ضميمو 1
“باغيانه تحريڪ بابت رولٽ ڪميٽي جي تحقيقات جي رپورٽ مان هڪ اقتباس
[b]چوڏهون باب
[/b]مسلمانن جي هڪ لهر
[b]140- هندستاني مسلمان ۽ جنگ
[/b] 1911ع جي آدمشماري جي انگن اکرن مان ظاهر آهي ته هندستان ۾ سراسري لحاظ کان هر ڏهن ماڻهن مان ست هندو، ٻه مسلمان ۽ هڪ ٻئي ڪنهن مذهب جو ماڻهو آهي. پوءِ به مسلمانن جي ورهاست ٻئي نموني آهي. اتر اولهه سرحدي صوبي ۽ بلوچستان ۾ هر ڏهن ماڻهن مان نو مسلمان آهن، پنجاب ۽ بنگال ۾ هر ٻيو ماڻهو، بمبئي ۾ پنجن مان هڪ ۽ يوپي ۾ ستن مان هڪ ماڻهو مسلمان آهي. برطانيا سلطنت مسلمانن جي بادشاهت جي زوال کان ئي شروع ٿي ويئي هئي. هندستاني مسلمانن جي سياسي اهميت هميشه انهن جي اصلي تعداد کان وڌيڪ رهي آهي. پر نئين انتظام جي شروعاتي زماني ۾، مغربي تعليم جي فائدن جو قدر ڪرڻ ۾ انهن جي رفتار نهايت سست رهي ۽ جڏهن آخرڪار انهن کي ان ڳالهه جو احساس ٿيو ته مغربي سلطنت جي اثر هيٺ رهي ڪري، عهدا ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ جي لاءِ مغربي تعليم ضروري آهي ته، ان وقت تائين ڪيتري ئي گنجائش انهن جي قبضي مان نڪري چڪي هئي. پوءِ به انهن هن گنجائش جو گهڻو ئي حصو حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ جڏهن 1907ع ۾ مارلي منٽو سڌارن تي عمل ٿيو ته، سلطنت هند جي ڪائونسلن ۾ مسلمان نمائندن مٿانهون درجو حاصل ڪري ورتو.
اسان جن سازشن جو ذڪر گذريل بابن ۾ ڪيو آهي، انهن ۾ تمام ٿورن مسلمانن حصو ورتو ۽ فقط هاڻي تازو جيڪا تحريڪ سلطنت برطانيا کي، جيڪا هيٺاهون ڏيکارڻ جي هلي، ان ۾ مسلمانن جو حصو پستيءَ واري حالت ۾ هو. انهن کي تمام ٿورو سهارو هو ۽ ان جا سبب موجوده زماني جا بيان جوڳا حالات هئا. هندستاني مسلمانن کي جيڪا همدردي ترڪي سان آهي، اها ڪريميا جي جنگ واري وقت کان ئي پڌري هئي ۽ موجوده خوفناڪ جنگ کان اڳ، هندستان جي ٻاهر جي دنيا سان خط و ڪتابت ۽ اچ وڃ جي سلسلي ۾ دلچسپي سان، اها همدردي اڃا به وڌيڪ ٿي ويئي. هي همدرديءَ جو جذبو پان اسلامي اثرن جي تحريڪ جنهن جو ذڪر اسان پنجاب جي باب ۾ ڪيو آهي. اٽلي ۽ ترڪي جي جنگ ۽ جنگ بلقان جي واقعن تان گهڻو ڀڙڪي پيو. برطانيا ايران جي معاملي ۾ روس سان جيڪو معاهدو ڪيو، اهو عام طور تي ناپسند ڪيو ويو ۽ جيئن ته گذريل زماني ۾ ترڪي ۽ برطانيا جا لاڳاپا دوستاڻا هئا، ان ڪري جنگ بلقان ۾ برطانيه جي ناطرفداري کي به اختلافن واري نظر سان ڏٺو ويو. ڪن ماڻهن هي به چيو ته جيستائين شاهي پاليسي تبديل نه ٿيندي، ان وقت تائين ايشيا ۽ يورپ ۾ مسلمانن جي حيثيت مستقل طور تي ذليل رهندي. ڪن مسلمان اخبارن، هندستان جي اندر ۽ ٻاهر پيدا ٿيل انهن سڀني واقعن جا بري ۾ برا مطلب ڪڍيا، جن کان ڪنهن نه ڪنهن طرح ان خيال جي تائيد ٿي سگهي.
