تاريخ، فلسفو ۽ سياست

تحريڪ ريشمي رومال ۽ سنڌ

هن ڪتاب ”تحريڪ ريشمي رومال ۽ سنڌ“ جو ليکڪ ڊاڪٽر ابو سلمان شاهجهانپوري آهي آهي، جنهن جو سنڌيڪار محمد عثمان عباسي صاحب آهي. هن ڪتاب ۾ انهن عالمن ۽ بزرگن جو مختصر تعارف آهي، جن جو هنن خطن ۽ تحريڪ سان واسطو آهي. هي ڪتاب تحريڪ آزاديءَ جي باري ۾ واقفيت حاصل ڪرڻ لاءِ رهنما ڪتاب آهي.
Title Cover of book تحريڪ ريشمي رومال ۽ سنڌ

باب ٻيو : ريشمي رومال تحريڪ ۽ سنڌ جا مٿير مڙس ۽ ڪارائتا ماڻهو

باب ٻيو

[b]ريشمي رومال تحريڪ ۽ سنڌ جا مٿير مڙس ۽ ڪارائتا ماڻهو
[/b]
[b]اسدالله شاهه سيد
[/b] 15 شعبان 1285هه تي ٽکڙ ۾ ڄائو. والد جو نالو سيد الله بخش شاهه هو. شروعاتي تعليم پنهنجي شهر ۽ پوءِ حيدرآباد (سنڌ) ۾ حاصل ڪيائين. مدرسو دارالارشاد ڳوٺ پير جهنڊو، پوءِ دارالعلوم ديوبند ۽ بعد ۾ مدرسي نظارة المعارف القرآنيه دهلي جو شاگرد رهيو. حافظ، عالم، حڪيم، خطيب، مصنف ۽ شاعر هو. ”فدا“ تخلص هئس. مولانا سنڌيءَ جو شاگرد، رفيق ۽ ريشمي خطن سازش ڪيس جي لکت مطابق هڪ خاص شخصيت ۽ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو ”نهايت سرگرم ايجنٽ هو.“ جنود ربانيه ۾ هن جو عهدو ليفٽيننٽ جنرل جو هو. بعد ۾ تحريڪ خلافت ۾ نهايت سرگرميءَ سان حصو ورتائين ان جي ايثار ۽ خدمتن جي باري ۾ قاضي محمد اڪبر لکي ٿو ته، قربانيون ڏيڻ ۽ تڪليفن سهڻ ۾ پنهنجو حق ادا ڪري ڇڏيو هئائين.
14 ۽ 21 سيپٽمبر جي وچ واري هفتي ۾ ان کي گرفتار ڪيو ويو هو. ريشمي رومال تحريڪ سازش جي گرفتارن جي فهرست ۾ ان جو مڪمل احوال هنن لفظن ۾ آيو آهي:
”شايد امروٽ ضلع سکر (سنڌ) جي رهڻ وارو آهي. عبيدالله جو ساٿي آهي، مدرسي ڳوٺ پير جهنڊي ۾ ان وقت تعليم حاصل ڪيائين، جڏهن عبيدالله اتي هوندو هو ته ڪجهه عرصو هن جي نظارة المعارف القرآنيه ۾ به شاگرد رهيو. خيال ڪيو وڃي ٿو ته عبيدالله جو نهايت سرگرم ايجنٽ آهي. جنود ربانيه جي فهرست ۾ ليفٽيننٽ جنرل آهي.“
27 رجب 1344هه تي پنهنجي آبائي شهر ٽکڙ (حيدرآباد ضلعي) ۾ وفات ڪيائين.

[b]تاج محمود امروٽي مولانا
[/b] امروٽ ضلع سکر جي مشهور ديني شخصيت، تحريڪ شيخ الهند جو خاص ميمبر ۽ حضرت جو مددگار ۽ مشير هو. وڏو بااثر شيخ طريقت وارو هو. مولانا عبيدالله جي ڪابل ڏانهن وڃڻ جي انتظامن ۾ هن جو خاص حصو هو. هن جو شمار سنڌ جي اڪابرن ۽ انقلابي عالمن ۾ ٿئي ٿو. خلافت ترڪ موالات ۽ هجرت جي تحريڪن ۾ هن خاص طور تي حصو ورتو هو. ريشمي رومال سازش ڪيس جي سلسلي ۾ امتحان ۽ آزمائش ۽ قيد و بند جي دور مان گذريو هو. مولانا حسين احمد مدني لکيو آهي ته گورنمينٽ ان کي گرفتار ڪيو، پوءِ ڪجهه ڏينهن کان بعد آزاد ڪري ڇڏيو. تحريڪ خلافت جي آخري ڏينهن ۾ هن جي وفات ٿي.
ريشمي رومال سازش ڪيس ۾ ڪيترين ئي جاين تي ان جو ذڪر آيو آهي. سازش جي ملزمن ۾ ان جو تعارف هي آهي.
”تاج محمود رهائش سنڌ- شايد اهو ئي مولوي تاج محمود رهندڙ امروٽ ضلع سکر (سنڌ) آهي. سنڌ ۾ ٻئي نمبر تي هن جو گهڻو اثر آهي. جيڪو فقط مولوي همايون جي اثر کان گهٽ آهي. هو کڏي ڪراچي جي مولوي محمد صادق جو دوست آهي. جيڪو هاڻي ڪارواڙ (مهاراشٽر) ۾ نظربند آهي. خيال آهي ته هن مولوي عبيدالله جي افغانستان ڀڄي وڃڻ ۾ هن جي مدد ڪئي هئي. هن جا هزارين پيروڪار آهن، جن ۾ وڏا وڏا زميندار، وڪيل ۽ سرڪاري ملازم شامل آهن. جنود ربانيه جي فهرست ۾ ليفٽيننٽ جنرل آهي.“

[b]رشدالله راشدي سيد
[/b] ڳوٺ پيرجهنڊي جو مشهور عالم دين، شيخ طريقت، سياسي ۽ انقلابي اڳواڻ هو ۽ مدرسي دارالارشاد ڳوٺ پيرجهنڊي جو باني هو. حضرت شيخ الهند سان خاص تعلق هئس. ريشمي خط سازش ڪيس ۾ ان کي متعصب، جنوني، ڪٽر وهابي، مولانا سنڌيءَ جو خاص شريڪ ڪار، تحريڪ جي هر طرح مدد ڪرڻ وارو، انگريزن کان نفرت ڪرڻ وارو ۽ انهن جي خلاف نفرت پکيڙڻ وارو، انگريزن جي خلاف جرمنين ۽ پوءِ ترڪي جي فتح جو خواهشمند ۽ ديوبند جي سازشين سان رابطي رکڻ وارو لکيو آهي ۽ هي به بيان ڪيو آهي ته هو پنهنجي مريد کان جهاد جي بعيت وٺندو رهندو هو.
دشمن جي زبان مان ان جي ايماني جوش ۽ جذبي، ديني طاقت، اسلامي قومي غيرت، ايثار ۽ قربانيءَ جي هيءَ شاهدي ان جي عظمت جي لاءِ ڪو معمولي خراج تحسين (مڃتا) نه آهي. تحريڪ ريشمي رومال سازش ڪيس ۾ ان جو تذڪرو هنن لفظن ۾ آيو آهي.
”رشيدالله پير جهنڊي وارو- مشهور سنڌي پير، رهندڙ ڳوٺ پيرجهنڊو تعلقو هالا، ضلع حيدرآباد، نهايت متعصب ۽ جنوني آهي. سنڌ، ڪاٺياواڙ، بلوچستان، رياست بهاولپور وغيره ۾ ڇهه لک مريد اٿس ۽ خاص ڪري پنهنجي عقيدتمندن جي وچ ۾ گشت ڪندو رهندو آهي. پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ مدرسو دارالارشاد مذهبي تعليم ڏيڻ جي لاءِ قائم ڪيو اٿس. مولوي عبيدالله هن اداري جو 1909ع تائين ڪيترائي سال هيڊ مولوي ۽ ناظم رهيو آهي. پير رشيدالله ڪٽر وهابي بيان ڪيو وڃي ٿو ۽ چيو وڃي ٿو ته هن مجاهدن کي هڪ موقعي تي انهن جي هڪ نمائندي جي ذريعي پئسا موڪليا هئا. انگلينڊ جو سفر ڪري چڪو آهي. عبيدالله جو خاص شريڪ ڪار بيان ڪيو وڃي ٿو، جنهن کي ان ڪابل وڃڻ ۾ مدد ڏني آهي. مولوي عبدالله (لغاري) سنڌي ۽ فتح محمد، ڪابل مان جيڪي خط آندا هئا، انهن ۾ عبيدالله جي طرف کان هڪ خط پير جهنڊي واري لاءِ به هو، جنهن ۾ پير صاحب کي درخواست ڪئي ويئي هئي ته هو جهاد جي لاءِ مدد ڪري. ريشمي خط آڻڻ واري شيخ عبدالحق، عبيدالله جي طرف کان هڪ خط هن پير لاءِ به آندو هو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته مولوي احمد علي جي ذريعي هڪ هزار رپيا موڪلي، جيڪو حج جي لاءِ وڃڻ وارو هو. جنگ شروع ٿيڻ کان ڇهه ست سال اڳ ۾ ئي هو مذهبي جنون جو اظهار ڪندو رهندو هو ۽ پنهنجي بيان جي مطابق انگريزي تهذيب ۽ عيسائي مذهب جي برائين جي مذمت ڪندو رهندو هو. جنگ ڇڙي پوڻ کان پوءِ هن آزاديءَ سان گڏ جرمنين جي فتح ۽ جڏهن ترڪي به جنگ ۾ شامل ٿي ويو ته ترڪيءَ جي ڪاميابين جون ڳالهيون شروع ڪري ڏنيون. شايد عبيدالله جي خراب اثر سان هو اظهار خيال ۾ محتاط ٿي ويو آهي. بعد جي تحقيقات مان ظاهر ٿيو ته پير رشيدالله جو رابطو ديوبند جي سازشين سان به هو. چيو وڃي ٿو ته جهنڊي وارو پير پنهنجي مريدن کان جهاد جي بعيت وٺندو هو.“

