باب پنجون ؛ ريشمي خط ۽ ٻيون لکتون
[b]ريشمي خط ۽ ٻيون لکتون
جن جي بنياد تي سازش جو ڪيس قائم ڪيو ويو[/b]
(1)
مولانا عبيدالله جو خط شيخ عبدالرحيم جي نالي(1)
9- رمضان ڏينهن سومر (2)
(ڪابل)
سلام ۽ دعا!
توهان هي امانت مدينه طيبه ۾ حضرت مولانا جي خدمت ۾ ڪنهن اعتماد واري حاجيءَ جي معرفت ضرور پهچائي ڇڏيو. هي اهڙو ڪم آهي جو ان جي لاءِ خاص طور تي سفر ڪرڻ ۾ به نقصان نه آهي. جيڪڏهن ماڻهو اعتماد وارو هجي ته زباني هي به چئي ڇڏجوس ته حضرت مولانا هتي اچڻ جي بلڪل ڪوشش نه ڪري ۽ جيڪڏهن منصور(3) هن حج تي نه اچي سگهي ته خيال ڪجو ته ان جو اچڻ ممڪن نه آهي. توهان ان کان پوءِ پاڻ مون وٽ اچڻ جي ڪوشش ڪجو، بلڪل ضرور اچجو. ان ڪري جو هتي نهايت ضروري ڪم آهن. جيڪڏهن خدانخواسته توهان کي ڪو اعتماد وارو حاجي نه ملي سگهي ۽ توهان پاڻ به نه وڃي سگهو ته، پوءِ مولوي احمدالله (4) رهندڙ پاڻي پٽ کان ان معاملي ۾ مدد وٺجو. هي نهايت ضروري آهي ته هن حج جي موقعي تي هي اطلاع حضرت مولانا وٽ پهچي وڃن ۽ اتان جو اطلاع ملي. اهو سڀ ڪجهه جيڪڏهن سڌوسنئون نه ٿي سگهي ته مولوي احمد لاهوري (5) جي معرفت اسان کي ضرور ملڻ گهرجي.
[b]عبيدالله عفي عنه.
[/b]سمجهاڻيون
(1) شيخ عبدالرحيم جي لاءِ ڏسو ”ريشمي رومال تحريڪ اور سنڌ ڪي رجال ڪار“ (ريشمي رومال تحريڪ ۽ سنڌ جا سپوت)
(2) 9- رمضان مطابق 10 جولاءِ 1916ع
(3) مولوي منصور- مولانا محمد ميان انصاريءَ جو عرف آهي. هي نالو ان 1916ع ۾ پنهنجي شخصيت کي لڪائڻ جي لاءِ اختيار ڪيو هو. مولانا محمد ميان، مولوي عبدالله عرف ”پيرجي“ جو صاحبزادو ۽ تحريڪ شيخ الهند جي نهايت خاص ۽ ذميوار شخصيت هو. ان پنهنجو ڪم نهايت ذميواري ۽ هوشياريءَ سان انجام ڏنو. غالب نامه به پاڻ ئي هندستان آندو هئائين. ٻيو ريشمي خط به ان جي ئي قلم مان آهي. هو خفيه تحريڪ جي گهرجن کي نهايت سٺي نموني سمجهندو هو. ان ڪري حالتن جي نزاڪت جي مطابق نالو ۽ ويس به مٽائي ڇڏيندو هو. ريشمي خط سازش ڪيس ۾ ڪيترين ئي جاين تي ۽ نهايت وضاحت سان ان جو ذڪر آيو آهي. سڀ کان پهريائين ڪيس ۾ مدعا عليهم (ملزمن) جي فهرست ۾ اٺيتاليهن نمبر تي نالو ۽ ولديت آهي. هتي ان کي ”سلطاني گواه“ ٻڌايو ويو آهي، پر هي صحيح نه آهي، ڇو ته هو گرفتار ئي نه ٿيو هو. تنهن ڪري هن جي گواه يا سلطاني گواه ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. ڪيس جي ٻين پهلوئن مان به اها ڳالهه ثابت ٿي وڃي ٿي. ان کان سواءِ دعويٰ جي پئرانمبر 46 ۾ غالب نامي کي ڪسٽم آفيسرن کان بچائي ڪڍي وڃڻ جو بيان آهي ته بمبئي پهچڻ کان بعد هو ڪسٽم آفيسرن کان غالب نامي کي بچائي ڪڍي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ان کان پوءِ پئرا نمبر 47 ۾ بمبئي ۾ تحريڪ جي ڪجهه ميمبرن سان ملاقات ۽ رانديرجي سفر جو تذڪرو هيٺين لفظن ۾ آيو آهي:
”بمبئي ۾ مرتضيٰ، محمد ميان ۽ احمد ميان سان مولوي ظهور محمد ۽ راندير جي مولوي محمد حسين ملاقات ڪئي ۽ مولوي محمد حسين کيس راندير وٺي ويو، راندير ۾ ڏس پتا ٻڌايا ويا، پر ڪو به چندو گڏ نه ڪيو ويو. ارادو هي هو ته مولوي محمد مبين، جيڪو خطيب جي نالي سان مشهور آهي پئسه گڏ ڪرڻ جي لاءِ راندير وڃي.“
پئرا نمبر 48 ۾ راندير کان ڀوپال ۽ اتان کان اتر هند تائين جي سفر جو ذڪر آهي:
”راندير کان محمد ميان ۽ مرتضيٰ ڀوپال ويا ۽ اتي انهن مولوي محي الدين قاضي ڀوپال سان ملاقات ڪئي، جنهن انهن کان انهن سڀني واقعن جي باري ۾ پڇا ڪئي، جيڪي مطلوب الرحمان جي حجاز جي واپسيءَ کان پوءِ پيش آيا هئا ۽ چيو ته مطلوب الرحمان جيڪو ڪجهه ڄاڻندو هو، اهو سڀ ڪجهه ٻڌائي چڪو آهي. محمد ميان قاضي سان جيڪي ملاقاتون ڪيون انهن ۾ مرتضيٰ موجود نه هو. محمد ميان ڀوپال کان اتر هند پهتو ۽ سازش جي ٻين سرگرم ميمبرن، احمدالله ۽ محمد مبين سان ملاقاتون ڪيون. انهن جي وچ ۾ خفيه مشورا ٿيا جن ۾ ظهور محمد به شريڪ ٿيو.“
ڪيس جي پئرا نمبر 52، 53 به محمد ميان جي باري ۾ آهن. 52 کان عليڳڙهه ۽ ڪلڪتي جي سفرن ۽ مولانا حسرت موهاني ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد سان ملاقاتن جي روئداد تي روشني پوي ٿي. روئداد هيءَ آهي:
”محمد ميان گهٽ ۾ گهٽ ٻه دفعا مولوي فضل الحسن (حسرت موهاني) سان عليڳڙهه ۾ ملاقات ڪئي ۽ پوءِ ڪلڪتي وڃي ڪري مولوي ابوالڪلام آزاد سان مليو. ان وقت مولانا ابوالڪلام آزاد پنهنجو سامان ٻڌڻ ۾ مشغول هو ته جيئن رانچي وڃي سگهي. ڇو ته حڪومت جي حڪم سان ان کي رانچي ۾ نظربند ڪيو پئي ويو. جڏهن محمد ميان فرنٽيئر وڃي رهيو هو ته ان سهارنپور جي اسٽيشن تي، جنهن وقت ظهور ۽ مبين سان گڏ هو، ٻڌو ته فضل الحسن کي عليڳڙهه ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح هن کي خبر پئجي ويئي ته هي ٻئي ڪم جاري رکڻ جي لائق نه رهيا آهن.“
هن پئرا جي شروعاتي جملن مان اندازو ٿي وڃي ٿو ته مولانا ابوالڪلام آزاد سان ڪلڪتي ۾ محمد ميان جي ملاقات 28 مارچ 1916ع تي، نڪري وڃڻ جي حڪم کان پوءِ ٻه چار ڏينهن جي اندر ٿي هوندي. ان ڪري جو 4 اپريل جي رات تي مولانا ڪلڪتو ڇڏي ڏنو هو ۽ جيئن ته بهار ئي هڪ اهڙو صوبو هو، جتي هو وڃي سگهي پيو. بمبئي، يوپي ۽ پنجاب جون حڪومتون اڳ ۾ ئي پنهنجي صوبن ۾ ان جي داخلا تي پابندي لڳائي چڪيون هيون. ان ڪري هو رانچي هليو ويو ۽ اتي ئي ان کي بعد ۾ نظربند ڪيو ويو هو.
پئرا نمبر 53 ۾ سرحد ويندي لاهور ۾ تحريڪ جي ڪن ميمبرن سان ملاقات جو ذڪر آيو آهي.
”مولوي محمد ميان سرحد ڏانهن ويندي لاهور ۾ مولوي (ابو محمد) احمد چڪواليءَ سان مليو ۽ ان اميد ۾ ان سان ڪجهه ڪلاڪ ترسيو ته مولوي احمد عليءَ سان ملاقات ٿي وڃي. جنهن جي باري ۾ ان ٻڌيو هو ته خانپور ويو آهي. ان کان پوءِ اپريل 1916ع جي آخر ۾ ان سرحد پار ڪري ورتي ۽ پنهنجي بيان جي مطابق (يعني جيئن ته ريشمي خط ۾ ذڪر ٿيل آهي) غالب نامه قبائلين کي ڏيکاريو.“
ان کان پوءِ سازش ڪيس جي شخصيتن جي سلسلي ۾ محمد ميان تي جيڪو نوٽ آهي، ان مان نه رڳو تحريڪ سان ان جي تعلق ۽ ڪارگذارين تي روشني پوي ٿي، پر ان ۾ ان جي سوانح حيات به مرتب ٿي ويئي آهي. نوٽ هي آهي:
”جنود ربانيه جي فهرست ۾ ليفٽيننٽ جنرل آهي. تشريحي ريشمي خط (يعني ريشمي خط نمبر 1 جيڪو مولانا سنڌي جي قلم مان آهي) بنام شيخ عبدالرحيم حيدرآباد (سنڌ) ۾ ان جو ذڪر آيل آهي. مولوي محمد ميان، مولوي عبدالله، پروفيسر دينيات ايم اي او ڪاليج عليڳڙهه جو پٽ ۽ شمس العلماءَ حافظ (محمد) احمد پرنسپل مدرسه ديوبند جو ڀاڻيجو آهي، هو انبيٺه ضلع سهارنپور جو رهاڪو آهي. ان ديوبند ۾ تعليم ورتي آهي. جڏهن مولوي ابومحمد احمد جمعيت الانصار جو نائب ناظم هو. تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ ڪجهه عرصي تائين نگينه ۾ ملازم رهيو. بعد ۾ دارالعلوم ديوبند ۾ ملازم رکيو ويو، جتي هو مولانا محمود حسن جو مريد ٿي ويو. ان سان هن جي گهري وابستگي هئي. هو سازش جو هڪ خاص رڪن آهي. ديوبند ۾ خفيه جلسن ۾ شامل ٿيندو رهندو هو. سيپٽمبر 1915ع ۾ مولانا محمود حسن سان گڏ حجاز ڏانهن ويو. جماعت جي خزانچي جي طور تي ڪم ڪيائين. اپريل (صحيح فيبروري) 1916ع ۾ غالب نامه ساڻ کڻي ڪري واپس آيو، جيڪو هندستان ۾ آزاد علائقي ۾ سازشين کي ڏيکارڻ کان پوءِ هو ڪابل کڻي ويو جتي هو جون 1916ع تي پهتو. اڃا تائين هو عبيدالله وغيره سان گڏ ڪابل ۾ آهي. شايد مولانا جي نالي خط ان ئي لکيو آهي.“
(بلاشڪ هي خيال صحيح آهي).
جڏهن آگسٽ 1916ع ۾ ريشمي خط پڪڙيا ويا ۽ انقلابي منصوبي جو راز کلي پيو ته هندستان جي انگريز حڪومت، افغانستان جي حڪومت سان سخت احتجاج ڪيو، جنهنڪري مولانا محمد ميان کي ڪابل مان نڪرڻو پيو. ظاهر آهي ته هي واقعو سيپٽمبر جو هوندو. هو ياغستان هليو ويو ۽ هڪ عرصي تائين مجاهدن جي مرڪز اسمس ۾ رهيو. ايندڙ سال جيئن ته هن کي ڪابل مان نڪتي اٽڪل هڪ سال جو عرصو گذري چڪو هو، هن ياغستان ۽ ڪابل جي حالتن ۽ تحريڪ آزادي هند کي ڪامياب ڪرڻ جي لاءِ هڪ مفصل خط لکيو، جيڪو انور پاشا کي ڪجهه ٻين دستاويزن سان گڏ پهچائڻو هو. پر عجيب اتفاق آهي جو ان کي انهن دستاويزن کي حجاز رستي پهچائڻ جي لاءِ جيڪو ايلچي مليو، اهو سي آءِ ڊي جو ماڻهو هو. ايس سيڪريٽ ڊپارٽمنٽ جي طرفان جيڪو ٽيليگرام وائسراءِ فارن ڊپارٽمينٽ کي 23 سيپٽمبر 1917ع تي ڏنو ويو هو، ان جون شروعاتي سٽون هي آهن:
”سي آءِ ڊي جي هڪ ايجنٽ جي ذريعي وڌيڪ دستاويز اسان جي هٿ اچي ويا آهن، جنهن باجوڙ جي سازشين جو اعتماد حاصل ڪري ورتو هو ۽ حج ۽ زيارت جي بهاني، انور پاشا کي ڪجهه دستاويز پهچائڻ جي لاءِ پاڻ کي مقرر ڪرائي ورتو هو.“
انهن دستاويزن ۾ پهريون دستاويز ترڪيءَ جي بادشاهه جي خدمت ۾ حزب الله جي طرف کان هڪ عرضداشت آهي، جنهن تي حاجي صاحب رنگ زئي، بابڙا ملا ۽ مولوي فضل ربي ۽ مولوي عبدالعزيز جون صحيحون آهن ۽ مهرون به لڳل آهن. هي چارئي ماڻهو ترتيبوار صدر جمعيت حزب الله، صدر انصار جمعيت حزب الله ۽ آخري ٻئي جمعيت حزب الله جا ميمبر آهن. اسان هيءَ عرضداشت ضميمي ۾ شامل ڪري رهيا آهيون. ٻيو دستاويز ياغستان جي خانن ۽ عالمن جي عرضداشت آهي، جنهن تي بابڙا ملا، چئن باجوڙي ماڻهن ۽ مجاهدن جون صحيحون آهن. ٽيون دستاويز مولانا محمد ميان جو خط آهي، جيڪو ان انور پاشا جي نالي لکيو هو. ان ۾ افغانستان ۾ تحريڪ جي ناڪاميءَ جا سبب، ياغستان جي تفصيل وغيره جي باري ۾ اظهار خيال ڪيو آهي ۽ ڪجهه سفارشون پيش ڪيون آهن. ان سلسلي جو ٻيو دستاويز ”تحريڪ شيخ الهند“ ۾ شامل نه آهي ۽ محمد ميان جي خط جو فقط مفهوم ۽ ڪجهه حصو شامل آهي، نه ڪي سڄو خط. اسان هي حصو ضميمي ۾ شامل ڪري رهيا آهيون.
مولانا محمد ميان عرف محمد منصور انصاري جي باري ۾ ڪجهه خاص ڳالهيون رهجي ويون؛ جيئن ته انهن جو تعلق خاص تحريڪ ۽ ان جي سياسي خدمتن سان آهي. ان ڪري مختصراً ”نقش حيات“ ۽ ”علماءِ حق اورانڪي مجاهدانه ڪارنامي“ مان مرتب ڪيو وڃي ٿو. حضرت مولانا مدني فرمائي ٿو:
”دارالعلوم ديوبند مان تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ مختلف جاين تي تعليمي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو، دارالعلوم معينيه اجمير ۾ صدر مدرس جي حيثيت سان عرصي تائين ڪم ڪيائين. ان کان پوءِ حضرت شيخ الهند جي خدمت ۾ قرآن شريف جي ترجمي لاءِ مددگار طور مقرر ڪيو ويو. ان ئي زماني ۾ جمعيت انصار ۾ مولانا سنڌيءَ سان گڏ ڪم ڪيائين. حضرت شيخ الهند کيس پنهنجي مشن ۾ شامل ڪري ورتو هو. مولانا محمد ميان نهايت مستقل مزاج، هوشيار طبع رازدارن ۽ قابل اعتماد هو. مشن جي ڪمن کي نهايت رازداريءَ سان سرانجام ڏنائون. سنگتين سازشين کين گهڻي ڪوشش سان ڇنڻ چاهيو، پر هي نه ڇڳو ۽ سدائين شيخ الهند سان ڳنڍيل رهيو. ان کي ڊيڄارڻ وارن خطرن سان منهن ڏيڻو پيو، پر هي پوءِ به ثابت قدم رهيو. حجاز جي سفر ۾ حضرت شيخ الهند سان گڏ هو ۽ مڪي شريف ۾ گورنر حجاز، غالب پاشا سان ملاقات هدايتون ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ کان پوءِ حضرت شيخ الهند ان کي هندستان واپس موڪليو ۽ ان ڪم تي مقرر ڪيو ته هو هندستان وڃي غالب پاشا جي هدايتن موجب خدمتون سرانجام ڏئي.“
جيئن ته ريشمي خط سازش ڪيس جي حوالي سان گذري چڪو آهي ته ان هن ذميواريءَ کي خيرخوبيءَ سان سرانجام ڏنو ۽ هندستان ۾ ان ڪم مان واندو ٿي ڪري ياغستان ويو ۽ پوءِ اتان ڪابل هليو ويو. ڪابل مان ان کي نڪرڻو پيو ته وري ياغستان پهتو. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته، هو وري هندستان موٽيو. هي اهو زمانو هو جو تحريڪ شيخ الهند سان تعلق جي شعبي ۾ به گرفتاريون به ٿي رهيون هيون. حضرت مولانا مدني رحه جي چوڻ مطابق:
”مخالفن ان کي گرفتار ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان کي خبر به پئجي ويئي. تنهن ڪري هن ويس مٽائي ان تحريڪ بابت ضروري ڪم سرانجام ڏنا ۽ ڪارڪنن کي هدايتون ڏنيون. سي آءِ ڊي ان کي گرفتار ڪرڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي، پر هي انهن جي هٿ نه اچي سگهيو. گهرواري ۽ ٻن ٻارن کي وطن ۾ ڇڏي پاڻ روپوش ٿي ياغستان هليو ويو. ان زماني ۾ هن ويس مٽائڻ سان گڏ نالو به مٽائي محمد منصور انصاري اختيار ڪري ڇڏيو هو.“
ان زماني ۾ هو هڪ وڏي عرصي تائين ياغستان ۾ رهيو، امير حبيب الله جي قتل کان پوءِ امير امان الله خان اقتدار تي ويٺو ۽ هندستان جي انقلابين کي وري سياسي ڪم ڪرڻ جي آزادي ملي ته مولانا محمد ميان به ڪابل پهتو. سمرنا جي فتح کان پوءِ ان کي افغاني سفارت ۾ سردار محمد علي سان گڏ وزير مختار ڪري ترڪي موڪليو ويو. ان کان پوءِ ان کي ماسڪو ۾ افغاني سفارت جو مشير ڪيو ويو. افغانستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ ان کي شاهي قاصد جي عهدي تي به مقرر ڪيو ويو ۽ وزيرخارجه شرقي شعبي جي ماتحت سياسي خدمتون سرانجام ڏنيون. نومبر 1921ع کان پوءِ جڏهن انور پاشا بخارا ۾ آزاد ترڪي حڪومت جي قائم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ۽ روسي فوجن سان ڪيترائي معرڪا ۽ لڙايون ٿيون، جيڪي فوجن جي بي سرو ساماني (هٿين خالي) ۽ موسم جي ناموافقت جي بنياد تي ڪامياب نه ٿي سگهيون. پوءِ 15 آگسٽ 1924ع تي انور پاشا جي شهادت ان امڪان تي به پاڻي ڦيري ڇڏيو. مولانا محمد ميان انهن ڪوششن ۾ ڀرپور حصو روتو هو.
مولانا محمد ميان افغانستان ۾ ڪيترن ئي علمي سياسي عهدن تي رهيو ۽ پنهنجي بهترين صلاحيتن سان افغانستان جي مسلمان حڪومت کي مضبوط ۽ ترقيءَ جي راهن تي پهچائڻ ۾ حصو ورتو. ان دوران هن کي سخت تڪليفن سان منهن ڏيڻو پيو. هندستان، ياغستان، افغانستان، روس ۽ ترڪي جي سفرن ۾ سخت مشڪلاتن مان گذرڻو پيو. افغاني سفارت ۾ ترڪي ڏانهن ويندي روسي حدن ۾ گرفتار ٿي پيو ۽ ٽي مهينا روسي قيد ۾ رهيو. بچه سقه جي حڪومت جي زماني ۾ ان کي ڪابل مان ڪڍيو ويو هو، پر ان هي سڀ مصيبتون نهايت سهڻي نموني ۽ جوانمرديءَ سان برداشت ڪيون.
سياسي خدمتن سان گڏ هو پنهنجي فڪر جي ترتيب ۽ تاليف جي اهميت ۽ ضرورت کان به غافل نه رهيو ۽ ”حڪومت الاهي“، ”اساس انقلاب يا مراقبه نماز“، ”مجمل، بيعت، تابعيت يعني سورت فاتحه جو مجمل سياسي تفسير“، دستور ”امام“، ”انواع الدول“ وغيره، ان جون فڪرانگيز ديني سياسي تصنيفون آهن. قاري محمد طيب لکيو آهي ته مولانا ابوالڪلام آزاد فيصلو ڪيو هو ته هندستان جي آزاديءَ کان پوءِ ان کي وطن واپس گهرايو ويندو، پر تحريڪ شيخ الهند جي هي نادر شخصيت ۽ تحريڪ آزاديءَ جو هي بيباڪ سپاهي 11 جنوري 1947ع تي هن دنيا مان رحلت ڪري ويو ۽ پنهنجي جان الله جي حوالي ڪري ڇڏي.
مولانا حامدالانصاري غازي ”مدينه“ ”بجنور“ ۽ ”جمهوريت“ بمبئي جو سابق ايڊيٽر، جمعيت علماء صوبي بمبئي جو صدر، دارالعلوم ديوبند جي مجلس شوريٰ نالي ڪتاب جو مصنف ۽ برصغير جي مشهور صحافي ۽ علمي شخصيت سندس ئي نامور ۽ صالح فرزند آهن.
(4) احمدالله پاڻي پٽ ۾ محله ”مخدوم زادگان“ جو رهڻ وارو، حضرت شيخ الهند جو شاگرد ۽ تحريڪ شيخ الهند جي مشهور شخصيت هو. ريشمي خط سازش ڪيس ۾ ڪيترين ئي جاين تي ان جو ذڪر آيو آهي. هڪ جاءِ تي ان جي باري ۾ آيو آهي ته ”دارالعلوم ديوبند جو فارغ التحصيل ۽ مولوي محمود حسن جو پيارو شاگرد“ 21 سيپٽمبر 1916ع ۽ 21 سيپٽمبر جي وچين ڏينهن ۾ ان جي گرفتاري عمل ۾ آئي هوندي. وري ڪيس ۾ مدعا عليهم جي فهرست ۾ ٽيهين نمبر تي ان جو نالو آيو آهي ۽ گڏ ئي هيءَ وضاحت به آهي ته ڊفينس ايڪٽ جي تحت انجي چرپر کي پنجاب ۾ محدود ڪيو ويو آهي. وري ڪيس جي پئرا نمبر 50 ۾ ان تي هي الزام ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته هو سرحدپار سازشين سان خط و ڪتابت ڪندو رهندو هو ۽ ان وٽ سازش جا پئسا گڏ ٿيندا هئا، جيڪي مولانا محمود حسن جي قائم ڪيل انتظام جي مطابق انهن سازشين جي وارثن کي ڏنا ويندا هئا، جيڪي مولانا سان گڏ حجاز ويا هئا. ٻين سرحدپار جي مولوين کي به ان مان پئسا موڪليا ويندا هئا. ان سلسلي ۾ حضرت شيخ الهند ۽ مطلوب الرحمان جي گهروارن کي ۽ مولوي سيف الرحمان، مولوي فضل ربي ۽ حاجي صاحب ترنگ زئي جا نالا به ورتا ويا آهن، جن کي مولوي احمد الله پئسا موڪليندو هو ۽ سڀني کان آخر ۾ ريشمي خط سازش جي شخصن جي سلسلي ۾ احمدالله بابت هيٺيون نوٽ آهي:
”شيخ عبدالرحيم آف حيدرآباد سنڌ جي نالي عبيدالله جي تشريحي خط ۾ ٻين جنود ربانيه جي فهرست ۾ ليفٽيننٽ جنرل جي حيثيت سان هي نالو آيو آهي. والد جو نالو سراج الدين ذات شيخ، پاڻي پٽ ضلع ڪرنال جو رهڻ وارو آهي. شروعاتي تعليم پاڻي پٽ ۽ ڪانپور ۾ حاصل ڪئي. بعد ۾ ديوبند جي مدرسي ۾ داخل ٿيو، جتي هو اٽڪل ٽن سالن تائين رهيو. تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ ڪرنال ڇتاري رياست وغيره جاين تي 1912ع تائين رهيو. ان کان پوءِ قرآن جي ترجمي ڪرڻ ۾ مولانا محمود حسن جي مدد ڪرڻ جي لاءِ ديوبند جي مدرسي ۾ شامل ٿي ويو. هو مولانا (محمود حسن) جو پڪو مريد ٿي ويو ۽ مولوي عبيدالله، مولوي ابو محمد احمد، مولوي احمد علي وغيره جو شريڪ ٿي ويو، جن جي باري ۾ هاڻي خبر پيئي آهي ته اهي اتحاد اسلامي جي لاءِ جهاد جا وڏو مبلغ آهن. ان جنگ بلقان جي دوران ترڪيءَ جي مدد جي لاءِ هڪ هزار رپيا گڏ ڪيا هئا. ديوبند جي خفيه ميٽنگن ۾ شريڪ ٿيندو رهندو هو. بعد ۾ هو خورجه جي مدرسي اسلاميه ۾ استاد طور مقرر ٿي ويو. ان ذريعي سان هو ديوبند جي سفرن جا خرچ پورا ڪندو هو. ان جو ارادو مولانا محمود حسن سان گڏ حجاز وڃڻ جو هو، پر مولانا ان کي هدايت ڪئي ته هو هندستان ۾ رهي ۽ حجاز ڏانهن وڃڻ وارن سازشي ساٿين جي ڪٽنبن جي نگهباني ڪري ۽ سرحدپار جي پارٽيءَ کي پئسا موڪلي. ان کان سواءِ هندستان ۾ ڪم جي واڌاري کان مولانا کي خبردار رکي مولانا ۽ سرحدپار جي ماڻهن جي وچ ۾ خط و ڪتابت جي رابطي جو ڪم ڏئي. ان سڄي وقت ۾ هن مولانا جي نهايت وفادار ساٿيءَ وانگر خدمت ڪئي آهي. ان کي مولانا جو خاص ماڻهو چيو وڃي ٿو.
نومبر 1915ع ۾ يار محمد ڪابلي مجاهدن جي هڪ ايلچيءَ جي ذريعي ٻه سؤ ٽيهه رپيا روانا ڪيا. ڪابل کان مولانا عبيدالله سنڌيءَ جيڪي خط آندا هئا، انهن مان هڪ خط ۽ جهاد جون ٻه فتوائون ان ئي مولوي احمدالله جي لاءِ هيون. بلاشڪ محمود حسن، جڏهن هو هندستان ۾ هو، ان کي چندو گڏ ڪرڻ جي لاءِ ملازم رکيو هو. مولوي احمد الله هن وقت موگا ضلع فيروزپور ۾ آهي ۽ ان جي چرپر تي پابندي آهي.“
مولانا حسين احمد مدنيءَ ”نقش حيات“ ۾ مولوي احمدالله جا جيڪي حالات لکيا آهن، ان سان سازش ڪيس جي تقريباً سڀني پهلوئن جي تصديق ٿئي ٿي. پر ڪجهه وڌيڪ ڳالهيون آهن، جن جو مطالعو اهميت ۽ دلچسپيءَ کان خالي نه آهي. مولانا مدني رحه فرمائي ٿو:
”ان جي ايمانداري ۽ سچائيءَ تي حضرت رحه کي تمام گهڻو اعتماد هو. تحريڪ آزاديءَ جي شروعات کان هي حضرت جو ساٿي، همراز ۽ مشن جو جانباز ميمبر رهيو. ڪيترن وقتن تي حضرت جي ٽپال ان جي حوالي رهندي هئي. مهمانن جي گهڻائي ۽ ڪم جي واڌاري جي ڪري حضرت رحه خطن جا جواب نه ڏئي سگهندا هئا، ان ڪري هن جي حوالي ڪري ڇڏيندا هئا. جڏهن حجاز وڃڻ لڳا ته فروعي ڪم ڪار ۽ هيٺين ڪاررواين جو ناظم ان کي ڪيو ويو هو. ان وٽ مشن جي ميمبرن جو رجسٽر، چندو ڏيندڙن جو رجسٽر ۽ منصوبي بابت ٻين ڪاغذن جي ذميداري رکي ويا هئا، جن کي کڻي ڪري هي پاڻي پٽ هليو ويو هو ۽ اتان کان هي سڀئي ڪارروايون سرانجام ڏيندو هو. اصولي ۽ مٿانهين درجي ڪاررواين جو ناظم حضرت مولانا عبدالرحيم صاحب رائيپوريءَ کي ڪيو ويو هو. مشن جا سڀئي ڪم انهن ٻنهي صاحبن جي حوالي هئا. روزاني ذميداريون نهايت رازدارانه طور تي انجام ڏيندا هئا ۽ وڏن معاملن ۾ ضرورت مطابق رائيپور وڃي ڪري مولانا رائيپوري کان مشورو وٺي عمل ۾ آڻيندا هئا. جنهن وقت مولانا شيخ الهند گرفتار ٿيو ۽ ڪاغذ گورنمينٽ جي قبضي ۾ اچي ويا ۽ پڪڙ ڌڪڙ، پڇاڳاڇا ۽ تنقيد شروع ٿي، ته ان جي گهر تي به پوليس اچي پهتي، پر هي ڪنهن شبهي جي بنياد تي ڪجهه ڪلاڪ اڳ ۾ ئي سڀني رجسٽرن ۽ شڪ وارن ڪاغذن جي بنڊلن کي ٻئي جاءِ تي پهچائي چڪو هو. ان ڪري اهي رجسٽر ۽ ڪاغذ پوليس جي هٿ نه اچي سگهيا. ان کان گهڻي پڇا ڪئي ويئي پر هنن ڪنهن به ڳالهه جو اقرار نه ڪيو. ان تي هڪ مسلمان سي آءِ ڊي مقرر ڪيو ويو، جيڪو نهايت اخلاص ۽ عقيدت جو اظهار ڪندي ان جو مريد ٿيو ۽ خدمت ۾ رهي پيو. ذڪر اذڪار عمل ۾ آڻيندو رهيو، شريعت جي تابعداريءَ ۾ انتهائي سرگرمي ڏيکاريندو رهيو ۽ رات ڏينهن خدمتون انجام ڏيندو رهيو. مولانا کي هن تي اعتماد ۽ اعتبار ٿي ويو. ان آهستي آهستي سڀئي ڳالهيون پڇي ورتيون ۽ مشن جو ميمبر ٿي پيو. ان هن کي سڀئي راز جون ڳالهيون ٻڌائي ڇڏيون ۽ هو سڄي معلومات حاصل ڪرڻ کان پوءِ غائب ٿي ويو ۽ وڃي گورنمينٽ کي ٻڌائي ڇڏيائين. تنهن تي ان کي گرفتار ڪيو ويو، پر جيئن ته الزامن جو ثبوت گورنمينٽ وٽ نه هو ۽ نه هي اقرار ڪندو هو، ان ڪري ان کي پنجاب جي ڪن علائقن ۾ نظربند ڪيو ويو. هڪ عرصي کان پوءِ سي آءِ ڊي وارا مولانا احمد چڪوالي مرحوم کي وٺي آيا، جيڪو ان کان اڳ ۾ معافي وٺي ڪري آزاد ٿي چڪو هو. جيئن ته گورنمينٽ وٽ ڪيتريون ئي لکتون ۽ خط، راز ظاهر ڪرڻ جي ڪيترن ئي ذريعن سان پهچي چڪا هئا. مولانا احمد چڪوالي مرحوم انهن کي اهي ڏيکاريا ۽ اڪيلائي ۾ جيئن ته لڪي ڇپي آفيسر سي آءِ ڊي جا ويٺل هئا، انهن لکتن جي موجود هئڻ کان پوءِ وڌيڪ اقرار ۽ معافي جي درخواست کان سواءِ ڪو به چارو نه پيو رهي. هاڻي انڪار ڪا به معنيٰ نه پيو رکي. مون کي به اها ئي مجبوري پيش آئي هئي، توهان به اقرار ڪري وعدو ڪريو ته مان اڳتي ڪو به حصو نه وٺندس. تحريڪ ختم ٿي چڪي آهي. نيٺ هن به ان مشوري تي عمل ڪيو، ڇو ته هي هڪ دوست ۽ همراز جو مشورو هو، جيڪو قبول ڪرڻو پيو. ان جي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هن کي آزاد ڪيو ويو ۽ پاڻي پٽ ۾ واپس موٽايو ويو. اتي اچي ڪري قديم تعليمي مشغولين ۾ مصروف ٿي ويو ۽ آخر تائين ان ۾ مشغول رهيو. هندستان جي آزادي جي اعلان کان پوءِ ۽ هند جي ورهاست کان ڪجهه اڳ ۾ هيضه جي مرض ۾ پاڻي پٽ ۾ وفات ڪري ويو. رحمة الله تعاليٰ.“
آخري جملي مان اندازو ٿئي ٿو ته 3 جون ۽ 14 آگسٽ 1947ع جي وچئين عرصي ۾ ان وفات ڪئي هوندي.
