ريشمي خط
[/b] 71- پر عبدالحق کي، جنهن جو ڪم گهڻو اهم هو، ٻين حالتن سان منهن ڏيڻو پيو. هن وٽ ٽي نهايت خاص خط هئا، جيڪي ريشمي ڪپڙي تي لکيل هئا ۽ شيخ عبدالرحيم سنڌيءَ کي پهچائڻا هئا. ان وٽ ٻيا خط به هئا، جيڪي شيخ عبدالرحيم سنڌ ۾ پهچائڻ لاءِ ڏنا هئا. هن اهي گهٽ اهميت وارا خط، مولوي عبدالحق کي ڏئي ڇڏيا هئا، پر ٻيا خط پاڻ وٽ رکيا هئا، هي ڪم ڪرڻ کان پوءِ عبدالحق پنهنجي پراڻي مربي خانبهادر ربنواز خان سان ملڻ ويو، جيڪو شاهنواز ۽ الله نواز جو پيءُ آهي. ان شخص هن تي ايترو اثر وڌو جو ان کي ريشمي خط ڏيکارڻ تي آماده ڪري ورتائين. هن هي خط پنهنجي قبضي ۾ ڪري ڇڏيا ۽ انهن کي ۽ عبدالحق کي فوراً ڪمشنر ملتان ڊويزن جي سامهون پيش ڪري ڇڏيو.
هي هٿ اکري خط مولوي عبيدالله ۽ مولوي محمد ميان پنهنجي جنرل مولانا محمود حسن ڏانهن لکيا آهن، جيڪي ان کي مديني ۾ شيخ عبدالرحيم سنڌيءَ جي ذريعي موڪلڻا هئا.
[b]هندستاني حاڪمن کي اڳ ۾ ئي اطلاع هو
[/b] 72- انهن خطن جي هندستاني حاڪمن جي هٿن ۾ پهچڻ کان گهڻو اڳ انهن کي عبيدالله جي انقلابي نوعيت جي سرگرمين جي ۽ مولانا محمود حسن جي هندستان کان هن مقصد جي لاءِ روانگي جي ڄاڻ هئي ته هو حجاز مان حڪومت برطانيه جي خلاف مخالفت ۽ غداري پکيڙي.
درحقيقت سيپٽمبر 1915ع ۾ به مولانا کي به (جڏهن هو عرب ڏانهن وڃڻ جي لاءِ سامونڊي سفر ڪري رهيو هو) روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي هئي، پر هي هدايتون ان وقت عدن پهتيون، جڏهن ته جهاز ان بندرگاهه کان گذري چڪو هو.
[b]عبدالحق سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو
[/b] 73-ريشمي خطن ۾ جيڪي تفصيل ڏنا ويا هئا، اهي انهن اطلاعن تي بلڪل پورا لٿا، جيڪي سي آءِ ڊي جي ڊائريڪٽر کي مليا هئا. پوءِ قاصد عبدالحق کي آماده ڪيو ويو ته هو سازش سان پنهنجي تعلق جي باري ۾ مڪمل بيان ڏئي ۽ سازش جي باري ۾ جيڪي ڳالهيون کيس معلوم آهن، سڀئي بيان ڪري.
[b]احمد علي، ابو محمد احمد ۽ عبدالله جا بيان
[/b] 74- ان عرصي ۾ ڪن جاين تي ڊفينس آف آنڊيا ايڪٽ جي تحت تلاشيون ورتيون ويون ۽ گرفتاريون عمل ۾ آيون. گرفتار ٿيلن کان پڇاڳاڇا ڪئي ويئي ۽ مولوي احمد علي، عبدالله ۽ ابومحمد احمد عرف احمد چڪواليءَ پوليس جي سامهون بناوقفي بيان ڏئي ڇڏيا، جن مان هو پاڻ به ڏوهي پئي ٿيا ۽ سازش جي وڌيڪ تفصيلن جو انڪشاف پئي ٿيو.