[b]شاهه بخش لاشاري، ڊاڪٽر
[/b] حضرت شيخ الهند جي نالي مولانا محمد ميان جي ريشمي خط ۾ ۽ ريشمي خط سازش ڪيس ۾ به هن جو نالو اٽڪل ڇهه دفعا مختلف جاين تي آيو آهي. حيدرآباد سنڌ جو رهڻ وارو هو، ڪجهه زمين هئس، واچن ٺاهڻ جو ڪم ڪندو هو، ڪجهه سلسلو طبابت جو به هو ۽ ان ڪري سازش ڪيس ۾ هن کي ڊاڪٽر (طبيب) چيو ويو آهي. حڪيم (قاضي) عبدالعزيز ۽ شيخ عبدالرحيم سنڌي جو مخلص ساٿي ۽ حضرت شيخ الهند جي تحريڪ جو ميمبر ۽ ان جي اعتماد وارو خاص ماڻهو هو. مولانا حسين احمد مدنيءَ ان کي حضرت شيخ الهند جي ساٿين ۾ شمار ڪيو آهي ۽ لکيو آهي ته هو حيدرآباد سنڌ جو رهاڪو ۽ آزاديءَ جي مشن جو پهريون ميمبر هو. 1915ع تي حضرت شيخ الهند کان اڳ حجاز هليو ويو هو. حضرت شيخ الهند ترڪي جي اڪابرن غالب پاشا ۽ جمال پاشا جون ڪجهه تحريرون حاصل ڪري، جيڪي برصغير موڪليون هيون، اهي سيد هادي ۽ شاهه بخش لاشاري جي گڏيل نگراني ۾ هيون. سيپٽمبر 1916ع تي سنڌ واپس آيو ۽ ريشمي رومال تحريڪ جو راز ظاهر ٿي پيو ته سڀني کان اڳ ۾ گرفتار ٿيڻ وارن ۾ هي شامل هو.
سازش ڪيس جي دعويٰ جي پئراگراف نمبر 45 مان هي به معلوم ٿئي ٿو ته ان جي گرفتاري 12 سيپٽمبر 1916ع تي عمل ۾ آئي هئي. ريشمي رومال سازش ڪيس جي ملزمن مان ان جو تعارف هنن لفظن ۾ ڪرايو ويو آهي:
”جنود ربانيه جي فهرست ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل آهي. حضرت مولانا (شيخ الهند) جي نالي عبيدالله جي خط ۾ به هي نالو آيو آهي. ڊاڪٽر حاجي شاهه بخش ولد امام بخش لاشاري بلوچ، ٺوڙهو نئين چاڙهي شهر حيدرآباد سنڌ. هي واچن ٺاهڻ جو مستري ۽ ننڍڙو زميندار آهي. ڪجهه طب يوناني جو ڪم به ڪري ٿو. هي ان ئي جهاز ۾ عرب ويو هو، جنهن جهاز ۾ سهارنپور جو مولانا خليل احمد ۽ ان جي پارٽيءَ سيپٽمبر 1915ع تي سفر ڪيو هو ۽ ايس ايس اڪبر نالي جهاز ۾ سيپٽمبر 1916ع تي هندستان واپس آيو هو. مولوي خليل احمد به هن ئي جهاز ۾ موٽيو هو. مولوي حبيب الله، حڪيم عبدالقيوم ۽ شيخ عبدالرحيم (جنهن جي نالي وضاحتي ريشمي خط روانو ڪيو ويو هو) رهندڙ حيدرآباد سنڌ جو نهايت مخلص ساٿي آهي. مولانا محمود حسن جي سازش جهاد جو ميمبر هو. حجاز کان هندستان پهچڻ تي هن جلديءَ ۾ حڪيم عبدالقيوم ۽ شيخ عبدالرحيم کي تار موڪلي هئي ته هن سان حيدرآباد ۾ ملن. هي ٿي سگهي ٿو ته هو مولانا محمود حسن جا پيغام کڻي آيو هجي. (مولانا) محمود حسن، انور پاشا ۽ غالب پاشا کان عرب ۾ جيڪي ڇهه فرمان حاصل ڪيا هئا، اهي حاجي شاهه بخش ۽ سيد هادي حسن جي گڏيل نگرانيءَ ۾ هندستان موڪليا ويا هئا ته جيئن سيد نورالحسن، رهندڙ رٿيڙي (ضلع مظفر ننگر- يوپي) جي حوالي ڪري سگهجن.“
تحريڪ ريشمي رومال سان وابستگي، شيخ عبدالرحيم سان تعلقات ۽ گرفتاري جي باري ۾ ريشمي تحريڪ سازش جي سلسلي ۾، 21 سيپٽمبر 1916ع جي يادداشت مان به روشني پوي ٿي. ان ۾ آيو آهي:
”مقامي عملدارن پنهنجي طور تي ان کان سواءِ ٽن ٻين شخصن کي به گرفتار ڪري ورتو آهي، جن جو شيخ عبدالرحيم جي گروهه سان گهاٽو تعلق آهي. انهن جا نالا هي آهن. مولانا تاج محمود، پير اسدالله شاهه ۽ حاجي شاهه بخش. انهن مان آخري ذڪر ڪيل هاڻي تازو عرب کان ان ئي جهاز ۾ واپس آيو آهي، جنهن ۾ سهارنپور جو خليل احمد آيو هو. هندستان پهچندي ئي هن شيخ عبدالرحيم کي تار موڪلي ۽ پوءِ ان سان ملاقات ڪرڻ حيدرآباد ويو. هو عبدالرحيم جو پراڻو ساٿي آهي..... شايد هو ان معاملي ۾ ڪافي حد تائين ملوث آهي.“
قاضي محمد اڪبر ان جي صورت ۽ سيرت جي باري ۾ نهايت دلچسپ ڳالهه لکي آهي، لکن ٿا:
”شيخ عبدالرحيم سنڌي ۽ حاجي شاهه بخش جو هڪ ڳالهه تي اڪثر تڪرار رهندو هو. شيخ صاحب جو نظريو هي هو ته جيستائين ممڪن ٿي سگهي گرفتاريءَ کان بچو ته جيئن ڪم ڪري سگهو، پوءِ ڀلي ڇو نه ان جي لاءِ ويس ئي مٽائڻو پوي. پر حاجي صاحب پنهنجي طبيعت ۾ تبديلي جي سخت خلاف هو. حالانڪ شيخ صاحب اڪثر انهن کي چوندو هو ته توهان جو غسل ۽ وضو ئي ڪنهن ڏينهن اسان کي گرفتار ڪرائيندو ۽ ٿيو به ائين. حاجي شاهه بخش لاشاري پنهنجي اعلان ڪيل اسلاميت جي بنياد تي، حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي گرفتار ٿي پيو ۽ شيخ عبدالرحيم جيڪو ڏاڙهي ڪوڙائي سوٽ به پائيندو هو، مسافرن جي رش ۾ غائب ٿي ويو ۽ پوليس ته ڇا پر خفيه پوليس به هن کي ڳولي نه سگهي.“
هن ئي مضمون ۾ قاضي صاحب اڳتي هلي ڪري لکي ٿو:
”منهنجي يادداشت جي مطابق حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي گرفتار ٿيڻ وارو... حاجي شاهه بخش لاشاري کي ٽي سال پورهئي سان قيد جي سزا ملي هئي.“
پر منهنجو خيال آهي ته هن باب ۾ مولانا حسين احمد مدني جو هي بيان وڌيڪ قابل اعتماد آهي ته جڏهن هو وطن پهتو ته گرفتار ڪيو ويو ۽ ڪجهه ڏينهن ”نظربند رهي ڪري آزاد ٿي ويو “. ڪجهه ڏينهن جي عرصي کي کڻي ڪيترو ئي ڊگهو ڪيو وڃي ۽ ڇڪيو وڃي، پر ”ٽن سالن“ جو عرصو نه ٿو ٿي سگهي. شاهه بخش لاشاريءَ 1962ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ وفات ڪئي.