(5) احمد لاهوري- هن جو سڄو نالو ابومحمد احمد هو، چڪوال جو رهڻ وارو هو. لاهور ۾ ڪجهه عرصي تائين رهيو هو، ان ڪري ريشمي خط سازش ڪيس ۾ ان کي ڪٿي لاهوري ۽ ڪٿي چڪوالي لکيو ويو آهي. حضرت شيخ الهند جي خاص شاگردن ۽ تحريڪ جي اهم ميمبرن مان هو. ريشمي خط سازش ڪيس ۾ ڪيترن ئي جاين تي ان جو احوال آيو آهي. تحريڪ جو راز ظاهر ٿيڻ کان پوءِ گرفتاريون شروع ٿيون ته 21 سيپٽمبر 1916ع کان اڳ ئي ان کي گرفتار ڪري روپڙ ضلعي انباله ۾ هن جي چرپر کي محدود ڪيو ويو هو. سازش ڪيس ۾ ان جو احوال تحريڪ جي نهايت خاص قابل اعتماد ميمبر جي حيثيت سان آيو آهي. لاهور ۾ هو تحريڪ جي مرڪزي شخصيت هو، ريشمي خط سازش ڪيس جي سلسلي ۾ ان تي جيڪو نوٽ آهي ان ۾ ٻڌايو ويو آهي:
”مولوي ابومحمد احمد آف لاهور، چڪوالي پٽ غلام حسين ذات اعواڻ رهندڙ چڪوال ضلع جهلم، گنگوهه ۽ ديوبند ۾ تعليم حاصل ڪيائين. ديوبند ۾ مولانا محمود حسن هن جو استاد هو، اتي عبيدالله سان هن جي ملاقات ٿي، اهو به ان وقت شاگرد هو. هو محمود حسن جو خلوص وارو مريد ٿي ويو. 1892ع ۾ صوفي مسجد ڪشميري بازار لاهور جو امام مقرر ٿيو ۽ 8 سيپٽمبر 1916ع ۾ پنهنجي گرفتاري تائين مقرر رهيو. ڪجهه عرصو ديوبند ۾ جمعيت الانصار جو نائب ناظم رهيو. مولوي احمد هندستان ۾ وهابي تحريڪ جو نهايت خاص ميمبر آهي. عبيدالله جو نهايت مخلص ۽ پرجوش ساٿي آهي. هندستاني معتصبن سان هن جو ويجهو رابطو هو، ڪيترائي دفعا اسمس وڃي چڪو آهي.“
ان کان پوءِ ڪجهه دفعات جي تحت انهن الزامن جي طرف اشارو ڪيو ويو آهي، جن جي ڪري ان جي گرفتاري عمل ۾ آئي هئي ۽ ان کي ڪيس ۾ مدعا عليه ٺاهيو ويو آهي. دفعات هي آهن:
”1- چندو گڏ ڪرڻ جي لاءِ پنجاب ۾ مجاهدن جو خاص ايجنٽ آهي. آزاد علائقي ۾ هندستاني انقلاب پسندن کي سرمايو مهيا ڪرڻ جي ڪم ۾ مولوي احمدالله جو خاص مددگار آهي. اسمس جي هندستاني متعصبن ۽ هندستان ۾ ان جي همدردن جي وچ ۾ رابطي جو ڪم ڪندو آهي. صوفي مسجد سرحد ڏانهن وڃڻ ۽ واپس اچڻ وارن نمائندن جي رهڻ جي ڪم ايندي آهي. قاضي ضياءُالدين ايم اي جو چاچو ۽ دهلي جي احمد علي جو سهرو آهي.
2- جهادي طالبن جي ڀڄڻ سان ان جو گهرو تعلق آهي.
3- شيخ عبدالرحيم جي نالي (عبيدالله جي) تشريحي خط ۾ جواب جي لاءِ ان کي ذريعو بنائڻ جو ذڪر آهي، جنود ربانيه جي فهرست ۾ ڪرنل آهي. اڄ ڪلهه روپڙ ضلعي انباله ۾ آهي، جتي ان جي چرپر تي پابندي آهي.“
مٿين سٽن ۾ دفعي 1 جي آخري جملن ۾ قاضي ضياءُالدين ۽ دهلي جي احمد علي جو نالو آيو آهي. قاضي صاحب هن تحريڪ جي هڪ مشهور شخصيت آهي ۽ دهلي جي احمد علي مان مراد مولانا احمد علي لاهوري آهي، جيڪو انهن ڏينهن ۾ دهلي جي نظارت المعارف القرآنيه ۾ ناظم ۽ مولانا عبيدالله سنڌي جو قائم مقام هو. مولانا حسين احمد مدني رحه ”نقش حيات“ ۾ ابو محمد احمد لاهوري جي باري ۾ لکيو آهي:
”حضرت شيخ الهند جي آزاديءَ جي تحريڪ جي پنجين برانچ، جيڪا پنجاب ۾ هئي، هي ان جو صدر هو. نهايت استقلال ۽ بيجگريءَ سان مشن جي ڪاروهنوار ۾ شريڪ رهيو ۽ هزارين ميمبر ۽ هم خيال ٺاهيائين.
ديوبند ۾ ان جي اچ وڃ ڪيترائي دفعا ٿي. وٺ پڪڙ وارن ڏينهن ۾ ان کي به گرفتار ڪري نظربند ڪيو ويو. شروعات ۾ ان تي ڪو به الزام ثابت نه ٿي سگهيو ۽ نه پاڻ اقرار ڪيائون، پر جڏهن ڪاغذ گورنمينٽ جي هٿ اچي ويا ۽ سي آءِ ڊي کيس اهي ڏيکاريا ته انهن جي ڳالهين ۾ اچي ڪري اقرار ڪرڻ ۽ آئنده سياست کان جدا رهڻ جو وعدو ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو. تنهن ڪري ان کي آزاد ڪيو ويو ۽ ان کي ئي مولانا احمدالله صاحب کان اقرار ڪرائڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ويو، ان کان پوءِ هن سياست ۾ ڪو به حصو نه ورتو. لاهور ۾ هڪ موٽر سان ٽڪرائجي زخمي ٿي پيو ۽ وفات ڪري ويو. رحمة الله تعاليٰ.“
ان جو صاحبزادو ڊاڪٽر عبدالقوي لقمان صاحب مشهور قومي ڪارڪن هيو ۽ سندس نياڻي مولانا احمد علي لاهوري جي گهرواري هئي.
(2)
مولانا محمد ميان جو خط حضرت مولانا محمود حسن جي نالي
از ڪابل
8- رمضان المبارڪ (1334هه) روز ابتدا (شروعاتي ڏينهن)
وسيله يومي وغدي (اڄ ۽ سڀاڻي جا وسيلا) حضرت مولانا صاحب مدظلهم العالي آداب و نياز مسنونه.
جدي کان پوءِ جو حال هي آهي.(1) بمبئي آرام سان ۽ بي خطره پهتس. بندر تي اسباب جي ڳولا ۾ خدمتگارن کان ڄاڻي واڻي درگذر ڪيو ويو. فلله الحمد، مولانا مرتضيٰ صاحب ڪم کي ناممڪن خيال ڪري ٿو، ان ڪري ان کي ڪم ۾ نه کنيو ويو.(2) مولوي ظهور صاحب(3) بمبئي استقبال لاءِ پهتو ۽ محمد حسين راندير کان.(4) راندير ۾ چندي جي تحريڪ فقط سيد صاحب جي مخالفت جي ڪري ناڪام رهي.(5) راندير خطيب مقرر ٿيڻو هو. (6) خبر نه آهي ته ڇا ٿيو، قاضي صاحب ڏسڻ کان پوءِ سرپرستي قبول فرمائي. جماعت تي اعتماد بحال رکي ڪري ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني. ان ڪم کي باضابطي ڪرڻ جي لاءِ هڪ سال لاءِ رخصت وٺڻ جو ارادو فرمائي رهيا آهن.(7) جماعت جا ٽئي ميمبر سر جي قرباني ڏئي رهيا آهن.(8) مطلوب الڳ ٿي ويو.(9) سيد نور سست(10) مولانا راءِ وارا متفق ۽ مددگار آهن. (11) حڪيم صاحب (12) پنجاهه روپيا ماهوار گهر تي وڃي ڪري پاڻ ڏيندا آهن ۽ وچ ۾ به هڪ ٻه دفعو ويندا رهندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڊاڪٽر صاحب به (13) حنيف کي(14) جماعت ڏهه رپيا کيسي خرچي ڏيندي آهي.(15) اهو گهر ۾ ئي آهي. مدرسي وارن ان سان ڪا به همدردي نه ڪئي. مدرسي جا مالڪ سرڪار جي خدمت ۾ لڳا پيا آهن.(16) نمائش جي درٻار ۾ شرڪت جو فخر به حاصل ٿيڻ لڳو. (17)
امير شاهه(18) مولانا عبدالرحيم صاحب جي دستي ذاتي ڪم لاءِ پيو آهي. مولانا مدرسي کان ڊنل آهن پر خدمتگارن جي صفائي فرمائيندا رهندا آهن، مولوي رامپوريءَ (19) به تائيد کان ڪنارو ڪيو، مسعود (20) به شڪار ٿي ويو.
بندو (21) حسرت (22) ۽ آزاد (23) سان مليو، ٻئي بيڪار ٿي چڪا آهن. جيئن ته بندي جو واپس ٿيڻ حضور تائين ممڪن نه هو، ان ڪري اڳتي وڌيس.(24) غالب نامه (25) هندستاني دوستن(26) کي ڏيکاري ياغستان (27) وارن وٽ آندم حاجي صاحب به هاڻي مهمند ۾ آهي. (28)
مهاجرن مهمند باجوڙ، سوات بنير وغيره علائقن ۾ باهه ٻاري ڏني آهي، انهن علائقن ۾ غالب نامه جي اشاعت جو خاص اثر ٿيو، ان ڪري ضروري آهي ته غالب جي وعدي مطابق مصالحت جي وقت ياغستان جي خدمت جو خيال رکيو وڃي.(29) هندستاني جماعت جي ڪمزوريءَ ڪري مهاجرن کي ڪافي امداد پهچي نه سگهي.(30) بندو ياغستان ۽ مولانا سيف جماعت مان الڳ ٿي ڪري هتي رهيو آهي.(32) ان جي لاءِ دولت جي طرفان ڪم جي تجويز ٿي رهي آهي. وفد جا ميمبر(33) فضلين ۽ عبدالعزيز آهن.(34) مولانا الناظم(35) جي توجه ۽ حاجي عبدالرازق صاحب (36) جي عنايت سان وفد کي دربار نصرالله (37) ۾ پهچ (اثر و رسوخ) جي شروعاتي ڪاميابي به ٿي. بندو انهن کان الڳ حاضر ٿيو. حضور جي اثر هيٺ ڪم ۽ ان جي اصول جو تفصيل ڪيو ويو. خاص قبوليت ٿي الحمدالله ۽ انشاءَالله ان لاءِ خدمت ۾ حاضر ٿيندس.
هتان جو هي حال آهي. هتي فتويٰ (38) ۽ ترڪي ۽ جرمنيءَ جا سفير پهتا.(39) انهن کي اعزاز مليو پر مقصد ۾ ناڪام رهيا. سبب اهو آهي جو ترڪيءَ جو فرض هو ته طرفداريءَ جي ڏينهن ۾ ايران ۽ افغانستان کان انهن جون ضرورتون معلوم ڪري ها، ان کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ها ۽ حالتن مطابق دوستيءَ جو معاهدو ڪري ها. افغانستان نه وڏي جنگ ۾ شرڪت جو سامان رکي ٿو ۽ نه ڪا وڏي دولت، ان جي نقصان جي عيوض جي ذميوار آهي. ان ڪري جنگ ۾ شريڪ نٿو ٿي سگهي. جيڪڏهن ضروري آفيسر، انجنيئر، هٿيار ۽ پئسا ڏنا وڃن ۽ ڪفر جي غلبي جي صورت ۾ بچاءَ ۽ مدد جو معاهدو ڪيو وڃي ته شرڪت جي لاءِ تيار آهن.(40) تنهن هوندي به سردار نائب سلطنت، عام سرحدي وزير، آفريدي، مهمند، باجوڙ، سوات، بنير، چڪير، غوربند، ڪرناهه، ڪوهستان، دير ۽ چترال وغيره ۾ پنهنجو اثر منظم ڪرڻ ۽ انهن کان وڪيل طلب ڪري جنگ جي صورت ۾ شرڪت جو وعدو وٺي رهيو آهي. هي ڪم ڪنهن حد تائين ٿي چڪو آهي. جرمنيءَ جا سفير واپس ويا ۽ ترڪ ترسيل آهن، پر بيڪار. تعجب آهي ته سفير هٿين خالي آيا، ايتري تائين جو سفارتڪاريءَ جا سرٽيفڪيٽ به ڪو نه آندائون. اهڙي صورت ۾ ڇا ٿو ٿي سگهي؟(41) مولانا الناظم ٺيڪ ٺاڪ آهي، دولت(42) ۾ ڪنهن حد تائين اعتماد آهي. انگريز ان کي هتي جاسوس ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا، جنهن جو ڪجهه نه ڪجهه اثر به ٿئي ٿو. پر الحمدالله جو انهن کي اڃا تائين پوري ڪاميابي نه ٿي آهي.(43)
مهاجر انگريزي شاگرد(44) ۽ ڪجهه سک(45) به هاڻي هتي حاجي عبدالرزاق صاحب جي مدد ۽ نائب (نائب سلطنت) جي مهربانيءَ سان آزاد آهن ۽ مولانا الناظم جي سرپرستيءَ هيٺ ڏٺا ويا آهن. خرچ پکو دولت جي ذمي آهي، ڪو به سرڪاري ڪم ان جي ذمي نه آهي. پر نائب سلطنت جي اشاري سان مولانا جي خاص ڪمن ۾ سندس ٻانهن ٻيلي آهن، جنهنجو تفصيل هي آهي.
ان جو صدر هڪ هندي راجه(47) ڪابل ۾ رهندڙ آهي، جيڪو سلطان المعظم(48) (49) جي تصديق نامي سان هتي پهتو آهي. ناظم صاحب ۽ مولوي برڪت الله(50) هن جماعت جا وزير آهن. هن جماعت هندستان ۾ مرڪز ۽ ٻين ملڪن سان معاهدا ڪرڻ جي لاءِ چرپر ڪئي آهي. جنهن ۾ شروعاتي ڪاميابي ٿي آهي. ان ڪم ۾ شاگرد ئي متحرڪ آهن. انهن ۾ ڪي درٻار خلافت جي خدمت ۾ حاضر ٿيندا.(51) انشاءَ الله تعاليٰ.
ٻئي جماعت الجنود الربانيه آهي. هيءَ فوجي اصول تي هڪ مخصوص جماعت آهي، جنهن جو پهريون مقصد مسلمان بادشاهن ۾ اعتماد پيدا ڪرڻ آهي. ان جو صدر جنهن جو نالو فوجي قاعدي سان جنرل يا اڳواڻ آهي. سائينجن (مولانا محمود حسن) کي مقرر ڪيو ويو آهي ۽ مرڪز اصلي مدينو شريف(52). ان ڪري خيال آهي ته سائينجن مديني شريف ۾ رهي ڪري خلافت عاليه، افغانستان ۽ ايران سان معاهدي جي ڪوشش فرمائين.(53) ۽ افغانستان، ياغستان متعلق تجويز کي خدمتگارن تائين پهچائي ڇڏڻ ڪافي خيال فرمائين. (54)
افغانستان جنگ ۾ شريڪ ٿيڻ جي لاءِ مٿين ڳالهين جي طلب ڪري رهيو آهي، جيڪي دولت عثمانيه ۽ خلافت تائين پهچائڻ جي جلد کان جلد تدبير ڪئي وڃي. ڇو ته هندستان ۾ ڪفر تي ڪاري ضرب لڳائڻ جي اها ئي صورت آهي.
مدرسي وارا(55) مولوي محسن(56) ۽ سيد نور جي ذريعي سان سائينجن کي هندستان ۾ آڻڻ جي ڪوشش ۾ آهن. ڇو ته هاڻي هيءَ خبر پئي آهي ته حجاز ۾ به ڪم ٿي سگهي ٿو. هوڏانهن انگريزن ۾ ضرورت نه هجڻ ڪري (سندن) پهرين عزت نه رهي آهي.(57)
قاضي صاحب، حڪيم صاحب، ڊاڪٽر، مولانا راءِ وارو(58) سائينجن جي هندستان ڏانهن واپس موٽڻ جا سخت مخالف آهن. مطلوب جي ذريعي غالب جي قصي(59) جي خبر پوڻ جي ڪري خطرو هاڻي اڳ کان گهڻو وڌي ويو آهي.(60) ان ڪري اهڙي ڪنهن تحريڪ کي هرگز منظور نه ڪيو وڃي.
پئسا.... سائينجن جي گهر تي ۽ سيد نور کي ضرورت نه هئڻ جي ڪري جماعت جي حوالي ڪيا ويا. بندو پيرن چمڻ (حاضري ڏيڻ) جي ڪوشش ۾ آهي. الله تعاليٰ ۾ اميد آهي ته ڪامياب ٿيندس. مولانا الناظم، مولانا سيف، فضلين، عبدالعزيز(61) ۽ سڀئي مهاجر شاگرد سلام عرض رکن ٿا. برادر عزيز واحد، مولانا حسين ان جو والد صاحب ۽ ڀائر(62) ۽ حرمت الله (63) ۽ احمد جان(64) صاحبن جي خدمت ۾ دعا سلام. مدني خط هندستان جي پوسٽ جي حوالي ڪيا ويا هئا. ڊاڪٽر شاهه بخش صاحب(65) جي خدمت ۾ سلام دعا عرض آهي ۽ سيد هادي(66) ۽ خدا بخش(67) ۽ حبيب الله غازي(68) کي به.
**
[b]سمجهاڻيون[/b]
(1) حضرت شيخ الهند مڪي شريف جي ترڪي گورنر غالب پاشا کان آزاديءَ جي تحريڪ ۾ ان جي تعاون ۽ هندستان وارن جي نالي جهاد جي ترغيب جي سلسلي ۾ جيڪا لکت حاصل ڪئي هئي، جيڪا غالب نامي جي نالي سان مشهور آهي، اها مولانا محمد ميان عرف محمد منصور انصاري ۽ مولانا محمد مرتضيٰ حسن جي هٿان روانو ڪئي هئي ۽ جدي ۾ ان سان آخري ملاقات ڪري ان کي موڪلي ڇڏيو هو. بعد ۾ حالتن جي باري ۾ حضرت شيخ الهند فڪرمند هو، ان ڪري هي خط جدي کان پوءِ جي حالتن سان شروع ٿئي ٿو. غالب نامو ۽ ٻيا خط سي آءِ ڊي کان بچي برصغير ۾ تعلق وارن ماڻهن تائين پهچي ويا ته پوءِ حضرت کي هي اطلاع پهچايو ويو.
(2) مولانا مرتضيٰ حسن چاندپور ضلعي بجنور جو رهڻ وارو هو. ديوبند ۾ مدرس ۽ تحريڪ شيخ الهند جو خاص ميمبر هو. سيپٽمبر 1915ع ۾ حضرت شيخ الهند سان گڏ، حج جي لاءِ حجاز ويو هو. فيبروري 1916ع ۾ محمد ميان سان گڏ هندستان واپس موٽيو. حضرت شيخ الهند غالب نامه ۽ ڪجهه خط محمد ميان عرف محمد منصور انصاري جي هٿان موڪليا هئا. حضرت شيخ الهند ان کي جدي پهچي خدا حافظ چيو هو. شيخ الاسلام مولانا حسين احمد مدني پنهنجي سوانح عمري ”نقش حيات“ ۾ لکن ٿا ته حضرت شيخ الهند جدي ۾ جدا ٿيڻ وقت ”مولانا مرتضيٰ حسن کي ديوبند جي مرڪز تي ڪم ڪرڻ جون هدايتون فرمايون ۽ ڪيترن ئي خفيه ڪمن کان خبردار فرمايو.“
ريشمي خط سازش ڪيس ۾ ان جو ذڪر ڪيترين ئي جاين تي آيو آهي، آخر ۾ شخصيات جي سلسلي ۾ انهن تي هيٺ ڏنل وضاحتي نوٽ آهي:
”مولوي مرتضيٰ.... هي ۽ مولوي سيد مرتضيٰ حسن ولد حڪيم بنياد علي رهندڙ چاندپور (ضلع بجنور يوپي هڪ ئي شخص آهي) ديوبند ۾ تعليم ورتائين ۽ بعد ۾ استاد جي حيثيت سان مدرسي امداديه درڀنگه ۽ مدرسي ديوبند ۾ ڪم ڪندو رهيو. ان طب جو ڪم به ڪيو آهي. مولانا محمود حسن جو پڪو عقيدتمند ۽ سازش جهاد جو سرگرم ميمبر آهي. ديوبند جي خفيه مشورن ۾ شامل رهندو هو. سيپٽمبر 1915ع ۾ مولانا محمود حسن سان گڏ عرب ويو هو. محمد ميان ۽ ٻين ماڻهن سان گڏ فيبروري 1916ع ۾ واپس آيو هو. مولانا محمود حسن ان کي پارٽيءَ ۾ سڀني کان وڌيڪ لائق ۽ چالاڪ سمجهندو هو. مولانا جي هيٺان هو، سڀني کان وڏو آفيسر هو. يوپي جي سي آءِ ڊي جڏهن ان کي گرفتار ڪيو ته هو مراد آباد جي ڪنهن مدرسي ۾ استاد هو.“
پر ان ريشمي خط مان، جيڪو مولانا محمد ميان عرف محمد منصور انصاريءَ حضرت شيخ الهند کي لکيو هو، معلوم ٿئي ٿو ته ان هندستان پهچي ڪري مولانا محمد ميان کي چئي ڇڏيو هو ته هو ان تحريڪ سان متفق نه آهي ۽ وڌيڪ سرگرمين جي خلاف آهي. ان ڪري تحريڪ جي سلسلي ۾ انهن تي وڌيڪ ڪا به ذميواري نه وڌي ويئي. پر ڳالهه رڳو ايتري به نه هئي ته هو تحريڪ کان جدا ٿي ويو هو، پر ان کان ڪي ڪوتاهيون به ٿيون ۽ ڪجهه ڪمزوريون ظاهر ٿيون. مفتي عزيزالرحمان ”تذڪره شيخ الهند“ ۾ ماستر خورشيد حسن مراد آبادي جي روايت بيان ڪئي آهي ته، جنهن وقت حضرت شيخ الهند هندستان آيا ۽ مراد آباد ڏانهن ويا ته اتي شوڪت باغ ۾ رهيا هئا. حضرت شيخ الهند ٻاهر ويٺا هئا ۽ مولانا مرتضيٰ حسن ڪمري ۾ هو. ايتري ۾ عزير گل به پهچي ويو، هن مولانا مرتضيٰ حسن کي وڃي چيو:
”حضرت سان ٻيو ڪجهه ڪرڻو آهي ته ڪري وٺ. هي آواز حضرت شيخ الهند به ٻڌي ورتو ته فرمايائون ته حسين احمد عزير گل کي چئو ته چپ ڪري. تنهن تي مولانا عزير گل، مولانا حسين احمد مدنيءَ کي گهوريندي فرمايو، تون ئي مون کي چپ ڪرائين ٿو نه ته دل چاهي ٿي ته قتل ڪري ڇڏياينس. هن وضاحت مان معلوم ٿئي ٿو ته مولانا مرتضيٰ حسن حڪومت جي سي آءِ ڊي جو ڪم ڪندو آهي.“
ان جي رويي جي تبديليءَ جو اندازو هن ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته جنود ربانيه ۾ ان کي ڪو به عهدو نه ڏنو ويو هو.
(3) مولانا ظهور مان مراد سهارنپور جو مولانا ظهور محمد آهي. مولانا حسين احمد مدني رحه ”نقش حيات“ ۾ ۽ مفتي عزيزالرحمان ”تذڪره شيخ الهند“ ۾ انهن جو ذڪر ڪيو آهي. نقش حيات ۾ آهي ته ظهور محمد خان سهارنپور جو رهاڪو، حضرت شيخ الهند جو فدائي شاگرد، تحريڪ جو سرگرم ميمبر ۽ شروعات کان گڏ هو. ريشمي رومال سازش ڪيس جي مدعا عليهم (ملزمن) ۾ شامل هو. ڪيس جي پئرا نمبر 50 ۾ ان تي هي الزام آهي ته ظهور محمد پئسا گڏ ڪندو هو ۽ ويهه رپيا مهينو محمد ميان جي گهروارن کي ڏيندو رهندو هو. سازش ڪيس ۾ گرفتار شخصن جي تعارف ۾ مولوي ظهور محمد جي عنوان سان ان جو ذڪر هنن لفظن ۾ آيو آهي:
”جنود ربانيه جي فهرست ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل آهي. اهو ئي مولوي ظهور محمد، سهارنپور جو رهندڙ آهي، جيڪو پهريائين مدرسي اسلاميه انباله ۾ استاد هو ۽ هاڻي عربي مدرسي (مدرسه رحمانيه) رڙڪي ۾ استاد آهي. هو مولانا محمود حسن جي جهادي سازش جو هڪ نهايت سرگرم ميمبر هو ۽ بنا ناغي ديوبند اچي خفيه مشوري ۾ شريڪ ٿيندو رهندو هو. مولانا محمود حسن جي عرب سفر کان سواءِ بجنور نگينه ۽ آس پاس علائقي مان پئسا گڏ ڪيا هئائين. ان انتظام هيٺ ظهور محمد رڙڪي ۽ آس پاس جي ڳوٺن مان گڏ ٿيل چندي جي رقم مان، مولوي احمدالله جي مدد ڪئي هئي. چيو وڃي ٿو ته هن اتي ان مقصد لاءِ سوين ماڻهن جي هڪ سوسائٽي قائم ڪري ورتي هئي. محمد ميان، مرتضيٰ حسن، مولوي سهول وغيره کي، جڏهن اهي عرب کان موٽي رهيا هئا ته انهن جي آجيان ڪرڻ جي لاءِ بمبئي ويو هو. مولانا محمود حسن ان کي چپ چپ ماڻهو (خاموش) چوندو هو ۽ چوندو رهندو هو ته هو وڏو گَهرو ماڻهو آهي. چيو وڃي ٿو ته هو وڏو بي ڌڙڪ ماڻهو آهي.“
مولانا مدني رحه جي چوڻ مطابق تحريڪ ريشمي رومال جي سلسلي ۾ گرفتار ٿي ويو هو. گونگو ٿي ويو هو ۽ ڪو به بيان نه ڏنائين، ٻه چار ڏينهن سختي کانپوءِ کيس ڇڏي ڏنو ويو. حضرت شيخ الهند جي واپسي (جون 1920ع) کان پوءِ ڪجهه سال زنده رهي تحريڪ خلافت جي دوران وفات ڪيائين.
(4) محمد حسين ابن حافظ محمد اسماعيل راندير ضلع سورت جي رهڻ وارو هو، ديوبند ۾ تعليم حاصل ڪيائين. حضرت شيخ الهند جو عقيدتمند هو، ان جي لاءِ چندو گڏ ڪيو هئائين. حضرت کان موڪلائڻ لاءِ بمبئي ويو هو ۽ محمد ميان جي استقبال جي لاءِ به بمبئي پهتو هو. ريشمي خط سازش ڪيس ۾ هيٺيون سٽون سندس حالات بابت آهن:
”شايد هي اهو ئي حافظ محمد حسين آهي، جيڪو راندير ضلع سورت جي حافظ محمد اسماعيل جو پٽ آهي. ديوبند ۾ تعليم ورتي اٿائين. مولانا محمود حسن جي عرب روانو ٿيڻ کان اڳ ان جي امداد جي لاءِ ڪوشش ڪئي ته ڪافي پئسا گڏ ڪري سگهيو. مولانا کي رخصت ڪرڻ جي لاءِ بمبئي تائين ويو ۽ جڏهن مولانا محمد ميان ۽ ان جي پارٽي مڪي کان واپس ٿي تڏهن به استقبال ڪرڻ جي لاءِ هي بمبئي ويو هو.“
(5) سيد صاحب ڪهڙي شخصيت آهي ۽ ”ان جي مخالفت“ مان ڇا مراد آهي، اها ڳالهه چٽي آهي. هي ان زماني جي ڪا شخصيت آهي. هي اشارو سيد احمد شهيد بريلوي رحه ۽ ان جي مخالفن جي ڪنهن جماعت جي طرف آهي. جنهن جي مخالفت جي بنياد تي چندو گڏ ٿي نه سگهيو. منهنجي خيال ۾ اها پوئين ڳالهه صحيح آهي. ريشمي رومال سازش ڪيس جي دعويٰ جي پئرا (49) ۾ آهي ته مولوي محمد ميان کي محمد حسين راندير وٺي ويو. راندير ۾ ڏس پتا ٻڌائي ڇڏيا پر ڪو به چندو گڏ نه ڪيو ويو.
(6) خطيب مان مراد مولوي محمد مبين خطيب آهي. حاجي محمد مومن جو پٽ ۽ ديوبند جو ماڻهو، عيدگاهه ديوبند جو پراڻو امام هو. مدرسه مظهرالعلوم سهارنپور جو فارغ التحصيل، مدرسه اسلاميه انباله ۾ استاد ۽ مسجد اسلاميه ڪاليج انباله ۾ پيش امام هو. حضرت شيخ الهند جو عقيدتمند ۽ تحريڪ جو خاص رڪن هو. تحريڪ جي مالي ضروريتن جي لاءِ چندو گڏ ڪندو هو.
ريشمي خط سازش ڪيس جي شخصيتن جي عنوان هيٺ، هن جي تعارف ۾ آهي ته مولانا محمود حسن ديوبندي جي حج جي سفر لاءِ ميرٺ، دهلي، راندير، ڪلڪتي ۽ رنگون وغيره مان پئسا گڏ ڪيائين. وڌيڪ لاءِ ان جي روانگيءَ کان اڳ سيپٽمبر 1915ع ۾ محمد مبين کي ڪلڪتي روانو ڪيو ويو ته جيئن مولانا ابوالڪلام آزاد کي مولانا جي هجرت جو سبب ٻڌائي سگهي ۽ اتان کان ان جو جواب مولانا کي بمبئي پهچائي. محمد ميان عرف مولوي منصور غالب نامه کڻي ڪري ڪابل روانو ٿيڻ کان اڳ هن سان انباله ۾ ملاقات ڪئي هئي. حضرت مولانا حسين احمد مدني رحه ”نقش حيات“ ۾ لکيو آهي ته حضرت شيخ الهند سان سدائين لاڳاپيل ۽ ان جي مشن جو ميمبر رهيو. حضرت شيخ الهند ان کي وري وري مالي امداد جي لاءِ برما، رنگون وغيره موڪليو. جنهن کي هن نهايت رازداريءَ سان سهڻي طريقي سان سرانجام ڏنو. تحريڪ جي سلسلي ۾ گرفتار ٿي ويو ۽ آفيسرن نهايت سختيون به ڪيون پر هو نهايت بردباريءَ سان جواب ڏيندو رهيو ۽ رعب ۾ نه آيو. اڄ تائين حضرت شيخ الهند رحه جو عقيدتمند ۽ سچو مخلص آهي.“ ڪجهه سال ٿيا آهن ته ديوبند ۾ وفات ڪري ويو.
(7) قاضي صاحب جو مطلب قاضي محمد محي الدين احمد خان مراد آبادي آهي. ان جو والد نواب شير علي خان، بهادر شاهه ظفر جو خاص ساٿي هو، جيڪو ان زماني ۾ ڀوپال جو قاضي هو. مولانا محمد قاسم نانوتوي جو پيارو شاگرد ۽ حضرت شيخ الهند جو هم ڪلاسي رهيو هو. دوستي کان سواءِ تحريڪ ۾ رفاقت ۽ رڪنيت جو به تعلق هو. ڀوپال ۾ تحريڪ جو خاص ماڻهو هو، مالي امداد به ڪندو هو. ريشمي رومال سازش ڪيس ۾ ان جو ڪيترين ئي جاين تي ذڪر آيو آهي. ان مان هن جي ملازمت ڇڏڻ جي ارادي جي به تصديق ٿي وڃي ٿي. سازش ڪيس جي دعويٰ جي پئرا نمبر 48 ۾ آيو آهي ته محمد ميان ڀوپال ۾ قاضي صاحب سان ملاقات ڪئي هئي. ان دوري جي ڪجهه عرصي کان پوءِ مولوي مرتضيٰ حسن کي ڀوپال جي قاضيءَ جو عهدو پيش ڪيو ويو. ڇو ته محي الدين جو ارادو هڪ سال جي موڪل وٺڻ جو هو. ان سلسلي ۾ پئرا نمبر 51 ۾ آهي ته ٻين رقمن کان سواءِ ”قاضي محي الدين وڌيڪ هڪ سؤ رپيا ڏنا هئا“ ته جيئن حضرت شيخ الهند کي موڪليا وڃن، سازش ڪيس جي شخصيتن جي ان انڊيڪس ۾ ان جي باري ۾ آهي ته:
”هو ۽ مولانا محمود حسن ديوبند ۾ ڪلاسي هئا. ان وقت کان انهن جي وچ ۾ وڏي گهري دوستي آهي. مولانا محمود حسن جي باغيانه سرگرمين سان ان جو وڏو گهرو تعلق هو ۽ سازش جهاد جو ميمبر هو. جڏهن مولانا مڪي روانو ٿيو ته ان کي رخصت ڪرڻ لاءِ بمبئي ويو هو.“
حضرت مولانا مدني رحه ”نقش حيات“ ۾ حضرت شيخ الهند جي 1920ع ۾ مالٽا جي واپسيءَ تي بمبئي ۾ استقبال ڪرڻ وارن ۾ قاضي صاحب جو اسم گرامي به لکيو آهي.
(8) جماعت جي ٽن ميمبرن جو مطلب محمد حسين، محمد مبين خطيب ۽ قاضي محي الدين آهن.
(9) مطلوب الرحمان، مولانا حبيب الرحمان مهتمم ۽ عزيزالرحمان مفتي دارالعلوم ديوبند جو ڀاءُ هو. ڪانپور ۾ ايگريڪلچر ڊپارٽمينٽ ۾ ملازم هو. سازش ڪيس ۾ حضرت شيخ الهند جو پڪو مريد، جهاد جو سرگرم حامي ۽ ديوبند جي خفيه جلسن جو شريڪ ٻڌايو ويو آهي. سيپٽمبر 1915ع ۾ حضرت شيخ الهند سان گڏ حجاز جو سفر ڪيائين، پر شيخ الاسلام مولانا حسين احمد مدني رحه جي چوڻ مطابق ته وقت جي کوٽ ۽ ملازمت جي مجبوريءَ ڪري مڪي شريف مان ئي واپس ٿيو ۽ نومبر 1915ع ۾ واپس آيو. بعد ۾ پنهنجي ڀائرن جي اثر سان، جن ۾ سازش ڪيس جي رپورٽ جي مطابق ”عزيزالرحمان سازش ۾ شامل نه هو“ ۽ ”حبيب الرحمان کي وفادار سمجهي سگهجي ٿو“ جي ڪري تحريڪ کان الڳ ٿي ويو هو، ريشمي خط سازش ڪيس ۾ ان جي باري ۾ هي نوٽ آهي:
”مطلوب الرحمان ڀاءُ آهي حبيب الرحمان جو، جيڪو مدرسي ديوبند جو نائب مهتمم آهي. ٻيا ڀائر هي آهن، مفتي عزيزالرحمان، شبير احمد، هو ڪانپور جي ايگريڪلچرل ڊپارٽمينٽ ۾ ملازم آهي، مولانا محمود حسن جو پڪو مريد آهي ۽ جهاد جو سرگرم حامي آهي. ديوبند جي خفيه جلسن ۾ شريڪ ٿيندو رهندو هو. سيپٽمبر 1915ع ۾ محمود حسن سان گڏ عرب ويو ۽ پهرين ئي جهاز مان هي معلوم ڪرڻ جي لاءِ واپس آيو ته ڇا مولانا جي واپسي جي لاءِ هندستان محفوظ آهي؟ سازشين جي تيار ڪيل منصوبي جي مطابق مطلوب الرحمان ۽ محمد ميان عرف منصور کي حجاز کان واپسيءَ تي جهاد جي لاءِ زبردست ڪوششون ڪرڻيون هيون.“
(10) ريشمي خط سازش جي ڪيس جي مدعا علهيم (ملزمن) ۾ هڪ صاحب رٿيڙي، ضلع مظفر ننگر جو رئيس سيد نورالحسن به آهن. سيد نور مان اهو ئي صاحب مراد آهي. مولانا حسين احمد مدني ان صاحب جو وضاحت سان تذڪرو ته ڪو نه لکيو آهي، پر تحريڪ سان شموليت، ان جي احساس ذميواري، ڪمال رازداري ۽ هوشياريءَ جو تذڪرو آيو آهي. سازش ڪيس جي شخصيتن ۾ ان جو ذڪر هنن لفظن ۾ ڪيو ويو آهي:
”سيد نور، اهو ئي شخص رٿيڙي ضلع مظفر ننگر (يوپيءَ) جو سيد نورالحسن آهي. هي سيد هادي حسن جو چاچو آهي، امير ماڻهو آهي ۽ مولانا محمود حسن جو پڪو مريد آهي. جڏهن هو ديوبند ۾ هو ته هي برابر ايندو رهندو هو. سازش جو هڪ خاص ميمبر آهي. مولانا محمود حسن جي گهر ۾ جيڪي خفيه مشورا ٿيندا هئا، انهن ۾ وڏو حصو وٺندو هو. مولانا محمود حسن جڏهن حجاز وڃي رهيو هو ته پنهنجي غيرموجودگيءَ ۾ هن کي هندستان ۾ اسلحي ۽ هٿيارن جو نگران ڪيو هو. مولانا سان گڏ بمبئي تائين ويو هو. مولانا محمود حسن، انور پاشا، جمال پاشا ۽ غالب پاشا کان جيڪي فرمان حاصل ڪيا هئا ۽ سيد هادي حسن جي نگرانيءَ ۾ جنهن کي هندستان موڪليو هو، اهو ڊاڪٽر حاجي شاهه بخش جي ذريعي سيد نورالحسن کي پهچائڻا هئا. هڪ شخص احمد مرزا کي ان جو فوٽو وٺڻو هو ۽ انهن مان هڪ ٻه خاص فرمان هاشم نالي ايلچيءَ جي ذريعي ڪابل کڻي وڃڻا هئا. هاشم ان مقصد جي لاءِ عرب مان اچڻ وارو هو، چيو وڃي ٿو ته ان پشاور ۾ عبدالرحيم (عرف مولوي بشير) کي ٻه سؤ رپيا موڪليا هئا.“
معلوم ايئن ٿئي ٿو ته حضرت جي حجاز ڏانهن وڃڻ کان پوءِ، پهرين سرگرمي ۽ جوش باقي نه رهيو هوندو. ٿي سگهي ٿو ته مولانا مرتضيٰ حسن جي خيالن ۽ مطلوب الرحمان جي رويي کان متاثر ٿيو هجي. ”سست“ جي لفظ مان ان غير دلچسپي ۽ سرگرمي جي طرف اشارو آهي، هن خط ۾ اڳتي به ان جو نالو آيو آهي.