جڏهن انهن ڳالهين کي ياد ڪيو وڃي ٿو ته اهو صاف ظاهر ٿئي ٿو ته برطانيه جو طرز عمل، جيڪو نومبر 1914ع تي ظاهر ٿيو، سرگرم ۽ پرجوش مسلمانن جي لاءِ ڪيتري قدر حيراني ۽ تڪليف جو سبب ٿيو هوندو. جنگ جو اعلان ترڪن جي طرف کان هو، پر اها اميد رکڻ تمام مشڪل پئي لڳي ته پان اسلام از بعد جي واقعن مان ڪو به اثر نه وٺي ۽ ڪنهن به قسم جي تڪليف جو سبب نه بڻجي. مجموعي لحاظ کان هندستاني مسلمان ان طرز عمل تي آفرين جا حقدار آهن. جيڪو انهن کان ظاهر ٿيو. ان طرز عمل کي ڪنهن قدر ان اعلان مان به سهارو پهتو، جيڪو جنگ کان فوراً پوءِ شايع ڪيو ويو هو ته، برطانيه ۽ ان جي اتحادي عرب ۽ عراق جي مقدس جاين تي هرگز حملو نه ڪندا، جيستائين هندستاني حاجين کي ڪا به تڪليف نه پهچائي وڃي. ان کان پوءِ هندستان جي سڀ کان وڏي حڪمران نواب هزاگزلٽڊ هائنيس نظام حيدرآباد، هڪ وفادارانه اعلان شايع ڪيو، جيڪو حضور نظام جي هم مذهبين جي لاءِ گهڻو قيمتي ۽ وفاداريءَ جو نمونو هو.
پر متعصب مسلمانن جي هڪ ننڍڙي ۽ معمولي گروهه ۾ انگلستان جي دشمنن سان ملڻ ۽ انهن جي مدد ڪرڻ جي خواهش هئي. هو هندستان ۾ انگريزي سلطنت جي جاءِ تي هڪ نئي اسلامي سلطنت قائم ڪرڻ چاهين پيا. هيءَ خواهش ڇا جي ڪري اڀري آئي؟ ان جو ذڪر اسان هيٺين حالتن ۾ ڪنداسين.
[b]161- هندستاني مذهبي جنوني
[/b] اتر، اولهه سرحدي صوبي جي ٻئي طرف هندستاني جوشيلن مسلمانن جو هڪ ننڍڙو شهر آهي، جيڪي مجاهد چورائيندا آهن. هي شهر وهابي فرقي جي هڪ جوشيلي واعظ ۽ راءِ بريلي علائقي اوڌهه جي هڪ ماڻهو سيد احمد شاهه آباد ڪيو هو. وهابي سني مسلمانن جو هڪ ترقي يافته فرقو آهي. هي ماڻهو عبدالوهاب جي قائم ٿيل اصول جا پيروڪار آهن. عبدالوهاب ارڙهين صديءَ ۾ هڪ عرب مصلح هو (اصلاح ڪرڻ وارو هو.) جنهن قرآن جو لفظي ترجمو ڪرڻ سيکاريو ۽ سڀني مذهبي پيشوائن جون قائم ڪيل رسمون ۽ قرآن جي تفسير جي ترديد ڪئي. سيد احمد، جنهن پنهنجي زندگي جرائت ۽ دليريءَ سان شروع ڪئي هئي، وهابي دين اختيار ڪيو. 1822ع تي هو مڪي ويو، ۽ هندستان واپس آيو. گنگا جي واديءَ ۾ هن پنهنجا مريد پيدا ڪرڻ شروع ڪيا. ان کان پوءِ 1824ع سرحد، پشاور جابلو قومن سان ظاهر ٿيو ۽ پنجاب جي سک سلطنت جي خلاف جهاد جو اعلان ڪيائين. ان پنهنجي مريدن سميت اتي هڪ شهر وسايو، جيڪو جيتوڻيڪ زماني جي ڪيترين ئي لاهين چاڙهين کان متاثر ٿيو، پر اڃا تائين باقي آهي. هن جا هم مذهب، جيڪي هندستان ۾ رهندا آهن، انهن گهڻن پئسن ۽ ماڻهن سان انهن ماڻهن جي مدد ڪئي آهي. انهن مان گهڻن ماڻهن انهن شهرين جي امداد فقط هڪ خالص مذهبي خدمت سمجهي ڪري ڪئي آهي، پر ان جي سياسي ارادن کان واقف ٿيڻ جي ڪڏهن به ڪوشش نه ڪئي اٿن. ان شهر جا ماڻهو هي سمجهن ٿا ته هندستان جيئن ته مسلمانن جي حڪومت هيٺ نه آهي، ان ڪري مسلمانن جي رهڻ جي قابل نه آهي ۽ دارالحرب يعني دشمن جو ملڪ آهي، هو هميشه جهاد جو وعظ ڪندا رهيا آهن.
انهن هندستان ۾ پنهنجي دوستن جي هڪ خفيه انجمن سان هميشه تعلق قائم رکيو آهي ۽ سدائين ان کان امداد وٺندا رهندا آهن. 1857ع جي فسادن ۾ اهي غدر جي باغين سان گڏجي ويا ۽ سرحد جي طرف کان عام حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون، پر ناڪام رهيا. ان کان پوءِ انهن سرحد جي مختلف لڙاين ۾ حصو ورتو ۽ 1915ع ۾ رستم ۽ شب قدر وارن فسادن سان انهن جو به تعلق هو. لڙائي ختم ٿيڻ کان پوءِ انهن مان ٻارنهن ماڻهن جا لاش پنهنجي مروج ڪاري لباس ۾ جنگ جي ميدان مان هٿ آيا.