[b]عبدالرحيم شيخ
[/b] سنڌ جي مشهور عامل خاندان جو هڪ ماڻهو هو. حيدرآباد سنڌ جي محلي گاڏي کاتي ۾ رهندو هو. والد جو نالو ڀڳوان داس هو. هندستان جي مشهور سياسي ليڊر ڪي بي اچاريه ڪرپلاڻي هن جو ننڍو ڀاءُ هو. شيخ عبدالرحيم اسلام جي صداقت کان متاثر ٿي ڪري مسلمان ٿي ويو هو. دين جي تبليغ ۽ اشاعت جو گهڻو جذبو هئس. هن جي ڪوششن کان متاثر ٿي ڪري ڪيترن ئي بااثر هندن اسلام قبول ڪري ورتو. ان جي هن خصوصيت جو تذڪرو بمبئي سي آءِ ڊي به هنن لفظن ۾ ڪيو آهي:
”عبدالرحيم حيثيت وارن هندن کي مسلمان ڪرڻ جي ڪوششن جي ڪري ڪافي بدنام آهي.“
قاضي محمد اڪبر، هن جي ڪوششن سان مسلمان ٿيڻ وارن مان سنڌ جا ڪجهه نهايت مشهور ۽ معزز ماڻهن جا نالا ڳڻايا آهن. شيخ عبدالمجيد، ڊاڪٽر شيخ نورمحمد، جيڪو ڪابل ۾ مولانا جو ساٿي ۽ ماسڪو جي سفر ۾ هن سان گڏ هو، سنڌ جو مشهور صحافي شيخ عبدالله، ايڊيٽر اخبار نو مسلم، شيخ عبدالقدوس نوراني، ڊاڪٽر شيخ شمس الدين، شيخ عبدالعزيز جيڪو قنڌاري جي نسبت سان مشهور ٿيو ۽ شيخ غلام محمد هن ئي مرد مجاهد جي ڪوششن کان متاثر ٿي ڪري مسلمان ٿيا هئا.
شيخ عبدالرحيم ملڪ جي آزاديءَ جي ڪوششن ۾ به مڙسيءَ سان حصو ورتو، تحريڪ شيخ الهند جو نهايت سرگرم ۽ خاص ميمبر هو. مولانا حسين احمد مدني جي چوڻ مطابق ته تحريڪ آزاديءَ جي رستي ۾ ان نهايت عظيم الشان خدمتون سرانجام ڏنيون. ريشمي رومال سازش ڪيس ۾ ان کي ”سازش جو هڪ خاص ميمبر ۽ هندستان، حجاز ۽ ڪابل ۾ موجود سازشين جي وچ ۾ ”رابطي جو ڪم ڪرڻو وارو“ قرار ڏنو آهي.
28 سيپٽمبر 1916ع جي يادداشت ۾ ان جي اهميت جي باري ۾ هيءَ وضاحت ملي ٿي:
”حيدرآباد سنڌ جي شيخ عبدالرحيم جي خبر نه پئجي سگهي آهي. هن ڪيس ۾ ان جي اهميت ڏينهون ڏينهن واضح ٿيندي وڃي ٿي.“
جنود ربانيه ۾ ان کي ڪرنل جو عهدو حاصل هو. ريشمي خطن ۾ پهريون خط هن جي ئي نالي هو. تحريڪ جو راز ظاهر ٿيو ته سڀني کان اڳ ۾ جن انقلابين جي گرفتاريءَ جو حڪم جاري ٿيو، انهن ۾ پهريون نالو شيخ عبدالرحيم جو هو. پر جيئن ته شاهه بخش لاشاري جي احوال ۾ قاضي محمد اڪبر جي بيان مان ظاهر ٿئي ٿو، هو آزاد رهي ڪري گهڻي کان گهڻو ڪم ڪرڻ جو قائل هو تنهن ڪري گرفتاريءَ کان بچڻ جي لاءِ روپوش ٿي ويو. سي آءِ ڊي کي ان جي باري ۾ اهو به معلوم نه ٿي سگهيو ته هو ملڪ جي اندر آهي يا ڪابل هليو ويو.
ريشمي رومال سازش ڪيس جي ملزمن جي فهرست ۾ ان جو ذڪر هنن لفظن ۾ آيو آهي:
”شيخ عبدالرحيم رهندڙ حيدرآباد سنڌ- جنهن کي ريشمي خطن ۾ هن ڏانهن تفصيلي خط موڪليو ويو هو، ڀڳوان داس زميندار جو پٽ آهي. هندو مان مسلمان ٿيو هو، ٻين حيثيت وارن هندن کي مسلمان ڪرڻ جي ڪوششن جي ڪري ڪافي بدنام آهي، پيشي جي اعتبار کان درزي آهي. حيدرآباد ۾ حڪيم عبدالحڪيم جي گهر جي ويجهو گاڏي کاتي ۾ رهندو هو. شيخ ابراهيم سنڌي ايم اي، سابق پروفيسر حبيبيه ڪاليج (ڪابل) عبدالمجيد، ايڊيٽر ”الحق“ حيدرآباد ۽ مولوي عبيدالله جو ساٿي آهي. عبيدالله جي سفر ڪابل جو انتظام ڪرڻ ۾ ان جي مدد ڪئي هئائين. سازش جو هڪ خاص ميمبر ۽ هڪ مشهور متعصب آهي، جيڪو هندستان، حجاز ۽ ڪابل ۾ موجود سازشين جي وچ ۾ رابطي جو ڪم ڪندو آهي. جنود ربانيه جي فهرست ۾ ڪرنل آهي. هن جي موجوده رهائش جي خبر نه آهي. ٿي سگهي ٿو ته عبيدالله سان گڏ ڪابل ۾ هجي.“
قاضي محمد اڪبر ان جي حالتن ۾ لکيو آهي:
”شيخ عبدالرحيم سنڌي ويس مٽائي ڪري تحريڪ آزاديءَ ۾ ڪم ڪندو رهيو ۽ تبليغ جو فرض به سرانجام ڏيندو رهيو. اهڙي طرح هو سرهند شريف پهتو جتي هن وفات ڪئي. اتي ئي دفن ٿيل آهي. ان جي مزار اڄ به فڪر وارن جي رت کي گرمائي ڇڏي ٿي. هي پنهنجو پاڻ تحريڪن جو هڪ ميڙ هو.“