[b]يوپي ۾ سازشين ۽ گواهن کان پڇاڳاڇا
[/b] 75- ڇو ته هي سازش ديوبند مان شروع ٿي هئي، تنهن ڪري جانچ پڙتال جي ذميواري جو ٻوجهه يوپي سي آءِ ڊي تي هو. تنهن ڪري يوپي ۾ سازشين ۽ گواهن جي وڏي تعداد کان پڇاڳاڇا ڪئي ويئي ۽ انهن جا بيان ورتا ويا، جنهن ۾ سازشين مان مولوي مرتضيٰ، هادي حسن، محمد مبين ۽ مسعود جا بيان ۽ گواهن ۾ مظهرالدين ۽ محمد جليل جا بيان وڌيڪ اهميت جوڳا آهن.
اسان جي دلچسپيءَ جا ٻيا بيان يوپي جي ماڻهن مان مطلوب الرحمان، محمد مسعود، قاضي محي الدين، ظهور محمد، انيس احمد ۽ محمد سهول جا ۽ پنجاب جي ماڻهن مان حمدالله، عبدالباري ۽ شجاع الله جا بيان آهن.
انهن تلاشين مان ڪيس جي سلسلي ۾ اهميت واري ڪا به ڳالهه معلوم نه ٿي. اپريل 1916ع ۾ فضل الحسن وٽان تلاشي ورتي ويئي، جنهن مان ڪجهه اهڙا خط مليا، جن مان هن ڳالهه جي تائيد ٿئي ٿي ته هو ڪابل ۾ سازشين سان وڃي شامل ٿيڻ چاهي پيو.
[b]مولانا (محمود حسن) ۽ ان جي پارٽيءَ کي حجاز مان ٻاهر ڪڍڻ ۽ برطانوي گورنمينٽ جي طرفان نظربندي
[/b] 76- مولانا ۽ سندس پارٽي کي، جيڪا حجاز ۾ هئي، هن ڳالهه جو يقين نه هو ته مڪي وارو شريف ترڪن جي تابعداري کان نڪري ويندو. هن واقعي مان انهن جي منصوبي ۾ ڪجهه ڳڙٻڙ ٿي پيئي. هو ان وقت ڇرڪجي پيا، جڏهن مڪي جي شريف حضرت مولانا (محمود حسن) مولوي حسين احمد مدني، مولوي عزيز گل، وحيد احمد ۽ ٻين ٻن شخصن کي ان بنياد تي گرفتار ڪري ورتو ته هو ان جي حڪومت جي خلاف سازش ڪري رهيا آهن. ان ڳالهه جي تائيد ته مولانا ايئن ڪيو، اسان کي هادي حسن ۽ شاهه بخش جي بيانن مان ملي ٿي.
[b]ڇپيل مواد جي ذريعي انقلابي پروپئگنڊا
[/b] 77- جيئن ته انهن مان ڪن ڪتابن ۽ دستاويزن جو ذڪر هن بيان ۾ ايندو، پر هي مناسب ٿيندو ته اشتعال ڦهلائيندڙ لٽريچر جي ذريعي هندستان ۾ انقلاب جو رستو صاف ڪرڻ ۽ سرحدپار شورش پکيڙڻ جي لاءِ سازشين جي تيارين جي خاص خاص ڳالهين کي بيان ڪيو وڃي.
[b]قرآن جي تعليم ۽ قرآن جي چاٻي
[/b] (الف) انيس احمد جو لکيل اردو ڪتاب ”تعليم قرآن“ ۽ ”ڪليدي قرآن“ (قرآن جي چاٻي) ۾ صاف لفظن ۾ هند جي مسلمانن کي هدايت ڪئي ويئي آهي ته انهن تي هن وقت به جهاد ايترو ئي فرض آهي، جيترو رسول الله ﷺ جن جي شروعاتي زماني جي پيروڪارن تي فرض هو.