[b]162- لاهور مان شاگردن جو ڀڄي وڃڻ
[/b] اسان پنجاب جون حالتون واري باب ۾ هن ڳالهه جو ذڪر ڪيو آهي ته فيبروري 1915ع ۾ لاهور جا پندرنهن شاگرد ڪاليجن کي ڇڏي ڪري نڪتا ۽ مجاهدن سان وڃي مليا. ان کان پوءِ هو ڪابل پهتا ۽ پهريائين ته سخت نگرانيءَ ۾ رکيا ويا، پر بعد ۾ انهن کي پهري سان چرپر جي اجازت ڏني ويئي.
انهن مان ٻه هندستان واپس اچي ويا. ٽن کي روسين گرفتار ڪري برطانوي حڪومت حوالي ڪري ڇڏيو. انهن پنهنجي طرز عمل کان پشيماني ظاهر ڪئي ۽ انهن کي ڪجهه شرطن تي معافي ڏني ويئي آهي. انهن پندرنهن ئي نوجوانن کي انهن جا مداح مهاجر چوندا آهن. (يعني اهي ماڻهو جنهن حضرت محمد (ﷺ) جي پيروي ڪئي جيئن پاڻ دشمنن جي تڪليفن کان تنگ اچي ڪري هجرت ڪري ويا هئا) اسان انهن ٻن واپس موٽڻ وارن جا بيان پڙهيا آهن. هڪ ته هڪ ڇپيل رسالي کان متاثر ٿيو، جنهن ۾ هي لکيل هو ته ترڪي جي سلطان اعلان ڪيو آهي ته برطانيه جي طرف کان مڪي ۽ مديني تي حملو ۽ انهن جاين جي بيحرمتي ٿيڻ جو خوف آهي، ان ڪري هندستاني مسلمانن کي گهرجي ته هو گهرن مان نڪري پون ۽ ڪنهن اسلامي ملڪ ۾ پهچي ڪري ڪافرن جي خلاف جهاد ڪرڻ ۾ شريڪ ٿي وڃن. ٻيو شاگرد به اهڙي طرح سلطان جي اعلان کان متاثر ٿيو ۽ ان کي هڪ انگريزي اخبار ۾ هڪ اهڙي تصوير ڏسي ڪري به جوش آيو، جنهن سان اسلامي جذبن جي توهين ٿئي پئي. ٻئي جي دلين ۾ هي واهيات خيال ڄمي ويو ته هندستان ۾ مذهب اسلام جي توهين ٿي رهي آهي ۽ ان کي تڪليف پهچائي پئي وڃي.
[b]163- ان جو انڪشاف (اعلان)
[/b] موجوده وقت جهڙيون حالتون هميشه دٻيل ۽ وسامي ويل جوش کي نئين سر تازو ڪري ڇڏينديون آهن. لاهور کان پندرنهن شاگردن جو ڀڄي نڪرڻ ان ڳالهه جو واضح اهڃاڻ هو ته، پنجاهه سال اڳ وانگر اڄ به هندستان ۾ ڪجهه اهڙا مسلمان آهن، جيڪي هن ڳالهه جي تعليم ڏين ٿا ته، ڇوٽڪاري جو رستو فقط ان ۾ آهي ته هندستان جي ڪافر حڪومت سان پاڻ وڙهن يا وڙهڻ جي لاءِ ڀرتي ڪن يا مجاهدن کي پئسا موڪلين. اها حقيقت ٻين حالتن کان به ظاهر ٿئي ٿي. جنوري 1917ع تي هي انڪشاف ٿيو ته اوڀر بنگال جي ضلع ڍاڪا ۽ رنگپور مان اٺن مسلمانن جي هڪ پارٽي مجاهدن سان وڃي ملي آهي. مارچ 1917ع تي ٻه بنگالي مسلمان اتر اولهه سرحدي صوبي ۾ گرفتار ٿيا، جيڪي اٺ هزار رپيا مجاهدن جي ڳوٺ ۾ پهچائڻ جي لاءِ کڻي وڃي رهيا هئا. هي ٻئي پاڻ به ڪڏهن مجاهدن مان هئا، پر هي پنهنجي وطن ڏانهن چندو گڏ ڪرڻ جي لاءِ موڪليا ويا هئا. اهڙن ماڻهن جي لاءِ ميدان نهايت وسيع آهي ۽ برطانوي ظلم ۽ ڏاڍ جا ڪوڙا قصا ٻڌائي ڪري، هي پنهنجو ڪم نهايت سولائيءَ سان ڪڍي وٺندا آهن. هي ڪا نئين ڳالهه نه آهي ته انهن جي مدد ڪرڻ وارا گهڻا ئي ماڻهو موجود آهن، پر ڪيترن سالن کان هو سرڪاري حڪام جي نظرن کان لڪل آهن. 1862ع ۾ اهڙي امداد ڪرڻ وارن تي مختلف سياسي ڪيس داخل ڪيا ويا هئا. 1868ع تي ڪي وهابي سازشي ايڪٽ 3- 1818ع جي ماتحت نظربند ڪيا ويا هئا. سروليم هنٽر آءِ سي ايس، آنجهاني، جيڪو ان وقت مسٽر وليم هنٽر هو، هڪ ڪتاب نالي ”اسان جا هندستاني مسلمان“ شايع ڪيو هو. ان جو ڪجهه حصو اسان هيٺ نقل ڪريون ٿا، جنهن سان انهن نظربندين جا ڪجهه حالات معلوم ٿي سگهندا.