[b]عبدالقيوم حڪيم
[/b] ريشمي خط سازش ڪيس ۾ حڪيم عبدالقيوم جو نالو چئن جاين تي آيو آهي. پهريون ڊفينس ايڪٽ جي رول نمبر 7، 12 الف جي تحت گرفتاري جي حڪم جي سلسلي ۾، حڪومت بمبئي جي نالي 14 سيپٽمبر 1916ع جي ٽيليگرام ۾، شيخ عبدالرحيم کان پوءِ ٻيو نالو حڪيم عبدالقيوم جو آهي. ٽيليگرام ۾ چيو ويو آهي:
”عبدالحق ٻڌايو آهي ته هي شخص نهايت اهم آهي، ڇو ته هو شيخ عبدالرحيم جو ۽ هيٺ ڏنل شخصن جو تمام ويجهو ساٿي آهي. يقيناً عبدالقيوم کان گهڻي قيمتي معلومات حاصل ٿي سگهي ٿي. شايد سنڌ پوليس هن کان اڻ ڄاڻ آهي.“
”هيٺ ڏنل شخصن“ جي سلسلي ۾ عبدالله آف حيدرآباد (سنڌ) ۽ فتح محمد آف حيدرآباد (سنڌ) محمد ميان عرف منصور انصاري جا نالا آيا آهن.
ان کان پوءِ چيو ويو آهي ته، ”حڪيم عبدالقيوم جو نالو عبدالحق جي لکيل بيان ۾ شامل نه آهي. عبدالحق جي ٻئي بيان مان ان جو تمام گهڻو ملوث هئڻ ثابت ٿئي ٿو، جنهن تي اسان جي شبهي ڪرڻ جو سرسري نظر ۾ ڪو به سبب نه آهي.“
اڳتي هلي چيو ويو آهي ته ”مون کي اڄ ڪراچي مان پنهنجي اسسٽنٽ جي هڪ تار ملي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مقامي عملدار عبدالقيوم کان چڱيءَ طرح واقف آهن.“ هي ٽيليگرام ۽ رپورٽون سي آر ڪليو لينڊ جون مرتب ٿيل آهن. هن پنهنجي رپورٽ ۾ چوٿين جاءِ تي لکيو آهي ته ”عبدالقيوم جو ڏس پوليس وڏي آسانيءَ سان حاصل ڪري ورتو هو، حيدرآباد جو ميونسپل ڪمشنر ۽ شيخ عبدالرحيم جو ساٿي آهي. هن کي گرفتار ڪري ضمانت تي آزاد ڪيو ويو.“
هن رپورٽ جي تاريخ 21 سيپٽمبر 1916ع آهي. هن مان معلوم ٿو ٿئي ته 14 کان 21 سيپٽمبر جي وچ واري هفتي ۾ ان جي گرفتاري ۽ آزادي عمل ۾ آئي هئي.
حڪيم عبدالقيوم سنڌ جي مشهور سماجي رهنما حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جو ننڍو ڀاءُ ۽ قاضي محمد اڪبر جو والد هو. قاضي صاحب جي ريشمي رومال تحريڪ سان ويجهو لاڳاپو ۽ ان جي قربانيءَ جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. لکي ٿو:
”تحريڪ ريشمي رومال سان لاڳاپيل مسلمان وڏي خاموشي ۽ رازداريءَ سان هي خطرناڪ مهم هلائي رهيا آهن. 1916ع جي هڪ صبح جو مون کي ان جي ڄاڻ ان وقت ٿي، جڏهن مسلح پوليس گاڏي کاتي حيدرآباد سنڌ ۾ واقع اسان جي گهر جو گهيرو ڪيو. معمول جي مطابق اسڪول وڃڻ جي لاءِ مان گهر مان نڪرڻ چاهيان پيو ته دروازي تي مقرر ٿيل هڪ مسلح سپاهيءَ ٻڌايو ته ڪو به شخص ٻاهر نٿو وڃي سگهي. ٿوري دير کان پوءِ هڪ انگريز جيڪو ضلع حيدرآباد جو ڪليڪٽر هو، اسان جي گهر جي تلاشي وٺڻ آيو. ان موقعي تي انگريز ڪليڪٽر روايتي شرافت جو مظاهرو ڪندي عورتن جي تلاشي وٺڻ جي لاءِ عورتون گهرايون جيڪي يورپين هيون.... اسان جي گهر جي چوڌاري پوليس جي وڏي اٽالي جي موجودگيءَ محلي ۾ (گهٻراهٽ) پکيڙي ڇڏي ۽ بيشمار هندو مسلمان گڏ ٿيڻ لڳا. ٻن ڪلاڪن تائين گهر ۽ گهروارن جي تلاشي وٺڻ کان پوءِ انگريز ڪليڪٽر منهنجي والد قاضي عبدالقيوم کي پاڻ سان گڏ وٺي ويو. بعد ۾ خبر پيئي ته ان کي ڪراچي ۾ ڪلفٽن جي ويجهو هڪ ڪوٺيءَ ۾ نظربند ڪيو ويو. ان سان گڏ منهنجي وڏي چاچي حڪيم فتح محمد سيوهاڻي کي ڪراچي ۾ گرفتار ڪري، اتي ئي قيد ڪيو ويو. هي تلاشيون ۽ گرفتاريون ساڳئي وقت ڪيترين ئي جاين تي ٿي رهيون هيون. جيئن ته بعد ۾ خبر پيئي ته ان ئي ڏينهن حيدرآباد سنڌ ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جي بنگلي جي تلاشي ورتي ويئي ۽ ڀرڳڙي صاحب کي سندس ئي ڪوٺيءَ ۾ نظربند رکڻ جي حڪمن تي عمل ٿيو.“
ان کان پوءِ قاضي محمد اڪبر لکي ٿو:
”هي سڀئي گرفتار ٿيل هڪ سال کان پوءِ ان ڪري آزاد ڪيا ويا جو انهن جي خلاف ڪو به ثبوت ته پري، انهن جي باغيانه سرگرمين جو هڪ به شاهد نه ملي سگهيو.“
هن بيان جو پهريون جملو (يعني سال کان پوءِ آزادي) گهٽ ۾ گهٽ حڪيم عبدالقيوم ۽ ان جي ڀاءُ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي بابت نظرثانيءَ جوڳو آهي، ڇو ته حڪيم فتح محمد جو ذڪر فتح محمد آف رڪ جي سلسلي ۾ ان طرح آيو آهي ته، انهن کي ان جي شبهي ۾ گرفتار ڪيو ويو هو ۽ 21 سيپٽمبر کان اڳ ئي آزاد ڪيو ويو هو. 21 سيپٽمبر جي يادداشت جي متعلق لفظ هي آهن:
”فتح محمد جي خبر نه پئجي سگهي. ان جي ڳولا جاري آهي، هن نالي جو هڪ شڪ وارو ماڻهو گرفتار ڪيو ويو هو، پر ان کي بعد ۾ آزاد ڪيو ويو، ان تي شبهو ان ڪري هو ته هو عبدالقيوم جو ڀاءُ آهي.“
اهڙيءَ طرح ريشمي خط سازش جي رپورٽ مان صاف معلوم ٿئي ٿو ته ٻئي ڀائر 14 ۽ 21 سيپٽمبر 1916ع جي وچ وارن ڏينهن ۾ گرفتار ٿيا ۽ ضمانت تي انهن کي آزادي به ملي ويئي هئي. هن بيان جي ٻئي حصي مان به اهڙي ڳالهه جو اشارو ملي ٿو. بهرحال ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته تحريڪ ريشمي رومال جي شخصيتن، شيخ عبدالرحيم ۽ حاجي شاهه بخش لاشاريءَ سان ان جو تعلق هو. پوليس جا اطلاع بلڪل صحيح هئا، پر عبدالقيوم مرحوم جي احتياط پوليس جي لاءِ پنهنجي خلاف ڪو به ثبوت نه ڇڏيو، ان ڪري پوليس ان کي آزاد ڪرڻ تي مجبور ٿي پيئي.
ريشمي رومال تحريڪ کان پوءِ خلافت ترڪ موالات ۽ هجرت جي تحريڪن ۾ به حڪيم عبدالقيوم حصو ورتو. پر مرحوم پنهنجي طبعي عمر کي پهچڻ کان اڳ 1931ع جي لڳ ڀڳ 42 ورهين جي عمر ۾ پنهنجي مالڪ حقيقي سان وڃي مليو.“