[b]الخواطر في الاسلام
[/b] (ب) ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته جڏهن ترڪي برطانيه سان جنگ ڪري رهيو هو ته، ابوالڪلام آزاد ڪهڙي نيت سان ڪتاب ”الخواطر الاسلام“ جو ترجمو ڇاپڻ جو تياريون ڪيون ۽ پوءِ ان جي اشاعت شروع ڪئي، جنهن سان مسلمان پرهندڙن جا غيرمسلمانن جي خلاف عام طرح ۽ برطانيه جي خلاف خاص طرح جذبا ڀڙڪڻ کان سواءِ نٿي رهي سگهيا ۽ بادشاهه معظم جي دشمنن ۽ ترڪن سان همدرديءَ جو جذبو جاڳڻ کان سواءِ نٿي رهي سگهيو.
[b]الهلال
[/b] (ج) مولوي ابوالڪلام آزاد ”الهلال“ اخبار کي جهاد جي موضوع تي پنهنجي انقلابي تعليم جي تبليغ جي لاءِ استعمال ڪيو ۽ جڏهن پريس ايڪٽ جي تحت حڪومت جي ڪارروائي سان الهلال بند ٿي ويو ته هن ڪلڪتي مان ٻئي اخبار ”البلاغ“ ان مقصد جي لاءِ جاري ڪئي. ضميمي ۾ الهلال جا ڪجهه اقتباس (ٽڪرا) ۽ ان خبار جي باري ۾ هڪ يادداشت شامل آهي.
[b]شيخ الاسلام جي فتويٰ
[/b] (ر) شيخ الاسلام (ترڪيءَ) جي ”فتويٰ جهاد“ جنهن ۾ جهاد کي فرض چيو ويو آهي، جنهن جون فوٽو ڪاپيون ڪابل مان عبدالله جي ذريعي هندستان موڪليون ويون.
[b]مولوي اسماعيل دهلويءَ جي فتويٰ جهاد
[/b] (ه) هندستان مان روانو ٿيڻ کان اڳ مولانا (محمود حسن) رياست ٽونڪ مان مولانا محمد اسماعيل شهيد دهلويءَ جي فتويٰ جهاد جي مجموعي جو نقل حاصل ڪيو ۽ مولوي مبين کي ان جو هڪ نقل پنهنجي (يعني مولانا جي) لاءِ پاڻ سان گڏ کڻي وڃڻ لاءِ چيو، جيڪا مولانا نورالحسن وٽ ڇڏي ڏني هئائين. ڇو ته ان کي ساڻ کڻي وڃڻ ان جي لاءِ خطرناڪ هو. قابل اعتراض حصن کي ختم ڪرڻ کان پوءِ، ان ڪتاب جو هڪ ايڊيشن پنجاب ۾ ڇپيو آهي.
[b]دارالحرب جي باري ۾ شاهه عبدالعزيز دهلويءَ جي فتويٰ
[/b] (و) جڏهن مولانا مديني ۾ هو ته ان سيد هادي حسن کي هي ڪم حوالي ڪيو ته شاهه عبدالعزيز محدث دهلوي (مولانا محمد اسماعيل جو ڀاءُ) جي فتويٰ کي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هندستان دارالحرب آهي، ان جي لاءِ حاصل ڪري ان جون فوٽو ڪاپيون تيار ڪرايو.
[b]غالب نامه
[/b](ز) مولانا مڪي ۾ غالب پاشا کان ٽن زبانن ۾ لکيل هڪ فرمان حاصل ڪيو، جنهن کي ”غالب نامه“ چيو ويندو آهي، جيڪو ان مولانا محمد ميان جي هٿان هندستان ۽ سرحدپار ڏانهن روانو ڪيو هو.
[b]انور بَي، جمال پاشا ۽ غالب پاشا جا فرمان
[/b] (ج) مولانا مديني ۾ انور پاشا ۽ جمال پاشا کان به فرمان حاصل ڪيا ۽ حاجي شاهه بخش ۽ هادي حسن جي هٿان هندستان موڪليا ته جيئن نورالحسن کي ڏنا وڃن.
(ط) مولانا حجاز ۾ اهڙا ڪاغذ حاصل ڪري، انهن کي حاجي شاهه بخش جي هٿان هندستان موڪليا، جن ۾ هندستاني مسلمانن تي واضح ڪيو ويو هو ته مڪي وارو شريف غاصب آهي ۽ ان کي موجوده عهدي تان هٽائي ڇڏڻ گهرجي.