(11) ان مان مراد مولانا عبدالرحيم رائيپوري آهي. خط جي ٻئي پئراگراف ۾ ”عبدالرحيم“ ان ئي بزرگ جو نالو آيو آهي. رائيپور ضلع سهارنپور جو رهڻ وارو هو. مولانا رشيد احمد گنگوهي جي خليفو مجاز ۽ نهايت عابد، زاهد ۽ متقي بزرگ هو. دارالعلوم جي مجلس شوريٰ جو ميمبر هو. شروعات ۾ حضرت شيخ الهند ان کي تحريڪ ۾ شامل نه ڪيو هو ۽ نه ان کي اطلاع ڏنو هو. حضرت شيخ الاسلام مولانا حسين احمد مدني کي ان زماني ۾ ان هڪ دفعي فرمايو ته ”حضرت شيخ الهند ماڻهن کان جهاد جي بيعت وٺن ٿا، هي ته نهايت وڏو خطرناڪ معاملو آهي. انگريزن کي جيڪڏهن خبر پئجي ويئي ته دارالعلوم جي هڪ هڪ سر اکيڙي ڇڏيندا ۽ مسلمانن جو هي علمي ۽ ديني مرڪز اجاڙي ڇڏيندا.“
پر وري جڏهن حضرت شيخ الهند جي ان سان اڪيلائيءَ ۾ کلي ڪري گفتگو ٿي ته هو شيخ الهند جي بلڪل هم خيال ۽ متفق ٿي ويو ۽ جڏهن حضرت حجاز ڏانهن وڃڻ لڳا ته ان کي پنهنجو قائم مقام بنايائون ۽ سڀني ڪارڪنن کي هدايت فرمائي ته سندن مرضيءَ کان سواءِ ڪو به خاص قدم نه کڻجو. تحريڪ جي سلسلي ۾ جڏهن گرفتاريون شروع ٿيون ته سي آءِ ڊي کين به پريشان ڪيو. پر گرفتاري عمل ۾ نه آئي. سازش ڪيس رپورٽ ۾ آهي ته هي رائيپور ضلع سهارنپور (يوپي) جو مولوي عبدالرحيم آهي، جيڪو مولانا رائيپور جي عرف سان مشهور آهي. هي مولانا محمود حسن جي جهاد جي اسڪيمن ۾ شامل هو، پر حضرت جي هندستان کان هجرت جي سخت خلاف هو. هي ديوبند جي مدرسي جي ڪميٽيءَ ۾ به شامل هو. وڌيڪ لاءِ هي ته حضرت رائيپوري تحريڪ جي لاءِ چندو گڏ ڪري مولوي احمدالله پاڻي پٽ واري ڏانهن موڪليندو هو. اهڙي طرح سازش ڪيس جي داخلا مان به تحريڪ شيخ الهند سان اتفاق ۽ ان جي معاونت جي حمايت ٿئي ٿي.
(12) حڪيم صاحب جو لفظ حڪيم عبدالرزاق جي لاءِ آيو آهي، حڪيم صاحب مرحوم ڳوٺ يوسف پور، ضلعي غازي پور جو رهاڪو هو. والد جو نالو جان محمد عرف عبدالرحمان انصاري هو. حضرت شيخ الهند سان خاص نسبت ۽ عقيدت رکندو هو. حضرت جي تحريڪ جو خاص ميمبر هو، حضرت شيخ الهند حجاز ڏانهن وڃڻ جو ارادو فرمايو ته سفر جو سڄو انتظام ۽ خرچ پکي جو بندوبست حڪيم صاحب فرمايو ۽ حضرت جي روانگيءَ جي وقت به پنهنجو پاڻ بمبئي ڏانهن ويا ۽ حضرت جي حجاز پهچڻ کان پوءِ به خرچ جي لاءِ پئسا موڪليندو رهيو ۽ حضرت جي گهروارن جي ضروريات زندگي جي لاءِ ديوبند ۾ پنجاهه رپيا ماهوار، پاڻ وڃي ڪري ڏيندو هو ۽ اهو سلسلو حضرت جي مالٽا جي قيد واري زماني ۾ به جاري رهيو.
ٻين ضرورتن، مثلاً تعمير ۽ گهر وغيره جي لاءِ وقت سر جدا رقم ڏيندا رهندا هئا. مالي امداد کان سواءِ مهيني ۾ هڪ ٻه دفعو ديوبند وڃي ڪري خيريت معلوم ڪندا هئا ۽ گهروارن کي تسلي ۽ دلاسو ڏيندا رهندا هئا. وٺ پڪڙ وارن ڏينهن ۾ ان کي به انگريزي حاڪمن گهرايو ۽ پڇاڳاڇا ڪئي، پر حضرت شيخ الهند ۽ ان جي گهروارن جي مالي امداد کان سواءِ تحريڪ سان ڪو به خاص تعلق ثابت نه ٿي سگهيو ۽ حضرت جي مالي امداد جي جرم کي انهن پوري مضبوطيءَ سان قبول ڪيو ۽ صاف لفظن ۾ چئي ڏنو ته حضرت شيخ الهند ان جو ديني مرشد ۽ مذهبي پيشوا آهي. ان تعلق جي ڪري هو انهن جي مالي امداد ڪري ٿو، جيڪڏهن حضرت شيخ الهند حڪومت جو باغي هجي تڏهن به هو انهن جي مالي امداد انهن جي گهروارن جي سارسنڀال کان پري نٿو رهي سگهي. جيڪڏهن حڪومت ان کي ان سلسلي ۾ ڪا به سزا ڏيڻ چاهي ٿي ته هو ان کي خوشيءَ سان برداشت ڪرڻ لاءِ تيار آهي. پر انگريز حڪومت فقط ان بنياد تي انهن جي خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي ڪرڻ مناسب خيال نه ڪيو ۽ ان کي ڇڏي ڏنو.
هند ۽ پاڪستان ۾ سازش جو راز ظاهر ٿيو ۽ وٺ پڪڙ جو هنگامو ٿيو ته مولوي محمد مسعود کي جلدي حجاز روانو ڪيو ته حضرت کي هتي جي حالتن کان واقف ڪيو وڃي ۽ ان جي هٿان حضرت جي لاءِ هڪ خاص رقم به رواني ڪئي. ريشمي رومال سازش ڪيس ۾ ڪيترين ئي جاين تي ان جو نالو آيو آهي ۽ حڪيم صاحب جي سيرت جي انهيءَ پهلوءَ مان ان جي جذبي ۽ قربانيءَ جو ثبوت ملي ٿو. پهريون دفعو سينٽرل انٽيليجنس جي ڊائريڪٽر جي رپورٽ مان معلوم ٿئي ٿو ته، هو هندستان جي انهن چند ماڻهن مان هو، جيڪي حضرت شيخ الهند جي تحريڪ جي حالتن کان واقف هئا. ٻئي جاءِ تي ڪيس جي پئرا نمبر 51 ۾ حضرت شيخ الهند جي مالي امداد ۽ ان جي گهروارن جي خرچ پکي جي سلسلي ۾ ان جو نالو آيو آهي ته، مولانا محمود حسن جي گهروارن جي خبرچار عبدالرزاق انصاري ڪندو رهندو هو ۽ مختلف خرچ پورا ڪندو رهندو هو. ان ٻه هزار ڇهه سؤ رپيا مولانا جي گهر جي واڌاري جي لاءِ ڏنا هئا ۽ مولوي محمد مسعود کي هڪ هزار چار سؤ رپيا ڏئي ڪري مولانا ڏانهن حجاز موڪليا هئا. سازش ڪيس جي شخصيتن بابت به حڪيم صاحب تي هڪ وضاحتي نوٽ آهي. ان ۾ چيو ويو آهي:
”حڪيم عبدالرزاق پٽ جان محمد عرف عبدالرحمان انصاري، رهندڙ غازي پور صوبو يوپي. دهلي جي ڊاڪٽر انصاريءَ جو ڀاءُ ۽ مشهور حڪيم آهي. حيدرآباد دکن ۾ ڪيترائي سال طبابت به ڪئي اٿس. مولانا محمود حسن جو پڪو مريد آهي، ان کي هجرت تي ڀڙڪائڻ وارن خاص ماڻهن مان آهي. مولانا رحه جي عرب ڏانهن سفر جا سڀئي انتظام ڪيائين ۽ انهن کي ڇڏڻ لاءِ بمبئي تائين ويو. محمود حسن جي گهرو خرچ جي لاءِ پنجاهه رپيا ماهوار ڏئي رهيو آهي. بلاشڪ سازش جو هڪ ميمبر هو. 10 نومبر 1916ع تي ان مولوي محمد مسعود کي حجاز روانو ڪيو ته جيئن مولانا محمود حسن کي خبردار ڪري ته هو هندستان نه اچي ۽ ان کي هن ملڪ ۾ سازش جي صورتحال کان آگاهه ڪري. عبيدالله (سنڌي) حضرت مولانا کي جنهن خط ۾ جدي کان پوءِ جا واقعا بيان ڪيا آهن، انهن ۾ ”حڪيم صاحب“ جي لفظن ۾ ان جو ذڪر ڪيو آهي. جنود ربانيه جي فهرست ۾ ”ليفٽيننٽ جنرل آهي.“
(13) ڊاڪٽر صاحب مان مراد ڊاڪٽر انصاري آهي. خلافت ”ترڪ موالات“ (لاڳاپا ٽوڙڻ)، ڪانگريس جمعيت العلماءِ ۽ ريشمي خطن جي تحريڪ جي سلسلي ۾ جتي به ڊاڪٽر صاحب يا ڊاڪٽر انصاري جو نالو اچي ٿو ته، ان مان ڊاڪٽر مختار احمد انصاريءَ جي شخصيت هوندي آهي. غازي پور (يوپي) جي ننڍڙي شهر يوسف پور جي جان محمد عرف عبدالرحمان انصاريءَ جا ٽي پٽ هئا ۽ ٽئي خوش نصيب عظيم ۽ مشهور ٿيا. وڏو حڪيم عبدالوهاب هو، جيڪو عرف عام ۾ حڪيم نابين جي نالي سان مشهور ٿيو. دارالعلوم ديوبند ۾ تعليم ورتائين ۽ مولانا رشيد احمد گنگوهي کان حديث پڙهيائين ۽ ان سان بعيت به ڪيائين. دهلي ۾ وفات ڪيائين ۽ ان جي وصيعت ۽ خواهش جي مطابق گنگوهه ۾ ان جي مرشد جي ڀرسان دفن ڪيو ويو. دانائيءَ ۽ عقلمنديءَ ۾ تمام مشهور ۽ حافظي ۾ بيمثال هو. سيرت ۽ اخلاق جي خوبين ۾ به ان جو ڪو به مٽ نه هو. سندس ننڍو ڀاءُ حڪيم عبدالرزاق هو، جنهن جو ذڪر اڳ ۾ ٿي چڪو آهي. اهو ئي ڊاڪٽر صاحب هو. علم ۽ عمل ۾ لاجواب (بيمثال)، گڏيل سياسي تحريڪن ۾ هٿ هٿ ۾ ڏئي هر طرح مدد ڪرڻ وارو ۽ حضرت شيخ الهند جي سياسي تحريڪ جو خاص ميمبر هو. مولانا حسين احمد مدني رحه ان جو ذڪر نه فقط محبت، پر عقيدت سان ڪيو آهي ۽ ان جي سيرت ۽ خدمتن تي روشني وڌي آهي. ان لکيو آهي ته، ڊاڪٽر انصاري جو جيتوڻيڪ ظاهري طور تي ديوبند ۾ اچڻ وڃڻ نه هوندو هو، پر قلبي تعلق حضرت شيخ الهند سان ۽ ان جي تحريڪ سان تمام گهڻو سدائين رکندو رهيو ۽ مالي امداد تمام گهڻي ڪندو رهيو. ڊاڪٽر صاحب گورنمينٽ جي اعليٰ آفيسن جي ڪارڪنن جي ذريعي ڪيترن ئي راز جي ڪمن تي حضرت شيخ الهند ۽ ان جي تحريڪ بابت خبردار رهندو هو. تنهن ڪري عالمي جنگ جي شروعات ۾ جڏهن سياسي رهنمائن جي وٺ پڪڙ شروع ٿي ته، هن جي ئي ذريعي خبر پئي ته حضرت شيخ الهند بابت سي آءِ ڊي جون رپورٽون نهايت سخت آهن ۽ عنقريب گرفتار ٿي ويندا. ان ڪري سخت ضرورت آهي ته جلديءَ ۾ هندستان جي سرحد مان ٻاهر ٿي وڃي، ان کان سواءِ ڪيترائي معاملا وائسراءِ جي آفيس مان ان جي گهرو ماڻهن جي ذريعي سان، جيڪي سياسي ۽ انتظامي ڪمن سان تعلق رکندا هئا، معلوم ٿيندا رهيا ۽ جڏهن حضرت شيخ الهند حجاز جو ارادو فرمايو ته هن ئي حضرت جي ۽ خاص رفيقن جي ٽڪيٽ وغيره جو انتظام پنهنجي خرچ سان ڪيو.
مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو ان سان تعارف حضرت شيخ الهند ڪرايو هو ۽ جيئن ته مولانا سنڌيءَ لکيو آهي ته، ملڪ جي نوجوان قيادت مولانا ابوالڪلام آزاد، مولانا محمد علي وغيره سان ان جي تعارف جو ذريعو ڊاڪٽر انصاري مرحوم هو. مولانا مدني رحه لکيو آهي ته، ڊاڪٽر صاحب حضرت شيخ الهند جي آزاديءَ واري مشن جي دهلي شاخ جو صدر هو ۽ نهايت رازداري ۽ سرگرمي سان ڪم ڪندو هو. 1913ع ۾ جنگ بلقان جي زماني ۾ مسلمانن جو هڪ طبي وفد وٺي ترڪي ويو هو ۽ جنگي زخمين جون بيمثال خدمتون سرانجام ڏنائين. 1918ع ۾ ”انجمن مددگار نظربند ان اسلام“ جو قائم ڪرڻ ۽ ان جي ذريعي نظربند ٿي ويلن جي گهروارن جي امداد جو انتظام، سندن نهايت وڏو ڪارنامو ۽ عظيم خدمت هئي. سياسي جدوجهد ۾ نهايت سڌو رستو اختيار ڪرڻ ۾ شريڪ رهيو. انهن سياسي سرگرمين جي ڪري ڪيترا دفعا جيل ۾ به ويو.
حضرت شيخ الهند رحه جي آخري ڏينهن ۾ ڊاڪٽر صاحب علاج ۽ خدمت چاڪري ۾ گذاريا، دهلي ۾ هن جي ئي گهر ۾ حضرت جن وفات ڪئي.
ريشمي خط سازش ڪيس ۾ ڪيترين ئي جاين تي ان جو احوال آيو آهي ۽ ان کي نهايت خطرناڪ ريشمي خط سازش ڪيس ۾ پوريءَ طرح ملوث ۽ اتحاد اسلامي جي اسڪيمن ۽ منصوبن جو اهم ۽ مضبوط تحرڪ وارو ڪارڪن ٻڌايو ويو آهي. پهريون دفعو سازش جي انڪشاف کان پوءِ، سي آءِ ڊي جي رپورٽ ۾ جتي هوءَ گرفتارين جو مشورو ڏيندي آهي، هو ان وقت ڊاڪٽر انصاري جي خلاف ڪارروائيءَ جو مشورو نه ٿي ڏئي. رپورٽ جا لفظ هي آهن:
”اسان گهٽ ۾ گهٽ انهن ڪجهه ماڻهن کي سٺي طرح سڃاڻي ورتو آهي، جيڪي سازشون ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجي قوم کي جديد يا قديم ميدان جنگ ۾ مشڪلاتون پيدا ٿيڻ تي ڳڙٻڙ ۽ مشڪلات پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڀڙڪائي رهيا آهن. انهن مان ڪجهه ماڻهن جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي لاءِ هي وقت ۽ هي موقعو نهايت مناسب آهي. انهن مان ڪو به عوام جي نظرن ۾ اهڙو وڏو ماڻهو نه آهي. ان جي خلاف اسان جي ڪارروائيءَ سان ڪو به اشتعال يا وڏي پئماني تي ڪا به بيچيني پکڙجڻ جو انديشو نه آهي. جيڪڏهن وڏي پئماني تي ڪا بيچيني پکڙي ته ان مان ظاهر ٿي پوندو ته هندستان ۾ جهاد جو جذبو ۽ تحريڪ ان کان وڌيڪ پکڙجي چڪي آهي، جنهن جي اسان کي اڃا تائين خبر آهي.“
ان پسمنظر ۽ عقلمندي ۽ دانشمندانه تبصري کان پوءِ رپورٽ لکندڙ ڊاڪٽر صاحب مرحوم جي دعويٰ ۽ ان جي گرفتاري جي باري ۾ لکي ٿو:
”پر رڳو هڪڙو فرد اهڙو آهي، جيڪو منهنجي راءِ ۾ اتحاد اسلامي جي اسڪيمن ۽ سڀني متعصبانه منصوبن جو واقعي نهايت اهم ۽ طاقتور محرڪ آهي، منهنجو اشارو دهلي جي ڊاڪٽر انصاريءَ ڏانهن آهي. ان جي باري ۾ يوپي جي عملدارن، هوم ڊپارٽمينٽ ۽ مون گڏجي مشورو ڪيو آهي ۽ اسان طئه ڪيو آهي ته في الحال اسان ان جي خلاف قدم نه کڻنداسين. جڏهن ته مون کي يقين آهي ته هو نهايت خطرناڪ ماڻهو آهي ۽ انهن معاملن ۾ نهايت چڱي طرح ملوث آهي، جيڪي هن وقت اسان جي هٿ ۾ آهن. ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه گهٽ اهميت وارن ماڻهن جي خلاف اسان جي ڪارروائيءَ سان ڊاڪٽر انصاري جي خلاف زبردست شاهديون پڌريون ٿي سگهن.“
سازش ڪيس جي شخصيتن جي فهرست ۾ ان جي باري ۾ چيو ويو آهي:
1- جنود ربانيه جي فهرست ۾ ليفٽيننٽ جنرل آهي. جدي کان پوءِ جا واقعا بيان ڪندي عبيدالله سنڌيءَ حضرت مولانا کي خط لکيو، ان ۾ ان جو ذڪر ڊاڪٽر صاحب جي لفظن ۾ ڪيو ويو آهي.
ڊاڪٽر مختار احمد انصاري آف دهلي 1913ع ۾ جنگ بلقان جي وقت ترڪي ڏانهن موڪليل ڪل هند ميڊيڪل مشن جو ليڊر ۽ آرگنائيزر هو. حڪيم عبدالرزاق جو ڀاءُ ۽ مولانا محمود حسن جو پڪو مريد هو. اتحاد اسلامي جو مشهور حامي ۽ هندستان ۾ سڀني کان خطرناڪ ترڪ نواز مسلمان آهي.
2- دهلي ۾ نظارت المعارف القرآنيه جو خرچ پکو مهيا ڪري ٿو.
3- خيال آهي ته ڊاڪٽر انصاري صاحب انهن ماڻهن مان هڪ آهي، جن مولانا محمود حسن کي هندستان مان هجرت ڪرڻ تي اُڀاريو هو.
4- مولوي عبدالله سنڌي (لغاري) ڪابل مان ڊاڪٽر انصاري جي لاءِ ٻه خط آندا هئا. هڪ برڪت الله ۽ ٻيو عبيدالله موڪليو هو.
حضرت شيخ الهند سان ان کي فقط هڪ عالم دين ۽ سياسي ۽ قومي رهنما هئڻ جي حيثيت ۾ ئي عقيدت نه هئي، پر حضرت ان جا مرشد طريقت به هئا. ڊاڪٽر صاحب حضرت جي هٿ تي حق پرستيءَ تي باقاعدي بيعت ڪئي هئي.
1936ع ۾ ڊاڪٽر صاحب دهر دون کان ريل ذريعي دهليءَ ڏانهن اچي رهيا هئا ته سفر دوران سندن انتقال ٿي ويو، دهلي ۾ دفن ٿيل آهن.
(14) حنيف مان مراد مولوي محمد حنيف آهي، جيڪو مولوي محمد سعود جو ڀاءُ ۽ حضرت شيخ الهند جو ڀاڻجو ۽ نياڻو هو. حضرت شيخ الهند جي گهر جو انتظام ۽ نگراني ان جي ئي حوالي هئي. ريشمي رومال سازش ڪيس ۾ ان جو ٻن جاين تي نالو آيو آهي. پهريون دفعو دعويٰ ۾ ته مولوي احمدالله، مولوي محمد حنيف کي پئسا ڏيندو رهندو هو، جيڪو مولانا جو نياڻو هو ۽ جنهن کي هدايت ڪئي ويئي هئي ته گهر جي نظرداري ڪري. ڪيس جي فهرست ۾ هنن لفظن ۾ ان جو احوال آيو آهي:
”مولوي محمد حنيف مولانا محمود حسن جو ڀاڻجو ۽ نياڻو آهي. ديوبند جو مولوي محمد مسعود، جنهن کي حڪيم عبدالرزاق انصاريءَ سيپٽمبر 1916ع ۾ مولانا کي هي ٻڌائڻ جي لاءِ عرب موڪليو هو ته هو هندستان اچي، ان جو ڀاءُ آهي. مٿرا جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ استاد آهي، مولانا مڪي ڏانهن روانو ٿيڻ وقت گهر جو انتظام ان جي حوالي ڪري ڇڏيو هو.“ پر ان مان هن جو تحريڪ سان تعلق ثابت نٿو ٿئي.
سازش ڪيس جي اردو ترجمي ۾ ان کي حضرت شيخ الهند جو ڀائٽيو لکيو ويو آهي. حالانڪ ڊاڪٽر انصاري مرحوم ۽ مفتي عزيزالرحمان جي روايت جي مطابق هو حضرت جو ڀاڻجو هو. منهنجو خيال آهي ته هيءُ ترجمي جي غلطي آهي انگريزيءَ ۾ Nephew جو لفظ آيو هوندو، جيڪو ڀاڻجي ۽ ڀائٽي ٻنهي معنائن ۾ استعمال ٿيندو آهي.
(15) جماعت مان مراد تحريڪ ريشمي خط جي ميمبرن جو اهو غير رسمي اجتماع هو، جيڪو حضرت شيخ الهند جو حجاز ڏانهن وڃڻ کان پوءِ هندستان ۾ رهجي ويو هو، جنهن کي هدايت ڪيل هئي ته هو ڪو خاص قدم حضرت مولانا عبدالرحيم رائيپوري جي مشوري کان سواءِ نه کڻي ۽ عام ڪمن سرانجام ڏيڻ جي لاءِ مولوي احمدالله پاڻي پٽ واري جي هدايت ۽ نگراني ڪافي آهي. ان جماعت جي ذمي چندو گڏ ڪرڻ ۽ ان جي ورهاست جو انتظام هو.
ريشمي خط سازش ڪيس جي دعويٰ جي پئرا نمبر 49 مان هن جماعت جي ڪن ميمبرن ۽ حضرت شيخ الهند جي غيرموجودگيءَ ۾ هندستان ۾ تحريڪ جي نظام تي ڪجهه روشني پوي ٿي. هن پئرا جو مطالعو فائدي کان خالي نه آهي، ان ڪري هتي ان تي به هڪ نظر وجهڻ گهرجي:
”ياد هجي ته مولانا (محمود حسن) ديوبند مان روانو ٿيڻ کان اڳ هندستان ۾ ڪم جاري رکڻ جي لاءِ هدايتون ڏنيون هيون. مولوي حمدالله کي پنهنجو نمائندو ۽ عرب هند ۽ اترئين اولاهين سرحدپار ۾ موجود ميمبرن سازش جي وچ ۾ رابطي جو ذريعو مقرر ڪري ڇڏيو هو. انهن هدايتن جي پابنديءَ ۾ حمدالله، ظهور محمد ۽ محمد مبين وقت به وقت ملاقاتون ڪندا رهندا هئا ته جيئن هندستان ۾ ڪم جا تفصيل طئه ڪري ان کي منظم ڪن.“
(16) مدرسي جو مطلب دارالعلوم ديوبند ۽ ”مدرسه جي مالڪن“ جي لفظ مان دارالعلوم جو مهتمم شمس العلماءَ مولانا محمد احمد ۽ نائب مهتمم مولانا حبيب الرحمان ڏانهن اشارو آهي. هي حضرات شيخ الهند جي تحريڪ سان متفق نه هئا ۽ ڪا اهڙي تحريڪ ۽ دارالعلوم سان وابستگيءَ جي طرف کان ڪو به اهڙو قدم پسند نه ڪندا هئا، جنهن سان انهن جي اقتدار ۽ سرڪار ۾ انهن جي اثر رسوخ کي نقصان پهچي. ديوبند ۾ مولانا عبيدالله سنڌي جي رهڻ ۽ ان جي سياسي سرگرمين کي انهن ناپسند ڪيو هو. مولانا انور شاهه ڪشميري ۽ مولانا شبير احمد عثماني کي ان جي مقابلي ۾ انهن ماڻهن ئي بيهاريو هو. ديوبند مان مولانا سنڌيءَ جي نڪرڻ جو سبب اهي ئي ماڻهو هئا. مولانا حسين احمد مدني رحه جي ذهني ۽ فڪري تربيت حضرت شيخ الهند جي پاڇي هيٺ ٿي هئي، ان ڪري ان جو هي فرمائڻ ته مهتمم صاحبان جي نظر ۾ فقط دارالعلوم جو مفاد هو ۽ مولانا محمد ميان (مصنف ”علما حق اور انڪي مجاهدانه ڪارنامي“ ۽ مؤلف ”تحريڪ شيخ الهند) پاران ان جي تائيد ڪرڻ، انهن جي صلح پسند مزاج جي عين مطابق آهي. آخر اهي به ته ان ئي پاڪ وڻ جي هڪ شاخ جي سرسبز ٽاري هئا، پر تاريخ ۽ حقيقت هيءَ نه آهي. ان باري ۾ مون کي پنهنجي راءِ جي صحت تي اصرار نه آهي، پر عزيزالرحمان صاحب تذڪرو شيخ الهند جو رايو اهو ئي آهي. ”نقش حيات“ جي هڪ حاشيي مان به اها ئي ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه هيءَ آهي ته خط لکندڙ (مولانا محمد ميان عرف منصور انصاري) جو رايو به اهو ئي آهي. جيئن ته ان جي هن جملي مان ظاهر ٿئي ٿو؛ ”مدرسي جا مالڪ سرڪار جي خدمت ۾ لڳل آهن، نمائش جي درٻار ۾ شرڪت جو فخر به حاصل ٿيڻ لڳو آهي.“ باقي مولانا سيد محمد ميان (مصنف علماءِ حق) جو هي فرمائڻ ته جيئن ئي وقت آيو حافظ محمد احمد شمس العلماءَ جو لقب واپس ڪري ڇڏيو ۽ مولانا حبيب الرحمان انگريزي گورنمينٽ تي سخت تنقيد ڪئي ته هيءَ ڳالهه تحريڪ موالات (لاڳاپا ٽوڙ تحريڪ) 1921ع جي زماني جي آهي. ان زماني ۾ عوامي دٻاءَ جي تحت ڪيترن ئي سرڪار پرستن لقب واپس ڪري ڇڏيا هئا. لقب ته واپس ڪري ڇڏيا هئائون، پر وظيفو وٺڻ کان ته انڪار نه ڪيو هئائون، اهو ته سڄي حياتيءَ ۾ وٺندا رهيا.
مولانا محمد ميان عرف منصور انصاري جي ان خط مان اندازو ٿئي ٿو ته مهتمم صاحبان جو وجود ۽ انهن جون ڪوششون 1916ع ۾ به حضرت شيخ الهند جي سياسي تحريڪ جي خلاف ۽ ان جي ڪارڪنن جي لاءِ تڪليف ڏيندڙ هيون. حضرت شيخ الهند جي سياسي تحريڪ سان مدرسي جي مالڪن جو اختلاف فقط فڪري ۽ اخلاص تي قائم نه هو. مفتي عزيزالرحمان جي بقول ”مسئلو منتظمين جي اقتدار جو هو.“ ريشمي خط سازش ڪيس جي مطابق ”شمس العلما حافظ محمد احمد پٽ محمد قاسم باني مدرسو ديوبند“ مدرسي جو مهتمم وفادار آهي ۽ شيخ الهند مولانا محمود حسن جو گهر ديوبند ۾ سازشين جو ڳڙهه ۽ مولانا جي شخصيت مکيه ۽ قاعدانه آهي.“ ان صورت ۾ حضرت شيخ الهند جي تحريڪ سان لاڳاپيل ماڻهن جي لاءِ دارالعلوم ديوبند جو ماحول سازگار ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ خط جي آخري سٽن ۾ آهي ته ”مولانا مدرسي کان ڊنل آهي پر خدمتگارن جي صفائي فرمائيندا رهندا آهن.“
ان مان صاف ظاهر آهي ته مدرسي جا مالڪ تحريڪ شيخ الهند جي ڪارڪنن جي خلاف هئا ۽ حضرت مولانا عبدالرحيم رائيپوري انهن جو دفاع انهن جي وڪالت ۽ معاملات جي صفائي فرمائڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا هئا.
تحريڪ شيخ الهند ۽ ان جي ڪارڪنن سان، مدرسي جي متنظمين جي رويي جو اندازو ان مان ٿئي ٿو ته، مولانا مرتضيٰ حسن، مولانا مطلوب الرحمان، مولانا شبير احمد عثماني، امير شاهه، حڪيم جميل الدين، محمد مسعود، مولوي احمد رامپوري وغيره. ماڻهو تحريڪ شيخ الهند جا ميمبر ۽ حضرت شيخ الهند جا نهايت عقيدتمند هئا، پر مدرسي جي انتظاميه ۽ ان جي رويي کان متاثر ٿي ڪري هي سڀئي ماڻهو تحريڪ کان جدا ٿي ويا هئا.
مون هتي مدرسي جي انتظاميه جي ”رويي“ جو لفظ استعمال ڪيو آهي. ان ”رويي“ جو اندازو مولانا مدني صاحب جي هنن لفظن مان لڳائي سگهجي ٿو، جيڪي ان مولانا محمد ميان عرف منصور انصاري جي باري ۾ لکيا آهن. لکن ٿا:
”انهن مشن جي ڪم کي نهايت رازداريءَ سان اسرنجام ڏنو. مٽن ۽ مائٽن ۽ دوستن نهايت وڏي ڪوشش سان کين ٽوڙڻ چاهيو، پر ٽٽي نه سگهيا ۽ سدائين حضرت شيخ الهند رحه سان لاڳاپيل رهيا. ان کي لوڏڻ وارن خطرن سان منهن ڏيڻو پيو پر هي ثابت قدم رهيو.“
عزيزن ۽ دوستن تي زور ڏيڻ جي لاءِ يا ٽوڙڻ وارن شخصن کي واضح ڪري ڇڏڻ جي لاءِ، مولانا مدني رحه انهن لفظن کي واوين ۾ (ڪامائون ڏئي) لکيو آهي. هي واضح هئڻ گهرجي ته مولانا محمد ميان ”حضرت شمس العلماءَ مولانا حافظ محمد احمد صاحب مرحوم، ناظم الاعليٰ دارالعلوم ديوبند جو حقيقي ڀاڻجو هو.
حضرت مولانا عبدالرحيم رائيپوري عليه الرحمة انهن حالتن کان ايتري قدر متاثر ٿيو جو مولانا محمد ميان عرف منصور انصاري ان جي لاءِ ”مرعوب“ (رعب ۾ آيل) جو لفظ استعمال ڪيو آهي.
ديوبند جي انتظاميه جي رويي جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته، جڏهن پوري ملڪ ۾ اسلامي نظربندن جي آزادي جي تحريڪ شروع ٿي ۽ لکين مسلمانن ۽ هندن آزاديءَ جي لاءِ گڏيل دستاويزن تي صحيحون ڪيون ته، ڊاڪٽر انصاري ۽ ان کان وڌيڪ بيگم انصاري جي اشاري تي ڊاڪٽر انصاري جو سيڪريٽري عبدالعلي خان ديوبند ويو ته حضرت شيخ الهند جي آزادي جي مطالبي ۾ ديوبند جي انتظاميه جو رايو به حاصل ڪيو وڃي ته انهن حضرت جي آزاديءَ جي لاءِ وائسراءِ کي درخواست ڪرڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو.
(17) ان زماني ۾ مدرسي جي انتظام رکندڙ کي گورنر شمله ۾ گهرائي ديدار جو شرف بخشيو هو. ”نمائش جي درٻار ۾ شرڪت جو فخر“ جي لفظ مان اشارو ان طرف ڏانهن آهي ته ان موقعي تي حضرت مهتمم صاحب کي وائسراءِ وضوءَ جي لاءِ گرم پاڻي پيش ڪيو هو. واپسيءَ تي وفد جا ميمبر گورنر جي اخلاق ۽ خاطر تواضح کان ڏاڍو متاثر ٿيل هئا ۽ سندس ڏاڍي تعريف پئي ڪيائون.
(18) امير شاهه جو نالو ريشمي خط سازش ڪيس ۾ ٻن جاين تي آيو آهي. پهريون دفعو ريشمي خطن جي ٻئي يادداشت تاريخ 21 سيپٽمبر 1916ع ۾ ته، حڪيم جميل ۽ امير شاهه، جنهن کي عبيدالله خدمتگارن جي خلاف.
هيءَ ڳالهه يادداشت خط جي حوالي سان نقل ڪئي ويئي آهي.