[b]عبدالله لغاري
[/b] سنڌ جو مشهور عالم دين هو. 1288هه ۾ ڳوٺ داد لغاري، تعلقو ميرپور ماٿيلو، ضلع سکر ۾ ڄائو هو. هن جي والد جو نالو نهال خان پٽ محمد خان پٽ رستم خان پٽ فتح محمد خان لغاري هو. شروعاتي تعليم پنهنجي هڪ عزيز مولوي محمد امين لغاري کان ورتائين، پوءِ ڳوٺ پنهواري ۾ ڪجهه ڪتاب پڙهيائين. بعد ۾ نوشهروفيروز، ٺارو شاه ۽ ڪيترن ئي جاين تي علم حاصل ڪرڻ جي لاءِ سفر ڪيائين. 1316هه ۾ امروٽ شريف ۾ مولانا عبيدالله سنڌيءَ سان هن جي پهرين ملاقات ٿي، جيڪا ملڪ جي انقلابي سياست ۾ ان جي شموليت جو سبب بڻي. مولانا سنڌيءَ پريس قائم ڪئي، جتان رسالو هدايت الاخوان جاري ڪيو ۽ انقلابي خيالن جي اشاعت شروع ڪئي ته مولوي عبدالله ان جو مددگار ۽ پريس جو مئنيجر هو. ان کان پوءِ جڏهن مدرسو دارالارشاد ڳوٺ پيرجهنڊو جاري ٿيو ته مولوي عبدالله فارسيءَ جو استاد مقرر ٿيو ۽ ان سان گڏ مدرسي جو نائب مهتمم به هو ۽ جڏهن حضرت شيخ الهند مولانا سنڌيءَ کي ديوبند گهرايو ۽ اتي جمعيت الانصار جي قائم ڪرڻ ۽ سياسي ڪم ڪرڻ جي هدايت فرمائي ته، ان سفر ۾ مولانا سنڌيءَ سان گڏ ڪراچيءَ جو مولانا محمد صادق ۽ مولوي عبدالله ڳوٺ پير جهنڊي واپس اچي مدرسو دارالارشاد هلائيندو رهيو هو. پر 1915ع ۾ جڏهن مولانا سنڌيءَ ڪابل جو سفر ڪيو ته، مولوي عبدالله ان سان گڏ هو. ريشمي رومال سازش ڪيس جي لکت جي مطابق، هو فيبروري 1916ع تي ”ڪجهه خاص سازشين“ جا خط کڻي هندستان آيو. اصل ۾ هي خط مولانا عبيدالله سنڌيءَ ۽ راجه مهندر پرتاب جا هئا. مولانا سنڌيءَ جا خط مولانا محمد علي، ڊاڪٽر مختار احمد انصاري ۽ حڪيم محمد اجمل خان جي نالي، جڏهن ته راجه صاحب جا خط ان جي ڪن عزيزن جي نالي هئا. هيءَ ذميواري ان نهايت سٺي نموني پوري ڪئي هئي، پر ريشمي خط سازش ڪيس جي مطابق هو اڃا ڪابل واپس نه ويو هو ته سيپٽمبر 1916ع تي ان کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ان کي پنهنجي ڳوٺ ۾ نظربند ڪيو ويو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان مولوي عبدالله لغاري تي، ان جي زندگيءَ ۾ ئي هڪ نهايت مفيد ۽ معلوماتي مضمون لکيو هو. ان ۾ هن مرحوم جي شخصيت، فڪر، سيرت ۽ خدمتن جي سڀني پهلوئن تي نهايت گهڻي تفصيل سان روشني وڌي آهي. ڊاڪٽر ان جي باري ۾ هي بلڪل صحيح لکيو آهي ته هو بلاشڪ مولانا سنڌي جو هڪ مخلص عقيدتمند ۽ سجاڳ خيال ساٿي آهي.
جنود ربانيه جي فهرست ۾ ان جو عهدو ڪرنل جو هو.
ڪجهه سالن کان پوءِ جڏهن مولانا سنڌي حجاز پهچي ويو ۽ مڪي شريف ۾ رهيل هو ته، مولوي عبدالله لغاري حجاز ڏانهن ويو ۽ ڪجهه وقت تائين مولانا سنڌي مرحوم کان فائدو حاصل ڪيو. جڏهن مولانا 1939ع ۾ پنهنجي پياري وطن سنڌ آيو ته مولوي عبدالله انهن ماڻهن مان هو، جن مولانا جي صحبت ۾ سڀني کان وڌيڪ وقت گذاريو. ان جي هڪ عظيم الشان خدمت هيءَ آهي ته ان مولانا سنڌيءَ جي سياسي ڊائري ۽ ان جي فڪر، تعليم، تربيت ۽ تفسير کي اردو زبان ۾ مرتب ڪيو آهي. عم پاري جو اردو ترجمو ڇپجي به ويو آهي. آخري عمر ۾ ان کي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ شامل ڪيو ويو هو ته جيئن هو پنهنجي فڪر ۽ مطالعي سان شاگردن جي بهترين ذهني ۽ فڪري تربيت ڪري سگهي.
ريشمي خط سازش ڪيس ۾ ڪيترين ئي جاين تي ان جو ذڪر آيو آهي. 14 سيپٽمبر جي يادداشت ۾ گرفتاري جي حڪم جي سلسلي ۾ شيخ عبدالرحيم ۽ حڪيم عبدالقيوم کان پوءِ ٽيون نالو مولوي عبدالله جو آهي. لکيو آهي ته هي شخص عبيدالله جو خادم آهي. ٽي مهينا گذريا هي شخص ڪابل مان خاص ڪاغذ کڻي شيخ عبدالرحيم ڏانهن موڪليو ويو هو. عبدالله حيدرآباد يا پنجاب ۾ هوندو هو، پر هو جتي به ملي ان کي گرفتار ڪرڻ گهرجي. ان کان پوءِ سي آر ڪليو لينڊ جي ٻئي يادداشت تاريخ 21 سيپٽمبر 1916ع تي آيو آهي ته عبدالله جيڪو عبيدالله جو ملازم آهي، پنجاب پوليس ان کي بهاولپور اسٽيٽ ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي. ان کان پوءِ 28 سيپٽمبر جي يادداشت ۾ ان جي باري ۾ هي وضاحت ملي ٿي ته عبدالله، جنهن کي گذريل خطن ۾ عبيدالله جو ملازم ظاهر ڪيو ويو آهي، تعليم يافته ماڻهو نڪتو. هن کي خاص ڪري مولوي عبدالله چيو وڃي ٿو. ان کان پوءِ پنجاب سي آءِ ڊي جو ان جي باري ۾ هيءَ راءِ آهي ته عبدالله جو بيان اسان کي گهڻو اڳتي نٿو وٺي وڃي. پر هن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سازش گهڻي ڪمزور ۽ نرم آهي ۽ بلڪل شروعات ۾ ئي ان جو راز ظاهر ٿي پيو آهي. جيڪي خط پڪڙيا ويا آهن ان کان سواءِ به ڪجهه خط هندستان ۾ شورش پسندن ڏانهن موڪليا ويا آهن، جن ۾ انهن ماڻهن کي ڪابل وڃڻ جو چيو ويو آهي، سازش اڃان ان حد تائين پهتي آهي. ان کان پوءِ دعويٰ جي دفعي نمبر 59 ۾ هنن لفظن ۾ ذڪر آيو آهي:
”فيبروري 1916ع تي مولوي عبدالله ۽ فتح محمد سنڌي کي عبيدالله ۽ مهندر پرتاب پئسا، خط ۽ پيغام ڏئي هندستان روانو ڪيو، جيڪي شيخ عبدالرحيم سنڌي ۽ احمد علي دهلوي جي ذريعي پهچائڻا هئا.“
هتي احمد علي دهلوي مان مراد مولانا احمد لاهوري آهي، جيڪو انهن ڏينهن ۾ دهلي ۾ رهندو هو ۽ مدرسي نظارة المعارف القرآنيه ۾ مولانا عبيدالله سنڌي جو قائم مقام هو.