”ان ۾ ڪنهن به شڪ شبهي جي گنجائش نه آهي ته جيڪڏهن هي ايڪٽ ان سازش ۾ استعمال ڪيو وڃي ها، جنهن جو نتيجو 1858ع جي مهم ۽ ان جي تحقيقاتن جي صورت ۾ نڪتو ته، برطانوي هند کي 1863ع جي سرحدي جنگ جي تڪليف کڻڻي نه پوي ها. جيڪڏهن ڪجهه صحيح گرفتاريون ٿين ها ته اسان جا هڪ هزار سپاهي دره امبيلا ۾ قتل ۽ زخمي ٿيڻ کان ۽ لکين پائونڊ خرچ ٿيڻ کان بچي وڃن ها. جنگ کان پوءِ به جيڪڏهن ان سازش ۾، جيڪا 1864ع جي سياسي مقدمي مان ظاهر ٿي، انتظامي آفيسرن جي حراست وارن اختيارن جو سخت استعمال ٿي وڃي ها ته، گهڻو ڪري اسان 1868ع واري ڪاري جبل جي مهم کان محفوظ رهون ها.
سرحد تي لکين رپين جي خرچ سان وڙهڻ ۽ ملڪ جي اندر خوفناڪ سزائون ڏيڻ کان به انهن پرجوش ۽ متعصبانه حرڪتن جو استحصال نه ٿي سگهيو. آخرڪار 1868ع تي گورنمينٽ پڪو ارادو ڪري ورتو ته مجرمن کي گرفتار ڪرڻ جي اختيارن کي سرگرميءَ سان استعمال ۾ آڻي. بيگناهن کي تڪليف پهچائڻ کان سواءِ به هي طريقو عمل ۾ آڻي سگهجي پيو. غدارن جي مکيه اڳواڻن جي فهرست ڪيترن ئي سالن کان حڪام جي هٿن ۾ هئي. غداري جي وڏن وڏن ممتاز ترغيب ڏيارڻ وارن جي طرف کان خطرو محسوس ٿي رهيو هو. جيڪو رعب تاب هو پنهنجي پيروڪارن تي رکندا هئا، سو ختم ٿي چڪو هو ۽ ترتيبوار ان ڳالهه جون بيشمار شهادتون ملي چڪيون هيون ته ڪي انهن کان وڌيڪ لڪل ۽ دولتمند غدار، پئسن موڪلڻ جو انتظام ڪري رهيا آهن ۽ جيڪي 1864ع جي ڪيس جي فوجي ٺيڪيدارن وانگر غداري جي خطرن جا خبر وار ٿي ڪري به هي نفعي جو ڪم ڪري رهيا آهن.“
اسان کي خبر پئي آهي ته بنگال گورنمينٽ وٽ 1869ع جي حالتن جو جيڪو مواد موجود آهي، ان ۾ انهن پراڻن نظربندن بابت الزامن جو خلاصو ۽ انهن تي لاڳو ڪيل پابندين جي سببن جي فهرست به آهي. اسان ان مان نموني طور تي هڪ جو اقتباس (خلاصو) لکون ٿا. ان ۾ ضلع مالده جو هڪ شخص ناظر سردار جو ذڪر آهي ۽ ان جا اهڙا ڪارناما لکيل آهن جنهن مان مثال جيتوڻيڪ اڄڪلهه تمام گهٽ آهن، پر موجود ضرور آهن. ان شخص تي پابندين لاڳو ٿيڻ جو وارنٽ 10 نومبر 1868ع تي جاري ٿيو هو ۽ ان جي جاري ڪرڻ جا سبب هيٺيان هئا:
”هي معلوم ٿيو ته مالده جي چڪ ڪيله جي آس پاس وارن سڀني ڳوٺن ۾ ظاهري طور تي ان مقصد جي لاءِ چندو گڏ ڪيو وڃي ٿو ته انگريزن جي خلاف هڪ جهاد يا باغيانه جنگ برپا ڪئي وڃي ته جيئن اسلامي سلطنت وري واپس اچي ۽ ڪافرن يعني انگريزن کي ملڪ مان ڪڍيو وڃي. ڪيترائي ماڻهو گرفتار ڪيا ويا ۽ گواهن جي مٿان مئجسٽريٽ جي شهادتن مان ظاهر ٿيو ته، ناظر سردار هن تحريڪ جو مکيه اڳواڻ آهي. هن ڪيترن ئي سالن تائين سرگرمي ۽ جوش سان ان ڪم ۾ حصو ورتو آهي. ان ڪيترن ئي ماڻهن کي جهاد جي لاءِ اٿي پوڻ ۽ مالڪا ۽ ستانه ۾ هندستانين سان ملي وڃڻ جي ترغيب ڏني آهي ۽ هن پنهنجي ساٿين سميت ڦري گهري سڀني مسلمانن کان جهاد جي لاءِ چندو گڏ ڪيو آهي. شاهدين مان هي به ظاهر ٿئي ٿو ته ابراهيم منڊل نالي ڪو شخص مرڪزي ماڻهو آهي، جنهن وٽ ناظر ۽ ان جا سڀئي ڪارڪن پئسا گڏ ڪري موڪليندا آهن ۽ اهو ان رقم کي ان غرض سان وصول ڪري ٿو ته ايمانداريءَ سان سرحدپار متعصب ۽ پرجوش ماڻهن کي پهچايو ڇڏي.“
[b]164- ريشمي خطن وارا سازشي
[/b] مجاهدن جا حمايتي تعداد ۾ ٿورا آهن، پر انهن جو حال به هن خط و ڪتابت جي سلسلي جي هڪ نهايت ضروري ڪڙي آهي. اهي ماڻهو، جن کي اسان آئنده ”ريشمي خطن وارا سازشي“ لکنداسين، هندستان جي مسلمانن سان جاري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا.