پر تعجب آهي ته ڇپيل خط ۾ نه حڪيم جميل جو نالو آهي ۽ نه ان جي ۽ امير شاهه جي تعلق بابت ان قسم جو جملو آهي. معلوم ايئن ٿئي ٿو ته ڪتابت ۾ ڪجهه لفظ رهجي ويا آهن. هونئين به هي جملو مڪمل معلوم نٿو ٿئي ته امير شاهه مولانا عبدالرحيم صاحب جي دستي ڪم جي لاءِ پيو آهي، ان ۾ ”هٿ جو ڪم“ مان به ڪو مفهوم نٿو نڪري. شايد اصل ۾ ان جڳهه تي ”دستي“ نه پر ”ذاتي“ جو لفظ استعمال ٿيل آهي.
ٻئي جاءِ تي سازش ڪيس جي شخصيتن جي تعارف ۾ آهي ته:
”ڪنور لياقت علي، رئيس مينڍو يوپي جو ملازم آهي. ڪنهن وقت مولانا محمود حسن ۽ مدرسي ديوبند جي وفادار پرنسپل، شمس العلماءَ حافط محمد احمد جي وچ ۾ اختلاف راءِ جي ڪري، ان جي عقيدتمندي گهٽ ٿي ويئي. هاڻي هو شمس العلماءَ جو عقيدتمند آهي.“
مٿين سٽن ۾ ريشمي خط جي باري ۾ 21 سيپٽمبر جي رپورٽ ۾ حڪيم جميل جو نالو به آيو آهي. ان جي باري ۾ شخصيات جي ڊائريڪٽريءَ ۾ هي لفظ آهن:
”عبيدالله حضرت مولانا کي جيڪو خط لکيو آهي، ان ۾ ان جو احوال آهي. حڪيم جميل الدين آف ديوبند بليا ۾ طبابت ڪري ٿو. شمس العلماءَ حافظ محمد احمد مدرسه ديوبند جي وفادار پرنسپل جو عقيدتمند آهي.“
(19) مولوي رامپوري مان اشارو مولوي حڪيم احمد رامپوري جي طرف آهي. شهر بهياران جو رهڻ وارو، ريشمي خط سازش ڪيس ۾ ڪيترين ئي جاين تي ان جو نالو آهي. شخصيات جي فهرست ۾ ان جي باري ۾ آيل آهي ته:
”مولانا محمود حسن جو شاگرد ۽ مدرسي ديوبند جي ڪميٽيءَ جو ميمبر آهي. خفيه جلسن ۾ شريڪ ٿيندو رهندو هو. مولانا محمود حسن جي حج واري سفر جي موقعي تي ديوبند آيو ۽ سفري خرچ جي لاءِ ٽي سؤ رپيا ڏنا پر مولانا ان کي چيو ته پئسا پاڻ وٽ رکو ۽ جڏهن ضرورت پئي ته حمدالله کي ڏئي ڇڏجو. هاڻي معلوم ٿئي ٿو ته بعد ۾ هن تحريڪ کان جدا ٿي ويو ۽ پئسا ڏيڻ کان جواب ڏئي ڇڏيائين.“
(20) مسعود، ريشمي خطن جي تحريڪ جي مشهور شخصيت آهي. سندس پورو نالو محمد مسعود هو. ديوبند جي منشي مظهر حسين جو پٽ ۽ حضرت شيخ الهند جو ڀاڻجو ۽ نياڻو هو.
ريشمي رومال سازش ڪيس ۾ ڪيترين ئي جاين تي ان جو نالو ۽ ذڪر آيو آهي. دارالعلوم ديوبند ۾ استاد ۽ تحريڪ جو خاص ميمبر هو. سيپٽمبر 1916ع ۾ حڪيم عبدالرزاق ان کي عربستان موڪليو هو ته جيئن هو حضرت شيخ الهند کي ڪجهه رقم پهچائي. هندستان جي حالتن کان آگاهه ڪري ۽ کين اهو ٻڌائي ته في الحال هندستان نه اچو. حضرت مولانا مدني رحه لکيو آهي ته ”اتفاقاً قاضي مسعود احمد آخري جهاز ۾ ذوالحج 1334هه جي پهرين ڏينهن ۾ (آڪٽوبر 1916ع) ۾ اچي ويو. ان کان حال احوال معلوم ٿيو.“
مفتي عزيزالرحمان صاحب، ”تذڪره شيخ الهند“ ۾ ڊاڪٽر انصاري مرحوم جي هڪ تحرير جو حوالو ڏنو آهي ته:
”مولوي مسعود احمد ذوالقعد 1334هه ۾ حج تي ويو ۽ حج بيت الله کان واندو ٿي واپس اچي رهيو هو ته بمبئي ۾ ان کي روڪيو ويو ۽ اتان کان پوليس جي نگرانيءَ ۾ الهه آباد پهچايو ويو ۽ وڏي عرصي تائين اتي رهيو ۽ کانئس بيان ورتا ويا. افواهون ٻڌيون ويون آهن ته ان تي نهايت تمام گهڻو تشدد ڪيو ويو ۽ تڪليف پهچائي ويئي. تقريباً هڪ مهيني کان پوءِ ان کي گهر وڃڻ جي اجازت ڏني ويئي.“
الهه آباد ۾ پوليس جي سختيءَ جي ڪري مجبور ٿي پيو يا سي آءِ ڊي جي بليڪ ميلنگ ۽ چالبازي جي ڌوڪي ۾ اچي ويو ۽ سي آءِ ڊي کي ڪجهه اشارا انور پاشا ۽ جمال پاشا جي دستاويزن بابت ملي ويا. حضرت شيخ الهند جي نالي خط ۾ مولانا محمد ميان عرف منصور انصاري جو اشارو ان طرف آهي. ”مسعود به شڪار ٿي ويو.“ ان جو نتيجو اهو نڪتو ته ڪيترن ئي ماڻهن جي لاءِ پريشاني ۽ آزمائش جا سبب پيدا ٿي پيا. سي آءِ ڊي گهڻي ڪوشش ڪئي، پر دستاويز ان کي هٿ نه آيا، ريشمي رومال سازش ڪيس ۾ ان جو ذڪر هنن لفظن ۾ آيو آهي:
”هي شخص اهو مولوي محمد مسعود آهي، جيڪو ديوبند جي منشي مظهر حسين جو پٽ آهي. مولانا محمود حسن جو ڀاڻجو ۽ نياڻو آهي ۽ مولوي حنيف جو ڀاءُ آهي. ديوبند جي مدرسي ۾ ملازم آهي. حڪيم عبدالرزاق انصاري وغيره، سيپٽمبر 1916ع ۾ ان کي عربستان موڪليو هو ته جيئن محمود حسن کي هندستان جي واقعن کان آگاهه ڪري ۽ ان کي ملڪ ۾ واپس اچڻ کان خبردار ڪري.“
ريشمي رومال سازش جي هڪ شخصيت مولوي ولي احمد تي نوٽ مان، ان جي سفر جي باري ۾، هيءَ خبر پئجي وڃي ٿي ته هو سيپٽمبر 1916ع ۾ ايس ايس اڪبر نالي جهاز ۾ جدي ويو هو ۽ نومبر 1916ع ۾ ان ئي جهاز ۾ واپس اچي ويو هو. پر حاجي شاهه بخش بابت نوٽ مان هيءَ به خبر پئجي وڃي ٿي ته، حاجي صاحب پاڻ ۽ مولوي سيد هادي حسن، سيپٽمبر 1916ع ۾ ان ئي ايس ايس اڪبر نالي جهاز ۾ هندستان پهتا هئا.
(21) ”بندي“ جو لفظ خط لکندڙ مولوي محمد ميان عرف منصور انصاريءَ پنهنجي لاءِ استعمال ڪيو آهي. ان تي تفصيل سان نوٽ شيخ عبدالرحيم جي نالي مولانا سنڌيءَ جي خط ۾ اچي چڪو آهي. مولانا آزاد ۽ حسرت موهانيءَ سان ان جي ملاقاتن جي باري ۾ سازش ڪيس جي دعويٰ جي پئرا نمبر 52 ۾ هنن لفظن ۾ ذڪر آيل آهي:
”محمد ميان گهٽ ۾ گهٽ ٻه دفعا مولوي فضل الحسن حسرت موهانيءَ سان عليڳڙهه ۾ ملاقات ڪئي ۽ پوءِ ڪلڪتي وڃي مولوي ابوالڪلام آزاد سان مليو. ان وقت ابوالڪلام پنهنجو سامان ٻڌڻ ۾ مشغول هو ته جيئن رانچي وڃي سگهي، ڇو ته حڪومت جي حڪم سان ان کي رانچيءَ ۾ نظربند ڪيو پئي ويو.“
واضح رهي ته مولانا آزاد کي 28 مارچ 1916ع تي چئن ڏينهن جي اندر بنگال جي حدن مان نڪري وڃڻ جو حڪم ٿيو هو. بعد ۾ ٽن ڏينهن جو واڌارو ملي ويو هو. 4 اپريل جي رات جو مولانا ابوالڪلام آزاد ڪلڪتي مان روانو ٿي ويو هو. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته مولانا محمد ميان جي ملاقات مولانا آزاد سان انهن ئي چند ڏينهن ۾ ٿي هوندي.
مولانا حسرت موهانيءَ سان ان جي ملاقات ڪلڪتي وڃڻ کان اڳ ٿي هوندي، ڇو جو واپسيءَ ۾ سرحد ڏانهن ويندي ان کي اطلاع مليو ته مولانا حسرت به گرفتار ٿي ويو. دعويٰ جي ان ئي پئرا نمبر 52 جون باقي سٽون هي آهن:
”جڏهن محمد ميان فرنٽيئر وڃي رهيو هو ته هن سهارنپور جي اسٽيشن تي، جنهن وقت ظهور ۽ مبين سان گڏ هو، ٻڌو ته فضل حسن (حسرت موهاني) کي عليڳڙهه ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح هن کي خبر پئجي ويئي ته هي ٻئي ماڻهو ڪم کي جاري رکڻ جي لائق نه رهيا.“
مولانا محمد ميان جي هن جملي جو اهو ئي مطلب آهي ته ”بندو حسرت ۽ آزاد سان مليو، ٻئي بيڪار ٿي چڪا آهن.“
(22) حسرت يعني مولانا فضل الحسن حسرت موهاني، ان جي حريت پسندي ۽ سامراج دشمني ڪنهن چوڻيءَ وانگر مشهور آهي. تحريڪ ريشمي خطن جو خاص ميمبر هو. مولانا محمد ميان سان ان جي ملاقات جو احوال پوئتي حاشيي ۾ اچي چڪو آهي. سازش ڪيس ۾ ان جو احوال ڪيترين ئي جاين تي آيو آهي. ڪيس جي شخصيتن جي سلسلي ۾ انهن تي جيڪو نوٽ آهي ان ۾ ٻڌايو ويو آهي:
”فضل الحسن عرف حسرت موهاني، بي اي، پٽ اظهر حسين آف عليڳڙهه (يوپي) بدنام صحافي تحريڪ سوديشي جو حامي آهي. ابوالڪلام آزاد، عبيدالله محمد علي آف ڪامريڊ ۽ شوڪت علي جو بي تڪلف ساٿي آهي. ”اردوئي معليٰ“ جو ايڊيٽر هو. بيان ڪيو وڃي ٿو ته سازش ۾ شامل هو ۽ ڪابل ۾ ابوالڪلام آزاد سان گڏجي مولوي عبيدالله سان ملڻ وارو هو. ملڪ مان ڪوئيٽا رستي ان جي روانگيءَ جا سڀيئي انتظام مڪمل هئا، پر اپريل 1916ع ۾ حسرت جي گرفتاريءَ سان سڄو منصوبو ناڪام ٿي ويو. جنود ربانيه جي فهرست ۾ ان کي ليفٽيننٽ جنرل لکيو ويو آهي.“
مولانا حسر موهاني 1878ع ۾ اوڌهه ضلع انائو جي هڪ شهر موهان ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو اظهر حسين هو. شروعاتي تعليم موهان ۾ حاصل ڪيائين. انٽر جو امتحان فتح پور هسوهه مان پاس ڪيائين، بي اي جي ڊگري 1903ع ۾ ايم اي او ڪاليج عليڳڙهه مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ عليڳڙهه مان ”اردو ئي معليٰ“ نالي سان هڪ رسالو جاري ڪيائين. (1908ع ۾ هڪ مضمون جي اشاعت جي بنياد تي رسالو بند ٿي ويو، پريس ضبط ٿي ويئي، ڪتبخانو نيلام ڪيو ويو ۽ مولانا حسرت کي ٻن سالن جي لاءِ جيل ۾ وڌو ويو. ان کان پوءِ هن جي سياسي زندگي، قيد ۽ بند جو هڪ اڻکٽ سلسلو ملڪ جي ورهاست تائين جاري رهيو. مولانا 1903ع کان سڄي زندگي قومي ۽ آزاديءَ جي سياسي تحريڪن ۾ حصو ورتو قوم ۽ ملڪ جي خدمت جي لاءِ ڪانگريس کان مسلم ليگ تائين ۽ ”اردو ئي معليٰ“ جي جاري ڪرڻ، ترتيب ۽ اشاعت کان وٺي، کاڌي جي دڪان ۽ سٽ ڪتڻ تائين، ڪنهن به ميدان ۾ بند نه هو. نهايت بيخوف، نهايت بيباڪ، ايثار ۽ قربانيءَ جو مجسمو، اديب، شاعر، نقاد، تذڪري نگار، سياح، ترقي پسند، صوفي انقلابي اشتراڪي، ڪانگريسي، ليگي. مولانا ابوالڪلام آزاد جي بقول:
”آزاديءَ جي نشي ۽ حق ۽ صداقت واري اڻکٽ دولت جي شاهوڪاريءَ ۾ مست رهڻ وارو، آزاديءَ جو فقير ۽ اٽل ارادي وارو پهاڙ هو.“ مطلب ته ان جا گڻ بي حساب هئا.
13 مئي 1951ع تي لکنؤ ۾ وفات ڪيائين ۽ فرنگي محل جي قبرستان ۾ پنهنجي پير ۽ مرشد جي ڀرسان دفن جي لاءِ جڳهه ورتائين.
(23) آزاد، مولانا ابوالڪلام- مشهور عالم دين ۽ سياسي رهنما ۽ شيخ الهند جي سياسي مشن جو خاص ميمبر هو. مولانا عبيدالله سنڌي جي ڪابل واري سفر ۾ ان جو مشورو شامل هو. پر حضرت شيخ الهند جي حجاز جي سفر خلاف هو. ان جو اظهار ان ترجمان القرآن ۾ سورت توبه جي هڪ نوٽ ۾ به ڪيو ۽ ان جو ثبوت ريشمي خط سازش ڪيس مان به ملي ٿو. سازش ڪيس ۾ ان جو تذڪرو شايد سڀ کان وڌيڪ آيو آهي. الهلال، حزب الله، دارالارشاد ڪلڪتي جي تحريڪن، حضرت شيخ الهند سان تعلقات، غالب نامه ۽ فتويٰ جهاد، جنود ربانيه وغيره ۽ آخر ۾ شخصيات جي عنوان تحت ان جو تذڪرو شامل آهي. هڪ طئه ٿيل پروگرام جي مطابق هو ڪابل وڃڻ وارو هو. سڄو انتظام ٿي ويو هو ته، ان کي رانچي ۾ نظر بند ڪيو ويو ۽ هي منصوبو پورو ٿي نه سگهيو. اسان هتي، سازش ڪيس جي شخصيتن ۾، ان بابت جيڪو نوٽ آهي، ان کي نقل ڪرڻ تي اڪتفا ڪيون ٿا. نوٽ هي آهي:
”محي الدين ڪنيت ابوالڪلام آزاد، الهلال جي بدنام ايڊيٽر، انجمن حزب الله ۽ ڪلڪتي جي دارالارشاد ڪاليج جو باني ۽ دهليءَ جو رهاڪو آهي، پر تعليم عرب ۾ ورتي اٿائين. اسلامي اتحاد جو انتها درجي جو حامي، نهايت ڪٽر انگريز دشمن ۽ بيحد متعصب آهي. ديوبند جي سازش جهاد جو نهايت سرگرم ميمبر هو.
يقين ڪيو وڃي ٿو ته هلندڙ شورش ۾ ان متعصبن کي پئسن ۽ ٻئي نموني جي مدد ڪئي آهي، جنود ربانيه جي فهرست ۾ ليفٽيننٽ آهي.“
مولانا آزاد آگسٽ 1888ع تي مڪي شريف ۾ ڄائو هو. شروعاتي تعليم اتي ئي حاصل ڪيائين. تقريباً ڏهن سالن جي عمر ۾ پنهنجي والد مولانا خيرالدين سان گڏ هندستان آيو. ڪلڪتي ۾ رهائش هئي ۽ اتي ئي ڪيترن ئي استادن کان علم حاصل ڪيائين. لسان الصدق، الندوه، الهلال، البلاغ جو مشهور ايڊيٽر رهيو. تذڪره، ترجمان القرآن، غبار خاطر ۽ ونس فريڊم وغيره ان جون مشهور تصنيفون آهن. آزاد هندستان جي وزارت تعليم جي عهدي تي پهتو. 22 فيبروري 1958ع تي دهلي ۾ وفات ڪيائين. دهلي جي جامع مسجد جي سامهون اردو پارڪ ۾ ان جي مزار آهي.
(24) غالباً مولانا محمد ميان جو ارادو واپس حجاز ڏانهن وڃڻ ۽ حضرت شيخ الهند سان ملاقات جو هو، پر ان وقت حجاز واپس وڃڻ جو ڪو چارو نه نڪري سگهيو. ان ڪري هو هندستان کان ياغستان ۾ مجاهدن جي مرڪز ۽ اتان کان افغانستان هليو ويو، اڳتي وڌڻ جو مطلب اهو ئي آهي.
(25) غالب نامه اها لکت هئي، جيڪا حضرت شيخ الهند ترڪيءَ جي گورنر حجاز کان حاصل ڪئي هئي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته، هي بهترين موقعو آهي ته مسلمان الله تي ڀروسو ڪري اٿي پون ۽ دشمن (انگريز) کي موت جي منهن ۾ پهچائي ڇڏين. وڌيڪ هي ته مولانا محمود حسن تي اعتماد ڪريو ۽ پئسا، ماڻهن ۽ ضرورت جي هر هڪ شيءِ سان ان ڪم ۾ ان جي مدد ڪريو.“ غالب نامه کي ضميمي جي طور تي آخر ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
(26) احباب هند مان مراد حضرت شيخ الهند جي سياسي تحريڪ جا اهي خاص ميمبر آهن. جيڪي ان وقت هندستان ۾ هئا. جن مان دهلي ۾ حڪيم عبدالرزاق، ڊاڪٽر انصاري ۽ مولانا احمد علي لاهوري؛ رائيپور ۾ مولانا عبدالرحيم؛ ديوبند ۾ مولانا ظهور محمد ۽ مولوي محمد مبين خطيب؛ عليڳڙهه ۾ مولوي عبدالله پروفيسر دينيات ايم اي او ڪاليج ۽ مولانا حسرت موهاني ايڊيٽر ”اردوئي معليٰ“؛ راندير ۾ مولوي محمد حسين، ڀوپال ۾ قاضي نواب محمد محي الدين مراد آبادي؛ ڪلڪتي ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد؛ پاڻي پٽ ۾ مولوي احمدالله؛ لاهور ۾ مولوي ابو محمد احمد؛ قصور ۾ مولانا عبدالقادر قصوري ۽ حيدرآباد سنڌ، امروٽ، دينپور، قصور وغيره ڳوٺن ۽ شهرن ۾ بيشمار ماڻهو هئا. جن جو احوال ريشمي خط سازش ڪيس ۾ آيو آهي.
(27) حضرات ياغستان مان اشارو ياغستان ۾ اسمس جي جاءِ تي رهيل مجاهدن جي جماعت جي طرف آهي. ان جو امير مولوي نعمت الله ۽ تحريڪ جا ٻيا ماڻهو آهن. ريشمي خط سازش ڪيس جي نوٽ ۾ آهي ته شايد سيف الرحمان، حاجي صاحب ترنگ زئي، فضل ربي، فضل محمود وغيره جي طرف اشارو آهي؛ پر اهو صحيح نه آهي، ڇو جو حاجي صاحب جو ذڪر جدا آيو آهي ۽ باقي سڀئي ماڻهو ان وقت افغانستان ۾ هئا.
(28) حاجي صاحب مان اشارو آزاديءَ جي مشهور مجاهد حاجي صاحب ترنگ زئي جي طرف آهي، جيڪو حضرت شيخ الهند جي سياسي تحريڪ جو خاص ميمبر هو. مولانا حسين احمد مدني رحه نهايت وضاحت سان حاجي صاحب جي حالتن، ان جي ڪارنامن ۽ ياغستان جي حالتن ۽ لڙاين جو احوال لکيو آهي. هتي فقط اشارن تي اڪتفا ڪئي وڃي ٿي.
ان جو نالو فضل واحد هو. نهايت متقي پرهيزگار، صاحب علم ۽ عمل ۾ مشهور پير طريقت ۽ صاحب سلوڪ هو. مولانا شاهه نجم الدين عرف ملا هڊا جو خليفو ۽ جانشين هو. حريت جي جذبي ۽ ديني جهاد جو حد کان وڌيڪ عاشق هو. انگريزي علائقي ضلع پشاور ۾ ديني خدمتون، تبليغ ۽ سلوڪ ۾ شروعات کان مشغول هو. ضلع پشاور ۽ ياغستان ۾ هزارين ان جا مريد ۽ مخلص هئا. حضرت شيخ الهند ڪيترائي ڀيرا مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مولانا عزير گل کي ان جي خدمتن ۾ موڪلي، پنهنجي مشن ۾ داخل ڪيو ۽ آزاديءَ جي لڙائيءَ جي لاءِ آماده ڪيو ۽ گذارش ڪئي ته هو پنهنجي وطن کان آزاد علائقي (ياغستان) ۾ هليا وڃن ۽ اتان جي مرڪز کي سنڀالين. حضرت شيخ الهند پنهنجي شاگردن کي، جيڪي ڳاڻيٽي ۾ بيشمار هئا ۽ پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ تعليم ۽ تدريس وغيره ۾ مشغول هئا، لکيو ته هو حاجي صاحب ترنگ زئي جي تابعداري ڪن. جيئن ته 1914ع ۾ جنگ عظيم جي اعلان کان پوءِ حاجي صاحب اتي پهتو ۽ جهاد آزادي جي جهنڊي کي بلند ڪيو ۽ پلٽنن جون پلٽنون ڪٽي ڇڏيون. غيرتمند ۽ بهادر سرحدين ۽ مجاهدن جي مقابلي ۾ پراڻي ۽ آزمودگار (برطانوي فوج جا ڇيهه ڇڄي پيا. چند مهينن جي جنگ ۾ انگريزن کي تمام گهڻو جاني ۽ مالي نقصان کڻڻو پيو. آخرڪار انگريزن اهو ئي پراڻو طريقو، جيڪو هو ڏکين وقتن ۾ اختيار ڪندا رهيا آهن، اختيار ڪيو يعني سازش ۽ ڌن دولت وهائي جنگ کٽيائون. مولانا مدني رحه لکن ٿا:
”حاجي صاحب ترنگ زئي ۽ ان سان گڏ ڪم ڪرڻ وارا مجاهد نهايت مستقل مزاجيءَ ۽ جوان مرديءَ سان مقابلو ڪندا رهيا ۽ هڪ مورچي کي ڇڏي ڪري ٻيو مورچو ٺاهيندي پوئتي هٽندا رهيا، پر انگريزن جي ڊپلوميسين ۽ انهن پروپئگنڊا جي ڪري، جن جو ذڪر اسان پٺين صفحن ۾ ڪري چڪا آهيون، انهن جا ساٿي آهستي آهستي فرار ٿيندا ۽ گهٽ ٿيندا رهيا. آخرڪار ڪارڪن مجبور ٿي ڪري ٽڙي پکڙي ويا. حاجي صاحب مرحوم کي ان جا مخلص مهمند جي علائقي ۾ کڻي ويا ۽ هو محفوظ ٿي ڪري رهائش پذير ٿي ويا.“
مولانا محمد ميان پنهنجي خط ۾ ان طرف اشارو ڪيو آهي. ريشمي خط سازش ڪيس ۾ سرحد کان حضرت شيخ الهند جي لاڳاپن جي خبر پوي ٿي. دعويٰ جي پئرا نمبر 30 ۾ آهي ته نومبر يا ڊسمبر 1914ع جي ڳالهه آهي ته مولانا محمود حسن کي پهريون دفعو سرحد جي ماڻهن سان مشورو ڪندي ڏٺو ويو. ڪابلين جهڙا ٻه ماڻهو آيا ۽ ان جي گهر ۾ رهيا، شايد ٻن مهينن کان پوءِ وري هي ماڻهو آيا.“
دعويٰ جي پئرا نمبر 55 ۾ آهي ته:
”1915ع ۾ حاجي صاحب ترنگ زئي ۽ مولوي فضل ربي، فضل محمود، عبدالعزيز ۽ سيف الرحمان سرحدپار ڪافي سرگرم رهيا. انهن کي مولانا (محمود حسن) شورش پکيڙڻ جي لاءِ موڪليو هو. جيئن ته برطانيه جي خلاف جنگ ۾ ڪيترن ئي قبائلين حصو ورتو.“
ان کان پوءِ جنود ربانيه جي عهديدارن جي فهرست ۾ ليفٽيننٽ جي حيثيت سان ان جو نالو آيو آهي. آخر ۾ سازش ڪيس جي شخصيتن جي سلسلي ۾ هنن لفظن ۾ ان جي شخصيت ۽ ڪردار تي روشني وڌي ويئي آهي.
”ان جو اصل نالو فضل واحد آهي، پر حاجي صاحب ترنگ زئي جي نالي سان مشهور آهي. پٽ آهي فضل احمد حاجي خليل محمد پيرزادو آف عمر زئي آف ترنگ زئي نزد چار سده ضلع پشاور جو. مرحوم ملا هڊا ۽ پشاور جي اڪثر ٻهراڙين ۾ نهايت اثر وارو آهي ۽ حڪومت جي خلاف سخت مخالفانه جذبو رکي ٿو. 1915ع ۾ ديوبند جي مولانا محمود حسن جي چوڻ تي آزاد قبائلين ۾ هليو ويو، جتي سيف الرحمان ان سان وڃي مليو هو. ان کان پوءِ مهمند بونروال ۽ ٻين قبيلن کي علم جهاد بلند ڪرڻ تي ڀڙڪائڻ ۾ نهايت سرگرم رهي ٿو. قدر واري رات جي حملي جي لاءِ خاص طور تي ذميوار آهي. ڪابل جي سازشين سان رابطو آهي ۽ پاڻي پٽ جي مولوي احمدالله ۽ صوفي مسجد (لاهور) جي مولوي ابو محمد احمد جي ذريعي ديوبند پارٽي کان امداد حاصل ڪئي آهي.“
قدر واري رات ۽ ٻين محاذن جي جنگ جي باري ۾ مولوي محمد علي قصوريءَ پنهنجي ڪتاب ”مشاهدات ڪابل و ياغستان“ ۾ نهايت معتبر ۽ صحيح معلومات کي گڏ ڪري ڇڏيو آهي.
(29) حجاز جي گورنر غالب پاشا پنهنجي مشهور تحرير ”غالب نامه“ ۾ لکيو آهي ته، اسان انشاءَ الله ويجهڙائي ۾ مڪمل فتح ۽ ڪاميابيءَ کان پوءِ معاهدا ڪنداسين ۽ توهان جي حقن جي پوري طرح حفاظت ۽ بچاءُ ڪنداسين. اشارو ان طرف آهي ته ياغستان جي آزاد قبيلن انگريزن جي خلاف ڪيترائي محاذ کولي ڪري، ترڪي حڪومت جي اڻسڌي طرح مدد ڪئي آهي. ان جو لحاظ ڪندي انگريزن سان معاهدي ۾ ان جي حقن ۽ مفادن جو خاص طور تي تحفظ ڪيو وڃي.
(30) انگريزن جي پروپئگنڊا ۽ سازشن کان متاثر ٿي ڪري، هندستان جا رئيس، امير، نواب، خطاب مليل مختلف ماڻهو، مذهبي ۽ سياسي جماعتون ۽ اخبارون، تحريڪ جهاد جي مهاجرن ۽ مجاهدن جي خلاف جيڪي ڳالهيون چئي ۽ لکي رهيا هئا، انهن جو اثر چندن تي به پئجي رهيو هو. مولوي احمد رامپوري جهڙن حضرت شيخ الهند جي شاگردن ۽ مخلصن، پئسن ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. جيڪو انهن حضرت عليه الرحمة جي خدمت ۾ پيش ڪري ڇڏيو هو، پر پوءِ حضرت جي هدايت جي مطابق انهن پنهنجو پاڻ وٽ رکي ڇڏيو هو. ان تحريڪ جي خلاف جيڪو جيڪو ڪم ٿي رهيو هو ۽ جماعت کي ان سان جيڪا تڪليف پهچي رهي هئي، ان جو اندازو فقط هڪ دائري، بلڪ تحريڪ جي مرڪز دارالعلوم ديوبند جي انهن حالتن سان ڪري سگهجي ٿو، جن جي طرف ان خط جي حاشيي نمبر 16 ۾ اشارو ڪيو ويو آهي. مولانا محمد ميان جماعت جي ان ڪمزوري ۽ مهاجرن کي اڻپوري امداد جي طرف اشارو ڪيو آهي.
(31) محمد ميان فيبروري 1916ع ۾ بمبئي پهتو هو. اتان کان راندير ۽ پوءِ ڀوپال ويو. ڀوپال کان ديوبند، انبيٺه وغيره ۽ عليڳڙهه ۾ هڪ ٻه دفعا مولانا حسرت موهاني سان مليو. مارچ جي آخر ۾ يا اپريل جي شروعات ۾ ان ڪلڪتي ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد سان ملاقات ڪئي. اپريل جي شروع ۾ ڪلڪتي مان موٽيو ۽ دهلي ويو ۽ اتي جماعت جي ميمبرن، حڪيم عبدالرزاق، ڊاڪٽر انصاري، مولانا احمد علي لاهوري ۽ ٻين ماڻهن سان مليو. ممڪن آهي ته مارچ ۾ به انهن ماڻهن سان مليو هجي. انهن جاين کان سواءِ اتر ۽ ڏکڻ هند جي ڪن ٻين جاين مثلاً رائيپور ۽ لاهور به ان جو وڃڻ ثابت آهي. سازش ڪيس رپورٽ جي مطابق اپريل جي آخر ۾ سرحد ٽپيو ۽ ياغستان پهچي ويو. ان جي پنهنجي بيان جي مطابق هڪ مهينو، يعني مئي جي مهيني ۾ ياغستان ۾ مجاهدن جي مرڪز اسمس ۾ رهائش اختيار ڪئي. اتان هڪ مهاجرن جي وفد سان گڏ، جنهن ۾ مولوي محمد بشير ضرور شامل هو، جون 1916ع ۾ ڪابل پهتو. اتي ڪجهه ڏينهن رهڻ، حالتن جو جائزو وٺڻ ۽ مولانا سنڌي سان مشوري جي مطابق ان هندستان ۽ افغانستان جون حالتون ۽ تحريڪ جي ڪيفيت کان آگاهه ڪرڻ جي لاءِ حضرت شيخ الهند کي خط لکيو. پر ان کي ريشمي خطن جي پڪڙجڻ کان پوءِ، حڪومت هند جي احتجاج تي افغانستان مان نڪرڻو پيو ۽ هو ياغستان ٻيهر هليو ويو ۽ مولانا سنڌي جي چوڻ مطابق هڪ زماني تائين اتي رهيو. پر منهنجو خيال آهي ته هي زمانو ڪجهه مهينن کان وڌيڪ ڊگهو نٿو ٿي سگهي. ڇو جو گورنمينٽ آف انڊيا جيڪو ڪيس ملڪه معظم شهنشاهه هند نالي عبيدالله مرتب ڪيو آهي، اهو پهرين جنوري 1913ع کان پهرين جنوري 1917ع جي واقعن تي مشتمل آهي ۽ ان ۾ ملزم نمبر 48 محمد ميان آهي، ۽ ان کي گرفتار ڏيکاريو ويو آهي، پر هي صحيح نه آهي. خود سازش ڪيس جي رپورٽ مان به ان ڳالهه جي ترديد ٿي وڃي ٿي. ڇو جو سيپٽمبر 1917ع ۾ ڪجهه خاص دستاويز گورنمينٽ جي هٿ اچي ويا هئا، انهن ۾ هڪ خط مولانا محمد ميان جو به آهي، جيڪو ان حضرت شيخ الهند جي نالي لکيو هو. پر هي خط انور پاشا کي به ڏيڻو هو، جنهن ۾ هي جملو به آهي ته خط لکندڙ هڪ سال کان افغانستان نه ويو هو. ان مان اندازو ٿئي ٿو ته ان وقت تائين مولانا محمد ميان جي گرفتاري عمل ۾ نه آئي هئي. هي زمانو ان ياغستان ۾ گذاريو يا هندستان ۾ ويس مٽائي ڪري، جيئن حضرت مولانا حسين احمد مدني جي بيان مان ظاهر ٿئي ٿو.
(32) مولانا سيف مان مراد مولانا سيف الرحمان آهي. حضرت شيخ الهند جي تحريڪ جو هڪ خاص ميمبر هو، ريشمي خط سازش ڪيس ۾ ڪيترين ئي جاين تي ان جو احوال آيو آهي. ريشمي رومال سازش ڪيس جو جيڪو خلاصو وي وي ويان تيار ڪيو آهي، ان ۾ هنن لفظن ۾ ان جو احوال آيو آهي:
”جون 1915ع ۾ مولوي سيف الرحمان، جيڪو مدرسي فتح پوري مسجد ۾ استاد هو، اوچتو غائب ٿي ويو. بعد ۾ خبر پئي ته هو اتر اولهه سرحد ٽپي آزاد علائقي ۾ پهچي ويو آهي. هو فوراً حاجي صاحب ترنگ زئي سان گڏجي ويو. هو ضلع پشاور جو هڪ جذباتي پر بااثر ڪٽر متعصب هندستاني هو ۽ هجرت ڪري آزاد علائقي ۾ اچي ويو هو. ان حاجي صاحب کي مجبور ڪيو ته جهاد جو جهنڊو بلند ڪرڻ جي اڻٿڪ ڪوشش ۾ سرحد جو دورو ڪري، جيڪو ڪامياب رهيو. ان جو ثبوت انهن واقعن مان ملي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 15 آگسٽ 1915ع تي رستم جي جاءِ تي جنگ لڳي، جنهن ۾ ڪيترائي متعصب هندستاني ڪم آيا.“
آخر ۾ شخصيتن جي سلسلي ۾، ان تي جيڪو نوٽ آهي، ان مان سندس حالتن تي وڌيڪ روشني پوي ٿي. ان ۾ آهي ته سيف الرحمان ولد غلام خان، رهندر مٿرا ٿاڻو، شنڪر ڳڙهه اتر اولهه سرحدي صوبو، مولانا محمود حسن جهاد جي جيڪا سازش تيار ڪئي هئي، ان ۾ هڪ خاص شخص آهي. اهو دراني خاندان جو آهي. ان جو خاندان ڪابل مان وطن ڇڏي پشاور آيو ۽ ان ئي ضلعي ۾ رهائش اختيار ڪيائين. عليڳڙهه جي مولوي لطف الله کان مذهبي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ هو شاهجهان پور جي اسلاميه اسڪول جو هيڊماستر ٿي ويو. ان کان پوءِ هو رياست ٽونڪ پهتو ۽ هڪ رياستي اسڪول ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. تقريباً پنج سال ٿيا سيف الرحمان دهلي هليو ويو هو ۽ مدرسو فتحپوري مسجد جو صدر مدرس ٿي ويو. جون 1915ع تائين هو دهليءَ ۾ رهيو. پوءِ مولانا محمود حسن، عبيدالله ۽ ابوالڪلام آزاد جي اسڪيمن تحت سرحد ٽپي ويو. هو حاجي صاحب ترنگ زئي تي اثر وجهي، ان کان غلط قدم کڻائيندو رهيو، جنهن جو پاڻ سيڪريٽري ٿي ويو هو. سيف الرحمان جي اثر کان حاجي صاحب سدائين آزاد قبيلن ۽ مجاهدن ۾ تعصب جو جوش پيدا ڪرڻ ۾ سرگرميءَ سان مشغول رهندو هو. 1915ع ۾ سرحد تي جيڪي لڙايون لڳيون، انهن جي ذميواري وڏي حد تائين ان تي آهي، هاڻي هو ڪابل ۾ آهي. جنود ربانيه جي فهرست ۾ ميجر جنرل آهي.