[b]عبدالله هارون حاجي
[/b] هن جي ذات ڪنهن تعارف جي محتاج نه آهي. تحريڪ ريشمي رومال سان ان جو تعلق ثابت نه آهي. پر سفر ڪابل جي سلسلي ۾ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي مالي مدد ڪرڻ وارن ۾ ان جو نالو سرفهرست هو ۽ ان ئي حيثيت سان ۽ ٻين قومي خاصيتن جي بنياد تي ريشمي خط سازش ڪيس ۾ ان جو نالو آيو آهي. ان بابت جنهن شديد سامراجي خيالن جو اظهار ڪيو ويو آهي، اهو ان جي حيثيت ۽ عظمت لاءِ ڪافي آهي. ان ڪري هتي فقط هن ئي بيان تي اڪتفا ڪيو وڃي ٿو. ذڪر ڪيل ڪيس ۾ ان بابت هي نوٽ آهي:
”اهوئي حاجي عبدالله هارون آهي، ڪڇي ميمڻ آهي. کنڊ جو خوشحال واپاري ۽ ڪراچيءَ جو آنريري مئجسٽريٽ آهي. وڏو ڪٽر وهابي ۽ اسلامي اتحاد جو نهايت خطرناڪ پرچارڪ آهي. جنگ طرابلس دوران 12- 1911ع تي عبدالله هارون انجمن هلال احمر (شاخ سنڌ) جو سيڪريٽري ۽ خزانچي هو ۽ ترڪن جي لاءِ پئسا گڏ ڪندو هو. آگسٽ 1913ع ۾ جڏهن ريلوي انجنيئر، ريلوي پوليس لائنز ۾ غصب ٿيل زمين تي تعمير ٿيل نماز پڙهڻ جي چبوتري کي هٽائڻ چاهيو ته صدر انجمن ضياءُالاسلام جي حيثيت سان ان به اهڙو ئي هنگامو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جهڙو ڪانپور ۾ مسجد جي سلسلي ۾ ٿي چڪو آهي. هن جنگ بلقان جي موقعي تي ترڪن جي مدد جي لاءِ چندو به گڏ ڪيو. ڪراچي ۾ جيڪا سئنيما تحريڪ هلي، خيال آهي ته ان جي تهه ۾ به هيءُ ئي شخص هو، جنهن ڪري اتر هند ۾ 1914ع تي ڪجهه بيچيني پکڙجي ويئي. اهو مولوي محمد صادق آف کڏو ڪراچي، ابوالڪلام آزاد ۽ اسلامي اتحاد جي ٻين انتهاپسند ڪٽر حامين جو ساٿي آهي.
مولوي احمد علي (لاهوري) جي بيان مان ظاهر ٿئي ٿو ته عبدالله هارون ابوالڪلام آزاد جي برطانيه، دشمن اسڪيمن ۾ مالي امداد ڪري رهيو آهي ۽ جهاد جي سرحدپار پروپئگنڊا ۾ ان جو ويجهو ساٿي آهي.“
[سيٺ حاجي عبدالله هارون بعد ۾ مولانا محمد صادق جي ساٿ کان الڳ ٿي مسلم ليگ ۾ وڃي شامل ٿيو، کڏي واري مدرسي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش به ڪيائين. مولانا محمد صادق مدرسي جي هڪ روئداد ۾ ان تي تفصيلي روشني وڌي آهي. (مترجم تفصيل لاءِ ڏسو روئداد مدرسه مظهرالعلوم بابت سال... (؟؟)]
عبيدالله سنڌيءَ مولانا
مولانا سنڌي هن تحريڪ جو مرڪزي شخص هو. جيئن ته هن تحريڪ جو سڄو منصوبو مولانا سنڌيءَ تيار ڪيو هو، ان ڪري سازش ڪيس ۾ ان کي ئي هن تحريڪ جو ذميوار قرار ڏئي، مدعا عليه (اهو شخص جنهن تي دعويٰ ڪئي وڃي) قرار ڏنو آهي. جيئن ته هن مضمون ۾ سڌيءَ توڙي اڻ سڌيءَ طرح ان جو ئي ذڪر ٿيندو رهيو آهي، ان ڪري هتي فقط اهو نوٽ شامل ڪرڻ تي اڪتفا ڪئي پئي وڃي جيڪو ان جي باري ۾ ڪيس ۾ ملوث شخصيتن جي پٺيان آيو آهي. نوٽ هي آهي:
”ان ريشمي خطن تي صحيحون ڪيون آهن، پهريان سک هو. ان جو اصلي نالو بوٽا سنگهه آهي. چيانوالي ضلع سيالڪوٽ جو رهڻ وارو آهي. شروعاتي عمر ۾ اسلام قبول ڪري ورتو هئائين. شروعاتي تعليم سنڌ ۾ ورتائين، پوءِ مدرسي ديوبند ۾ داخل ٿيو. تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ هن ٻارنهن سال سنڌ ۾ گذاريا، جتي پير جهنڊو ۽ نوابشاهه ۾ مدرسا قائم ڪيائين. جنگ بلقان ۾ وڏي پئماني تي هلال احمر فنڊ جي لاءِ پئسا گڏ ڪيائين ۽ غير ملڪي مال جي بائيڪاٽ جي تبليغ ڪري اهميت ۽ شهريت حاصل ڪري ورتائين. بعد ۾ هو دهلي ۾ رهڻ لڳو، جتي هن نظارة المعارف القرآنيه قائم ڪيو، جنهن جو هو هاڻي به ناظم آهي. هو مولانا ابوالڪلام آزاد، قاضي ضياءُالدين، مولوي احمد چڪوالي، حسرت موهاني، محمد علي آف ڪامريڊ، شوڪت علي، مولوي عبدالرحيم عرف مولوي بشير، مولوي غلام محمد، عبدالقادر رهندڙ دينپور رياست بهاولپور) شيخ عبدالرحيم رهندڙ حيدرآباد سنڌ وغيره جو ساٿي آهي.
فيبروري 1915ع تي جڏهن لاهور جا جهادي شاگرد ڀڄي وڃي هندستان متعصبن وٽ پهتا ته هو لاهور ۾ موجود هو. مولانا محمود حسن جو پڪو مريد آهي. ان حضرت مولانا تي اثر وڌو ۽ اخرڪار ان کي اسلامي اتحاد جو ايترو ته زبردست مبلغ بڻائي ڇڏيو جو هو ديوبند جي خفيه مشورن ۾ شريڪ ٿيندو هو. قصور جي مولوي محمد علي بي اي ۽ مولوي ابراهيم سنڌي ايم اي، جيڪي حبيبيه ڪاليج ڪابل ۾ عبيدالله جي سازش سان پروفيسر مقرر ڪيا ويا هئا، حقيقت ۾ اتي انقلابي ڪم ڪرڻ جي لاءِ موڪليا ويا هئا. جولاءِ 1915ع ۾ ڪوئٽا ۽ قنڌار افغانستان جي لاءِ روانو ٿي ويو. مولوي عبدالله سنڌي، فتح محمد، احمد علي جي ڀاءُ محمد علي کي پاڻ سان گڏ وٺي ويو. آڪٽوبر 1915ع تي ڪابل پهتو. پرنس عنايت الله خان، سردار نصرالله خان ۽ امير سان ملاقاتون ڪيون. حاجي عبدالرزاق سان ويجها تعلقات قائم ڪيا جيڪو نائب السلطنت جو مددگار هو. محمود طرزي، ايڊيٽر سراج الاخبار ۽ نادر خان سان، جيڪو امير جي فوج جو ڪمانڊر انچيف به هو، تعلق پيدا ڪيائين. سول اسپتال ڪابل ۾ جرمن مشن جي ميمبرن سان خفيه ملاقاتون ڪيائين. عبيدالله ۽ مولوي عبدالرحيم مشن جي جرمن ۽ آسٽرين ميمبرن کي آزاد علائقي جي ڪجهه حصن جو دورو ڪرايو. هو جهاد جو جهنڊو بلند ڪرڻ جي لاءِ ۽ سڄي افغانستان کي ڀڙڪائي برطانيه جي خلاف جنگ ڪرائڻ جي ارادي سان هندستان مان ويو هو. فيبروري 1916ع تي هن عبدالله سنڌي ۽ فتح محمد کي ڪابل مان جهاد جي فتويٰ ۽ خط ڏئي ڪري پنهنجي خاص خاص ساٿين ڏانهن هندستان روانو ڪيو. جولاءِ 1916ع تي هن شيخ عبدالحق جي هٿان حيدرآباد جي شيخ عبدالرحيم ڏانهن ريشمي خط روانا ڪيا. انهن خطن جي خبر پئجي ويئي ۽ اهي حڪومت جي قبضي ۾ اچي ويا. جنود ربانيه جي فهرست ۾ ڪابل ۾ قائم مقام سالار آهي.“

[b]فتح محمد سنڌي
[/b] فتح محمد ڳوٺ رڪ ضلعي لاڙڪاڻي جو رهڻ وارو هڪ نئون مسلم نوجوان هو. مولانا غلام محمد دينپوري جي هٿ تي اسلام قبول ڪيو هئائين. 1915ع تي مولانا سنڌيءَ سان گڏ ڪابل ويو ۽ فيبروري 1916ع تي مولانا عبدالله لغاري سان واپس آيو. پوليس ان جي گرفتاريءَ جي ڪوشش ڪئي، پر هو ان کي گرفتار ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا. ريشمي خط سازش ڪيس ۾ فتح محمد جو نالو پنجن جاين تي آيو آهي. پهريون دفعو گرفتاري جي حڪم ۾ چوٿين نمبر تي ذڪر آهي ۽ فقط ايترو لکيو آهي: ”فتح محمد آف حيدرآباد- هي شخص ڪابل مان عبدالله سان گڏ ذڪر ڪيل مقصد جي لاءِ آيو هو.“ ٻيو دفعو 21 سيپٽمبر 1916ع جي يادداشت ۾ هي آيو آهي ته فتح محمد جي خبرنه پئجي سگهي. ان جي ڳولا جاري آهي، ان لاءِ جو هڪ شڪي شخص گرفتار ڪيو ويو هو. پر ان کي بعد ۾ آزاد ڪيو ويو، ان تي شبهو ان ڪري هو جو هو عبدالقيوم جو ڀاءُ آهي.
حڪيم عبدالقيوم جو ڀاءُ، جنهن کي فتح محمد سنڌي جي شبهي ۾ گرفتار ڪيو ويو هو، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي نالي سان مشهور آهي. مٿي ذڪر ڪيل بيان مان ثابت ٿئي ٿو ته ان کي فتح محمد جي شبهي ۾ 14 سيپٽمبر کان پوءِ گرفتار ڪيو ويو هو ۽ 21 سيپٽمبر کان اڳ آزاد ڪيو ويو.
ان کان پوءِ دعويٰ ۾ مدعا عليهم جي فهرست ۾ نمبر 22 تي فتح محمد سنڌي آف رڪ سنڌ (ڀڳل آهي) ۽ پئرا نمبر 59 جي هيٺان هنن لفظن ۾ ذڪر آيو آهي:
”فيبروري 1916ع تي مولوي عبدالله ۽ فتح محمد سنڌي کي عبيدالله ۽ مهندر پرتاب پئسا، خط ۽ پيغام ڏئي هندستان روانو ڪيو، جيڪي شيخ عبدالرحيم سنڌي ۽ احمد علي دهلوي جي ذريعي پهچائڻا هئا.“
ريشمي خط سازش ڪيس جي آخر ۾ ڪيس ۾ ذڪر ڪيل شخصيتن جي جيڪا ڊائريڪٽري ڏني ويئي آهي، ان ۾ فتح محمد جي باري ۾ سڄي معلومات کي گڏ ڪيو ويو. اهو مڪمل نوٽ هن طرح آهي:
”فتح محمد سنڌي سابق هندو، جنهن کي دينپور رياست بهاولپور جي مولوي غلام محمد ان وقت مسلمان ڪيو، جڏهن هو ڇوڪرو هو. مذهب مٽائڻ کان پوءِ رهڻ جي لاءِ هو امروٽ ضلع سکر هليو ويو، جتي ڇهه سال گذاريائين. شڪارپور ۽ سکر ۾ بيڪري جا دڪان اٿس. ڳئن جي کلن جو به واپار ڪندو آهي. جولاءِ 1915ع ۾ هو مولوي عبيدالله سان گڏ ڪابل ويو ۽ مارچ 1916ع تي عبيدالله، برڪت الله وغيره جا خفيه خط هن ملڪ جي ڪن سازشين جي نالي وٺي واپس آيو. سيپٽمبر 1916ع تي ان جي گرفتاريءَ جو وارنٽ جاري ڪيو ويو. پر هو ڀڄي ويو ۽ هاڻي ان جي معلومات نه آهي.“