آگسٽ 1916ع تي ان سازش جو راز کليو، جنهن کي گورنمينٽ جي ڪاغذن ۾ ”ريشمي خطن جي سازش“ چيو وڃي ٿو. هي هڪ تجويز هئي، جيڪا هندستان ۾ ئي تيار ڪئي ويئي هئي. ان جو مقصد هي هو ته اتر اولهه سرحد کان هڪ حملو ٿئي. هوڏانهن هندستان جا مسلمان اٿي پون ۽ سلطنت برطانيه کي تباه ۽ برباد ڪيو وڃي. ان تجويز تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي زور وٺائڻ جي لاءِ هڪ شخص مولوي عبيدالله پنهنجي ٽن ساٿين عبدالله، فتح محمد ۽ محمد علي کي ساڻ ڪري آگسٽ 1915ع تي اتر اولهه سرحد کي پار ڪيو. عبيدالله سک مان مسلمان ٿيو آهي ۽ يوپي جي ضلع سهارنپور ۾ مسلمانن جي مذهبي مدرسي ديوبند ۾ عالم ٿيڻ جي تعليم حاصل ڪئي آهي. اتي هن پنهنجي جنگي ۽ برطانيه جي خلاف خيالن کان مدرسي جي عملي جي ڪن ماڻهن ۽ ڪجهه شاگردن کي متاثر ڪيو ۽ سڀني کان وڏو شخص، جنهن تي هن پنهنجو اثر وڌو، اهو مولانا محمود حسن هو، جيڪو هن اسڪول ۾ گهڻي عرصي تائين هيڊ مولوي رهي چڪو آهي. عبيدالله چاهي پيو ته ديوبند جي مشهور مدرسي مان تعليم حاصل ڪيل مولين جي ساٿ سان، سڄي هندستان ۾ هڪ اسلامي جوش ۽ برطانيه جي خلاف تحريڪ پکيڙي، پر ان جي تجويز جي رستي ۾ مدرسي جا مهتمم ۽ انجمن جا ماڻهو رڪاوٽ بڻيا. انهن هن کي ۽ هن جي چند ساٿين کي مدرسي جي ملازمت مان ڪڍي ڇڏيو. ان ڳالهه جو به ثبوت ملي چڪو آهي ته هو ڪن حالتن ۾ مصيبت ۾ گرفتار رهيو، پوءِ به هو مولانا محمود حسن وٽ عام طور تي ايندو رهيو. مولانا جي گهر ۾ خفيه گڏجاڻيون ٿينديون رهيون ۽ ان ڳالهه جو به اطلاع مليو ته سرحد کان ڪجهه ماڻهو به اتي ايندا هئا.
18 سيپٽمبر 1915ع تي محمود حسن به هڪ شخص محمد ميان ۽ دوستن سان گڏ عبيدالله جي مثال جي پيروي ڪئي ۽ اتر جي طرف وڃڻ جي لاءِ نه، پر عرب جي صوبي حجاز ۾ رهڻ جي غرض سان هندستان ڇڏي ڏنو.
روانو ٿيڻ کان اڳ عبيدالله دهلي ۾ هڪ مدرسو قائم ڪيو ۽ ٻه اهڙا ڪتاب ڇپائي ظاهر ڪيا، جن ۾ هندستاني مسلمانن کي جنگي ۽ مذهبي جوش جي ترغيب ڏني ويئي هئي ۽ ان کي جهاد جي فرض اوليٰ جي ادا ڪرڻ تي آماده ڪيو ويو هو. ان شخص جو ۽ ان جي دوستن جو، جن ۾ مولانا محمود حسن به شامل آهي، عام مقصد هي هو ته مسلمانن جو هڪ زبردست حملو هندستان تي ٿئي ۽ مسلمانن جي بغاوت سان ان کي مدد پهچي. هاڻي اسان هيٺ انهن ڪوششن جو ذڪر ڪنداسين، جيڪي انهن ماڻهن پنهنجي مقصدن ۾ ڪامياب ٿيڻ جي لاءِ ڪيون.