حضرت مولانا حسين احمد مدني ان جي باري ۾ جيڪا معلومات لکي آهي. ان جون خاص ڳالهيون هي آهن ته، مولانا سيف الرحمان حديث مولانا رشيد احمد گنگوهي کان حاصل ڪئي هئي. حضرت شيخ الهند کين پنهنجو هم خيال ٺاهيو ۽ پنهنجي تحريڪ جو ميمبر ٺاهي ياغستان ڏانهن هجرت ڪري وڃڻ جو حڪم ڏنو. جيئن ته موصوف هجرت ڪري ياغستان پهتو ۽ موگري ۾ وعظ ۽ تبليغ ڪندي، انهن کي آزاديءَ لاءِ جهاد تي آماده ڪندو رهيو. نهايت اعليٰ درجي جو مقرر، نهايت ذهين ۽ صاحب علم ۽ عمل هو. ان جي وعظ ۽ نصيحت سان ماڻهن ۾ تمام گهڻو جوش ۽ تاثر پيدا ٿيو. جيئن ته هو پنهنجي ملازمت ڇڏي ڪري پاڻ حضرت شيخ الهند جي حڪم سان تعلق وارن سميت ياغستان ويو هو، ان ڪري جيستائين حضرت شيخ الهند رحه هندستان ۾ رهيو، ان جي خرچ پکي جي لاءِ هر مهيني طاقت مطابق ذميوار رهيو. پاڻ حاجي صاحب ترنگ زئي سان گڏ جهاد ۾ شريڪ رهيو. شڪست ملڻ کان پوءِ ڪابل هليو ويو.
ريشمي خطن مان معلوم ٿئي ٿو ته، ان کي تحريڪ سان اختلاف پيدا ٿي ويو هو ۽ ان تحريڪ کان ڪنارو ڪشي ڪري ڇڏي هئي. پر معاملو انگريزي حڪومت سان سازباز جو بلڪل نه هو، ان ڪري جڏهن ريشمي خط سازش جو انڪشاف ٿيو ته، حڪومت هند جي افغانستان کان احتجاج جي نتيجي ۾ مولانا محمد ميان عرف منصور انصاري ۽ مولانا سيف الرحمان کي به ڪابل مان نڪرڻو پيو. پر ان کان پوءِ هن تحريڪ سان پنهنجي اختلاف کي ظاهر ڪري ڇڏيو ۽ هندستاني معاملن کان الڳ رهڻ جو وعدو ڪري ڇڏيو ۽ بظاهر هو انگريزن جي تائيد جي ڪم ۾ ڪجهه مدد به ڪري ڇڏيندو هو. مولانا عبيدالله سنڌي مرحوم لکن ٿا:
”هندستاني حڪومت جي احتجاج جو هي اثر ٿيو جو مولانا منصور انصاري ۽ مولانا سيف الرحمان ڪابل کان ياغستان روانا ڪيا ويا. جلال آباد تائين ٻئي گڏ رهيا، مولانا سيف الرحمان کي جلال آباد ۾ برٽش افغانن پاڻ سان گڏ وٺي ڇڏيو ۽ هندستاني معاملن ۾ عليحدگيءَ جو وعدو ڪرائي ورتو. هاڻي هو مرزا محمود حسين جو مهمان ٿي ڪري رهڻ لڳو. امير حبيب الله جي حڪومت جي آخر تائين مرزا محمد حسين سان گڏ رهيو ۽ ان کي جيڪو ڪم انگريزن جي تائيد جي لاءِ ڏنو ويندو هو، ان ۾ هن جي مدد ڪندو هو.“
اها ئي ڳالهه ان حوالي سان مولانا حسين احمد مدني رحه لکي آهي. مونکي يقين آهي ته مولانا سيف الرحمان تحريڪ سان اختلاف ۾ مخلص هو. ان تحريڪ کان ڪنارو ڪشي ضرور اختيار ڪئي ۽ هندستان جي سياسي معاملن کان علحدگيءَ جو وعدو به ڪري ورتو، پر ان تحريڪ ۽ ان جي ميمبرن کي نقصان پهچائڻ ۽ انگريزن کي تحريڪ جي رازن کان واقف ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي. مولانا سنڌي ان کان پوءِ به ڪافي عرصي تائين افغانستان ۾ رهيو ۽ ڪجهه عرصو ته نظربنديءَ جي حالت ۽ مولانا سيف الرحمان جي نگرانيءَ ۾ رهيو ۽ حالتن ۽ ماحول جنهن حد تائين اجازت ڏني، سياسي ڪم به ڪندو رهيو. پر مولانا سيف الرحمان ان جي ڪمن ۾ رڪاوٽ نه ٿيو. ان مولانا سنڌيءَ جي سياسي مصروفيتن جي طرف کان صاف چشم پوشي ۽ درگذر ڪيو. ان جي اخلاص جو هڪ ثبوت هي به آهي:
مولانا محمد ميان هي ريشمي خط 9 جنوري 1916ع تي لکيو هو. ان ۾ هي جملو آهي ته مولانا سيف جماعت کان الڳ ٿي ڪري هتي رهيل آهي ۽ هن خط سان گڏ مولانا عبيدالله سنڌي مرحوم جنود ربانيه جي عهديدارن جي جيڪا فهرست موڪلي هئي، ان ۾ ان جو نالو ميجر جنرل جي حيثيت سان آيو آهي. جيڪڏهن مولانا سنڌي کي ان وقت تائين ان تي اعتماد نه هجي ها ته هو ان جو نالو هن فهرست ۾ هرگز شامل نه ڪري ها. ان ڪري جن ماڻهن جي باري ۾ ان کي خبر پئجي ويئي هئي ته جماعت سان ان جون وفاداريون ختم يا مشڪوڪ ٿي چڪيون آهن، ان کي مولانا سنڌيءَ جنود ربانيه ۾ ڪو به عهدو پيش نه ڪيو هو. ان سلسلي ۾ مولانا مرتضيٰ حسن، مولانا مطلوب الرحمان، محمد مسعود، انيس الرحمان وغيره جا نالا پيش ڪري سگهجن ٿا.
ان حقيقت کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي ته هندستاني معاملن کان مولانا سيف الرحمان جي علحدگيءَ جي وعدي جي باوجود، هندستاني گورنمينٽ کي ان تي اعتماد نه هو. مرزا محمد حسين سان ان جو گڏجي رهڻ آزادانه هرگز نه هو، بلڪ هڪ طرح جي نظربندي هئي. نقش حيات ۾ ان جي حالتن بابت آخري جملو هي آهي:
”سردار امان الله خان جي دور ۾ آزاد ٿي ڪري ڪابل پهتو ۽ وڏن عهدن تي مقرر ٿي ويو.“
مستقل رهائش ڪابل ۾ ئي ڪري ڇڏي هئائين. 1358هه (1939ع) تائين زنده هو.
(33) حاجي صاحب ترنگ زئي جون 1916ع ۾ عبدالعزيز، فضل ربي ۽ فضل محمود تي مشتمل هڪ وفد افغانستان موڪليو هو ته جيئن سردار نصرالله خان، نائب سلطنت سان ملاقات ڪري. ميان عبدالباري پنهنجي بيان ۾ ان طرف اشارو ڪيو آهي ته ان ئي عرصي ۾ مولوي فضل ربي فضل محمود ۽ عبدالعزيز، جيڪي حاجي ترنگ زئي جا پيروڪار آهن ۽ سهارنپور جو مولوي منصور (محمد ميان) ڪابل پهتو ۽ مولانا عبيدالله وٽ رهيا جيڪو ان وقت ”سرائي ترنجن“ جي هڪ ڪمري ۾ رهندو هو. هي 1916ع جي اونهاري جي ڳالهه آهي.“ مولوي عبدالباريءَ سردار نصرالله خان سان ميمبرن جي وفد جي ملاقات جو به ذڪر ڪيو.
ان ريشمي خط مان معلوم ٿئي ٿو ته، ”مولانا محمد ميان (خط لکندڙ) وفد کان جدا، سردار نصرالله خان سان ملاقات ڪئي ۽ حضرت شيخ الهند جي منصوبي جي مطابق ياغستان ۾ ٿيڻ واري ڪم ۽ ان جي اصول جي وضاحت بيان ڪئي ۽ شروعاتي ڪاميابي به ٿي.“ ان وفد جو رئيس يا وڪيل مولانا عبدالعزيز هو. هي وفد جيڪا عرضداشت امير حبيب الله خان جي خدمت ۾ پيش ڪرڻ چاهي پيو، اها ريشمي رومال سازش ڪيس جي فائيل ۾ شامل هئي. ”تحريڪ شيخ الهند“ جي حوالي سان ڪتاب جي آخر ۾ ضميمي طور شامل ڪئي وڃي ٿي.
(34) فضلين- تثنيه جو صيغو آهي. ان جي معنيٰ آهي ٻه فضل ۽ اشارو آهي فضل محمود ۽ فضل ربي جي طرف، جيڪي حاجي صاحب ترنگ زئي جي ڪابل واري وفد ۾ شامل هئا. حاجي صاحب ترنگ زئي تي نوٽ ۾ اچي چڪو آهي ته حضرت شيخ الهند پنهنجي ڪيترن ئي شاگردن کي حڪم ڪيو هو ته اهي آزاد علائقي ۾ هليا وڃن ۽ حاجي صاحب جي سربراهيءَ ۾ ڪم ڪن. حضرت جي انهن شاگردن ۾ فضلين (ٻئي فضل) شامل هئا.
(الف) فضل محمود، ريشمي خط سازش جي شخصيتن جي سلسلي ۾ سندس بابت، هنن لفظن ۾ احوال موجود آهي:
”شايد هي ضلع پشاور جو رهڻ وارو آهي. مولانا محمود حسن جو مريد آهي، ان کي سيف الرحمان ۽ فضل ربي سان گڏ سرحدپار موڪليو ويو هو ته جيئن قبائلين کي برطانيه جي خلاف جنگ جي لاءِ ڀڙڪائي سگهي. 1915ع ۾ قبائلين جي شورش جو وڏي حد تائين ذميوار آهي. جون 1916ع جي لڳ ڀڳ مولانا فضل ربي ۽ انجمن حزب الله جي ياغستان ۾ وڪيل عبدالعزيز سان گڏ حاجي صاحب ترنگ زئي جي طرف کان خفيه مشن تي ڪابل ويو ته جيئن سردار نصرالله خان سان ملاقات ڪري. مشن جي ٻين ميمبرن جي واپسي کان پوءِ به ڪابل ترسيو هو. جولاءِ 1916ع ۾ انقلابين جي پارٽيءَ سان گڏ آزاد علائقي ڏانهن واپس آيو، ملن ۽ خانن جي لاءِ سردار نصرالله خان جا خط ساڻ آندا هئائين. حاجي صاحب ترنگ زئي جي لاءِ به خط آندو هئائين شايد اڃا تائين آزاد علائقي ۾ آهي. جنود ربانيه جي فهرست ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل آهي.“
مولانا حسين احمد مدني رحه ان جي باري ۾ لکيو آهي ته:
”حضرت شيخ الهند“ جي حڪم سان آزاد علائقي ۾ هليو ويو ۽ اتي جدوجهد ڪري ماڻهن کي آزاديءَ جي جنگ لاءِ تيار ڪيائين ۽ ٻيا نهايت ڪارائتا ۽ خاص ڪم انجام ڏنائين. شڪست کان پوءِ مخفي طور تي وطن واپس اچي ويو ۽ خاموش زندگي گذاريندو رهيو. هن مشن جو سرگرم ميمبر هو، نهايت مضبوط ڪم ڪرڻ وارو آهي.“
(ب) مولانا فضل ربي دارالعلوم ديوبند جو فارغ التحصيل، حضرت شيخ الهند جو پيارو شاگرد هو ۽ حضرت جي ئي حڪم سان ياغستان هليو ويو هو، ته جيئن جهاد ۾ حصو وٺي سگهي. مولانا مدني جي چوڻ مطابق ان جي جوشيلين تقريرن وڏو ڪم ڪيو. ان پاڻ به جهاد جي ڪاررواين ۾ جان بازيءَ جا جوهر ڏيکاريا. شڪست کان پوءِ ڪابل هليو ويو. علمي لياقت ۽ اعليٰ قابليت سان رهنمائي ڪيائين ۽ علمي شعبي ۾ افغانستان جي ملازمت اختيار ڪيائين ۽ وڏن عهدن تي رهيو. افغانستان جي هيئت تميزيه جو ميمبر هو. تعلق وارن سان گڏ ڪابل ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي هئائين، ريشمي خط سازش ڪيس ۾ پوريءَ طرح ملوث ۽ مدعا عليهم جوابدارن ۾ شامل هو، شخصيات جي سلسلي ۾ ان تي هي نوٽ آهي:
”جنود ربانيه جي فهرست ۾ ڪرنل آهي. شايد هي اهو ئي مولوي فضل ربي، عرف ابوالفتح ولد محمود آف يافه ٿاڻو شنڪياري ضلع هزاره آهي، جيڪو اڳ ۾ حاجي ترنگ زئي جي قائم ڪيل مدرسي جو، غدر تعلقو مردان ۾ استاد هو. 1915ع ۾ هڪ جلسي ۾ جيڪو غدر اسڪول جي لاءِ پئسا گڏ ڪرڻ جي لاءِ گهرايو ويو هو. ان نهايت اعتراض جوڳي تقرير ڪئي. معلوم ٿئي ٿو ته فضل ربي ويجهڙائي ۾ ديوبند جي مدرسي ۾ شاگرد هو، جتي هو مولانا محمود حسن جو پڪو مريد ٿي ويو هو. مولانا جي جاءِ تي خفيه جلسن ۾ شريڪ ٿيندو رهندو هو. محمود حسن ان کي مولوي سيف الرحمان، فضل محمود وغيره سان گڏ جهاد جي تبليغ جي لاءِ آزاد علائقي ڏانهن موڪليو هو. (ياغستان ۾ انجمن حزب الله جي نمائندي) سان گڏ حاجي صاحب ترنگ زئي جي طرف کان خفيه مشن تي سردار نصرالله خان سان ملاقات ڪرڻ ڪابل ويو. ڏهن ٻارهن ڏينهن کان پوءِ واپس اچي ويو هو. هن وقت شايد آزاد علائقي ۾ آهي.
(ج) مولانا عبدالعزيز جي باري ۾ اسان جي معلومات جو ذريعو فقط ريشمي خط سازش ڪيس آهي. ان جي تعارفي نوٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته، ضلعي پشاور جو رهاڪو ٻڌايو وڃي ٿو. ديوبند جي مدرسي ۾ ان وقت هو جڏهن اتي مولوي فضل ربي هو. جون 1916ع جي لڳ ڀڳ سردار نصرالله خان سان ملاقات جي خفيه مشن تي حاجي صاحب ترنگ زئي جي طرف کان فضل ربي ۽ فضل محمود سان گڏ ڪابل ويو هو. ٿي سگهي ٿو ته هي اهو ئي عبدالعزيز هجي جيڪو اتمان زئي جي حيا گل جو پٽ آهي، جيڪو حاجي ترنگ زئي سان گڏ 1915ع ۾ آزاد علائقي ڏانهن ڀڄي ويو هو، اهو به ٿي سگهي ٿو ته هي اهو ئي ماڻهو هجي، جنهن کي جنود ربانيه جي فهرست ۾ ڪرنل ٻڌايو ويو آهي ۽ ان جو نالو هن طرح لکيو ويو آهي ”مولوي عبدالعزيز وڪيل وفد حزب الله ‘ياغستان’ شايد هن وقت آزاد علائقي ۾ آهي.“
ان نوٽ ۾ جن ڳالهين کي شبهي جي انداز ۾ لکيو ويو آهي، ان جي باري ۾ ڪو به شڪ شبهو نه ڪرڻ گهرجي. ڇو ته ريشمي خط سازش ڪيس ۾ اهڙي ٻئي ڪا به شخصيت نه آهي. جنهن تي اهي ڳالهيون لاڳو ٿي سگهن. هڪ مولوي عبدالعزيز رهندڙ رحيم آباد جو آهي، اهو بلڪل هڪ ٻئي ۽ جدا شخصيت آهي، ٻيو عبدالعزيز شاويش آهي، ان جو تعلق ترڪي سان آهي.
(35) مولانا الناظم مان مراد مولانا عبيدالله سنڌي آهي، جيڪو اڳ ۾ جمعيت الانصار جو ناظم ٿيو ۽ پوءِ نظارت المعارف القرآنيه جو ناظم هئڻ جي ڪري حضرت شيخ الهند سان لاڳاپيل ماڻهن جي حلقي ۾ ان نالي سان ڪافي مشهور هو.
(36) حاجي عبدالرزاق دارالعلوم ديوبند جو دستاربند ۽ مولانا رشيد احمد گنگوهيءَ جو شاگرد هو.
ريشمي خط سازش ڪيس جي معلومات جي مطابق هو مولوي ابومحمد احمد چڪواليءَ جو هم ڪلاسي هو ۽ معلوم ٿيو آهي ته مولوي صاحب موصوف حضرت شيخ الهند جو شاگرد هو. ان ڪري ممڪن آهي ته ان حضرت شيخ الهند کان استفادو (فائدو) حاصل ڪيو هجي. بهرحال هو حضرت شيخ الهند کان پوريءَ طرح واقف، سياسي خيالن ۾ ان سان متفق ۽ ان جي اعتماد وارو هو، مولانا سنڌيءَ ڪابل ۾ ان جي تعاون ۽ سرپرستيءَ جي ڪري حڪومت ۾ تمام جلد اثر رسوخ ۽ توقع کان وڌيڪ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي هئي. هو افغانستان جي شرعيه کاتي ”ميزان التحقيقات الشرعيه“ جو سربراه هو. جنهن ۾ ان جي حيثيت قاضي القضات (چيف جسٽس) واري هئي يا قاري محمد طيب صاحب جي چوڻ مطابق، ڪائونسل جو صدر هو. نائب سلطنت سردار نصرالله خان سان خاص تعلق رکندو هو. ريشمي خط سازش ڪيس ۾ ان جي باري ۾ معلومات هن طرح آهي:
”ملان حضور امير جي درٻار جو وڏو ملا (عالم)، مدرسه سلطاني يعني ڪابل يونيورسٽيءَ جو سربراهه، جنهن ۾ هو فلڪيات تي ليڪچر ڏيندو آهي. ديوبند ۾ تعليم ورتائين ۽ مولوي احمد چڪواليءَ جو هم ڪلاسي هو. دهليءَ جي مولوي سيف الرحمان جو مريد آهي ۽ برطانيه جي سخت خلاف آهي. ڪجهه عرصي تائين سردار عنايت الله خان جو استاد رهيو ۽ هند جي دوري ۾ ان سان گڏ هو. سردار نصرالله خان جو ناظر ۽ خاص اعتماد وارو آهي. سردار ان جي ذريعي سرحد جي ٻين مشهور ملن سان خط و ڪتابت ڪري ٿو. سڀني وڏن مُلن جو خاص دوست آهي، خاص ڪري ملا قمرالدين، ملا پاوند ۽ لاله پير جو. اطلاع مليو هو ته 1908ع ۾ 10 پيروڪارن سان گڏ برطانيه جي خلاف لڙائي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ روانو ٿيو هو، پر امير ان کي روڪي ڇڏيو هو.
ڪابل ۾ هندستاني انقلابي پارٽيءَ جو حامي آهي. سرحدپار جيتريون به متعصبي ڪارروايون ٿيون آهن، انهن سڀني جي ڏور هيءُ ئي شخص لوڏيندو آهي. هلندڙ قبائلي شورشن سان هن جو گهرو تعلق آهي. جڏهن روسين عبدالباري ۽ ڊاڪٽر مٿرا سنگهه کي گرفتار ڪيو هو ته، ان وقت عبدالرازق جا صحيح ٿيل پاسپورٽ هئا.“
مولوي محمد علي لکي ٿو:
”هي حاجي عبدالرزاق به عجيب ماڻهو هو، نهايت سمجهدار دورانديش ۽ شناس وارو. انگريز دشمني هن جي رڳن ۾ رچيل هئي. هو انهن مشهور هستين مان هو، جيڪي ننهن کان چوٽيءَ تائين خلوص ۽ اسلام جا سچا محب هئا. ان جي سياسي حالتن کان واقفيت نهايت تمام گهڻي هئي.“
(37) نصرالله مان مراد امير حبيب الله خان جو ننڍو ڀاءُ ۽ نائب سلطنت سردار نصرالله خان آهي. ان کي وزيرداخله جي حيثيت حاصل هئي ۽ حاڪم اعليٰ ۽ حاڪم مقرر ڪرڻ جا اختيارات هئا. ظفر حسن ايبڪ لکيو آهي:
”هو غيرسرڪاري طور تي افغانستان جي سياسي حالتن، خاص ڪري سرحدي قبيلن جي معاملن جو انتظام سندس حوالي هوندو هو.“
هڪ ٻئي جاءِ تي لکي ٿو:
”نائب سلطنت جو سرحدي قبائلين سان گهرو تعلق هو. امير حبيب الله کي جڏهن به انگريزن تي ڪنهن مسئلي ۾ دٻاءُ وجهڻ جي ضرورت محسوس ٿيندي هئي ته هو نائب سلطنت ۽ حاجي عبدالرازق خان جي ذريعي، جيڪو ديوبند جو تعليم يافته ۽ ڪابل جو وڏو قاضي هو، ڳڙٻڙ ڪندو رهندو هو. مولانا عبيدالله سنڌي کي امير حبيب الله خان سان نائب السلطنت سردار نصرالله خان ئي ملايو هو. هندستان جي سي آءِ ڊي مولانا سنڌيءَ جي خلاف جيڪو فرد جرم تيار ڪيو آهي، ان ۾ هن جي خلاف هي الزام به شامل آهي ته، هو ڪابل ۾ سردار نصرالله خان جي انگريز دشمني جي شعلي کي وڌيڪ ڀڙڪائي ٿو ۽ ان کي نقصان رسائيندڙ پاليسي اختيار ڪرڻ تي آماده ڪري ٿو. معاهدي ۽ اڻ طرفداري جي واقعي خلاف ورزي ٿيندي ٿيندي رهجي وڃي ٿي.“
سردار نصرالله خان جي انگريز دشمني، آزاد خيالي ۽ ترقي پسندي جي خوبين جو تذڪرو مولوي محمد علي قصوريءَ به ڪيو آهي. سردار نصرالله خان جي باري ۾ مولانا محمد ميان هڪ خاص ڳالهه پنهنجي هڪ ٻئي خط ۾ لکي آهي، هي خط ان ياغستان مان لکيو هو. جيڪو آگسٽ يا سيپٽمبر جي شروعات ۾ 1917ع ۾ سي آءِ ڊي کي هٿ اچي ويو، جنهن ۾ ان لکيو هو:
”نصرالله جي اشاري سان تيراهه ۾ جيڪا عرب سفارت رواني ڪئي ويئي هئي، ان جي منظوري واپس ورتي ويئي ۽ نصرالله کي سرحدي معاملن جي کاتي مان هٽايو ويو. ان ڪري راقم الحروف افغانستان جي ذريعي ڪم ڪرڻ جي اسڪيم کي ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ سلطان جي نالي تي ياغستان ۾ ڪم شروع ڪري ڏنو آهي.“
(38) فتويٰ مان مراد اها فتويٰ آهي، جيڪا ترڪيءَ جي شيخ الاسلام جي طرف کان ترڪ جرمن مشن کي ڏني ويئي هئي. ان مشن جو تذڪرو حاشيي نمبر 40 ۾ اچي رهيو آهي.
(39) ترڪي ۽ جرمني جي سفيرن مان اشارو ان مشن جي طرف آهي، جيڪو راجه مهندر پرتاب جي اڳواڻيءَ ۾ 2 آڪٽوبر 1915ع تي افغانستان پهتو هو، ان مشن ۾ هندستان جي نمائندي جي حيثيت سان وان هينٽنگ، ڪيپٽن ديگز ۽ ڪيپٽن سينڊيري ار (ميئر) ۽ ترڪي جي نمائندي جي حيثيت سان ڪيپٽن ڪاظم بي شامل هو. وان هينٽنگ سان گڏ ان جا ٻه سيڪريٽري لواري ۽ ووڪاٽ به هئا.
ان وفد جو مقصد هي هو ته افغانستان کي انگريزن جي خلاف ڀڙڪائي هندستان تي حملو ڪرائي ڇڏي ته جيئن انگريزي فوجون يورپين محاذن جي بجاءِ هندستان جي محاذن تي مشغول ٿي وڃن ۽ جرمن ۽ ترڪ فوجين کي انگريزن ۽ اتحادين جي خلاف وڌيڪ مؤثر جنگ ڪرڻ جو موقعو ملي وڃي ۽ ترڪي ۽ جرمني جي فتح حاصل ڪرڻ کان پوءِ افغانستان کي مڪمل خودمختياري ۽ هندستان کي آزادي ڏياري وڃي. ان مقصد جي لاءِ هي مشن افغانستان موڪليو ويو. پر خط لکندڙ جي خيال ۾ مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ٻه رڪاوٽون هيون:
پهرين- مشن خالي هٿين آيو هو، ان وٽ سفارتڪاريءَ جون پوريون سندون به نه هيون.
ٻئي- افغانستان جي اهڙي حالت ئي نه هئي جو هو ڪنهن قسم جي مدد ڪري سگهي.
ان سلسلي ۾ مجبورين ۽ رڪاوٽن کي خط لکندڙ صاف صاف بيان ڪري ڇڏيو آهي. پر ان ڳالهه جي به پهرين ذميواري هن وٽ ترڪن تي ئي عائد ٿئي ٿي. ان جو خيال هي آهي ته ترڪي ۽ جرمني جنگ ۾ اوچتو ته نه بڻيا آهن، پر ان جا آثار ته گهڻو اڳ ظاهر ٿي چڪا هئا، تنهن ڪري انهن ٻنهي ملڪن کي ۽ خاص طور تي ترڪي کي انهن غيرجانبداري وارن ڏينهن ۾ هي ڳالهه سوچڻ گهربي هئي ته، ٿي سگهي ٿو ته ترڪي کي ڪنهن وقت افغانستان جي تعاون جي ضرورت پيش اچي. ان ڪري ان کي اڳ ۾ ئي ان جي لاءِ زمين هموار ڪرڻ ۽ دوستي جي معاهدي جي لاءِ پوريءَ طرح تياري ڪرڻ گهربي هئي.
مشن جي ناڪاميءَ جي سببن جي باري ۾ ظفر حسن ايبڪ کان سواءِ مولانا عبيدالله سنڌي به اظهار خيال ڪيو آهي. اهو فرمائي ٿو:
”مشن کي پنهنجي مطلب ۾ ڪاميابي حاصل نه ٿي. اعليٰ حضرت امير حبيب الله خان پنهنجي ملڪ کي جنگ ۾ ڌڪڻ نه پيو چاهي. انگريزن کان ان کي گهڻو ڪجهه سهولتن جي اميد هئي. ان کان سواءِ هي مشن ڪو تسلي بخش پروگرام نه ٺاهي سگهيو ۽ ان جي ميمبرن جي اختلافن سون تي سهاڳي جو ڪم ڪيو.“
پر ان سلسلي ۾ سڀ کان تڪليف واري ڳالهه هيءَ هئي ته مشن جي جيڪا گفتگو اعليٰ حضرت سان ٿي هئي، اها حرف به حرف برٽش قونصل جي ذريعي وائسراءِ کي موڪلي پئي ويئي ۽ ان جي معاوضي ۾ ڪافي پئسا انگريزن اعليٰ حضرت جي لاءِ موڪليا.
مشن جا جرمن ميمبر 1916ع جي شروع ۾ حالتن کان مايوس ٿي ڪري ڪابل مان هليا ويا هئا، پر ترڪ ميمبر ان کان پوءِ به ڪجهه مهينا ترسيل رهيا.
(40) جرمن ترڪ هندستاني مشن جي پهچڻ کان پوءِ هي طئه ٿيو هو ته افغانستان هندستان تي حملو ڪندو، پر ان لاءِ ضروري آهي ته اڳ ۾ ياغستان جي مختلف قبيلن، ملن ۽ دير، چترال وغيره جي خانن سان (هندستان افغانستان جنگ جي صورت ۾) جنگ ۾ امداد ۽ شرڪت جا حلف ناما ورتا وڃن. ان سلسلي ۾ مولوي عبدالرحيم عرف ملا محمد بشير کي امير حبيب الله خان پنهنجو وڪيل مقرر ڪيو ۽ هڪ فرمان جي ذريعي ان کي پنهنجي لاءِ بيعت وٺڻ لاءِ مجاز قرار ڏنو، ان مختصر عرصي ۾ تمام گهڻي ڪاميابي حاصل ڪئي. محمد علي قصوري لکي ٿو:
”هڪ مهيني کان پوءِ مولوي محمد بشير واپس موٽيو ۽ گهڻو ڪامياب ٿي موٽيو، هن ياغستان جي اڪثر مُلن کان امير صاحب جي نالي بيعت جا خط حاصل ڪري ورتا. ڪنهن ملا جو امير جي هٿ تي بيعت ڪرڻ جو مطلب هو ته ان جو قبيلو انگريزن جي بجاءِ امير صاحب جي تابع آهي بلڪ انگريزن جو سخت مخالف آهي.“
هن مهم جو انچارج سردار نصرالله خان هو. سازش ڪيس رپورٽ ۾ شامل ميان عبدالباري ۽ شجاع الله جي بيانن مان به ان جي تائيد ٿئي ٿي. عبدالباريءَ جي چوڻ مطابق مولانا عبيدالله سنڌيءَ ان کي ٻڌايو هو ته:
”مولوي عبدالرحيم عرف بشير نائب سلطنت (سردار نصرالله خان) جي اشاري تي هڪ ڪم ياغستان ۾ مڪمل ڪري ورتو هو ۽ مختلف وڏا ماڻهو (خان) امير المجاهدين (نعمت الله) ۽ حاجي ترنگ زئي جا لکيل قسم ناما کڻي آيو هو، پر سرحدپار جا ڪجهه علائقا اهڙا به آهن، جتي اڃا تائين مولوي عبدالرحيم نه وڃي سگهيو، انهن علائقن تي توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي.“
شجاع الله جي بيان ۾ به هي ڳالهه ملي ٿي:
”مولوي عبدالرحيم وٽ اهڙا دستاويز به هئا جنهن ۾ خانن اعليٰ حضرت امير ڪابل کي هي چوندي اعلان وفاداري ڪيو هو ته، امير افغانستان تلوار جي جهاد کي ظاهر ڪيو ته اهي به هٿيار کڻندا، مون ٻڌو ته ان اهڙا دستاويز سردار نصرالله خان جي حوالي ڪري ڇڏيا هئا.“
سازش ڪيس رپورٽ ۾ هڪ ٻئي جاءِ تي چيو ويو آهي:
”سردار نصرالله خان قبائلي ملن وغيره جي لاءِ خط لکيا هئا جنهن ۾ برطانيه جي خلاف متحد جنگ ڪرڻ لاءِ چيو ويو هو.“
مولانا محمد ميان عرف محمد منصور انصاريءَ، سردار نصرالله خان، نائب سلطنت جي انهن ڪوششن جي طرف اشارو ڪيو آهي.
(41) سفيرن جي خالي هٿين اچڻ ۽ سفارت جون پوريون سندون گڏ نه آڻڻ جو سبب هي هو ته جڏهن وفد ايران جي علائقي ۾ پهتو ته روسين کي ان جي خبر پئجي ويئي. انهن وفد کي گرفتار ڪرڻ چاهيو. وفد ته بچي نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، پر ان جو سامان ۽ قيمتي تحفا وغيره روسين جي هٿ اچي ويا. شجاع الله پنهنجي بيان ۾ وان هينٽنگ جي حلف بغداد ۽ اصفحان پهچڻ جي روايت بيان ڪئي آهي. اصفحان کان پوءِ سفر جي باري ۾ هو بيان ڪري ٿو:
”اهڙي طرح اسان خيريت سان اصفحان پهچي وياسين. ان کان اڳتي اسان ريگستان مان گذرياسين ۽ سخت مشڪلات برداشت ڪري اسان ‘قم’ پهتاسين، جتي اسان حڪومت ايران جي خفيه مدرسي ۾ هڪ مهيني تائين رهياسين.
ايتري عرصي ۾ روسين کي مشن جي اچڻ جي خبر پئجي ويئي ۽ انهن سوارن جو هڪ دستو مشن جي ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ موڪلي ڇڏيو. ڪنهن طرح مشن کي خبر پئجي ويئي ته سوارن جو هي دستو ”ڪين“ کان ٽيهه چاليهه ميل مفاصلي تي آهي. تنهن تي وان هينٽنگ هڪ ٻئي رستي کان افغانستان ڏانهن سامان روانو ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ قيصر جرمني ۽ ترڪيءَ جي سلطان جا اهي قيمتي تحفا به شامل هئا، جيڪي انهن هزميجسٽي امير افغانستان جي لاءِ موڪليا هئا ۽ مشن جا ميمبر ريگستان جي رستي کان روانا ٿيا. اهڙي طرح هو، روسين جي چنبي مان بچي ويا ۽ ٽن ڏينهن تائين پاڻي کان سواءِ ريگستان ۾ سفر ڪرڻ کان پوءِ افغانستان ۾ اچي پهتا. پر روسين ان قافلي تي قبضو ڪري ورتو جنهن ۾ سڄو قيمتي سامان هو.“
عبدالباريءَ به مشن سان گڏ ان حادثي جو ذڪر ڪيو آهي ته ايران ۾ روسين انهن جي سامان جو وڏو حصو لٽي ڇڏيو هو، جنهن ۾ درٻار ۽ ان جي درٻارين جي لاءِ قيمتي تحفا به هئا.
منهنجو خيال آهي مولانا محمد ميان کي ان حادثي جي خبر نه پئجي سگهي هوندي، ان ڪري هن ان جي خالي هٿين اچڻ تي تعجب جو اظهار ڪيو آهي.
(42) دولت مان مراد دولت افغانيه يعني سلطنت افغانستان آهي.