[b]اڃا باقائدي تحقيق نه ٿي آهي
[/b]
78- اڃا تائين فوجداري ڪيس قائم نه ڪيو ويو آهي، ان ڪري باضابطي تحقيق به اڃا تائين نه ٿي آهي ۽ ڪجهه اهڙا نڪتا باقي آهن، جن جي شهادتن ذريعي وڌيڪ تصديق حاصل ڪرڻ ضروري آهي.
[b]مليل شهادتون
[/b] 79- موجوده حالت ۾ ڪيس جو بنياد هي ڳالهيون آهن:
(الف) ٻن وڏن سازشين جا هٿ اکري خط، جن ۾ تفصيل سان گڏ بيان ڪيو ويو آهي ته سازشين هندستان ۾ ۽ سرحدپار ڇا ڪجهه ڪيو آهي ۽ آئنده ڇا ڪجهه ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا.
(ب) ستن سازشين عبدالحق، مرتضيٰ، مبين، احمد علي، عبدالله، هادي حسن ۽ مسعود جا بيان جيڪي ڏوهه مڃڻ جي حدتائين پهچي وڃن ٿا، انهن کي سلطاني گواهه بڻايو ويندو.
(ج) چند شاهدن جا بيان.
(ر) ڪجهه دستاويزي شاهديون
(ه) سازش جا ڪجهه اهڙا بيان ڪيل واقعا، جنهن جي تائيد سي آءِ ڊي ۽ پوليس جي موجوده رڪارڊن مان ٿئي ٿي.
ڪيس جي سمورن اهم خلاصن سان لاڳاپيل انهن شاهدين ۾ هڪ جهڙائي آهي ۽ بيان، جن کي آزادانه طور تي هر ممڪن احتياط سان رڪارڊ ڪيو ويو آهي، انهن کي پوري اعتماد سان مڪمل طور تي حقيقي ۽ واقعي ڪنهن کي سيکارڻ پڙهائڻ کان سواءِ ڏنل بيان مڃي سگهجن ٿا، جيڪي شريڪ سازش يا قابل اعتماد شاهدن ڏنا آهن.
[b]شاهدن جا بيان مختلف وقتن جي باري ۾
[/b] 80- ڏوهه جي اقرارين جا بيان مختلف وقتن جي واقعن تي مشتمل آهن. مرتضيٰ، مولانا ۽ عبيدالله جا تعلقات ۽ عبيدالله ۽ ديوبند جا لاڳاپا ۽ مولانا جي جماعت جي هندستان مان روانگيءَ جي وقت تائين سڀني موقعن جي سرگرمين جو حال بيان ڪيو آهي.
هادي حسن اهي واقعا بيان ڪيا آهن، جيڪي مرتضيٰ جي واپسيءَ کان پوءِ مڪي ۽ مديني ۾ پيش آيا.
مسعود 1916ع ۾ مڪي ۾ مولانا (محمود حسن) سان ملاقات جون ڪيفيتون ۽ اهي واقعا بيان ڪيا آهن، جيڪي مولانا جي گهر ۾ ان جي واپسيءَ کان اڳ ۽ پوءِ پيش آيا.
مبين مولانا جي روانگيءَ کان فوراً اڳ سازشين جي بحث ۽ گفتگو، ان مقصد جي لاءِ پاڻ ان جي چندي گڏ ڪرڻ جي ڪم جو تفصيل ۽ ان جي ذريعي مولانا ۽ ابوالڪلام آزاد جي وچ ۾ جيڪا خط و ڪتابت ٿي ان جو احوال بيان ڪيو آهي. مولانا جي روانگيءَ کان پوءِ هندستان ۾ سازشين جي حرڪتن جو تفصيل به ان بيان ڪيو آهي.
احمد عليءَ نظارت المعارف القرآنيه جي تاريخ ۽ عبيدالله جي لکت ۽ سرگرمين جو تفصيل ۽ سرحدپار سازشين کان ملڻ وارن پيغامن ۽ خطن جو تفصيل بيان ڪيو آهي.