[b]محمد ابراهيم سنڌي، شيخ
[/b] ڪراچي جي مشهور عالم دين مولانا محمد صادق کڏو ڪراچي واري جو ڀاڻجو هو. هن بمبئي يونيورسٽي مان ايڪانامڪس ۾ ايم اي ڪئي هئي. مولانا عبيدالله سنڌي، مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ شيخ الهند جي مشوري سان ان کي ۽ مولوي محمد علي قصوري کي حبيبيه ڪاليج ڪابل ۾ استاد مقرر ڪرايو ويو هو ته جيئن هو برصغير ۾ انگريزن جي خلاف انقلاب برپا ڪرڻ ۽ جهاد جي لاءِ زمين هموار ڪن. هن ڳالهه جي تصديق ريشمي رومال سازش ڪيس جي رپورٽ مان به ٿئي ٿي. ريشمي رومال سازش ڪيس ۾ ڪيترين ئي جاين تي اشارتاً ۽ مستقل ان جو ذڪر آيو آهي. پر ان کي مولانا محمد صادق محلو کڏو ڪراچي واري جو ڀائيٽيو ۽ عبدالله جو پٽ بيان ڪيو ويو. ان بيان جو هڪ حصو ئي صحيح ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن هو مولانا محمد صادق جو ڀائيٽو آهي ته عبدالله جو پٽ نٿو ٿي سگهي، ڇو جو عبدالله مولانا محمد صادق جي والد جو نالو آهي ۽ جيڪڏهن عبدالله جو پٽ آهي ته مولانا موصوف جو ڀاءُ ٿيو، نه ڪو ڀائٽيو. حبيبيه ڪاليج ۾ پروفيسر هو. تحريڪ ريشمي رومال سان ان جو گهڻو ويجهو تعلق هو. هو ڪابل ۾ مولانا سنڌي جو نهايت اعتماد وارو مشير هو. جنودربانيه ۾ ان کي ميجر جنرل جو عهدو مليل هو. ريشي سازش ڪيس ۾ ان جو هنن لفظن ۾ تعارف ڪرايو ويو آهي:
”1- شيخ ابراهيم آف سنڌ، محمد صادق جو ڀائٽيو آهي، جيڪو کڏي ڪراچي جو مشهور متعصب مولوي (هاڻي نظربند آهي) ۽ عبيدالله جو دوست آهي، شيخ محمد ابراهيم ايم اي پونه ۾ تعليم ورتي آهي.
2- فيبروري 1915ع تي ان کي حبيبيه ڪاليج ڪابل ۾ پروفيسر جي جاءِ ملي ويئي، جتي هو برطانيه جو ڪٽر مخالف ٿي ويو.
3- هو ڪابل جو هڪ انقلابي آهي. مولوي عبيدالله، محمد علي بي اي قصوري، راجه مهندر پرتاب، برڪت الله وغيره سان گڏ سازشون ڪرڻ ۽ منصوبن ٺاهڻ ۾ هن وڏو نمايان حصو ورتو آهي. چيو وڃي ٿو ته شيخ ابراهيم ۽ محمد علي قصوري کي مولوي عبيدالله خاص طور تي ڪابل موڪليو هو ته جيئن هو اتي جهاد جي لاءِ زمين هموار ڪري سگهن. جون 1916ع تي ان کي محمد علي سان گڏ حبيبيه ڪاليج مان هٽايو ويو. 10 جولاءِ 1916ع تي آزاد علائقن ڏانهن روانو ٿي ويو. جتي هو شايد هن وقت به سرحدپار جي ملن، قبائلين وغيره کي جهاد لاءِ ڀڙڪائڻ ۾ مشغول آهي. چيو وڃي ٿو ته 1916ع ۾ هن عرب رستي جرمني وڃڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هئي، جنود ربانيه جي فهرست ۾ ميجر جنرل آهي.“
ڪاليج مان هٽائڻ کان پوءِ هو مولوي محمد علي قصوري سان گڏ ياغستان هليو ويو هو. ڪجهه عرصو حاجي صاحب ترنگ زئي سان گڏ گذاريائين، پوءِ روس جي انقلاب کان پوءِ 1917ع تي قطنن ۽ بدخشان جي رستي روس وڃڻ جو فيصلو ڪيو هو. هڪ مهاجر فضل محمود به ان سان گڏ هو. ان بيان ڪيو آهي ته هو رستي ۾ ٽائيفائيڊ جو شڪار ٿي ڪري وفات ڪري ويو. ان جي وفات تي هي شبهو به ڪيو ويو آهي ته ان کي رستي ۾ انگريزن جي ماڻهن ماري وڌو.

[b]محمد حسن
[/b] حيدرآباد سنڌ جو هڪ درزي، جنهن جو نالو تحريڪ ريشمي رومال سان هڪ ٿورڙي تعلق جي ڪري تاريخ ۾ هميشه لاءِ زنده ٿي ويو. ان جو تعلق تحريڪ سان فقط ايترو معلوم ٿو ٿئي ته شيخ عبدالرحيم جو اعتماد وارو هو ۽ ان کي هن دينپور موڪليو هو، ته جيئن هو عبدالحق جي ذريعي مولانا سنڌي جا ڪابل مان موڪليل خط کڻي اچي. ريشمي سازش ڪيس ۾ فقط هڪ جاءِ تي ان جو نالو آيو آهي. ان بابت نوٽ هي آهي:
”ريشمي خط روانا ڪيا ويا آهن. صدر بازار جي ويجهو ڪاچوالا هود گهٽيءَ ۾ رهي ٿو. شيخ عبدالرحيم هن کي دينپور رياست بهاولپور موڪليو هو ته جيئن هو ريشمي خط کڻي اچي، جيڪي شيخ عبدالحق (جي ذريعي مولانا عبيدالله سنڌي) ڪابل مان روانا ڪيا هئا. پر هو انهن کي حاصل ڪري نه سگهيو ڇو ته اهي خط خانبهادر رب نواز خان جي حوالي ڪيا ويا هئا.“