(43) ان حقيقت تي مولانا الناظم (عبيدالله سنڌيءَ) پاڻ پنهنجي ڊائريءَ ۾ هنن لفظن ۾ روشني وڌي آهي:
”اسان جي تربيت علماءِ ديوبند جي مسلڪ تي ٿي آهي. ديوبندي جماعت فقه حنفيه جي پابند آهي. پر ڪيترين ئي رسمن جي ترديد ۾ مولانا اسماعيل شهيد جي طريقي تي آهي. البت ان ۾ اهو وڌاءُ ڪيو وڃي ٿو ته مولانا اسماعيل جا پيروڪار هي ماڻهو پاڻ کان سواءِ ڪنهن کي نٿا مڃين. سنڌ ۾ مون ويهه سال زندگي گذاري آهي. منهنجا بزرگ سڀ ان ئي ديوبند مسلڪ سان ملن جلن ٿا. جيتوڻيڪ علماءَ ديوبند سان انهن جو تعليم ڏيڻ وٺڻ جو ڪو به رابطو نه آهي. سنڌ ۾ انهن جي مخالف ۾ پيرن ۽ مولوين جو تعداد تمام گهڻو آهي. هندستاني حڪومت انهن ماڻهن مان چونڊ ڪئي، جن جو قنڌار جي پيرن سان گهڻو تعلق هو. انهن جي قنڌاري بزرگن مان هڪ پير ڪابل آيو ۽ سردار نائب سلطنت سان مليو ۽ ان کي يقين ڏياريو ته مولانا عبيدالله حڪومت هند جو موڪليل آهي. ان جو مقصد هي آهي ته افغانستان جي ماڻهن جو مذهب خراب ڪري ۽ افغانستان جي حڪومت جي رازن کان انگريزن کي آگاهه ڪري. سردار نائب سلطنت جي سيڪريٽريءَ اسان سان ڳالهه ڪئي، اسان ان کي سمجهائي ڇڏيو ته هو افغان سي آءِ ڊي جي آفيسرن کي مقرر ڪري، اسان بابت حڪومت برطانيه جي راءِ معلوم ڪري. جيڪڏهن ٿورڙو به شبهو ثابت ٿئي ته مون کي توپ سان اڏايو وڃي. ٻئي صورت ۾ جتان کان ڪم اڄ مان ڇڏي رهيو آهيان، اتان کان شروع ڪندس، ڄڻ ته هي زمانو بيماريءَ جي موڪل ۾ لڳايو ويو. شايد هي تجويز سردار کي پسند آئي ۽ ان تي عمل ڪيو ويو. اسان کي خبر پئي ته افغان خفيه جاسوسن چيو ته ان ماڻهوءَ جي اعمال نامي ۾ هڪ ٽبڪو به اڇو نه رهيو آهي، ان کان پوءِ سردار نائب سلطنت اسان کي خاص طور تي ٻيهر حيثيت ڏني ۽ اسان پنهنجي ڪم ۾ مشغول ٿي وياسين.
(44) مهاجر انگريزي شاگردن مان شاگردن جي اها جماعت مراد آهي جيڪا 5 فيبروري 1915ع تي لاهور کان هجرت ڪري افغانستان جي لاءِ رواني ٿي هئي. ان قافلي ۾ هڪ شريڪ ظفر حسن ايبڪ جي لکت جي مطابق خوشي محمد، عبيدالله، عبدالباري، عبدالمجيد خان، الله نواز خان، شيخ عبدالقادر، عبدالرشيد، عبدالمجيد، محمد حسن، رحمت علي، شاهنواز خان، عبدالحق ۽ خود ظفر حسن شامل هو. هي ڪل 13 ميمبر هئا. انهن مان هڪ ميمبر جو واڌارو ان وقت ٿيو جڏهن هي قافلو مجاهدن جي مرڪز اسمس ۾ رهيل هو. هي ميمبر عبدالله جو ننڍو ڀاءُ عبدالرحمان هو، جيڪو ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ اڪيلو روانو ٿي ويو هو. چوڏهن ماڻهن تي مشتمل هي قافلو جلال آباد پهتو. جتي ان کي نظربند ڪيو ويو ۽ نظربنديءَ جو هي سلسلو جلال آباد ۽ ڪابل ۾ لاڳيتو چار سال، يعني امير حبيب الله خان جي قتل (20 فيبروري 1919ع) ۽ سردار امان الله خان جي تخت تي وڃڻ تائين جاري رهيو. پر مولانا سنڌي جي ڪابل پهچڻ (آڪٽوبر 1915ع) کان پوءِ، ان جي ڪوشش سان ڪجهه سهولتون پيدا ٿي پيون هيون، انهن مان ڪن کي مولانا پنهنجي تحريڪ جو ميمبر ڪري ڇڏيو هو ۽ سياسي ڪارگذارين، ايتري تائين جو عارضي حڪومت ۾ شامل ڪري ڇڏيو هو. وڌيڪ عارضي حڪومت جي طرف کان هندستان، روس، ترڪي، جپان جا مقرر ڪيل يا موڪلڻ وارن وفدن جا ميمبر اهي ئي شاگرد هئا. مولانا سنڌيءَ جي ڪابل پهچڻ ۽ سرڪاري حلقن ۾ اعتماد حاصل ڪرڻ کانپوءِ مهاجر شاگردن جي لاءِ جيڪا آزادي ۽ سولائيءَ پيدا ٿي هئي، اها حاجي عبدالرزاق جي مدد ۽ نائب سلطنت سردار نصرالله خان جي عنايت سان ٿي هئي. خط لکندڙ مولانا محمد ميان انهن حالتن جي طرف اشارو ڪيو آهي.
(45) ريشمي خط سازش ڪيس مان ٻن سکن نوجوانن جي خبر پوي ٿي، جيڪي ان وقت ڪابل ۾ موجود هئا ۽ جن کي مولانا سنڌيءَ جي سفارش سان آزادي ملي هئي. انهن مان هڪ جو نالو مٿرا سنگهه ۽ ٻئي جو نالو هرنام سنگهه هو.
(الف) مٿرا سنگهه جو ريشمي خط سازش ڪيس ۾ ڪيترين ئي جاين تي ذڪر آيو آهي. مولانا سنڌيءَ ”حڪومت موقته“ جي (عارضي حڪومت) جي روسي مشن جي سلسلي ۾ پنهنجي ڊائريءَ ۾ ظفر حسن ايبڪ پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ ان جو ذڪر ڪيو آهي، پر هتي ريشمي خط سازش ڪيس جي شخصيتن جي سلسلي ۾ سي آءِ ڊي جنهن معلومات کي گڏ ڪري ڇڏيو آهي، ان تي اڪتفا ڪئي وڃي ٿي:
”ڊاڪٽر مٿرا سنگهه عرف سردار سنگهه عرف سندر سنگهه عرف شمشير سنگهه کتري رهندڙ موضع ڍيڊيال تعلقه چڪوال ضلع جهلم، هي ماڻهو پهريان فقط هڪ ڪمپائونڊر هو، پر ان پاڻ کي ڊاڪٽر چوڻ شروع ڪري ڏنو. پهريان هي راولپنڊي صدر ۾ ڊاڪٽر جگت سنگهه جي دڪان ۾ ڪم ڪندو هو ۽ پوءِ 1908ع تائين نوشهرو ڇاوڻي ۾ ايڇ ڊي ٺاڪرداس ڪيمسٽ اينڊ ڊرگسٽ جي دڪان ۾ شريڪ رهيو. غبن جي شبهي هئڻ تي ان دڪان کان پنهنجو تعلق ختم ڪري ڇڏيو ۽ فيبروري 1913ع ۾ نوڪريءَ جي ڳولا ۾ سمنڊ پار هليو ويو. هو رنگون، پيانگ، سنگاپور، هانگ ڪانگ، جپان وغيره ويو ۽ جولاءِ 1913ع ۾ سان فرانسسڪو ويو، جتي ان جي ملاقات هرديال سنگهه ۽ ان جي انقلابي پارٽيءَ سان ٿي، جنهن ۾ برطانيه جي خلاف خيال ڀڙڪايا. ان کي افغانستان موڪليو ويو ته جيئن ان حڪومت سان طئه ڪري ته آئنده جيڪو انقلابي ڀڄي ڪري افغانستان وڃي، ان جو تحفظ ڪيو وڃي. سان فرانسسڪو ۾ هڪ مهينو رهڻ کان پوءِ هو شنگهائي، جپان، هانگ ڪانگ، ملايا ۽ برما کان ٿيندو ۽ انهن ملڪن ۾ انقلاب پسندن سان ملاقاتون ڪندي، مارچ 1914ع ۾ شنگهائي واپس ويو. جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ نومبر 1914ع ۾ هو وري هندستان آيو ۽ سڌو پنجاب پهتو. ان کان پوءِ بيچيني جي دور ۾ معلوم ٿيو ته هو امرتسر ۽ ٻين هنڌن تي بم ٺاهي رهيو آهي. جڏهن لاهور ۾ ڪجهه گرفتاريون ڪيون ويون ته اهو هرنام سنگهه عرف ارجن سنگهه رهندڙ ڪٺوعه سان گڏ سرحدپار ڪري تيراهه ڀڄي ويو ۽ اتان کان پيش بلڪ پهچي ويو. افغان حاڪمن ان کي اتان گرفتار ڪري ورتو ۽ حراست ۾ ڪابل پهچائي ڇڏيو. ان کي جيل ۾ رکيو ويو، پر راجه مهندر پرتاب جي سفارش تي سردار نصرالله خان ان کي آزاد ڪري ڇڏيو.
ان کان پوءِ هو ڪابل ۾ اينٽي برٽش پارٽي جو سرگرم ۽ مستقل ميمبر ٿي ويو. مٿرا سنگهه اتان هندستاني فوجين کي بغاوت تي ڀڙڪائڻ جي لاءِ خط مردان ۾ مقرر ٿيل گائڊس ڪيويلري (رساله) دفعدار هرچرن سنگهه ۽ راولپنڊيءَ ۾ ڀاءُ هرنام سنگهه جي نالي روانا ڪيا. مارچ 1916ع ۾ ڊاڪٽر مٿرا سنگهه ۽ لاهور جو هڪ جهادي طالب علم، خوشي محمد راجه مهندر پرتاب جو هڪ خط تاشقند جي گورنر جي لاءِ ۽ ٻيو خط، جيڪو سون جي ننڍي ٿالهيءَ ۾ زار روس جي لاءِ هو، پاڻ سان گڏ کڻي ڪري خفيه مشن تي روانو ٿيو، جنهن ۾ حڪومت روس کي درخواست ڪئي ويئي هئي ته جيڪڏهن افغانستان هندستان تي حملو ڪري ته روس غيرجانبدار رهي، هي مشن مئي 1916ع ۾ هندستان واپس اچي ويو.“
واپسيءَ کان پوءِ سردار نصرالله کان اڳ مٿرا سنگهه، پوءِ خوشي محمد جي ملاقات جو تفصيلي ذڪر مولانا سنڌي مرحوم ۽ ظفر حسن ايبڪ ڪيو آهي. پر اسان ان کي هتي ڊگهي هجڻ جي خوف کان نظرانداز ڪريون ٿا. چين ۽ جپان مشن ۾ مٿرا سنگهه جي شرڪت، روانگي ۽ گرفتاري جي حالتن ۽ ريشمي خط سازش ڪيس جي مٿي ذڪر ڪيل رپورٽ جي تسلسل سان نقل ڪريون ٿا:
”ان کان پوءِ مٿرا سنگهه، شيخ عبدالقادر سان گڏ جولاءِ 1916ع ۾، راجه مهندر پرتاب ۽ مولانا برڪت الله جا خط چين جي ڊاڪٽر سن يات سين ۽ جپان جي شاهه ميڪاڊو ۽ ڪائونٽ اوڪاما جي نالي کڻي روانو ٿيو. ان وٽ يارنهن هزار پائونڊ جا چيڪ هئا. ڪجهه چيڪ نيويارڪ جي رميش بينڪ (جرمن بينڪ) ۽ ڪجهه چيڪ جپان جي اسپيني بينڪ جي نالي هئا ۽ باقي سان فرانسسڪو جي انٽرنيشنل بينڪنگ ڪارپوريشن جي نالي هئا. هي چيڪ چين ۽ جپان جي مقامي بينڪن جي معرفت ڪيش ڪرائڻا هئا. مٿرا سنگهه ۽ عبدالقادر روشي ترڪستان جي رستي سفر ڪيو، پر روس ۾ پهچڻ کان ڪجهه دير پوءِ ان کي روسي حڪومت گرفتار ڪري ورتو. ان کي مشهد وٺي وڃي برطانوي قونصل جنرل جي حوالي ڪيو ويو. آخرڪار ان کي لاهور پهچايو ويو. اسپيشل ٽربيونل مٿرا سنگهه جي خلاف مارچ 1917ع ۾ ڪيس جي شنوائي ڪئي. ان کي ضابطه فوجداري جي دفعات 12، 12 الف 302، 109 جي تحت ۽ ٻين ڏوهن جو ڏوهاري قرار ڏنو ويو ۽ موت جي سزا جو حڪم ٻڌايو، جنهن تي عملدرآمد جي لاءِ 12 مارچ جو ڏينهن مقرر ڪيو ويو.“
(ب) هرنام سنگهه، مٿرا سنگهه جي احوال ۾ ان جو ذڪر اچي چڪو آهي. ريشمي خط سازش ڪيس ۾ ان جو احوال هنن لفظن ۾ آيو آهي:
”هرنام سنگهه عرف ارجن سنگهه پٽ ڀاڳ سنگهه مهاجن موضع ڪهوٽا، ضلع راولپنڊي، ايس ايس ڪوما گاٽو مارو جهاز جي ذريعي، جپان جهڙي تمام پري وڏي ملڪ تائين سفر ۽ واپسي ۾ گرويت سنگهه جو نائب خاص هو. هو ”ماشيما مارو“ نالي جهاز جي ذريعي بيرسنگهه سان گڏ هندستان واپس آيو، جيڪو ”ڪوماگاٽو مارو“ مهم جو جوائنٽ سيڪريٽري هو. جهاز جي عرشه (ڇت) تي مسافرن کي ڀڙڪائڻ جون ان سرگرم ڪوششون ڪيون ۽ موهن سنگهه جي پارٽيءَ سان گڏ نانڊير هليو ويو. خيال ڪيو وڃي ٿو ته ان خالص ڪاليج امرتسر ۾ تعليم ورتي آهي. سک غدر سازش جو انڪشاف ٿيڻ تي، جڏهن لاهور ۾ گرفتاريون ڪيون ويون ته، هو ڊاڪٽر مٿرا سنگهه سان گڏ سرحدپار ڪري تيراهه ڀڄي ويو ۽ اتان کان ”پيش بلڪ“ پهتو، جتان افغان حڪمرانن انهن ٻنهي کي گرفتار ڪري ورتو ۽ حراست ۾ ڪابل پهچائي ڇڏيو، جتي انهن کي جيل ۾ وڌو ويو هو. پر بعد ۾ سردار نصرالله خان، راجه مهندر پرتاب جي سفارش تي انهن کي آزاد ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ هي ماڻهو اتان برطانيه جي خلاف غدر پارٽيءَ جا سرگرم ۽ باضابطي ميمبر ٿي ويا. ڪابل ۾ هرنام سنگهه ۽ مٿرا سنگهه گڏيل طور تي مردان ۾ گائڊس جي رسالي جي دفعدار هرچرن سنگهه ۽ راولپنڊي جي ڀاءُ هرنام سنگهه کي باغيانه خط لکيا، جن ۾ هندستاني فوجين کي بغاوت جي لاءِ ڀڙڪائڻ جي تلقين ڪئي ويئي هئي. هرنام سنگهه 1916ع ۾ ويس بدلائي هندستان اچڻ وارو هو ته جيئن ڪجهه هندستاني مها راجائن جي نالي قيصر جرمني جا جيڪي خط راجه مهندر پرتاب آندا هئا، اهي کين پهچائي سگهجن. پر هي معلوم نه ٿي سگهيو ته ان مقصد جي لاءِ ان واقعي هندستان جو سفر ڪيو يا نه؟ شايد هو ان وقت ڪابل ۾ آهي.“
(46) جمعيت مان مراد حڪومت موقته آهي، جيڪا راجه مهندر پرتاب جي صدارت ۾ قائم ٿي هئي. ان جو وزيراعظم مولانا برڪت الله ڀوپالي ۽ وزير امور داخله مولانا سنڌي هو ۽ سيڪريٽري ظفر حسن هو. 1918ع ۾ جنگ استقلال افغانستان جي موقعي تي هند وارن جو تعاون حاصل ڪرڻ جي لاءِ حڪومت موقته جي طرف کان جيڪو اعلان نامون يا اپيل شايع ڪئي ويئي هئي، ان مطابق مولانا سنڌي جي لفظن ۾، ان جي قائم ڪرڻ جو مقصد هي هو ته ”هند ۾ موجوده غاصب، غدار ۽ ظالم حڪومت جي عيوض بهترين حڪومت قائم ٿئي.“ عارضي حڪومت سان شاگردن جو تعلق ۽ تعاون جو ذڪر حاشيه نمبر 39 ۾ اچي چڪو آهي.
(47) هندي راجه- راجه مهندر پرتاب جي شخصيت مراد آهي، جيڪو ڪابل ۾ هندستان جي عارضي حڪومت جو صدر هو. ريشمي خط سازش ڪيس ۾ ان جي شخصيت ۽ ڪارنامن تي جامع نوٽ آهي، هتي ان نوٽ تي اڪتفا ڪئي وڃي ٿي:
”راجه مهندر پرتاب ضلع عليڳڙهه جي مرسان جي راجه دات پرشاد سنگهه بهادر جو ڀاءُ ۽ جيند جي راجه رنبير سنگهه جو ڀيڻويو آهي. پراڻي حڪمران خاندان سان تعلق رکي ٿو ۽ هاٿرس ۽ مرسان ۾ ڪافي ايراضيءَ جو مالڪ آهي. هن ايم اي او ڪاليج عليڳڙهه ۾ تعليم حاصل ڪئي، جتي هندو مسلم اتحاد جو جذبو هن جي رڳ رڳ ۾ سمائجي ويو. تعليم مڪمل ٿيڻ کان پوءِ هن بندرابن ۾ هندن، مسلمانن، عيسائين ۽ سکن تي مشتمل منظم ڪميٽي ٺاهي ”پريم مهاودياليه“ قائم ڪيو. راجا کي اميد هئي ته هن اسڪول جي ذريعي، گڏيل هندستان جي بنياد تي، قومي اتحاد جي تحريڪ شروع ڪندو. هو سفر جو ڏاڍو شوقين آهي، چيو وڃي ٿو ته هن ٻه دفعا سڄي دنيا جو سفر ڪيو آهي. آمريڪا ۾ هن جي ملاقات هرديال ۽ غدر پارٽي جي ٻين ميمبرن سان ٿي ۽ ان ۾ انقلابي خيالن ۾ جوش ۽ جذبو پيدا ڪري ڇڏيو. 20 ڊسمبر 1914ع تي هندستان مان مارسيلز روانو ٿيو، جتان هو سوئزرلينڊ ۽ پوءِ جرمني پهچي، برلن جي انڊيا سوسائٽيءَ ۾ شامل ٿي ويو. 1915ع ۾ ڪابل جي امير ۽ هندستاني رياست جي والين لاءِ قيصر جرمني ۽ سلطان ترڪي جا خط ۽ جهاد جي فتويٰ ڏئي ڪري، ان کي ترڪ جرمن مشن سان گڏ افغانستان موڪليو ويو. ڪابل جي رهڻ جي زماني ۾ ان حڪومت موقته هنديه قائم ڪئي، جنهن جو صدر هو پاڻ ٿيو. برڪت الله وزيراعظم ۽ عبيدالله وزيرداخله مقرر ڪيا ويا. هن مهاجر شاگردن جا ڪيترائي سفارتي وفد منظم ڪيا جيڪي روس، چين، جپان، برلن ۽ قسطنطنيه موڪليا ويا.“
1978ع ۾ هندستان ۾ وفات ڪيائين.
(48) سلطان المعظم- مراد ترڪيءَ جو خليفو سلطان محمد پنجون آهي، جنهن جي خلافت جو دور 1908ع کان 1918ع آهي. ان کانپوءِ سلطان وحيدالدين محمد ڇهون خلافت جي تخت تي ويٺو ۽ ان کان پوءِ ترڪي جي آخري خليفي عبدالمجيد ثاني هو. 29 آڪٽوبر 1923ع تي جمهوريت قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ خلافت جو خاتمو ٿي ويو.
(49) پهرين عالمگير جنگ کان اڳ ۽ ان دوران جرمنيءَ تي قيصر وليم ٻئي جي حڪومت هئي. جنگ ۾ جرمنيءَ جي شڪست کان پوءِ جولاءِ 1919ع ۾ جرمنيءَ ۾ به جمهوري حڪومت قائم ٿي ويئي.
(50) مولوي برڪت الله: ان جو والد محمد شجاعت الله پنهنجي گهرواريءَ کي وٺي ڪري 1857ع ۾ بدايون کان ڀوپال هجرت ڪري ويو هو جتي ان جي پيدائش 1858ع يا 1859ع ۾ ٿي. شروعاتي ۽ اعليٰ تعليم جو مرحلو ڀوپال ۾ ئي طئه ٿيو، ان ڪري هو ڀوپاليءَ جي نبست سان مشهور ٿيو. هن جي استادن ۾ مولوي سيد عبدالله، مولانا محمد عمر شاگرد، امام بخش صحباني، مولوي هادي حسن، مولانا سيد انور علي، مولانا محمد ايوب صديقي، مولانا يوسف علي ۽ شيخ حسين عرب يمني خاص طور تي مشهور آهن. تعليم مان فارغ ٿي ڪري هو مدرسي وقفيه ۾ استاد ٿي ويو. 1882ع جي آخر ۾ ان جي ملاقات شيخ جمال الدين سان ٿي، جيڪو ان زماني ۾ ڀوپال آيو هو. برڪت الله ان جي خيالن ۽ سيرت کان تمام گهڻو متاثر ٿيو. ان جو ئي نتيجو هو جو اسلامي اتحاد، ملڪ جي آزادي ۽ سامراج جي دشمني سڄي زندگي هن جو مقصد رهيو. جنوري 1883ع ۾ اوچتو ڀوپال مان هليو ويو. پهريائين هو شنگ آباد پوءِ جبل پور پهتو ۽ ڪجهه عرصو هڪ ڪرسچين مشن ۾ ملازمت ڪيائين. بعد ۾ هو بمبئي هليو ويو، جتي هو اٽڪل چار سال رهيو ۽ انگريزيءَ جي تعليم ورتائين. وڌيڪ اعليٰ تعليم جي لاءِ انگلستان هليو ويو جتي ان اخبارن ۾ ڪالم نويسيءَ جو سلسلو به شروع ڪري ڇڏيو. اهو ئي هن جي گذر سفر جو ذريعو هو. هن جي علمي شهرت کان متاثر ٿي ڪري، مسٽر عبدالله، شيخ الاسلام انگلستان ان کي ليورپول اچڻ جي دعوت ڏني. برڪت الله ان جي قائم ڪيل اداري ”مسلم انسٽيٽيوٽ ليورپول“ ۾ شريڪ ٿي ڪري پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جو سلسلو شروع ڪيو. ٻئي طرف ڪريسينٽ ۽ اسلامڪ ورلڊ نالي رسالن ۾ تبليغي ۽ اسلامي موضوعن تي مقالا لکڻ شروع ڪيائين. ڪجهه عرصي کان پوءِ هو ليورپول يونيورسٽي جي اورينٽل ڪاليج ۾ عربيءَ جو پروفيسر ٿي ويو. هتي ئي 1895ع ۾ ان جي ملاقات سردار نصرالله خان سان ٿي جيڪو ان جي شهزادگيءَ جو زمانو هو.
1905ع جي آخر ۾ مولوي برڪت الله، شيخ الهند مولانا محمود حسن ديوبنديءَ جي درخواست تي، ان جي هڪ خفيه سياسي مشن تي چين پهتو، جتان هو ٽوڪيو يونيورسٽي جي مشرقيات جي شعبي ۾ اردوءَ جو پروفيسر ٿي ويو. هتي ان اسلامڪ فريٽرينٽي جي نالي سان هڪ انجمن ٺاهي ورتي ۽ ان نالي سان هڪ رسالو جاري ڪيو. هن جي مضمونن برطانوي ۽ سامراج جي خلاف سڄي چين ۾ باهه لڳائي ڇڏي، جنهن جو نتيجو هي نڪتو ته ٽوڪيو ۾ رهندڙ برطانوي قونصل جي احتجاج تي ان کي يونيورسٽيءَ مان الڳ ڪيو ويو، پر هن مالي دشوارين جي باوجود ان تحريڪ کي جاري رکيو. اتان کان هو جپان هليو ويو. ان دوران هڪ انقلابي وفد چوڌري رحمت علي جي قيادت ۾ فرانس موڪليو ويو، پر ان کي پنهنجي مقصدن ۾ پوري ڪاميابي نه ٿي ته حضرت شيخ الهند مولانا برڪت الله کي فرانس وڃڻ جي هدايت ڪئي. برڪت الله اسلامڪ فريٽرينٽي بند ڪري ڇڏي ۽ 1913ع جي شروع ۾ فرانس هليو ويو. پيرس ۾ ويهي ڪري ان پنهنجي تحريڪ کي يورپ کان وٺي آمريڪا تائين سڀني آفريقي ملڪن تائين پکيڙي ڇڏيو.
مارچ 1913ع ۾ آمريڪا جي رياست ڪيليفورنيا جي شهر سيڪرامنٽو ۾ غدر پارٽيءَ جو قائم ٿيڻ عمل ۾ آيو. ان جي بانين ۾ موهن سنگهه ڀڳٽا ۽ لاله هرديال سان گڏ مولانا برڪت الله به گڏ هو ۽ پهرين نومبر 1913ع تي جڏهن اخبار غدر جو جاري ڪرڻ عمل ۾ آيو، ته ان جي بهترين ۽ گهڻائي سان لکڻ وارن ۾ مولانا برڪت الله به هو. پهرين جنگ عظيم ڇڙڻ تي هو جرمني هليو ويو ۽ برلن ڪميٽيءَ ۾، جنهن جو سڄو نالو ”برلن انڊين نيشنل پارٽي“ هو، شامل ٿي ويو. هڪ فيصلي جي مطابق، برلن ڪميٽيءَ جو هڪ مشن قسطنطنيه موڪليو ويو. اتان شيخ الاسلام جي فتويٰ ۽ سلطان جا فرمان، جيڪي هندستان جي مختلف رياستن جي نوابن ۽ راجائن جي نالي هئا، حاصل ڪري هي مشن افغانستان پهتو. هتي ان حڪومت موقته قائم ڪئي، جنهن جو تذڪرو هڪ گذريل نوٽ ۾ اچي چڪو آهي. هي سڄي معلومات ايم عرفان جي ڪتاب ”برڪت الله ڀوپالي“ مان ورتل آهي. هاڻي اسان کي ان جي باري ۾ برٽش سامراج جي خيالن ۽ ان جي حريت آزاديءَ جي ڪوشش ڪرڻ جي ڏوهن جي ان فهرست تي به نظر وجهڻ گهرجي، جنهن جي داخلا ۽ اظهار ريشمي خط سازش ڪيس ۾ ڪيو ويو آهي. ان ۾ چيو ويو آهي ته:
”مولوي برڪت الله ڀوپالي اهو ئي بدنام مولوي برڪت الله آهي، جيڪو ٽوڪيو ۾ اردو جو پروفيسر هيو. برطانيه مخالف پروپئگنڊا جي سبب ڪري جپان ۾ مشهور ٿي ويو. ڀوپال جي منشي قدرت الله (صحيح نالو شجاعت الله) جو پٽ آهي. حڪومت جپان جي طرف کان لاهڻ کان پوءِ 1914ع ۾ (صحيح هي آهي ته هو 1913ع جي شروع ۾ ئي) سان فرانسسڪو هليو ويو ۽ اتي غدر پارٽي جو سرگرم ميمبر ٿي ويو. اتان کان برلن پهتو جتان هو انڊين نيشنل پارٽي جو ميمبر ٿي ويو. بعد ۾ جرمن مشن سان گڏ ڪابل ڏانهن روانو ٿي ويو. راجه مهندرپرتاب ۽ عبيدالله سان گڏ افغانستان ۾ آهي ۽ وڏي سرگرميءَ سان افغانستان کي برطانيه جي خلاف جنگ تي ڀڙڪائڻ ۾ مشغول آهي. حضرت مولانا جي نالي پنهنجي خط ۾ عبيدالله هن جو ذڪر ڪيو آهي. جنود ربانيه جي فهرست ۾ هو ليفٽيننٽ جنرل آهي.“
حڪومت موقته (عارضي حڪومت) ۾ هو وزيراعظم جي عهدي تي مقرر هو. ان وفد جي ميمبرن مان مولوي برڪت الله ليفٽيننٽ جنرل جي حيثيت سان ۽ ترڪي نمائندو ڪاظم بي ميجر جنرل جي حيثيت سان هو، ريشمي خط سازش ڪيس جي انڪشاف کان پوءِ ان کي ڪابل مان نڪرڻو پيو. مولانا سنڌيءَ کي به نه فقط پنهنجو سياسي ڪم بند ڪرڻو پيو، پر ڪجهه وقت نظربنديءَ جي صورت ۾ به گذاريو. مولوي برڪت الله قسطنطنيه هليو ويو، اتان کان اپريل 1919ع ۾ ماسڪو هليو ويو. امير حبيب الله جي قتل کان پوءِ جڏهن امان الله اقتدار تي ويٺو ته، ڪابل ۾ هندستان جي آزاديءَ جي تحريڪ کي ڪم ڪرڻ جو وري موقعو مليو. ان موقعي تي مولانا برڪت الله کي ماسڪو مان گهرايو ويو ۽ وري ان کي برٽش انڊيا سان افغانستان جي جنگ ۾ روسي امداد حاصل ڪرڻ جي لاءِ موڪليو ويو. برڪت الله ڪامريڊ لينن ۽ ٻين ليڊرن سان ڪيتريون ئي ملاقاتون ڪيون. پر هوڏانهن افغانستان جنگ ڇيڙڻ ۾ تڪڙ ڪئي ۽ افغانستان جي مستقل ۽ مڪمل آزاديءَ جي شرط تي جنگ بند به ڪري ڇڏي. ان ڪري مولوي برڪت الله کي پنهنجو مشن پڄاڻي تائين پهچائڻ جو موقعو نه مليو. 1920ع ۾ هڪ دفعو وري هو ڪابل آيو ۽ افغانستان کي ان ڳالهه تي آماده ڪيو ته، هو برٽش حڪومت سان معاهدو نه ڪري. روس ان جي لاءِ هڪ بارودي ڪاخانو قائم ڪري ڇڏيندو، پر هيءَ وَلِ مٿي چڙهي نه سگهي. انگريز ڊپلوميسيءَ ان منصوبي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، مولانا برڪت الله ماسڪو هليو ويو.
1922ع ۾ مولانا برڪت الله ماسڪو کان برلن هليو ويو. اتان کان فرانس ويو ۽ 1925ع جي آخر ۾ الاصلاح جي نالي سان هڪ اخبار جاري ڪيائين. پر هڪ ئي نمبر نڪتو هو ته کيس کي به فرانس کي ڇڏڻو پيو. ڪجهه وقت هن سئٽرزلينڊ ۾ گذاريو. 10 جولاءِ 1927ع تي هو آمريڪا ويو. پهريائين نيويارڪ ۽ پوءِ سان فرانسسڪو هليو ويو. هتي ئي 27 سيپٽمبر 1927ع تي وفات ڪيائين. ميرز ويل ۾ دفنايو ويو. آخري رسمن ۾ مولوي رحمت الله، ڊاڪٽر سيد حسين، ڊاڪٽر اورنگ شاهه ۽ راجه مهندر پرتاب شريڪ هئا. مولانا برڪت الله شادي نه ڪئي هئي، خلافت جي نالي سان انگريزي زبان ۾ ان جو هڪ ڪتاب يادگار آهي.
(51) حڪومت موقته جي طرف کان عبدالباري ۽ شجاع الله لاهور جي ٻن مهاجر شاگردن جو هڪ وفد ترڪي موڪليو پئي ويو. شايد ان مشن جي پروگرام ۾ حجاز وڃي ڪري، حضرت شيخ الهند رحه سان ملاقات به شامل ڪئي. هي مشن ايران ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ هندستاني حڪومت جي حوالي ڪيو ويو هو. ڪجهه عرصي تائين پنجاب ۾ نظربند رهيا. پهرين ذڪر ڪيل ميان عبدالباريءَ جي نالي سان تحريڪ پاڪستان جي ميمبر جي حيثيت سان گهڻي شهرت حاصل ڪئي.
(52) جنود ربانيه يا جنودالله، ان جي معنيٰ خدائي فوج جي آهي. برصغير کي آزاد ڪرائڻ جي لاءِ وجود ۾ آئي هئي. هي فوج ان منصوبي جي تحت ترتيب ڏني ويئي هئي؛ ان جا ٽي پيٽرن، ٻارنهن فيلڊ مارشل، هڪ جنرل ۽ هڪ قائم مقام جنرل هو. ان کان سواءِ اوڻٽيهه ليفٽيننٽ جنرل، سترهن ميجر جنرل، چوويهه ڪرنل، ٻارنهن ليفٽيننٽ ڪرنل، ٽي ميجر، ٻه ڪپتان ۽ هڪ ليفٽيننٽ هو. قائم مقام جنرل مولانا عبيدالله سنڌي هو. جنود ربانيه جي باري ۾ هڪ نقشو ۽ عهديدارن جي فهرست ضميمي ۾ ڏسو. ان جو هيڊ ڪوارٽر مدينو شريف تجويز ڪيو ويو هو.
(53) ڄڻ ته هندستان جي عارضي حڪومت ۽ آزاديءَ جي فوج (جنود ربانيه) جي طرفان حضرت شيخ الهند جو هن وڏي عهدي تي مقرر ٿيڻ، ٻاهرين حڪومتن سان معاهدن جي لاءِ هڪ طرح جو اختيار نامو آهي.
(54) خدام مان اشارو برصغير ۾ تحريڪ جي نظام جي طرف آهي. يعني سڌوسنئون اطلاع نه پهچڻ جي صورت ۾ تحريڪ جي ڪنهن ميمبر تائين به جيڪڏهن ڪنهن هدايت يا منصوبي جو اطلاع پهچي وڃي ته پوءِ ان جو علم سڀني کي ٿي ويندو.
(55) مدرسي وارن مان دارالعلوم ديوبند جي مهتمم صاحبن ۽ انهن جا اهي عقيدتمند مراد آهن، جيڪي حضرت شيخ الهند جي تحريڪ کان نه فقط الڳ هئا، پر مخالفت ۽ ان کي نقصان پهچائڻ جو به ڪو موقعو هٿان نه وڃڻ ڏيندا هئا. پهريان شايد خوش ٿيا هوندا ته حضرت شيخ الهند جي حجاز ڏانهن وڃڻ کان پوءِ تحريڪ ختم يا گهٽ ۾ گهٽ ٿڌي ٿي ويندي. پر هاڻي جڏهن ته انهن کي پنهنجي توقعات جي خلاف تحريڪ ۾ وڌيڪ سرگرميءَ جا اطلاع ۽ ڪاميابيءَ جا وڌيڪ امڪان ڏسڻ ۾ آيا ته سوچيو هوندائون ته حضرت شيخ الهند کي واپس اچڻ جو مشورو ڏنو وڃي ته جيئن اهڙيءَ طرح سرڪار ۾ پنهنجي ڪريل ساک کي قائم رکيو وڃي. انهن جملن مان خط لکندڙ جي منشا اها ئي ظاهر ٿئي ٿي.