عبدالحق پنجابي مهاجر پارٽين جي وطن ڇڏڻ جو ۽ سرحد پار جي سازشين جي مجاهدن ۽ سرحدي قبائلين سان رابطي جو ۽ ڪابل ۾ ان جي سرگرمين جو احوال بيان ڪيو آهي.
عبدالله سنڌيءَ (لغاري مترجم) عبيدالله جي ڪابل ڏانهن هجرت، ڪابل جون حالتون ۽ واقعا ۽ عبيدالله جا خط کڻي ڪري پنهنجي هندستان ڏانهن واپسيءَ جو احوال بيان ڪيو آهي.
[b]ڪيس جو مذهبي پهلو
[/b] 81- فرياديءَ جي هيءَ درخواست هن قياس تي قائم آهي، جنهن جي تائيد موجوده ۽ گذريل نسل جي مسلمان علماء هند جي اعلان سان ٿئي ٿي ته مسلمانن کي انهن جو مذهب برطانيه جو دشمن ٿيڻ تي مجبور نٿو ڪري.
جڏهن سر وليم هنٽر هن راءِ کي شايع ڪيو هو ته، مسلمان مذهب جي روءِ سان ايئن ڪرڻ جا پابند آهن ته هندستاني مسلمانن بنا تاخير ان سان بي تعلقي جو اظهار ڪيو هو. غيرمسلمانن سان مسلمانن جي تعلقن جو تعين، خصوصيت سان ان لحاظ سان ٿئي ٿو ته، ڪو به غيرمسلم ملڪ يا حڪومت دارالاسلام آهي يا دارالحرب. مسٽر جسٽس عبدالرحيم پنهنجي ڪتاب ”مسلمانن جا قانون سازيءَ جا اصول“ ۾ (ص 397 تي) مستند ۽ مڃيل ماخذن جا حوالا ڏئي ڪري ڏيکاريو آهي ته هندستان کي دارالاسلام ئي سمجهڻ گهرجي.
شايد ان سلسلي ۾ سڀ کان وڌيڪ اهميت وارو فيصلو اها فتويٰ آهي. جيڪا سن(؟؟) ۾ مرحوم مولانا رشيد احمد گنگوهيءَ جاري ڪئي هئي. ڇو ته ان تي ٻين علمائن کان سواءِ مولانا محمود حسن جي به صحيح آهي ته مسلمان مذهبي طور تي پابند آهن ته، حڪومت برطانيه جا وفادار رهن، چاهي برطانيه ترڪيءَ جي بادشاهه سان ئي لڙائيءَ جي حالت ۾ ڇو نه هجي.
ترڪيءَ جي موجوده جنگ ۾ شامل ٿيڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ ئي، هي فتويٰ البشير ۾ ڇپي آهي. هن فتويٰ تي يقين ڪندي ۽ جيستائين جو حڪومت هند جي مسلمانن جي مذهبي آزاديءَ ۾ مداخلت ڪندي ملڪ کي دارالاسلام جي بجاءِ دارالحرب نه بڻائي. فريادي ڌر هي چئي سگهي ٿي ته جهاد ۽ جهاد جي لاءِ جذبو ڏيارڻ فرض ته پري رهيو، پر جائز به نه آهي، بلڪ حقيقت ۾ حرام آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو اهڙن خيالن جي همت افزائي ڪري ته اهو مملڪت جي خلاف اهڙي ڏوهه جو ڏوهاري ٿئي ٿو، جنهن لاءِ شرعي طور تي مڪلف هئڻ جو عذر به نٿو ڪري سگهجي.
ڪنهن غيرمسلم حڪومت جون اهي ڪارروايون، جيڪي ان حڪومت جي مسلمان رعيت کي ان سان وفاداريءَ جي ذميواريءَ کان آزاد ڪري ڇڏن ٿيون، ان جي ملڪيت ۾ صريحاً مداخلت، ان جي ٻارن کي غلام ڪري ڇڏڻ يا ايئن ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ يا اهڙا ئي ٻيا جابرانه قدم وغيره ٿي سگهن ٿا. پر ذميواري کان بي تعلقيءَ جو هي اعلان ڪنهن ذميوار مذهبي عهديدار جي طرف کان هئڻ گهرجي.