[b]محمد صادق مولانا
[/b] سنڌ جو مشهور ديني ۽ سياسي رهنما ۽ مولانا محمد صادق، مولانا عبدالله پٽ شيخ عبدالڪريم جو پٽ هو. 15 مارچ 1874ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو هو. شروعاتي تعليم پنهنجي والد کان ۽ ان جي قائم ڪيل مدرسي مظهرالعلوم محلي کڏي ڪراچي ۾ ٻين استادن کان حاصل ڪيائين. علمن جي تڪميل ۽ فراغت جي سند لاءِ دارالعلوم ديوبند ڏانهن ويو. حضرت شيخ الهند مولانا محمود حسن ديوبندي جو پيارو شاگرد ۽ ان جي تحريڪ جو سنڌ ۾ اهم ميمبر هو. حضرت شيخ الهند جڏهن مولانا سنڌيءَ کي ديوبند سڏائي جمعيت الانصار جي قائم ڪرڻ ۽ اتي رهي ڪري سياسي ڪم ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو ته، ان سان گڏ ئي مولانا محمد صادق کي به ياد فرمايو هو ته جيڪڏهن مشوري کان پوءِ مولانا سنڌيءَ جو سنڌ ۾ رهڻ ضروري سمجهيو وڃي ته مولانا محمد صادق کي ديوبند ۾ رهي ڪري ڪم ڪرڻ جو مشورو ڏنو وڃي. پر مولانا سنڌي جي ديوبند ۾ رهڻ جي فيصلي کان پوءِ مولانا محمد صادق کي ڪراچي ۾ رهي ڪري سنڌ ۾ تحريڪ جو ڪم ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو. ان جو مدرسو مظهرالعلوم حضرت شيخ الهند جي سياسي ۽ ديني اصلاحي تحريڪ جو خاص مرڪز هو. هو جمعيت علماءِ هند جي شاخ سنڌ جو صدر به هو. ريشمي خط، خلافت، ترڪ موالات (عدم تعاون)، هجرت ۽ آزادي جي تحريڪن کي سنڌ ۾ زور وٺائڻ ۾ هن جو ۽ هن جي دوستن مان حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، مولانا دين محمد وفائي وغيره جو خاص حصو آهي. هندستان پاڪستان جي سڀني اڪابر عالمن ۽ انقلابين سان هن جا نهايت ويجها تعلقات هئا.
مولانا حسين احمد مدني ان بابت لکيو آهي ته مولانا صاحب محلي کڏي ڪراچيءَ جو رهاڪو آهي. مٿيان درسي ڪتاب خاص ڪري دورو حديث حضرت شيخ الهند کان پڙهيو. ان ۾ ۽ مولانا عبيدالله صاحب ۾ نهايت گهرا لاڳاپا سدائين رهيا. آزاديءَ جي مشن ۾ سدائين سرگرميءَ سان شريڪ رهيو. عالمي جنگ جي ڏينهن ۾ جڏهن انگريزن عراق تي حملو ڪيو ته هن ۽ هن جي ساٿين لس ٻيلي وغيره جي بلوچستاني قبائلين کان بغاوت ڪرائي ڇڏي. ان جي ڪري اها فوج، اسلحو ۽ رسد جي مدد، جيڪا ڪراچيءَ مان ٿي ڪري هر هفتي عراق پهچي رهي هئي ۽ جنهن ڪري عراق ۾ انگريزي فوجن جي پيش قدمي برابر جاري هئي، بيهي ويئي. هتي جيئن ته لس ٻيلي جي بغاوت هيٺ ڪرڻ ۾ ڪيترائي هفتا لڳي ويا ۽ رسد جو سلسلو ڪٽيل رهيو، ان ڪري ڪوت العماره ۾ ٽاؤنشيڊ ۾ ڦاٿل فوجون، جن جو تعداد مولانا مدني رحه جي بيان جي مطابق ٽيهه هزار ۽ ”تاريخ اقوام عالم“ جي وضاحت جي مطابق ڏيڍ لک جي لڳ ڀڳ هئو. هٿيار ڦٽي ڪرڻ تي مجبور ٿي پيون ۽ لسٻيلي جي بغاوت دٻائڻ کان پوءِ رسد عراق پهتي ته جنگ جو پاسو انگريزن جي خلاف پلٽو کائي چڪو هو. مولانا مدني جي وضاحت جي مطابق ٽاؤنشيڊ جي فقط سترنهن هزار فوج ۽ تاريخ اقوام عالم جي وضاحت جي مطابق فقط نوي هزار فوج باقي رهجي ويئي هئي. ٽاؤنشيڊ جيئن ته 19 اپريل 1914ع تي هٿيار ڦٽي ڪيا هئا، ان ڪري خيال آهي ته ان کان پوءِ ئي مولانا محمد صادق جي گرفتاريءَ جو واقعو پيش آيو هوندو. مولانا مدني رحه جي بيان جي مطابق ڪارواڙ (مهاراشٽر) ۾ ان کي نظربند ڪيو ويو هو ۽ جنگ جي خاتمي تائين نظربند رهيو. مولانا مدني صاحب لکي ٿو ته مولانا محمد صادق نهايت جوشيلو، رازدار ۽ مستقل مزاج شخص هو. هند جي ورهاڱي تائين دارالعلوم ديوبند جي مجلس شوريٰ ۽ جمعيت علماءَ هند جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر رهيو. خلافت ڪاميٽي سنڌ ۽ جمعيت علماء سنڌ ۾ هميشه نهايت بلند همت ۽ ڪوشش سان پورو ڪم ڪندو رهيو.
18 جون 1953ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪيائين.
ريشمي رومال سازش ڪيس ۾ ان جو ذڪر ڪيترن ئي جاين تي آيو آهي ۽ آخر ۾ ڪيس ۾ ملوث شخصيتن جي سلسلي ۾ ان تي هيٺ ڏنل جامع نوٽ آهي:
”مولوي محمد صادق آف سنڌ- جنودربانيه جي فهرست ۾ ڪرنل آهي، سنڌ جي انتهائي ڪٽر وهابين ۾ شامل آهي. شيخ ابراهيم ايم اي، سابق پروفيسر حبيبه ڪاليج ڪابل هن جو ڀائيٽيو آهي. جنگ ڇڏڻ کان پوءِ هي شخص روپوش رهي ڪري جهاد جي لاءِ پروپئگنڊا ڪري رهيو هو. عبيدالله پير جهنڊي وارو ۽ ٻيا باغي سرهندي سنڌي پيرن سان هن جو تعلق آهي. 1915ع ۾ ۽ 1916ع جي شروع ۾ قلات (بلوچستان) جي شورشن ۾ هن جو هٿ آهي. هاڻي هو ڪارواڙ (مهاراشٽر) ۾ نظربند آهي.“

[b]محمد علي آف سنڌ
[/b] حضرت شيخ الهند جو مشهور شاگرد، مشهور عالم دين ۽ مفسر قرآن مولانا احمد علي لاهوري جو ننڍو ڀاءُ هو. گجرانواله بابو چڪ ان جو آبائي ڳوٺ هو. اڃا صغير هو ته سندس والد صاحب وفات ڪري ويو. والد جي وفات کان پوءِ والده سڳوري مولانا عبيدالله سنڌي سان ٻيو نڪاح ڪري ورتو هو. جيئن ته ان جي تعليم ۽ تربيت مولانا سنڌيءَ جي نگرانيءَ ۾ سنڌ ۾ ٿي هئي ۽ هتان ئي هو مولانا سنڌيءَ سان گڏ ڪابل ويو هو. ان ڪري ريشمي رومال سازش ڪيس ۾ ان کي ”سنڌي“ لکيو ويو آهي. ريشمي رومال تحريڪ سان ان جو تعلق چٽو آهي ۽ ان تعلق تي ذڪر ڪيل ڪيس جي شخصيتن ۾ ان تي هڪ جامع نوٽ موجود آهي. هو جنود ربانيه جي فهرست ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل جي عهدي تي مقرر ٿيل ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ هڪ ٻئي فهرست ۾ ان کي ميجر ٻڌايو ويو آهي. ذڪر ڪيل نوٽ هي آهي:
”هي شخص محمد علي پٽ شيخ حبيب الله بابو، چڪ ضلع، گجرانواله جو رهندڙ آهي جيڪو مولوي احمد علي، نائب ناظم المعارف القرآنيه دهليءَ واري جو ڀاءُ آهي. جولاءِ 1915ع تي عبيدالله سان گڏ ڪابل هليو ويو هو ۽ ريشمي خط کڻي ويندڙ شيخ عبدالحق سان گڏ ڪنهن خفيه مشن تي واپس آيو هو. ان مولوي محمد علي کي ڪجهه خاص اطلاع به پهچايا هئا. مولوي ابو محمد سان صوفي مسجد (ڪشميري بازار لاهور) ۾ ملاقات به ڪئي هئي ۽ ان کي مولوي عبدالرحيم جو هڪ زباني پيغام پهچائي ڇڏيو هو ته چندو نه ٿو وصول ٿئي. مولوي احمد علي سان به ملاقات ڪئي هئائين ۽ پوءِ ان سان گڏ دهلي آيو هو ۽ پوءِ اتان بندرابن ويو هو ته جيئن راجه مهندر پرتاب جو هڪ خط ان جي قائم ڪيل اسڪول پريم مهاودياليه جي هڪ هندو استاد کي ڏئي سگهي. هي خط راجه مهندر پرتاب جي ڀاءُ کي ڏيکاري ان کان پئسا وٺڻا هئا. راجه مهندر پرتاب گهڻا پئسا گهريا هئا، پر محمد علي کي فقط هڪ هزار رپيا ڏنا ويا ۽ ٻه سؤ رپيا ان جي خرچ جي لاءِ ڏنا ويا. انهن پئسن سان هو دهلي واپس آيو. ٻئي ڏينهن پاڻي پٽ ڏانهن روانو ٿي ويو، ته جيئن حمدالله کان محمد ميان جي گهروارن جي باري ۾ معلومات حاصل ڪري ان کان پوءِ هو ڪابل هليو ويو.