(56) مولوي محسن- معلوم ٿئي ٿو ته مولوي محمد محسن جو تعلق تحريڪ سان ڪو به نه هو. حضرت شيخ الهند جي حجاز جي سفر کان پوءِ هندستان ۾ ئي هو. ان کي ئي مدرسي وارا حضرت شيخ الهند کي هندستان ڏانهن واپس آڻڻ جي لاءِ استعمال ڪرڻ چاهين پيا. سازش ڪيس سان به ان جي سياسي انقلابي سرگرمين جي باري ۾ ڪا به خبر نه ٿي پوي. سازش ڪيس جي شخصيات جي باري ۾ ان تي هي نوٽ آهي:
”جدي جي واقعن کان بعد جي بيان ۾ جيڪو خط مولانا جي نالي عبيدالله لکيو آهي، ان ۾ هي نالو آهي. مولوي محمد حسن، مولانا محمود حسن جو ننڍو ڀاءُ آهي. ديوبند ۾ هو ڪنهن جاءِ تي ملازم آهي. سيد نورالحسن رٺيڙي ضلع مظفر ننگر جو دوست آهي.“
هن بيان ۾ هيءَ تصحيح ضروري آهي ته ذڪر ڪيل خط مولانا عبيدالله جو نه آهي، پر مولانا محمد ميان عرف منصور انصاريءَ جو آهي. مولانا ذوالفقار علي ديوبند جي اولاد مان ٻه ڌيئر ۽ چار پٽ هئا. حضرت شيخ الهند محمود حسن، مولانا حامد حسن (ف 1329هه) مولانا حڪيم محمد حسن ۽ مولانا محمد محسن، هي پنهنجي ڀائرن ۾ سڀني کان ننڍو هو. حضرت شيخ الهند کي مولانا محمد محسن سان گهڻي محبت هئي ۽ ان کي به حضرت سان بي انتها محبت هئي.
(57) شايد پهريان حضرت مهتمم صاحب ۽ ان جي عقيدتمندن جو خيال هو ته ملڪ کان ٻاهر حجاز پهچي ڪري، حضرت شيخ الهند رحه ۽ سندن ٻيا سرگهور ساٿي هٿين خالي ۽ ڪمزور ٿي ويندا، ملڪ ۽ ملت جي آزادي جي تحريڪ ختم ٿي ويندي. پر جيئن ئي انهن کي اندازو ٿيو ته تحريڪ جي واڌاري ۽ دعوت جي قبول جي لاءِ اسلام جي اڪابرن جي قلب کي الله تعاليٰ پنهنجي فضل سان کولي ڇڏيو آهي، ته انگريز جي خدمتگذاري جي جذبي انهن کي بي قرار ڪري ڇڏيو ۽ جيڪي زبانون پهريان حضرت جي سفر حجاز جي حمايت ۾ هيون، هاڻي حضرت جي واپسيءَ لاءِ دعائون گهري رهيون هيون. هاءِ افسوس! الله تعاليٰ ان جي قلب کي ملڪ جي آزادي جي لاءِ بي چين ۽ جذبات خير کان ڪنهن طرح ڪيئن نه خالي ڪري ڇڏيو هو.
(58) قاضي، حڪيم، ڊاڪٽر مولانا رائي وارو مان مراد قاضي محمد محي الدين احمد مراد آبادي، قاضي ڀوپال، حڪيم عبدالرزاق، ڊاڪٽر مختار احمد انصاري ۽ مولانا عبدالرحيم رائيپوري عليهم الرحمة آهن. انهن سڀني تي حاشيو گذري چڪو آهي.
(59) قصو غالب مان اشارو ”غالب نامه“ جي راز ظاهر ٿيڻ جي طرف آهي. غالب نامه اها لکت آهي، جيڪا مڪي جي ترڪي گورنر غالب پاشا کان حضرت شيخ الهند رحه حاصل ڪئي هئي. ”قصو غالب جي علم هئڻ جي ذريعي مطلوب“ جو مطلب هي آهي ته مطلوب الرحمان غالب نامه جي راز جي ظاهر ڪرڻ جو سبب ٿيو هو.
(60) اشارو ان طرف آهي ته مطلوب الرحمان جو جيڪو رويو هندستان ۾ رهيو ۽ ان گورنمينٽ کي جيڪي اطلاع پهچايا، ان جي ڪري حضرت شيخ الهند رحه جي گرفتاريءَ جو هتي خطرو وڌي ويو آهي.
(61) مولانا الناظم مان مراد مولانا عبيدالله سنڌي آهي. مولانا سيف مان مراد مولانا سيف الرحمان آهي. ڏسو حاشيو نمبر 32 فضلين ۽ عبدالعزيز جي باري ۾ ڏسو حاشيو نمبر 34.
(62) ”مولانا حسين ان جو والد ۽ ڀائرن“ مان مراد مولانا حسين احمد مدني رحه سندن والد ماجد ۽ ان جا ڀائر آهن. وضاحت هيءَ آهي:
”مولانا مدني رحه جي والد جو نالو مولوي سيد حبيب الله هو. وطن الهه دادپور، تعلقه ٽانڊه ۽ ضلع فيض آباد هو. سرڪاري اسڪول ۾ استاد هو. مولانا فضل الرحمان گنج مراد آبادي جو مجاز خليفو، بيعت ۽ ارشاد جي اجازت ڏنل هو. 1316هه ۾ پنهنجي سڄي خاندان سان گڏ هجرت ڪري ويو. 1334ع ۾ جڏهن حضرت شيخ الهند رحه ۽ ان جي رفيقن کي مديني شريف ۾ گرفتار ڪيو ويو ته حضرت مدني ۽ حضرت شيخ الهند رحه جي تعلق جي بنياد تي ان کي به سندس ٻن پٽن سميت (مولانا سيد احمد ۽ محمود احمد) گرفتار ڪري ايڊريا نوپل موڪليو ويو. اتي پهچڻ جي هڪ مهيني کان پوءِ 1917ع ۾ وفات ڪيائين ۽ اتي ئي دفن ٿيو. مولانا حسين احمد مدني کان سواءِ مولوي حبيب الله جا چار پٽ ٻيا هئا:
1- مولانا محمد صديق ڄمڻ جو هنڌ الهه دادپور 1288هه، وفات مدينو شريف 1331هه دارالعلوم ديوبند جو فارغ التحصيل ۽ مولانا رشيد احمد گنگوهيءَ سان بيعت ۽ ان جو خليفو هو. مولوي وحيد احمد جيڪو مالٽا ۾ حضرت شيخ الهند رحه سان گڏ قيد هو، سندن ئي صاحبزادو هو.
2- مولانا سيد احمد ڄمڻ جو هنڌ بانگر مئو 1393هه، وفات مديني شريف ۾ 1358هه. هي به دارالعلوم ديوبند جو فارغ التحصيل، مولانا رشيد احمد گنگوهي سان بيعت ۽ حضرت شيخ الهند رحه ۽ مولانا خليل احمد رحه جو خليفو مجاز هو. مديني شريف ۾ مدرسه العلوم الشرعيه ليتامي لدمينه المنوره جي نالي سان هڪ مدرسو قائم ڪيائين، جيڪو هاڻي به قائم آهي. ان سان گڏ هڪ عظيم الشان لائبريري به آهي.
3- جميل احمد ڄمڻ جو هند الهه داد پور 1302هه وفات مدينو شريف. هندستان ۾ عربي درسي جي مڊل ڪلاس جا ڪتاب پڙهندو هو ته والد مرحوم سان گڏ هجرت ڪري مديني شريف ڏانهن هليو ويو. هتي ترڪي مدرسي رشيديه مان تعليم حاصل ڪيائين، پوءِ استنبول ۾ اعداديه ۾ داخل ڪيو ويو. هڪ سال کان پوءِ بيمار ٿي پيو، مديني شريف واپس آيو ۽ ان ئي بيماريءَ جي حالت ۾ جوانيءَ ۾ وفات ڪيائين.
4- محمود احمد ڄمڻ جو هنڌ الهدادپور 1308هه مدني شريف جي ترڪي مدرسي رشيديه مان فارغ ٿيڻ کان پوءِ ملازمت اختيار ڪيائين. حڪومت سعوديه ۾ جدي جو قاضي هو. پوءِ استعيفا ڏئي ڪري مديني شريف ۾ پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري ڏنائين. ”نقش حيات“ جي اشاعت 1953ع تائين جيئرو هو.
مولانا حسين احمد مدني ان جو والد صاحب ۽ ڀائر، اهي ئي آهن جنهن کي مولوي محمد ميان انصاريءَ پنهنجي خط ۾ سلامن سان نوازيو آهي.
مولانا مدني رحه جو والد ۽ ان جي ڀائرن مان ڪنهن جو به تعلق جيئن ته ريشمي خط تحريڪ سان نه هو، ان ڪري انهن جو وڌيڪ تعارف ۽ تذڪري کان قطع نظر فقط مولانا حسين احمد مدنيءَ جو مختصر تعارف ڪرايو وڃي ٿو:
مولانا حسين احمد مدني پنهنجي ڀائرن ۾ ٻن کان ننڍو ۽ ٻن کان وڏو هو. 1296هه ۾ ضلع اناؤ (يوپي) جي شهر بانگر مئو ۾ ڄائو هو. جتي سندس والد استاد هو. مولانا جي عمر ٽن سالن جي هئي ته سندس والد پنهنجي بدلي اباڻي وطن ٽانڊه ڪرائي ڇڏي. هتي ئي مولانا جي تعليم جي شروعات ٿي. 1309هه ۾ جڏهن سندس عمر ٻارنهن سال هئي ته کيس حضرت شيخ الهند جي خدمت ۾ دارالعلوم ديوبند موڪليو ويو. ستن سالن جي عرصي ۾ رائج علم مان فارغ ٿي ويو ۽ مولانا رشيد احمد گنگوهيءَ سان بيعت ڪيائين. 1321هه ۾ والد بزرگ سان گڏ هجرت ڪري مديني شريف ڏانهن هليو ويو. 1334هه ۾ حضرت شيخ الهند رحه حجاز ڏانهن ويا ته حضرت مولانا مدني رحه مسجد نبوي ۾ درس ۽ تدريس ۾ مشغول هئا. جڏهن ته وچ جي 18 سالن ۾ ڪيترائي دفعا هندستان آيا ۽ ڪيترا دفعا ڪافي سال به رهيا، پر مستقل رهائش ۽ مصروفيت درس ۽ تدريس حديث مديني شريف ۾ ئي رهي. جڏهن حضرت شيخ الهند رحه کي گرفتار ڪيو ويو ته، جيئن ته مولانا مدني جي گرفتاريءَ جا حڪم نه هئا، پر حضرت شيخ الهند رحه سان سندس محبت گوارا نه ڪيو ته هن مصيبت ۾ سندن ساٿ نه ڏنو وڃي. تنهن ڪري سندن ئي درخواست تي کين به حضرت شيخ الهند رحه جن وٽ جدي پهچايو ويو ۽ پاڻ حضرت شيخ الهند رحه سان گڏ چئن سالن جو دور مصيبتن ۽ تڪليفن ۾ مالٽا قيد ۾ نهايت صبر ۽ شڪر سان گڏ گذاريائون ۽ حضرت شيخ جي خدمت گذاري ۾ ڪابه ڪثر نه ڇڏيائون.
1920ع ۾ آزادي ملي ته حضرت شيخ الهند رحه سان گڏ هندستان موٽيا ۽ سياسي مصروفيتن سان گڏ درس تدريس حديث ۽ مسلمانن جي تعليم ۽ اصلاح جي خدمت ۾ مشغول رهيا. جامعه اسلاميه امروهه، مدرسه اسلاميه ڪلڪتو (هي اهو مدرسو آهي جيڪو مولانا ابوالڪلام آزاد لاڳاپا ٽوڙ تحريڪ جي زماني ۾ قائم ڪيو هو) مدرسو عاليه ڪلڪته، جامعه اسلاميه سلهٽ ۾ صدرالمدرسين ۽ شيخ الحديث جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون. شروعاتي ٽن مدرسن ۾ ته تمام ٿورو ٿورو عرصو ڪم ڪيائون، پر جامعه اسلاميه سلهٽ ۾ 1339هه کان 1345هه تائين اٽڪل ڇهه سال درس ۽ تدريس حديث ۾ مصروف رهيا. 1345هه ۾ کين دارالعلوم ديوبند جي صدارت ۽ تعليم و تدريس جي نظامت جو عهدو سونپيو ويو ۽ پنهنجي وفات تائين 32 سال پاڻ ان عهدي تي مقرر هيا.
تحريڪ شيخ الهند سان سندن لاڳاپو 1916ع کان آهي. جڏهن ته تحريڪ ريشمي خطن سان سندن ڪو خاص تعلق نه آهي، پر بعد ۾ سنت يوسفي جي پيروي ڪندي قيد ۽ بند جي تڪليفن ۽ آزمائشن مان به گذريا، پاڻ جهڙي طرح سياسي، مذهبي زندگي گذاري اٿن، ان جو فقط تصور ئي ڪري سگهجي ٿو. ڏينهن رات جي سياسي مشغولين ۾ مولانا سيد محمد ازهر شاهه قيصر جي چوڻ مطابق، چوويهه ڪلاڪن مان فقط ٽي ڪلاڪ پاڻ سمهندا هئا، باقي سڄو ڏينهن درس ۽ تدريس، ديني ۽ ملڪي ۽ سياسي ۽ ملڪي خدمتن ۾ خرچ ٿيندو هو. مولانا سيد محمد ميان حضرت مدني رحه جي ٽائيم جي ورهاست جو بيان فرمايو آهي. ان تي هڪ نظر وجهڻ گهرجي مولانا محمد ميان مصنف ”علماءِ حق“ فرمائن ٿا:
”سياسي، تبليغي ۽ تدريسي، ٽنهين قسمن جون خدمتون ۽ وڌيڪ لاءِ دارالعلوم ديوبند جي صدارت جا فرائض يعني خصوصي مشورا، نگراني، چندي جون ڪوششون، ماليات جي اصلاح وغيره، ساڳئي وقت ادا ڪرڻ حقيقت ۾ حضرت محترم جو ئي ڪم ۽ سندن ئي همت آهي، جنهن جو نتيجو هي آهي ته سڪون ۽ آرام بي فڪري، راحت سڀ ڪجهه قربان ٿي ويو. رات ڏينهن لاڳيتو جدوجهد آهي، جنهن کي اهو انسان انجام ڏئي رهيو آهي، جنهن کي الله تعاليٰ تمام وڏي روحاني قوت عطا فرمائي.“
رات جو ڪيترائي ڪلاڪ لاڳيتو تقرير، ان کان پوءِ سفر ۽ صبح جو مدرسي ۾ پهچي ڪري لاڳيتو ڪيترائي ڪلاڪ اڍائي سؤ شاگردن جي جماعت کي درس ڏيڻ، جنهن ۾ هر قابليت ۽ هر ذوق جا شاگرد موجود آهن. جن ۾ ڪي اهي به آهن، جيڪي ڪيترائي سال پڙهائي پوري ڪري فقط حديث جي ٻڌڻ جي شوق ۾ حاضر ٿيا آهن. پوءِ اها دماغي تڪليف جيڪا اڍائي ٽي سؤ شاگردن جي وڏي حلقي ۾ تقرير ڪندي پيدا ٿئي، وري اهڙي طرح ٻيپهري ۽ ٽيپهري کان پوءِ، ڪنهن وقت سمهڻي کان پوءِ برابر درس، پوءِ وري هڪ ٻه ڏينهن نه پر هميشه ۽ سدائين نه فقط ڏينهن پر رات جو به، اهڙي طرح مشغلي جو تسلسل؛ مثلاً ديوبند جي قائم ٿيڻ جي وقت ۾ سانجهيءَ کان پوءِ نماز اوابين، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ سوا سيپارو روزانو جي تلاوت، پوءِ مريدن کي تلقين يا بيعت، وري سومهڻي کان پوءِ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڪلاڪ درس حديث، ڪتاب ڏسڻ، اخبارون ڏسڻ انهن مان يادگيريون مرتب ڪرڻ، جنهن جو قيمتي ذخيرو هزارين صفحن جي صورت ۾ حضرت جن وٽ موجود آهي؛ وري رات جي آخر ۾ تهجد، ان کان پوءِ ذڪر ۽ مراقبو وغيره وغيره.
مولانا اظهر شاهه قيصر لکيو آهي ته اسان جهڙن ناڪارن (واندن) جي لاءِ ته ان زندگيءَ جو تصور به مشڪل آهي. حقيقت اها ئي آهي ته هي وس کان وڌيڪ روحاني قوت هئي، جيڪا انهن سڀني مشغلن ۽ معمولات کي پورو ڪندي هئي.
حضرت مولانا حسين احمد مدني رحه ديني علمن جو بحرعالم هو. حديث ان جي مطالعي ۽ نظرجو خاص موضوع هو. قاري محمد طيب صاحب مدظله ان کي وڏي درجي جو محدث ۽ حديث جو محقق لکيو آهي. اهڙي طرح سياسي علمن ۾ به سندن مقام تمام مٿانهون هو. پاڻ عملي ميدان جا به شهسوار هئا. تحريڪ ريشمي خط 1916ع کان وٺي 1947ع تائين ڪا گڏيل سياسي تحريڪ اهڙي نه آهي، جنهن ۾ انهن ملڪ، قوم ۽ دين جي رهنمائي نه ڪئي هجي. پاڻ جمعيت علماءِ هند جا صدر هئا. تحريڪ ريشمي خطن ۾ جيتوڻيڪ پاڻ سڀني کان آخر ۾ آيا، پر پنهنجي قرباني ۽ اخلاص جي بنياد تي انهن پهرين ۽ سابقن تي به فوقيت حاصل ڪري ورتي. ريشمي خط سازش ڪيس ۾ سندن شخصيت ۽ ڪردار جي باري ۾ چڱو ڊگهو نوٽ آهي. ان ۾ چيو ويو آهي:
”هي حسين احمد مدني آهي. جنود ربانيه جي فهرست ۾ ليفٽيننٽ جنرل آهي. هي خاندان اصل ۾ ضلع فيض آباد (يوپي) جو آهي، پر 1899ع ۾ حجاز ڏانهن هجرت ڪري ويو هو. مولوي حسين احمد مدني مديني جو مفتي هو. هندستان کان وڃڻ کان اڳ، هو ديوبند ۾ استاد هو. مولانا محمود حسن جو پڪو مريد ۽ جهاد جو زبردست مبلغ آهي. ٻه سال ٿيا آهن ته پنهنجي ڀائيٽي وحيد سان گڏ، جيڪو ان جي مرحوم ڀاءُ محمد صديق جو پٽ آهي، هندستان آيو هو ۽ ديوبند ۾ مولانا محمود حسن جي گهر ۾ ڪجهه مهينا رهڻ کان پوءِ وحيد کي مدرسي ۾ طالب علم جي حيثيت سان ڇڏي عرب ڏانهن واپس هليو ويو هو. مديني ۾ مولانا محمود حسن هن جي گهر ۾ رهيو هو. شريف مڪي جي حڪم سان 20 ڊسمبر 1916ع تي، يا ان جي لڳ ڀڳ، ان کي مڪي ۾ گرفتار ڪيو ويو هو ۽ جدي موڪليو ويو هو، جتان ان کي 12 مئي 1917ع تي مصر روانو ڪيو ويو هو.“
5 ڊسمبر 1957ع تي ديوبند ۾ وفات ڪيائين.
(63) حرمت الله- ان جي باري ۾ به معلومات جو ذريعو فقط ريشمي خط سازش ڪيس آهي. پر مولانا شائق احمد عثماني کان خبر پيئي ته تحريڪ سان ان جو تعلق هو ۽ حضرت شيخ الهند جو نهايت عقيدتمند هو. قرآن نهايت تمام سٺو پڙهندو هو. حالتن جي مولانا عثماني صاحب کا به خبر نه پئجي سگهي، ريشمي خط سازش ڪيس ۾ ان بابت هي نوٽ آهي:
”هي شخص قازان روسي ترڪستان جو ماڻهو آهي ڪجهه عرصي تائين هو پنهنجي هڪ هم وطن احمد جان سان گڏ ديوبند ۾ تعليم وٺندو رهيو. اٽڪل ٻه سال ٿيا ته هي ٻئي مولانا حسين احمد مدني سان گڏ ديوبند کان حجاز هليا ويا ۽ خيال آهي ته اهي هاڻي اتي ئي آهن.“
مولانا شائق احمد عثماني جي بيان مان تحريڪ ريشمي خطن سان انهن جو تعلق ۽ حضرت شيخ الهند رحه سان انهن جي نهايت عقيدتمنديءَ جي ڄاڻ ضرور ٿئي ها.
(64) احمد جان- هن صاحب جي باري ۾ به معلومات جو واحد ماخذ ريشمي خط سازش ڪيس آهي ۽ سازش ڪيس ۾ نالو اچڻ جو سبب اهو ئي آهي ته خط لکندڙ واقفيت جي بنياد تي ان کي سلام لکي ڏنا هئا. ڪيس ۾ ان جي باري تقريباً اهو ئي نوٽ آهي، جيڪو حرمت الله جي باري ۾ آهي يعني:
”شهر قازان، روسي ترڪستان جو رهڻ وارو آهي، پنهنجي هم وطن حرمت الله سان گڏ هن ڪجهه عرصو ديوبند جي مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪئي هئي. اٽڪل ٻه سال ٿيا آهن ته هي ٻئي ديوبند مان مولانا حسين احمد مدني سان گڏ حجاز هليا ويا ۽ شايد هاڻي به اتي ئي آهن.“
(65) ڊاڪٽر حاجي شاهه بخش لاشاري جي احوال جي لاءِ ڏسو حصو ٻيو، باب ٻيو ”سنڌ جا ڪارائتا ماڻهو.“
(66) سيد هادي مان مولانا سيد هادي حسن مراد آهي. تحريڪ شيخ الهند جو خاص ميمبر هو. جمال پاشا جا دستاويز ان جي ئي ذريعي سان ئي حضرت شيخ الهند رحه موڪليا هئا. سيپٽمبر 1916ع ۾ بمبئي پهتو هو. نقش حيات ۾ مولانا حسين احمد مدني رحه ان سلسلي ۾ ان جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ريشمي خط سازش ڪيس ۾ ڪيترين ئي جاين تي ان جو ذڪر آيو آهي. جدي ۾ حضرت شيخ الهند رحه سان ملاقات ۽ جهاز جي روانگيءَ کان پوءِ جي احوال جي سلسلي ۾ مولانا مدني رحه فرمائن ٿا:
”حضرت (شيخ الهند) رحمة الله عليه جي ساٿين مان مولانا هادي حسن صاحب خان جهانپوري ۽ حاجي شاهه بخش صاحب سنڌي هئا. انهن سڀني (ٻين ماڻهن مان مولانا خليل احمد، ان جي گهرواري ۽ حاجي مقبول احمد) کي حضرت رحمة الله عليه جدي جي بندر تائين رخصت ڪيو ۽ جهاز روانو ٿي ويو. بمبئي ۾ سي آءِ ڊي کي ۽ حضرت جي مخلصن کي خيال هو ته، ان ئي جهاز ۾ حضرت شيخ الهند جن ايندا. ان ڪري انگريزي پوليس سي آءِ ڊي ۽ شهرين جو هڪ وڏو ميڙ جهاز تي پهچي ويو هو. ان ميڙ ۾ ان هڪ صاحب، جيڪو حضرت شيخ الهند جي مخلصن مان هو، مولانا هادي حسن کي چيو ته، جيڪڏهن ڪا شيءِ حفاظت ۾ رکڻي هجي ته مون کي جلديءَ ۾ ڏئي ڇڏيو، مان ان کي ڪڍي ڇڏيندس ۽ جتي پهچائڻو هجي ان جي ائڊريس ڏئي ڇڏ اتي پهچائي ڇڏيندس. مولانا هادي حسن صاحب جيئن ته اڳ ۾ ان کان واقف نه هو، پر ان جي مخصوص انداز سان ان جي اخلاص ۽ صداقت جو يقين ٿي ويو ۽ صندوق ان جي حوالي ڪري ڇڏيائين.
هي صاحب عام مسافرن جي سامان سان گڏ هيءَ صندوق به قلين کان کڻائي هليو ويو ۽ فوراً اسٽيشن تي کڻي وڃي پارسل ڪري ڇڏيائين. پوليس ۽ سي آءِ ڊي کي ان جي هوا به نه لڳي سگهي. جڏهن هي صاحب صندوق کڻائي وڃي رهيو هو، ان وقت پوليس ۽ سي آءِ ڊي حضرت شيخ الهند کي ڳولهڻ ۾ مشغول هئي. جڏهن هي يقين ٿي ويو ته حضرت شيخ الهند نه آهي. سندن ساٿ جا ڪجهه ماڻهو آهن ته پوليس حضرت مولانا خليل احمد صاحب ۽ مولانا هادي حسن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو ۽ نهايت سخت تلاشي ورتي. ايتري قدر جو هٿ وارو لڪڻ به ڀڃي ڪري ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو، پر الحمدالله ڪا به شڪ واري شيءِ نه نڪتي. پوءِ انهن سڀني کي پوليس جي حراست ۾ نيني تال پهچايو ويو. حضرت مولانا خليل احمد صاحب کي معمولي پڇاڳاڇا کان پوءِ هڪ هفتو يا ڏهه ڏينهن رکي ڪري ڇڏي ڏنو ويو. پر مولانا هادي حسن کي روڪي ڇڏيائون. ان کان گهڻي پڇاڳاڇا ٿي، ڊيڄاريو ڌمڪايو ويو، سختي به ڪئي ويئي ۽ لالچ به ڏني ويئي، پر هي نهايت مستقل رهيو، ڪنهن به راز جي خبر نه ڏني. جڏهن هر قسم جي سختي ڪرڻ ۽ لالچ ڏيڻ تي به ڪا ڳالهه جي خبر نه پئي ته مهيني ڏيڍ کان پوءِ کيس به ڇڏي ڏنو ويو.“
ريشمي رومال سازش ۾ ان جي باري ۾ هي نوٽ آهي، جنهن جي مطالعي سان تحريڪ ۾ ان جي خاص جاءِ ۽ حضرت شيخ الهند جو ان تي مڪمل اعتماد جو اندازو ٿئي ٿو:
”هي اهو ئي هادي حسن آهي، جيڪو مهدي حسن رهندڙ خان جهانپور، ضلع مظفر ننگر (يوپي) جو پٽ آهي ۽ رٿيڙي جي سيد نورالحسن جو ڀائيٽو. مولانا محمود حسن جي عرب هليو وڃڻ کان پوءِ ان جي پٺيان پئسا ۽ اسلحو ان جي نگرانيءَ ۾ رهندو هو.“
”هادي حسن، مولانا رشيد احمد گنگوهي ۽ مدرسه ديوبند جو مفتي عزيزالرحمان جو مريد آهي. سازش جو هڪ ميمبر هو. سيپٽمبر 1915ع ۾ مولانا محمود حسن سان گڏ عرب ويو هو ۽ سيپٽمبر 1916ع ۾ ايس ايس اڪبر جهاز ۾ واپس آيو هو. سهارنپور جو مولانا خليل احمد به هن ئي جهاز ۾ موٽيو هو. مولانا محمود حسن انور بي، جمال پاشا ۽ غالب پاشا کان جيڪي ڇهه فرمان حاصل ڪيا هئا، اهي سيد هادي حسن ۽ حاجي ڊاڪٽر شاهه بخش جي نگرانيءَ ۾ سيد نورالحسن، رهندڙ رٿيڙي کي پهچائڻ جي لاءِ هندستان موڪليا ويا هئا. چيو وڃي ٿو ته هادي حسن انهن فرمانن کان سواءِ مولانا محمود حسن جو هڪ خط به آندو هو، جيڪو ان جي سوڙ ۾ سبيل هو. پهرين تلاشيءَ ۾ هي پوليس کي ڏسڻ ۾ نه اچي سگهيو. پر جڏهن مولوي خليل احمد کي ان جي خبر پيئي ته جلديءَ ۾ ضايع ڪري ڇڏيائين.“
منهنجو خيال آهي ته غالب نامه ان کان اڳ محمد ميان جي هٿان هندستان موڪليو ويو هو پر انور پاشا ۽ جمال پاشا جا خط سيد هادي حسن ئي آندا هئا.
(67) خدا بخش- هن جي احوال جي خبر نه پئجي سگهي. اسان جي معلومات جو ذريعو فقط اهو ئي سازش ڪيس آهي، ان ۾ هن جي باري ۾ ڪجهه جملا آهن جيڪي هتي نقل ڪيا وڃن ٿا:
”شايد هي اهو ئي خدا بخش آهي، جيڪو ناگپور جو رهڻ وارو آهي ۽ مولانا محمود حسن سان گڏ سيپٽمبر 1915ع تي عرب ويو هو.“
هنن جملن مان ان جو تعلق تحريڪ سان ثابت نٿو ٿئي. پر هي يقين آهي ته هي تحريڪ جي ويجهن ماڻهن مان هو.
(68) حبيب الله غازي- هن بابت به اسان جي معلومات جو ذريعو فقط ريشمي خط سازش ڪيس آهن. ان ۾ هن جو ذڪر ٽن جاين تي آيو آهي. سڀ کان اڳ ۾ دعويٰ جي مدعا علهيم جي فهرست ۾ نمبر 28 تي هنن لفظن ۾ ”حبيب الله غازي پٽ روح الله آف ڪاڪوري ضلع لکنؤ يوپي (ڀڄي ويل آهي). ان کان پوءِ دعويٰ جي پئرا نمبر 40 ۾ ان جي باري ۾ هي لفظ آيا آهن:
”مڪي پهچڻ کان پوءِ مولانا (محمود حسن) جي پارٽي ۾ هڪ غيرمعمولي شخص شامل ٿي ويو، ان جو نالو حبيب الله غازي جيڪو ڪاڪوري ضلع لکنؤ جو رهاڪو هو. ان شخص جنگ بلقان ۾ ترڪن سان گڏ حصو ورتو هو ۽ هي هندستان مان وري ان مقصد سان روانو ٿيو هو ته، ترڪي فوج ۾ شامل ٿي ڪري برطانيه جي خلاف وڙهي. حبيب الله جيئن ته هڪ ملازم جي حيثيت سان ان جماعت ۾ شريڪ هو، پر سازش جي تعلق سان ان کي اعتماد ۾ ورتو ويو هو.“
”غيرمعمولي شخص“ جي لفظن مان اندازو ٿئي ٿو ته سي آءِ ڊي غازي مرحوم کي هڪ ملازم ۽ حضرت مولانا محمود حسن جي ذاتي خدمتگار جي حيثيت سان گهڻي اهميت ڏني هئي. آخر ۾ ڪيس جي شخصيات جي سلسلي ۾ ان جي باري ۾ هي ڪجهه سٽون آهن:
”جنود ربانيه جي فهرست ۾ ميجر آهي، ڪاڪوري (يوپي) جو رهاڪو آهي. هن کي غازي ان ڪري چيو وڃي ٿو ته ان جنگ بلقان ۾ ترڪن جي طرف کان حصو ورتو هو. جڏهن مولانا محمود حسن مڪي پهتو ته هي مڪي ۾ هو. جيئن ته ان وقت بي وسيلو هو، ان ڪري طئه ڪيو هئائين ته هو کاڌو تيار ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو، جنهن جي بدلي ۾ هن کي مفت کاڌو ڏنو وڃي. بعد ۾ مولانا جو عقيدتمند ۽ پيروڪار ٿي ويو. مڪي ۽ مديني ۾ خفيه ميٽنگن ۾ شريڪ ٿيندو رهندو هو. شايد هن وقت شام ۾ آهي ۽ ترڪي جي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.“
(3)
مولوي عبيدالله جو منصوبو جنود ربانيه
الجنود الربانيه يعني لشڪر نجات مسلم سالويشن آرمي يا آزاد فوج
مقصد اسلامي دنيا مان ڪالونين جي خاتمي لاءِ اتحاد
چارٽ جنود ربانيه جي عهديدارن جو
(4)
جنود ربانيه جا عهديدار
(الف) مربي (پيٽرن) (1) سالار المعظم خليفة المسلمين ترڪي. (2) سلطان احمد شاهه قاچار، ايران. (3) امير حبيب الله خان، ڪابل.
(ب) مردان (فيلڊ مارشل): (1) انور پاشا (2) ولي عهد دولت عثمانيه (3) وزيراعظم دولت عثمانيه (4) عباسي حلمي پاشا (5) شريف مڪو معظم (6) نائب سلطنت ڪابل سردار نصرالله (7) معين سلطنت ڪابل سردار عنايت الله خان (8) نظام حيدرآباد (9) والي ڀوپال (10) نواب رامپور (11) نظام بهاولپور (12) رئيس المجاهدين.
(ج) جنرل يا سالار (ليفٽيننٽ جنرل): (1) سلطان معظم حضرت مولانا (محمود حسن) محدث ديوبندي مدظله العالي. (2) قائم مقام سالار ڪابل عبيدالله صاحب.
(د) نائب سالار (يا ليفٽيننٽ جنرل): (1) مولانا محي الدين خان صاحب (2) مولانا عبدالرحيم صاحب (3) مولانا غلام محمد صاحب بهاولپور (4) مولانا تاج محمود صاحب سنڌي (5) مولانا حسين احمد مدني (6) مولوي حمدالله صاحب (7) حاجي ترنگ زئي (8) ڊاڪٽر انصاري (9) حڪيم عبدالرزاق صاحب (10) ملا صاحب بابڙا (11) ڪوهستاني (12) جان صاحب باجوڙ (13) مولوي ابراهيم صاحب ڪالوي (14) مولوي محمد ميان (15) حاجي سعيد احمد انبيٺوي (16) شيخ عبدالعزيز شاديش (17) مولوي عبدالڪريم صاحب رئيس المجاهدين (18) مولوي عبدالعزيز رحيم آبادي (19) مولوي عبدالرحيم عظيم آبادي (20) مولوي عبدالله غازيپوري (21) نواب ضميرالدين احمد (22) مولوي عبدالباري صاحب (23) ابوالڪلام (24) محمد علي (25) شوڪت علي (26) ظفر علي (27) حسرت موهاني (28) مولوي عبدالقادر قصوري (29) برڪت الله ڀوپالي (30) پير اسدالله شاهه سنڌي.
(هه) معين سالار (ميجر جنرل): (1) مولوي سيف الرحمان صاحب، (2) مولوي محمد حسن مراد آبادي، (3) مولوي عبدالله انصاري، (4) مير سراج الدين بهاولپوري، (5) پاچا ملا عبدالخالق، (6) مولوي بشير رئيس المجاهدين، (7) شيخ ابراهيم سنڌي، (8) مولوي محمد علي قصوري، (9) سيد سليمان ندوي، (10) عبدالله عمادي، (11) غلام حسين آزاد سبحاني، (12) ڪاظم بَي، (13) خوشي محمد، (14) مولوي ثناءُ الله ۽ (15) مولوي عبدالباري مهاجر وڪيل حڪومت موقته هند.
(و) ضابطه (ڪرنل): (1) شيخ عبدالقادر مهاجر، (2) شجاع الله مهاجر نائب وڪيل دولت موقته هند، (3) مولوي عبدالعزيز وڪيل وفد حزب الله ياغستان، (4) مولوي فضل ربي، (5) مولوي عبدالحق لاهوري، (6) ميان فضل الله، (7) صدرالدين، (8) مولوي عبدالله سنڌي، (9) مولوي ابومحمد احمد لاهوري، (10) مولوي احمد علي نائب ناظم نظارة المعارف، (11) شيخ عبدالرحيم سنڌي، (12) مولوي محمد صادق سنڌي، (13) مولوي ولي محمد، (14) مولوي عزير گل، (15) خواجه عبدالحي، (16) قاضي (محي الدين) (17) قاضي ضياءُالدين ايم اي، (18) مولوي ابراهيم سيالڪوٽي، (19) عبدالرشيد بي اي، (20) مولوي ظهور محمد، (21) مولوي محمد مبين، (22) مولوي محمد يوسف گنگوهي، (23) مولوي رشيد احمد انصاري، (24) مولوي سيد عبدالسلام فاروقي ۽ (25) حاجي احمد جان سهارنپوري.