بلاشڪ ڪن ماڻهن اهڙا اعلان ڪيا آهن ته، هندستان دارالحرب آهي، پر جن ماڻهن هي اعلان ڪيا آهن انهن پاڻ باغي هئڻ جو اعتراف ڪيو آهي ۽ ڪو به ذميوار هندستاني مسلمان موجوده حالتن (وقت) ۾ اهڙي اعلان جي حمايت نه ڪندو.
مولانا خليل احمد به مولانا رشيد احمد جي فتويٰ تي صحيح ڪرڻ وارن ۾ شامل آهن. ان معاملي ۾ ان کان رايو ورتو ويو، انهن جيڪو رايو ڏنو ان جي وڏي اهميت آهي، پر ان جو قدر ان ڪري ڪجهه گهٽ آهي جو ان جي باري ۾ مشهور آهي ته آگسٽ 1915ع ۾ اهو پاڻ هجرت جي غرض سان هندستان مان هليو ويو هو. ان جا مريد ۽ شاگرد پئسا موڪلڻ وقت ان کي به مهاجر لکندا آهن.
تنهن هوندي به هيءَ هڪ حقيقت آهي ته 1913ع ۾ مولانا خليل احمد هجرت جي سلسلي ۾ فتويٰ ڏني هئي ته هندستان مان هجرت واجب (صحيح ۽ مناسب) نه آهي. هيءَ فتويٰ ”وڪيل“ (امرتسر) ۾ 14 جون 1913ع تي ڇپي هئي.
[b]سازشين جي خلاف ڪارروائي جي تجويز
[/b]
82- فرياد ۾ 59 سازشين جا نالا شامل ڪيا ويا آهن، انهن مان ٻه سازشي نمبر 7 ۽ 11، (ستون ۽ يارهون) وفات ڪري ويا آهن. ست سازشي 4، 8، 17، 30، 48، 50 ۽ 51 سلطاني شاهد ٿي ويا. ۽ 25 روپوش آهن.
روپوش ٿيلن مان هر هڪ ماڻهوءَ جي خلاف جيئن ته رڪارڊ موجود آهي، ان ڪري ضابطه فوجداري جي دفعي 512 جي تحت انهن سڀني جي خلاف جدا جدا 19، 59 شاهديون پيش ڪيون وينديون.
فرياديءَ جي تجويز آهي ته باقي بچيل ماڻهن مان 2، 3، 5، 6، 9، 13، 15، 16، 18، 20، 21، 24، 31، 32، 39، 40، 52، 55، 57 ۽ 59 جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
[b]سازشين جي خلاف ڪيس تي يادگيريون
[/b]
83- ته جيئن صوبي جي لاڳاپيل انتظاميه کي يقيني طور معلوم ٿي سگهي ته جن ماڻهن سان سندن واسطو پيو آهي، انهن جي خلاف شهادت جي نوعيت ڪهڙي آهي. اهڙيون يادگيريون تيار ڪيون ويون آهن، جنهن ۾ هر شخص جي خلاف انفرادي طور تي ڪيس ٺاهيو ويو آهي. هي يادگيريون رڳو 59 سازشين جي باري ۾ نه پر 13 ٻين ماڻهن جي باري ۾ به تيار ڪيون ويون آهن، جن جو جيتوڻيڪ سازش سان تعلق آهي، پر هي ماڻهو ايترا گهڻو ملوث نه آهن جو انهن کي به سازشين جي فهرست ۾ شامل ڪري سگهجي. انهن يادگيرين جو مجموعو، جيڪو الفابيٽ جي لحاظ کان مرتب ڪيو ويو آهي ۽ جنهن جي انڊيڪس به ٺاهي ويئي آهي، هن رپورٽ ۾ ضميمي جي طور تي (حصو ٽيون) شامل ڪيو ويو آهي.