عبيدالله ۽ سندس دوست پهريائين هندستاني مذهبي جنونين وٽ ويا ۽ ان کان پوءِ ڪابل پهتا. اتان هو ترڪي جرمن مشن جي ميمبرن سان مليا ۽ انهن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪيائون ۽ ٿوري وقت کان پوءِ انهن جو ديوبندي دوست مولوي محمد ميان انصاري به ساڻن اچي مليو. هي ماڻهو مولانا محمود حسن سان گڏجي عرب ويو هو ۽ 1916ع تي هو جهاد جو اعلان پاڻ سان گڏ کڻي آيو، جيڪو حجاز جي ترڪ فوجي حاڪم غالب پاشا مولانا محمود حسن کي ڏنو هو. ان دوران رستي ۾ محمد ميان ان لکت (جيڪا غالب نامي جي نالي سان مشهور آهي) جا نقل هندستان ۽ سرحدي قومن ۾ ورهائيندو آيو. عبيدالله ۽ سندس ساٿي سازشي ماڻهن هڪ تجويز تيار ڪئي هئي ته، جڏهن سلطنت برطانيه کي ختم ڪيو وڃي ته، هندستان ۾ هڪ عارضي حڪومت قائم ڪئي وڃي، هڪ شخص مهندرپرتاب ان جو پريزيڊنٽ (صدر) ٿيڻ وارو هو. هي شخص هڪ سٺي خاندان جو هندو ۽ پنهنجي راءِ تي هلڻ وارو ۽ وهمي سيرت جو ماڻهو آهي ۽ 1914ع تي ان کي اٽلي، سوئٽزرلينڊ ۽ فرانس ۾ سفر ڪرڻ جو پاسپورٽ ڏنو ويو هو. هو سڌو جنيوا ڏانهن ويو، اتي هرديال سان مليو ۽ هرديال ان جو جرمن قونصل سان تعارف ڪرائي ڇڏيو، ان کان پوءِ هو برلن هليو ويو.
هڪ شخص جيڪو عبيدالله کي سٺي نموني سڃاڻندو آهي، ان بابت هو لکي ٿو ته ”اهو شخص تجويزون تيار ڪرڻ ۾ نهايت عجيب ۽ غيرمعمولي ماڻهو هو ۽ ايئن معلوم ٿئي پيو ته هو ڪنهن وڏي سلطنت جو حڪمران آهي، پر جتي ڪم ڪرڻ جو وقت اچي وڃي ته هو گهڻو سست هو ۽ ڪم ڪرڻ کان بچڻ چاهيندو هو ۽ اتان ڪنهن خاص مشن جي لاءِ موڪليو ويو، ڇو ته ان جرمنين تي پنهنجي اهميت جو اثر حد کان وڌيڪ بيان ڪرڻ واري طريقي سان وڌو هو.
خود عبيدالله هندستان جو وزير ٿيڻ وارو هو ۽ ڪرشنا ورما جو دوست ۽ آمريڪي غدر پارٽي جو ميمبر برڪت الله، جنهن برلن واري رستي جو سفر ڪيو هو، وزيراعظم ٿيڻ وارو هو. هي شخص رياست ڀوپال جي هڪ ملازم جو پٽ هو. انگلستان، آمريڪا ۽ جپان مان ٿي آيو هو. هي شخص ٽوڪيو ۾ هندستاني ٻولي جو پروفيسر مقرر ٿيو هو ۽ اتان هن برطانيه جي خلاف هڪ نهايت تيز اخبار ”اسلامڪ فريٽرنٽي“ جي نالي سان جاري ڪئي هئي. ان اخبار کي بعد ۾ جپاني حڪام بند ڪري ڇڏيو هو. ان کانپوءِ هو پنهنجي عهدي تان هٽايو ويو ۽ پوءِ آمريڪا وڃي پنهنجي غدري دوستن سان ملي ويو.
اهي جرمن جيڪي افغانستان ۾ پنهنجي مقصد جي لاءِ آيا هئا، جڏهن ناڪام ٿيا ته 1916ع ۾ واپس هليا ويا، پر هندستاني اتي ئي رهيا ۽ ”عارضي حڪومت“ وارن روسي ترڪستان جي حاڪم ۽ زار روس کي ان مضمون جا خط لکيا ته روس کي گهرجي ته برطانيه سان اتحاد کي ختم ڪري ۽ هندستان مان سلطنت برطانيه کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ امداد ڪري. انهن خطن تي مهندر پرتاب جون صحيون هيون. آخر هي خط برطانيه جي هٿ اچي ويا. شهنشاهه روس جي نالي جيڪو خط هو، اهو سون جي پَٽ تي لکيو ويو هو، جنهن جي عڪسي تصوير اسان کي ڏيکاري ويئي آهي.