(ز) نائب ضابطه (ليفٽيننٽ ڪرنل): (1) فضل محمود، (2) محمد حسن بي اي مهاجر، (3) شيخ عبدالله بي اي مهاجر، (4) الله نواز خان بي اي مهاجر، (5) رحمت علي بي اي مهاجر، (6) عبدالحميد بي اي مهاجر، (7) حاجي شاهه بخش سنڌي، (8) مولوي عبدالقادر دينپوري، (9) مولوي غلام نبي، (10) محمد علي سنڌي ۽ (11) حبيب الله.
(ح) ميجر: شاهنواز، عبدالرحمان۽ عبدالحق.
(ط) ڪپتان: محمد سليم ۽ ڪريم بخش
(ي) ليفٽيننٽ: نادر شاهه.
(نوٽ) هڪ ٻئي فهرست ۾ محمد علي سنڌي ۽ حبيب الله جو نالو ميجر جي فهرست ۾ لکيل آهي.
(5)
مولانا عبيدالله جو خط مولانا محمود حسن جي نالي
حڪومت موقته هند نالي ٻي انجمن جو احوال
هڪ هندستاني رئيس مهندر پرتاب، رهندڙ بندرابن، جنهن کي آرين جي جماعت سان خاص تعلق آهي ۽ هندستاني راجائن سان واسطي پٺيان واسطو ملي ٿو، گذريل سال جرمني پهتو. قيصر کان هندستان جي مسئلن ۾ هڪ فيصلو ڪري، ان جو هڪ خط هندستاني راجائن ۽ ڪابل جي امير جي نالي آندو آهي.
حضرت خليفة المسلمين به قيصر وانگر ان کي هندستان لاءِ پنهنجو وڪيل ٺاهيو. ان سان گڏ مولوي برڪت الله ڀوپالي، جيڪو جپان ۽ آمريڪا ۾ رهي چڪو آهي، برلن کان گڏ ٿيو.
قيصر جو هڪ قائم مقام ۽ سلطان المعظم جو هڪ آفيسر ان سان گڏجي ڪابل آيو. هي ماڻهو منهنجي ڪابل پهچڻ کان ڏهه ڏينهن اڳ پهچي چڪا هئا. انهن هندن جي فائدي جي تائيد ۾ هندستاني مسئلو امير صاحب جي سامهون پيش ڪيو ۽ ڪابل ۾ ٻنهين مٿئين نالي سان هڪ انجمن جو بنياد وڌو. ان جو ڪم هي آهي ته، هو هندستان جي مستقبل جي معاملن بابت وڌيڪ ملڪن سان معاهدا ڪري.
اهڙا سبب پيدا ٿي ويا جو انهن مون کي ان انجمن ۾ شامل ٿيڻ جي درخواست ڪئي، مون اسلامي مفادن جي حفاظت جي نظر سان قبول ڪيو.
(1) ڪجهه ڏينهن جي مباحثن کان پوءِ ان انجمن قبول ڪري ورتو ته، افغانستان جيڪڏهن جنگ ۾ شرڪت ڪري ٿو ته، اسان ان جي شهزادي کي هندستان جو مستقل بادشاهه مڃڻ لاءِ تيار آهيون ۽ ان قسم جي درخواست امير صاحب کي پيش ڪري ڇڏي. پر جيئن ته امير صاحب اڃا جنگ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ تيار نه آهي، ان ڪري معاملو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.
(2) هن حڪومت جي طرفان روس ۾ سفارت (وفد) ويو، جنهن ۾ هڪ هندو ۽ هڪ مهاجر شاگرد هو، جيڪو افغانستان جي لاءِ فائديمند اثر کڻي ڪري واپس آيو. هاڻي روس جو سفير ڪابل اچڻ وارو آهي. روس جي انگريزن سان ناراضگي ۾، جنهن جي فيصلي جي لاءِ ڪچنر ويندي ٻڏي غرق ٿي ويو، ممڪن آهي ته مٿي ذڪر ڪيل سفارت جو اثر به شامل هجي.
(3) هڪ سفارت ايران رستي قسطنطنيه ۽ برلن وئي آهي. ان ۾ ٻئي اسان جا مهاجر شاگرد آهن. اميد آهي ته حضور ۾ حاضر ٿي ڪري مهربانين جا مستحق ٿيندا.
(4) هاڻي هڪ سفارت جپان ۽ چين ڏانهن وڃڻ واري آهي.
(5) هندستان ۾ پهرين سفارت موڪلي ويئي. اها گهڻي ڪامياب نه ٿي.
(6) هاڻي ٻئي سفارت وڃي رهي آهي.
(7) ٿورن ڏينهن ۾ هڪ ٻئي سفارت برلن وڃڻ واري آهي.
جرمن سفارت سان منهنجا ذاتي لاڳاپا نهايت اعليٰ درجي تي آهن، جنهن سان اسلامي فائدن ۾ پوري مدد ملندي. ان حڪومت موقته ۾ راجه مهندر پرتاب صدر آهي. مولوي برڪت الله ڀوپالي وزيراعظم ۽ احقر وزير هند.
فقط والسلام
(عبيدالله)
(6)
مهندر پرتاب آف مرسان (عليڳڙهه) يوپي جو هڪ اهم خط
581 سي آءِ ڊي اتر اولهه سرحدي صوبي ڪابل جي سراج الاخبار، تاريخ 4 مئي 1916ع مان هي اقتباس ورتو ويو آهي.
”هيٺ اسان هڪ خط شايع ڪري رهيا آهيون، جيڪو اسان کي سراج الاخبار افغانيه ۾ شريڪ اشاعت ڪرڻ جي لاءِ ڪنور صاحب مرسان، يعني راجه صاحب هاٿرس کان مليو آهي، جيڪو اڄڪلهه افغانستان جي مقدس بادشاهت جا مهمان آهن.
هڪ نهايت اهم خط
محل باغ بابر شاهه- ڪابل
تاريخ 15 اپريل 1916ع
دوست عزيزم، مدير سراج الاخبار!
مان تڪليف ڏيڻ جي لاءِ معذرت گهران ٿو. مان هي ڏسي ڪري حيران رهجي ويو آهيان ته، مون کي ڪن هندستاني اخبارن ۾ خواه مخواه بدنام ڪيو ويو آهي. مان توهان جي (اخبار) جي ذريعي ان غلط بيانيءَ جي ترديد ڪرڻ چاهيان ٿو.
انهن اخبارن هي الزام لڳايو آهي ته مون کي هڪ وڏو مهاراجه ظاهر ڪيو ۽ اعليٰ حضرت قيصر جرمني جي عملي ۾ شامل ٿي ويس، منهنجي خلاف هي ڪوڙو الزام آهي. مون پاڻ کي ڪڏهن به مهاراجه بلڪ راجه به نه چيو، نه مان ڪنهن جي عملي ۾ شامل ٿيس، نه مون ڪنهن جي ملازمت اختيار ڪئي.
هي صحيح آهي ته جنگ ڇڙڻ تي مان جرمني ويو هئس ته جيئن اتي جي صورتحال جو مشاهدو ڪري سگهان. حڪومت جرمنيءَ مون تي عنايت ڪئي ۽ مون کي اڳين مورچن مان ۽ هوائي جهاز مان جنگ جو مشاهدو ڪرڻ جو موقعو ڏنو. وڌيڪ لاءِ بادشاهه معظم قيصر جرمنيءَ پاڻ مون کي درٻار ۾ حاضريءَ جو موقعو ڏنو.
ان کان پوءِ سلطنت جرمني کان هندستان ۽ ايشيا جو مسئلو طئه ڪرڻ کان پوءِ ۽ ضروري تعارف حاصل ڪرڻ کان پوءِ اوڀر ڏانهن واپس ٿيس.
مون مصر جي خديو (حڪمران) سان شهزادن ۽ وزيرن سان ملاقاتون ڪيون ۽ جڳ مشهور انورپاشا سان ۽ اعليٰ حضرت خليفه سلطان المعظم سان ملاقات ۽ گفتگو ڪئي.
مون سلطنت عثمانيه سان اوڀر جو ۽ هندستان جو مسئلو طئه ڪيو ۽ ان کان به ضروري تعارفي دستاويز حاصل ڪيا. جرمن ۽ ترڪ آفيسرن ۽ مولوي برڪت الله کي مون سان گڏ منهنجي مدد جي لاءِ روانو ڪيو ويو. اهو هن وقت به مون سان گڏ آهي.
هزارين تڪليفن، مشڪلاتن ۽ خطرن جو مقابلو ڪري ۽ هڪ خدا ترس انسان جي مهربانيءَ سان اسان ماڻهو بغداد ۽ اصفحان کان ٿيندا افغانستان پهتاسين. اعليٰ حضرت امير جي غيرجانبداري جي ڪري، اسان هتي پيا آهيون. جيئن ته اسان توهان جي حڪومت جا مهمان آهيون ۽ اسان سان وڏي احترام جو سلوڪ ڪيو ويندو آهي ۽ اسان کي هر قسم جو آرام پهچايو وڃي ٿو.
منهنجي دوستن کي هيءَ ڳالهه معلوم هئڻ گهرجي ته جيڪڏهن هو شڪرگذار نه آهن، ته به انهن کي آئنده بيهوده ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن. مان ڪنهن ماڻهو جو يا ڪنهن قوم جو دشمن نه آهيان. مان سڄي دنيا جو دوست آهيان.
منهنجو واحد مقصد هي آهي ته هر شخص ۽ هر قوم آزاديءَ سان ۽ آرام سان پنهنجي گهر يا پنهنجي ملڪ ۾ زندگي گذاري ۽ روءِ زمين تان اهڙي قسم جي جنگ ۽ ڪشمڪش جو نشان مٽجي وڃي.
(صحي)
مهندرپرتاب
جيڪو دنيا جو ۽ هندستان جو خادم ۽ ٻڌن، عيسائين، هندو ۽ مسلمانن جو دوست آهي، جنهن کي ڪي ماڻهو ڪنور صاحب مرسان ۽ ڪي ماڻهو راجه صاحب هاٿرس چوندا آهن.
وڌيڪ هي ته منهنجي ذتي نظرين ۽ منهنجي افعالن جي لاءِ ڪو به شخص منهنجو ڪو دوست يا منهنجو حقيقي ڀاءُ راجه بهادر مرسان يا منهنجو رشتيدار مهاراجه صاحب جيند يا آرٽ اسڪول پريم مهاودياله (بندرابن) بلڪل ذميوار نه آهي.
(صحي)
ايم پرتاب
(7)
جمعيت حزب الله جي عرضداشت جو نمونو، جيڪو ياغستان جي مهاجرن ۽ انصارين تي مشتمل ۽ حضرت مولانا سلطان العلماءِ جي زير سرپرستي ۽ زير صدارت قائم آهي.
1331هه الا ان حزب الله هم الغالبون. (2)
مخدوم الانام، حامي اسلام، سلطان العلماءِ، مهاجر في سبيل الله حضرت مولانا محمود حسن صاحب، صدر اعظم جمعيت حزب الله عم فيو منهم جي واسطي سان غوث الاسلام خليفة المسلمين، اميرالمؤمنين، خادم الحرمين الشريفين، سلطان ابن سلطان، سلطان محمد رشاد خان خاص خلد الله ملڪه و سلطنته.
بعد آداب و تسليمات مسنونه، فدويانه خدمت عالي ۾ هيٺيون معروضات پيش آهن:
(1) اسان خدام اسلام حضرت سلطان العلماءِ مولانا محمود حسن جي زير سرپرستي گڏ ٿي ويا آهيون. اسان پنهنجو نالو ”حزب الله“ رکيو آهي ۽ ظلم جي باهه کي ٿڌو ڪرڻ اسان جو نصب العين آهي.
(2) هندستان ۽ افغانستان جي حدن جي وچ ۾ هڪ وڏو علائقو، جيڪو وزيرستان کان الائي (ڪشمير) تائين پکڙيل آهي، آزاد علائقو چورائي ٿو. هي علائقو بهادر ۽ غيرتمند حنفي المذهب افغانن جو وطن آهي. انهن بهادر ۽ غيور، دليرن پهرين ڏينهن کان پنهنجي علائقي کي انگريز حڪومت جي تسلط کان آزاد رکيو آهي. اسان خدام اسلام 1331هه کان مهمند کان الائي تائين جي علائقي ۾ پنهنجي جدوجهد جا مرڪز قائم ڪري رکيا آهن.
(3) جيئن ئي درٻار خلافت کان انگريزن جي مقابلي ۾ جنگ جو اعلان ٿيو، جمعيت حزب الله جا ڪجهه ميمبر حضرت سلطان العلماءَ جي اشاري تي، انگريزي حڪومت کان هجرت ڪري ان آزاد علائقي ۾ پهتا ۽ هتي جي ماڻهن کي انگريزن جي خلاف اُڀارڻ جو ڪم شروع ڪري ڏنو.
برطانوي حڪومت جي طرف کان جيڪا رپورٽ گذريل عيسوي سال جي گزٽ ۾ شايع ٿي آهي، ان ۾ اسان جي هن جدوجهد جو اقرار موجود آهي. هند ۽ افغانستان جي تحريڪ ۾ به اسان ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي ۽ ڪندا رهنداسين، جڏهن ته اڃا تائين ان ۾ ڪا خاص ڪاميابي حاصل نه ٿي آهي.
(4) اسان اسلام جي خادمن ۾ انگريزن سان مقابلي جي طاقت نه آهي ۽ خاص طور تي جنگ جي خاتمي کان پوءِ، ان ڪري نهايت ادب سان عرض گذار آهيون ته:
(الف) علم صلح ۽ مختلف حڪومتن جي وچ ۾ معاهدي جي وقت، مٿي ذڪر ڪيل علائقي جي آزادي کي برقرار رکندي، طئه ڪرايو وڃي ته، هي علائقو خلافت جي گاديءَ جي اثر هيٺ رهندو.
(ب) هن علائقي جو انتظام ۽ اصلاح جي لاءِ درٻار خلافت مان آفيسر موڪليا وڃن.
(ج) جيڪڏهن موجوده جنگ جي دوران ئي ڪجهه آفيسر ۽ ڪجهه فوج، جنگ جو سامان ۽ خوراڪ جي خرچ سان گڏ هتي موڪليو وڃي ته هتان جنگ ۾ آزمايل لکين غازي پگهار کان سواءِ پنهنجون خدمتون پيش ڪرڻ جي لاءِ تيار ٿي ويندا ۽ هي قدم افغانستان کي سرگرم ڪرڻ ۾ به مددگار ثابت ٿيندو. انشاءَالله تعاليٰ.
الله تعاليٰ اسان کي درٻار خلافت جي وڌ کان وڌ خدمت جي توفيق ۽ طاقت نصيب فرمائي. آمين ثم آمين.
المرقوم 17 شوال المڪرم 1335هه
(تقريباً مطابق 15 آگسٽ 1917ع)
ٻيهر عرض آهي ته غالب پاشا گورنر حجاز شريف جو فرمان، جنهن ۾ جنگ ۾ شريڪ هئڻ وارن جي حفاظت جو وعدو ڪيو ويو آهي ۽ جيڪي اسان تائين مولوي صاحب ابوالحامد انصاري ابو ايوبي جي ذريعي پهتو آهي، ان عرضداشت جي پيش ڪرڻ جو محرڪ ٿيو آهي. فقط (مهر) جناب حاجي صاحب ترنگ زئي مهاجر و غازي في سبيل الله، صدر جمعيت حزب الله ياغستان.
(مهر) غازي معروف جناب ملا صاحب بابڙه
صدر انصار جمعيت حزب الله
(مهر) مولوي فضل ربي صاحب مهاجر ميمبر جمعيت حزب الله
(مهر) مولوي عبدالعزيز صاحب ميمبر جمعيت حزب الله
(١) هي عرضداشت جو ترجمو آهي، اصل فارسيءَ ۾ هئي، ان جو عڪس شامل آهي.
(2) هيءَ آيت قرآني مهر جي صورت ۾ هن جاءِ تي نقش ٿيل آهي.
(8)
نقل فرمان غالب پاشا
(گورنر حجاز شريف)
قائم مقام (نمائندو) اعليٰ حضرت خليفه رسول رب العالمين- اميرالمومنين دام اقباله
هيءَ ڳالهه ڪنهن کان به لڪل نه آهي ته، عام جنگ (پهرين عالمي جنگ مترجم) گذريل هڪ سال کان ترڪيءَ جي اسلامي حڪومت ڏانهن رخ ڪيل آهي. روس، فرانس ۽ انگريز (اسلام جي دشمن) عثماني علائقن تي بري ۽ بحري حملا ڪري رهيا آهن. اهڙي صورتحال جي پيش نظر حضرت اميرالمؤمنين وخليفة المسلمين، فقط الله جي مدد ۽ خاتم الانبياءَ عليه الصلواة والسلام جي روحاني طاقت جي ڀروسي تي جهاد مقدس جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي جواب ۾ ايشيا، يورپ ۽ آفريڪا جي مسلمانن لبيڪ چيو آهي ۽ هر قسم جي هٿيارن سان سنبري جنگ جي ميدان ۾ لهي پيا آهن. الله جو شڪر آهي جو ترڪي فوج ۽ مجاهدن جو تعداد اسلام جي دشمنن جي تعداد کان وڌي ويو آهي ۽ انهن دشمنن جي قوت کي مادي ۽ اخلاقي طور تي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي.
جيئن ته روسين جي قوت جو هڪ وڏو حصو قفقازيه ۾ تباهه ڪيو ويو آهي ۽ هڪ لک برطانوي ۽ فرانسيسي فوج ۽ ان جا جنگي جهاز دره دانيال ۽ ٻين جاين تي برباد ڪيا ويا آهن. ترڪن، جرمن ۽ آسٽريلوين اوڀر ۾ روسين کي ۽ اولهه ۾ فرانسين ۽ بيلجمين کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. هڪ ٽهائي روسي ۽ فرانسيسي علائقا ۽ سڄي بيلجم ۽ لکين رائيفلن، بندوقن ۽ ٻئي جنگي سامان تي قبضو ڪري ورتو آهي ۽ هزارين فوجين کي قيدي ڪري ورتو آهي. هاڻي بلغاريه به مرڪزي قوتن سان شريڪ ٿي جنگ ۾ شامل ٿي ويو آهي ۽ ان سربيا جي علائقي ۾ اندر گهري، اتان جي ماڻهن کي بري طرح شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ان ڪري منهنجو هي پيغام منهنجي سلام سان گڏ انهن مسلمانن کي پهچايو وڃي، جيڪي انهن حڪومتن جي غلاميءَ ۾ آهن، ته اهي هاڻي مڪمل طور تي شڪست کائي چڪيون آهن ۽ هاڻي بلڪل لاچار ۽ بي يارو مددگار آهن ۽ انهن جي، يعني مسلمانن جي سامهون جنهن قوت ۽ طاقت جو مظاهرو ڪيو وڃي ٿو، اهو فقط خيالي آهي.
مسلمانو! اڄ توهان جي ڇوٽڪاري جو ڏينهن آهي، ان ڪري هاڻي پنهنجي ذلت ۽ خواري ۽ پنهنجي غلاميءَ تي راضي ۽ خوش نه رهو. بلاشڪ آزادي، ڪاميابي، فتح ۽ مدد توهان سان گڏ آهي. هاڻي غفلت جي خواب مان سجاڳ ٿيو ۽ گڏ ٿي پنهنجي اندر تنظيم ۽ اتحاد پيدا ڪريو. پنهنجي صفن کي صحيح ڪريو ۽ پنهنجو پاڻ کي انهن شين سان تيار ڪريو، جيڪي توهان لاءِ ضروري ۽ ڪافي هجن ۽ پوءِ ان ظالم ۽ جابر عيسائي حڪومت جي خلاف اٿي پئو، جنهن جي غلاميءَ جو ڪمزور طوق توهان جي ڪنڌن ۾ پيل آهي. ان غلاميءَ جي رنجير کي پنهنجي مذهب جي طاقت ۽ دين جي تيز تلوار سان ڪپي ڇڏيو. اهڙي طرح پنهنجي وجود ۽ انساني آزادي جي حقن کي حاصل ڪريو. اسان انشاءَ الله عنقريب مڪمل فتح ۽ ڪاميابي کان پوءِ معاهدو ڪنداسين ۽ توهان جي حقن جي پوري طرح حفاظت ڪنداسين.
ان ڪري هاڻي جلدي ڪريو ۽ پڪي ارادي سان دشمن جي ڳچي پڪڙي، گهٽو ڏئي موت جي منهن ۾ پهچايوس ۽ ان کان نفرت ۽ دشمنيءَ جو مظاهرو ڪيو. اسان توهان ڏانهن ڀروسي ۽ اعتماد جي نظر سان ڏسون ٿا. ان ڪري هي سٺو موقعو هٿن مان نه وڃايو. دل نه هارايو ۽ الله تعاليٰ کان دلي مراد پوري ٿيڻ جي اميد رکو.
توهان کي هي معلوم هئڻ گهرجي ته مولانا محمود حسن صاحب (جيڪو پهريون ديوبند، هندستان جي مدرسي ۾ هو) اسان وٽ آيو ۽ اسان کان مشورو طلب ڪيائين. اسان ان باري ۾ ان سان متفق آهيون ۽ ان کي ضروري هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن. ان تي اعتماد ڪريو. جيڪڏهن هو توهان وٽ اچي ته پئسن سان، ماڻهن سان ۽ جنهن شيءِ جي ان کي ضرورت هجي، ان شيءِ سان ان جي مدد ڪريو.
(صحيح)
غالب (پاشا)
والي حجاز
(9)
ياغستان جي خانن ۽ عالمن جي عرضداشت جو نمونو
تاريخ پهرين رمضان المبارڪ 1335هه
بسم الله الرحمان الرحيم
بتوسط غازي في سبيل الله، سر حلقه اهل الله، تاج الاصفياءَ، سلطان العلماءَ، حضرت مولانا محمود حسن صاحب عم فيوضه، بملاحظه عالي خدام، سلطان الدين، خاقان البحرين، خادم الحرمين الشريفين، خليفه رسول رب العالمين، سلطان ابن سلطان، اعليٰ حضرت سلطان محمد خان خامس خلدالله ملڪه و سلطنت، بعد آداب و نياز مسنونه قابل دربار شاهانه.
عرض آهي ته اسان مهمند ۽ باجوڙ کان الائي تائين ياغستان جي علائقي جي مسلمانن، حضرت سلطان العلماءَ مولانا محمود حسن صاحب هندي جي خادمن جي هدايت موجب، موجوده جنگ ۾ پنهنجي قوت کي انگريزن جي مقابلي ۾ پشاور (هند) وغيره جي حدن (محاذ) تي استعمال ڪري، هڪ وڏي طاقت کي سائينجن جي مضبوط فوج جي مقابلي کان روڪي رکيو آهي ۽ الله جي مدد سان جنگ جي پڄاڻيءَ تائين روڪي رکنداسين. ان کان سواءِ اسان جا ٻيا ڀائر تيراهه، (آفريدي) وزيرستان ۽ مسعود جي علائقن وارا به هن وقت جهاد ۾ مصروف آهن. جيئن ته اسان دربار خلافت جي خادمن، پنهنجي دين جي حمايت جي لاءِ، انگريزن سان دشمني ظاهر ڪري، انهن کي لڙائي ۽ ڇاپا مار حملن سان تمام گهڻي تڪليف پهچائي آهي، تنهن ڪري لازمي آهي ته جنگ جي ختم ٿيڻ کان پوءِ، هو پنهنجي سموري قوت اسان کي ختم ڪرڻ ۾ استعمال ڪري، جڏهن ته اسان سندس سموري طاقت سان مقابلو ڪرڻ جي طاقت هرگز نٿا رکون.
تنهن ڪري نهايت ادب ۽ اميد سان گذارش آهي ته سائينجن جي قائم مقام حجاز شريف صوبي جي اڳواڻ ۽ والي حضرت غالب پاشا جي پاران سرڪاري عهدنامي ۾ ڪيل وعدي موجب سموري ياغستان جي حفاظت جي ڪا صورت ڪڍي وڃي ۽ ان کان پوءِ اسان جي ملڪ کي پنهنجي خادمن جي ذريعي ترقي ڏياري وڃي. باقي احوال جناب مولانا محمد ميان صاحب انصاري ابو ايوبي جي عرضداشت مان واضح ٿي ويندو. حق تعاليٰ اسان جي ملڪ کي خلافت عثمانيه جي تخت جي ڇانو هيٺ سرسبز ۽ شاداب ڪري. آمين ثم آمين
فقط والسلام مع الوفا والڪرام
عريضه ادب
(مُهر) غازي مشهور و معروف جناب ملا صاحب بابڙه
(مُهر) صاحبزاده فضل قادر صاحب بنوري، پير خانئه خوانين علائقه چارمنگ و نواب دير و سوات
(مُهر) مولوي فضل ربي صاحب مهاجر
(مُهر) محمود خان، خان چارمنگ خورد
(مُهر) مدار خان خان چارمنگ خورد
(مُهر) زوراور خان، خانڪوٽڪي
محمد ايوب خان.
(10)
مولوي فضل ربي صاحب جي نالي دير جي قاضيءَ جو خط
فضائل پناه فواضل دستگاه جناب مولوي صاحب!
السلام عليکم ورحمة الله وبرکاته
خيريت طرفين نيڪ نصيب
ولي نعمي جناب نواب صاحب خواهش رکي ٿو ته، جيڪڏهن هڪ ماڻهو ڄاڻيندڙ.... جو مراد هڙتال، سرمون، زرنيخ، گوگڙون ۽ سرڪه وغيره.... نهايت مهرباني ٿيندي ۽ پڻ جيڪڏهن تمام گهڻي ڪوشش ۽ سعيي ان مهرباني سان توپ.... ٿئي نواب صاحب جي لاءِ نهايت مهرباني ٿيندي ۽ پڻ هڪ ماڻهو ڪم وارو.... سلطاني يا ڪهڙي به ملڪ جو ان مهربان جي ڪوشش سان هن علائقي ۾ آيل مهربانيءَ کان پري نه هوندو. اميد آهي ته ان مهربان جي ڀرپور ڪوشش سان نواب صاحب جا ڪارخانا، لوهارن، ترڪانن (ترخانن) ۽ فني ماهرن ۽ سلطاني قاعدن سان آباد هجن. توب مشين گنج جيتري به قيمت خرچ ٿئي ادا ڪئي ويندي ۽ هن نيازمند کي حقيقي تابعدارن مان تصور ڪرڻ فرمائيندا.
لائق خدمتن سان ياد ۽ خوش فرمايل هجو ۽ هن خط جو آڻيندڙ زياده خيريت فقط....
12 شهر رمضان المبارڪ 1335هه خادم شرع نبوي قاضي
(مهر)
نوٽ: ڇڏيل ٽڪرن وارا حصا خط مان ضايع ٿيل آهن. سواليه نشان ڏنل اکرن جي اصل فارسي عبارت به نظرثاني لائق آهي، جنهن ڪري ترجمو سليس ٿي نه سگهيو آهي. وڌيڪ لاءِ فارسي رسم الخط جي ماهرن کي خط جي عڪس تي غور ڪرڻ گهرجي.
(11)
مولوي محمد ميان انصاريءَ جو خط حضرت مولانا محمود حسن صاحب ڏانهن
لکجي ٿو ته ياغستان جي رياستن ۾ سائينجن جي خادمن دين اسلام جاري ڪيو آهي، ان جو نمونو هن خط ۾ دير ۽ سوات جي نواب صاحب جي قاصد کان معلوم ٿيندو. نواب صاحب دير پنجاهه هزار فوج جي طاقت رکي ٿو. بذيعه ملا صاحب بابڙا ان کي انگريزن جي مخالفت لاءِ لکيو ويو هو، ان پڪو زباني وعدو ڏيکاريو آهي. چنانچه عبدالمتين خان پٽ عمرا خان غازي مرحوم قابل کان فرار ٿي آيو، نواب دير ان کي جاءِ ڏني. انگريزن جي سخت ڪوشش جي باوجود انهن جي حوالي نه ڪيائين. عمرا خان مرحوم جي رياست تي سندس ڀائيٽيو قابض آهي. انگريزن جو سخت حامي آهي. نواب دير ان جي مقابلي جي لاءِ فوج ۽ پئسن سان عبدالمتين خان جي امداد ڪئي آهي. قريب آهي ته جندول جي رياست تي عبدالمتين خان کي قابض ڪرايو وڃي. اميد آهي ته انشاءَ الله اڄ سڀاڻي قبضو ٿي ويندو. عبدالمتين ملا صاحب بابڙا جي خدمت ۾ حاضر ٿيو هو. ڪافرن (انگريز) جو سخت دشمن آهي. هن قبضي کان پوءِ ياغستان جا ٻيا سردار جيئن، خان خار ۽ خان جار جيڪي نوي ڪلي جا سردار آهن، انشاءَ الله ڪافرن (انگريزن) جي دوستيءَ کان تائب ٿيندا. ڇو ته دير ۽ جندول ٻنهي جي طاقت ايتري مضبوط آهي، جو باقي سمورن سردارن کي لازمي طور انهن جي تابعداري ڪرڻي پوندي. چارمنگ خورد علائقي جا سردار ۽ ڪوٽليءَ جو سردار اڳيئي انگريزن جا دشمن آهن. انهن جي مجموعي قوت تقريباً هڪ هزار ماڻهن جي آهي ۽ چارمنگ جي سمورن آزاد قبيلن جي (جيڪي لڙائي ۾ انهن سان شريڪ هوندا آهن) ٽن هزارن تائين پهچي ٿي. انهن سردارن ۾ محمود خان قابل ترين ۽ دين جو خادم آهي. انشاءَ الله تعاليٰ نواب دير ۽ جندول وغيرهم جي عرضداشت پاڻ سان گڏ آڻيندس. هي رڳو ڪم جي نموني جو احوال آهي، خلافت جي درٻار مان اميد آهي ته هن علائقي جي حقوق کان غافل نه هوندي. انهن دوستن کان، جيڪي اسلامي قوت مان پلجي ڪافرن جي اثر هيٺ اچي ويا آهن، چشم پوشي نه ڪرڻ گهرجي. خلافت جي بقا ۽ ترقي ۽ اسلام جي حفاظت لاءِ بنده ۽ دوستن جي خيال ۾ وچ ايشيا خاص ڪري هندستان افريڪا کان گهٽ نه آهن، تنهن ڪري لازم آهي ته اسان پنهنجا سمورا وسيلا ان مقصد لاءِ خرچ ڪريون.
فقط
محمد ميان انصاري ابو ايوبي مقيم جاءِ ملا صاحب بابڙا (باجوڙ) ياغستان
15 شوال المڪرم 1335هه
(12)
مولوي محمد ميان انصاري جو خط مولانا حسين احمد مدني ڏانهن
بسم الله الرحمان الرحيم
بخدمت بابرڪت مخدومنا جناب مولانا الشيخ سيد حسين احمد صاحب، مدرس الحرم مع برادران عم فيوضهم
السلام عليکم ورحمة الله
بندو جنهن وقت هندستان پهتو، غوغا (چوٻول) هو ته حضرت مولانا مدظله سميت سڀ جماعت کي انگريز عدن ۾ قيد ڪري ڇڏيو. هاڻي هي مشهور آهي ته شريف مڪه، خواندخواسته حضرت مدظلهم کي گرفتار ڪري انگريزن کي ڏئي ڇڏيو آهي. الله تعاليٰ کان ان جي اميد نه آهي. هڪ عرضداشت حضرت جي خدمت ۾ موڪليل آهي، جيڪڏهن نوازشنامو آڻيندڙ جي حضرت سان ملاقات نه ٿي سگهي ته اوهان صاحبن مان جيڪو به موجود هجي، اهو مهرباني ڪري منهنجي نوازشنامي جو ترڪيءَ ۾ ترجمو ڪرائي والي مدينه شريف جي ذريعي، بخدمت حضرت انورپاشا، وزيراعظم خلافت سنيه روانو فرمائجو. ضروري آهي. نوازشنامو آڻيندڙ کي جنهن به قسم جي ضرورت هجي ان ۾ دير نه ڪجو.
حضرت والد صاحب جي خدمت ۾ سلام عرض ۽ ٻارن کي دعا پهچي.
والسلام مع الاڪرام
عرضدار
محمد ميان عفي عنه انصاري ابو ايوبي
15 شوال المڪرم 1335هه
(نوٽ) باقي احوال هي صاحب نوازشنامو آڻيندڙ زباني بيان فرمائيندو. ان کي به توهان ترڪي زبان ۾ ترجمو ڪرائي بخدمت حضرت عالي انور پاشا ڏانهن روانو فرمايو. هي احوال هاڻي معلوم ٿيا آهن.
محمد ميان عفي عنه انصاري
لکتن جي فهرست
(1) اعليٰ حضرت سلطان المعظم خلد الله ملڪه جي خدمت ۾ جمعيت حزب الله ياغستان جي عرضداشت جو نمونو.
(2) ياغستان جي علما ۽ خانن جي طرفان عالي حجاز حضرت غالب پاشا جي خط جي جواب ۾ اعليٰ حضرت سلطان المعظم جي خدمت ۾ عرضداشت جو نمونو.
(3) حضرت مولانا مدظله العالي جي خدمت ۾ بندي جي عرضداشت.
(4) افغان حڪومت پاران منظور ڪيل سرحدي مرڪز جي فهرست.
(5) عرضداشت مولوي فضل ربي صاحب بخدمت حضرت مولانا مدظله العالي.
(6) عرضداشت نواب دير بخدمت جناب ملا صاحب بابڙه.
(7) خط قاضي دير نالي مولوي فضل ربي صاحب
انهن سڀني جو ترجمو ترڪي ۾ ڪرائي هڪ وڏي لفافي ۾ گڏ بند ڪري، ان تي حضرت عالي انور پاشا جي ائڊريس لکي وڃي ۽ والي مدينه شريف جي معرفت، يا جيڪا سٺي صورت توهان کي معلوم هجي، ان طريقي سان خدمت انور ۾ روانو فرمايو. رازداريءَ جو گهڻو لحاظ رهي ۽ اصل ترجمي سان گڏ هجي. قيصر جرمن جا خط، رياست هند جي نالي، راجه مهندر پرتاب ترڪستان مان روانا فرمايا آهن، ان جي پهچائڻ جو جلد انتظام ڪيو ويندو. ان ٽپال جو جواب جيڪڏهن حضرت عالي انور پاشا کان هنن عرضداشت پهچائيندڙ جي هٿان روانو فرمائي سگهو ته ان سان هتي ڪجهه چرپر پيدا ٿي سگهي ٿي. نه ته جنهن ترڪ آفيسر کي لفافو ڏنو وڃي، ان کان باقاعدي رسيد وٺي ڪري ضرور روانو فرمايو. جيڪڏهن حضرت عالي انور پاشا کان فقط ٽپال رسيد حاصل ٿي سگهي ته نور عليٰ نور. هي ڳالهه چڱي طرح ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته، جيڪڏهن ايراني رستي يا روس سان صلح جي صورت ۾ روسي ريل جي ذريعي سان ڪجهه سلطاني فوج هرات وغيره جي حدن تائين پهچي وڃي ته، نائب السلطنت امير ڪابل سان بغاوت ڪري به هند تي حملو ڪري سگهي ٿو. سلطاني فوج جي افغانستان جي حدن تي پهچڻ جي صورت ۾ لازم آهي ته ان جو صحيح اطلاع اسان کي يا ياغستان ۾ جهڙي طرح ٿي سگهي، پهچائڻ گهرجي. اسان ان نشان تي اعتماد ڪنداسين جيڪو اسان سان غالب پاشا مقرر فرمايو آهي.
فقط
محمد ميان عفي عنه انصاري
**