”عارضي حڪومت“ ترڪي گورنمينٽ سان اتحاد پيدا ڪرڻ جي تجويز به پيش ڪئي ۽ ان مقصد جي حاصل ڪرڻ لاءِ عبيدالله پنهنجي پراڻي دوست مولانا محمود حسن کي خط لکيو. هي خط ۽ هڪ ٻيو خط، تاريخ 8 رمضان مطابق 9 جولاءِ 1916ع واري سان گڏ، جيڪو محمد ميان انصاريءَ لکيو هو، بند ڪري، ان حيدرآباد سنڌ جي شيخ عبدالرحيم جي نالي هڪ نوٽ لکي ڪري موڪلي ڇڏيو. هي شخص هن وقت لاپته آهي. شيخ عبدالرحيم کي ان نوٽ ۾ هي گذارش ڪئي ويئي هئي ته هو ڪنهن معتبر حاجي جي هٿان اهي خط مڪي ۾ مولانا محمود حسن کي پهچائي ڇڏي. اهي خط ڦڪي ريشمي ڪپڙي تي نهايت صاف ۽ سٺن اکرن ۾ لکيل هئا. محمد ميان جي خط ۾ هي ڳالهيون لکيل هيون: جرمن ۽ ترڪ وفدن جو اچڻ، جرمنين جو واپس هليو وڃڻ، ترڪن جو ڪنهن ڪم کان سواءِ رهي پوڻ، غالب نامي جي اشاعت، عارضي حڪومت جي تجويز ۽ خدائي فوج جي تجويز ڪيل جوڙجڪ.
ان ۾ فوج بابت هي تجويز هئي ته ان جي لاءِ هندستان مان رنگ روٽ ڀرتي ڪيا وڃن ۽ مسلمان حڪمرانن جي وچ ۾ اتحاد پيدا ڪيو وڃي. محمود حسن انهن سڀني معاملن کي حڪومت عثمانيءَ تائين پهچائڻ تي مقرر هو. عبيدالله جي خط ۾ خدائي فوج جي تجويز جو هڪ نقشو هو. ان فوج جو هيڊڪوارٽر مدينو ۽ ان جو جنرل ان چيف محمود حسن ٿيڻ وارو هو. هيڊڪوارٽر مقامي جرنيلن جي ماتحت قسطنطنيه، طهران ۽ ڪابل ۾ قائم ٿيڻ وارا هئا. ڪابل ۾ خود عبيدالله جرنيل مقرر ٿيڻ وارو هو. ان نقشي ۾ ٽن سرپرستن، 12 فيلڊ مارشلن ۽ ڪيترن ئي ٻين اعليٰ فوجي آفيسرن جا نالا هئا. لاهور جي ڀڄي ويل شاگردن مان هڪ ميجر جنرل، هڪ ڪرنل ۽ ڇهه ليفٽيننٽ ڪرنل ٿيڻ وارا هئا. جيڪي ماڻهو انهن اعليٰ عهدن جي لاءِ چونڊيا ويا هئا، انهن مان اڪثر اهڙا هئا، جن کان انهن جي مقرريءَ بابت مشورو نه ورتو ويو هو. ريشمي خطن مان جيڪي اطلاع مليا، انهن ۾ ڪي تدارڪ ضروري هئا ۽ اهي ڪيا ويا.
ڊسمبر 1916ع تي مولانا محمود حسن ۽ سندس چار ساٿي برطانيه جي هٿ اچي ويا. اهي هن وقت جنگي قيدي آهن ۽ برطانيه جي سلطنت جي هڪ حصي ۾ نظربند آهن. غالب پاشا جنهن غالب نامي تي صحيحون ڪيون هيون اهو به اڄڪلهه جنگي قيدي آهي ۽ هو ان ڳالهه جو اقرار ڪري ٿو ته هن ان ڪاغذ تي صحي ڪئي هئي، جيڪو محمود حسن پارٽيءَ ان جي روبرو پيش ڪيو هو. ان جي ضروري حصن جو ترجمو هيئن آهي:
”ايشيا، يورپ ۽ آفريڪا جا مسلمان هر قسم جي اسلحي سان تيار ٿي ڪري الله جي رستي ۾ جهاد جي لاءِ اٿي پيا آهن. الله تعاليٰ قادر و قيوم جو شڪر آهي ته ترڪي فوج ۽ مجاهد، اسلام جي دشمنن تي غالب اچي ويا آهن.... ان ڪري اي مسلمانؤ! ان ظالم عيسائي حڪومت تي حملو ڪريو، جنهن جي قيد ۾ توهان پيا آهيو. نهايت جلدي مضبوط ارادي سان پنهنجي سڀني ڪوششن کي دشمن جي ماري وجهڻ جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو ۽ انهن کان نفرت ۽ دشمني ظاهر ڪريو. توهان کي هي به معلوم هئڻ گهرجي ته مولوي محمود حسن (جيڪو پهريان هندستان جي مدرسي ديوبند ۾ هو) اسان وٽ آيو ۽ اسان کان مشورو ورتائين، اسان ان خيال ۾ ان جي حمايت ڪئي ۽ ان کي ضروري هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن. جيڪڏهن هو توهان وٽ اچي ته توهان ان تي اعتماد ڪريو ۽ ماڻهن، پئسن ۽ هر شيءِ سان، جيڪا هو گهري ان جي مدد ڪريو.“
[b]165- نتيجو
[/b] هن باب ۾ جيڪي واقعا لکيا ويا آهن، انهن مان صاف ظاهر آهي ته ٿورڙا مسلمان مذهبي جنون وارا، هندستان ۾ بغاوت پکيڙڻ جا ڪيتري قدر خواهشمند هئا ۽ پنهنجي مقصدن ۾ ڪامياب هئڻ جي لاءِ انهن برطانيا جي دشمنن سان اتحاد پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جنگ ڪرڻ جي لاءِ انهن جا طريقا هي آهن ته پهريان خفيه ۽ پراسرار سازشون ۽ تجويزون ڪيون وڃن ۽ پوءِ ظاهر ظهور فساد برپا ڪيو وڃي. ان لاءِ ڪڏهن هو رنگروٽ موڪلين ٿا، ڪڏهن چندو گڏ ڪندا ٿا وتن، ڪڏهن پئسه موڪلين ٿا، ڪڏهن هو پاڻ وڃن ٿا. هو سدائين بغاوت جو وعظ ڪندا آهن. انهن جي تجويزن کان حفاظت ۾ رهڻ جي لاءِ عام مسلمانن جي وفاداري ۽ گورنمينٽ جي طاقت جو رعب ۽ اثر ئي ٻه ذريعا آهن.“
[b]پندرهون باب
[/b]انهن سڀني سازشن جي هيئيت (شڪل) ۽ انهن جي ناڪامي
166- هاڻي اسان انهن سڀني سازشن جون تحقيقاتون ڪري ڇڏيون آهن، جيڪي انقلابي تحريڪ سان تعلق رکن ٿيون. بمبئي ۾ هي ماڻهو خالص برهمڻ ۽ گهڻائي ۾ راجپوت آهن. بنگال ۾ سازشي ماڻهو وچئين طبقي جا نوجوان ماڻهو آهن. انهن جا سمورا اصول ۽ طريقا محنت، استقلال ۽ هوشياري تي بيٺل آهن. انهن جي پنهنجي صوبي ۾ انهن سازشين سان قتل ۽ ڌاڙن جو هڪ سلسلو شروع ٿي ويو آهي. بهار، اڙيسه، ۽ مدراس ۾ انهن سازشين جڙ ته نه پڪڙي آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ڏوهه ۽ بدامني جو سبب ضرور ٿيندا آهن. پنجاب ۾ جيڪي وطن ڇڏي آمريڪا ويل وطن واپس آيا، اهي بغاوت ۽ خونريزيءَ تي لهي آيا هئا.
انهن ڪيترائي ڏوهه ڪيا ۽ 1915ع جي غدر سازش جو سبب بڻيا. برما ۾ به تحريڪ غدر گهڻي سرگرميءَ سان ڪئي پئي ويئي، پر ان جي ڀڙڪائڻ وارا گرفتار ڪيا ويا.
آخر ۾ مسلمانن جي هڪ سازش جو انڪشاف ٿيو، جيڪا ڪجهه مذهبي ديوانن تائين محدود هئي ۽ انهن جو ارادو هي هو ته ٻاهر جي ملڪن جي مدد سان سلطنت برطانيه کي ختم ڪري ڇڏين.
هي سڀئي سازشون هڪ ئي مقصد جي لاءِ ڪيون ويون ته هندستان مان سلطنت برطانيه کي زبردستي ختم ڪيو وڃي. ڪڏهن ته هي جدائي ۾ رهيا، ڪڏهن انهن کي گڏيل طور تي ملايو ويو. ڪڏهن جرمن اثر سان انهن جي همت افزائي ڪئي ويئي، پر هندستان جي وفاداريءَ جي مدد سان انهن سڀني مصيبتن جو ڪامياب مقابلو ڪيو ويو. پر اها ڪا به تعجب جهڙي ڳالهه نه آهي ته ان قسم جي سازشن جي معاملي ۾، جيڪي نهايت خبرداريءَ ۽ احتياط سان ڪيون ويون هجن، گورنمينٽ غيرمعمولي قانون ٺاهڻ تي مجبور ٿي پئي. ايندڙ باب ۾ اسان ٻڌائينداسين ته سٺي زماني ۾ جيڪي قاعدا ۽ ضابطا ٺاهيا ويا هئا، اهي اهڙين حالتن ۾ ناڪام ڇو رهيا، جيڪي ڪن سازشن سان پيدا ٿي پيا هئا.